سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 2020ع

باب:

صفحو:6 

جان ڪيننگ/محمد احمد منصور عباسي

 

 

تنقيد عقل محض

عمانوئيل ڪانٽ

 

عمانوئيل ڪانٽ 22- اپريل 1724ع تي ڪوننگز برگ (هاڻوڪو نالو ڪاليننگراڊ) ۾ جرمني جي انهي علائقي ۾ ڄائو جنهن کي اڳي ايسٽ پروشيا سڏيو ويندو هو. هو هڪ ماهر سنج ساز جو چوٿون نمبر ٻار هو. هو شروعات ۾ جارج هاسپيٽل سان لاڳاپيل هڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڪاليجيم فريڊري شيانم ۾ داخل ٿيو. اهو هڪ پروٽيسٽنٽ هاءِ اسڪول هو. اتي هن جلدئي غيرمعمولي صلاحيتن جو اظهار ڪيو. فريڊري شيانم جيتوڻيڪ هڪ قسم جي مشهوري ماڻي ورتي هئي. پر اهو جيڪا عام تعليم ڏئي سگهيو ٿي انهي جو مقدار ڪو گهڻو نه هو. ڪانٽ پاران 1740ع ۾ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ سان ئي چئي سگهجي ٿو ته سندس تعليم شروع ٿي. يونيورسٽي ۾ داخلا هڪ سکيي ستابي چاچي جي مهرباني سان ئي ممڪن ٿي سگهي.

ڪانٽ يونيورسٽي ۾ ڪلاسڪس، فزڪس ۽ رياضي پڙهيو ۽ 1747ع ۾ يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ خانگي اتاليق ٿيو. هو 1755ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. سندس مقالو طبعي فلسفي بابت هو جنهن جو عنوان هو ”باهه بابت((De Igne. ڊگري عطا ٿيڻ جي موقعي تي هن لاطيني ٻولي ۾ تقرير ڪئي. جنهن جو عنوان هو The Simpler and More fundamental Exposition of Philosophy سندس تقرير سڀني فاضل حاضرين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ يونيورسٽي ۾ رياضي، فزڪس ۽ فلسفي ۾ ريڊر جي عهدي جي آڇ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب به اها هئي. هو 1770ع ۾ منطق ۽ مابعد الطبيعات جي پروفيسري وٺڻ تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. هو انهي عهدي تي گهڻو وقت رهيو ۽ 1797ع ۾ پيرسني سبب استعيفا ڏنائين.

سموري دنيا ۽ ڪائنات بابت هڪ متفق نقطه نظر پيدا ڪرڻ ۽ سڀني سائنسي علمن پاران اڳواٽ ٺاهيل مفروضن جي چڪاس ڪرڻ چاهي ٿو. تمام آڳاٽي وقت کان وٺي اهڙا انسان موجود رهيا آهن جن کي اهڙي چڪاس ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي آهي ۽ هر دور ۾ نيون چڪاسون ٿينديون رهيون آهن. انهن مان ڪيترائي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن

 

سندس زندگيءَ جا آخري ست سال توڙي انهن کان اڳ وارا سٺ کان ڪجهه وڌيڪ ورهيه گهڙيال جهڙي وقت جي پابندي سان گذريا. وڏي ڳالهه ته سندس سموري زندگي تمام يڪسانيت سان گذري ۽ انهي ۾ ڪي به لاها چاڙها نه آيا. هن سموري زندگي شادي نه ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجي شهر کان چاليهن ميلن کان وڌيڪ فاصلو پري نه ويو. هو اتي ئي فوت ٿيو.

سندس انهي سانتيڪي زندگي جي ڀيٽ ۾ جنهن کي يڪسانيت ڀريل ۽ غيردلچسپ چوڻ بيجا نه ٿيندو، هن فلسفي جي سائنس تي تمام گهڻو اثر وڌو. هن حقيقت پسندي (ماديت پرستي) ۽ عينيت پسندي (Idealirm) ۾ اتحاد جو ڪو طريقو ڳولڻ جي ڪوشش ۾ تمام وڏي خدمت سرانجام ڏني. انهن ٻنهي نظامن جا حامي فقط پنهنجي نظام جي ئي صحيح ۽ سچي هئڻ جي دعويٰ ڪندا هئا. حقيقت پسند مادي (matter) ۽ عينيت پسند ذهن (The Ego) کي مطلق (absolute) مڃيندا هئا. حقيقت پسند چوندا هئا ته ذهن جو دارومدار مڪمل طور حواسن جي دنيا تي آهي جڏهن ته عينيت پسند چوندا هئا ته اهو حواسن جي دنيا کان مڪمل طور آزاد آهي. ڪانٽ جيتوڻيڪ اها ڳالهه ته تسليم ڪندو هو ته علم جو مواد اسان کي فقط تجربوئي مهيا ڪري ٿو. پر هو انهي ڳالهه تي به زور ڏيندو هو ته ذهن ۾ شروع کان ئي ڪجهه خيال (notions) موجود هوندا آهن جن جو دارومدار تجربي تي نه هوندو آهي. اهي تجربي ذريعي مهيا ٿيل مواد تي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

مٿي گذريل پيراگراف فلسفياڻي اظهار جي لحاظ کان جيتوڻيڪ سادو سودو آهي پر فلسفي کان ٻاهر جي شاگرد کي اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ٻين سڀني سائنسن وانگر فلسفي به پنهنجيون مخصوص اصطلاحون حاصل ڪري ورتيون آهن جن کي فقط انهي ميدان جي اڳواٽ سکيا ورتل شخص ئي سولائي سان سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن پنهنجي ڳالهه نه سمجهائي سگهڻ جو واقعي ڪو سٺو مثال ڳولبو ته شايد فلسفي کان سٺو مثال نه ڏئي سگهبو. هيءَ ڳالهه ٻئي ڪنهن سائنس بجاءِ فلسفي ۾ شايد وڌيڪ اهميت رکي ٿي ته سائنسدان اسان سڀني تي اثر وجھندڙ مسئلن (علم ۽ ڏاهپ جي بڻ بنياد) بابت خيالن ۽ نظرين جي اظهار لاءِ اصطلاحن جي هڪ اهڙي رڪاوٽ کڙي ڪري ڇڏي آهي جيڪا عام رواجي ماڻهو کي عملي طور مفڪر کان ڪٽي ٿي ڇڏي. مفڪر جڏهن پاڻ کي فلسفي سڏائيندو آهي ته سندس ذهن ۾ انهن لفظن جو بلڪل لغوي مطلب يعني ڏاهپ جو سرچشمو هوندو آهي.

بدقسمتي اها آهي ته ٻين اڪثر سائنسي علمن وانگر فلسفي جو شارح به جيڪڏهن ڪي خاص اصطلاح ڪتب نه آڻيندو ته اظهار جي ڄڻ ته حل نه ٿيندڙ مونجهارن ۾ ڦاسي ويندو. هن خاص صورتحال ۾ جڏهن مقصد مخصوص فلسفياڻن نظرين کي وڌ ۾ وڌ سولو ڪري پيش ڪرڻ هجي ته انهي لاءِ فلسفي جي مقصدن جو عام مختصر بيان ڏنو ويندو ۽ ڪجهه بنيادي اصطلاحن جي وصف ڏني ويندي جيئن درپيش ايندڙ مونجهارن کان به بچي سگهجي.

فلسفي جو مقصد ڇا آهي؟ فلسفو فڪر جي عام نتيجن ۽ مختلف سائنسي علمن پاران مهيا ڪيل عام نتيجن ۾ هم آهنگي پيدا ڪري سموري دنيا ۽ ڪائنات بابت هڪ متفق نقطه نظر پيدا ڪرڻ ۽ سڀني سائنسي علمن پاران اڳواٽ ٺاهيل مفروضن جي چڪاس ڪرڻ چاهي ٿو. تمام آڳاٽي وقت کان وٺي اهڙا انسان موجود رهيا آهن جن کي اهڙي چڪاس ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي آهي ۽ هر دور ۾ نيون چڪاسون ٿينديون رهيون آهن. انهن مان ڪيترائي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن جيئن هڪ ٻئي عظيم جرمن فلسفي شوپنهار لکيو آهي: ”فلسفو اوچي آلپ جابلو سلسلي تي ويندڙ هڪ پيچرو آهي. انهي تي پهچڻ جو واحد لنگهه هڪ اتاهين رستي تان آهي جنهن تي به تکا پٿر ۽ چڀندڙ ڪنڊا پکڙيل آهن. اهو سنسان ويران رستو آهي ۽ ماڻهو جيترو مٿي چڙهندڙ وڃي ٿو اهو ايترو ويران ٿيندو وڃي ٿو. جيڪو به انهي تي هلي انهي کي دل مان خوف خطرو ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ۽ دل مضبوط ڪري هر ڳالهه وساري برف مان پنهنجو رستو پاڻ ڪڍڻ گهرجي“.

فلسفو بنيادي طور ٽن وڏن مسئلن يعني سچ، چڱائي ۽ حسن سان بحث ڪري ٿو. سچ بابت اهو هنن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو: ڇا ادراڪ (Cognition) جو وجود آهي. ]ادراڪ معنيٰ ڄاڻڻ جو عمل يا لياقت يا علم جو هڪ ٽڪرو[ سچو، درست ۽ سموري ڪائنات ۾ لاڳو ادراڪ ڪيئن حاصل ٿئي ٿو؟ انهي جون حدون ڪٿي آهن؟

چڱائي بابت اهو هي سوال پڇي ٿو: صحيح ۽ اخلاقي طور درست طرزعمل (conduct) تي ڪهڙا اصول لاڳو ٿين ٿا؟ انساني طرز عمل جا رهنما اصول ڪهڙا آهن ۽ اخلاقن جي پرک جي ڪسوٽي ڪهڙي آهي؟ جڏهن ته حسن بابت اهو پڇي ٿو ته: ڪن به فطري يا فني شين جي جمالياتي طور قيمتي هئڻ يعني حسين هئڻ لاءِ انهن جو ڪهڙن قانونن جي مطابق هئڻ ضروري آهي. حسين جي ڪيفيت ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

ڪانٽ انهن سڀني مسئلن جو تفصيلي تجزيو ڪيو ۽ ائين ڪندي هڪ نئين فلسفي جو بنياد وڌو. سندس ٽن عظيم ڪتابن مان سڀ کان پهريون ڪتاب Critique of Pure Reason ”تنقيد عقل محض“ آهي. انهيءَ ۾ هن انساني علم جي ڪيفيت، حدن ۽ دائري جي تفتيش ڪئي آهي.

ڪانٽ جي فڪري نشونما- جنهن جي چئي سگهجي ٿو ته 1740ع ۾ شروعات ٿي- جو شروع ۾ سڀاويڪ طور ٻين فلسفين جي نظامن تي دارومدار هو. هو 1740ع کان 1760ع تائين بنيادي طور انهي دور جي انهي عام مڃيل نظريي ڏانهن مائل رهيو جيڪو ليبنيز ۽ ولف جهڙن عظيم جرمن فلسفين جي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي. هن نيوٽن جو فطري فلسفو به انهي نظريي سان ملائي ڇڏيو. وري 1760ع کان 1770ع تائين سندس توجه انگريزي فلسفين خاص ڪري لاڪ ۽ هيوم جي فڪر تي رهي. وري جڏهن کيس انهن جون ڪمزوريون نظر آيون ته هو انهن جي تجربِي (Empirical) فلسفي کان به اڳتي نڪري ويو. ]تجربي مان مطلب آهي انهن جي پنهنجي تجربي ذريعي حاصل ڪيل فلسفو[. انهيءَ وقت دوران هن جيڪي ڪيترائي ننڍا ننڍا مقالا لکيا انهن مان اها ڳالهه واضح آهي ته هو روشن خيالي جي جذبي (Spirit of Enlightenment) جي نالي سان سڃاتي ويندڙ انهي دور جي فلسفياڻي نظريي ڏانهن تمام گهڻو مائل هو.

انهي وقت اسان جي علم ۽ اسان جي ادراڪ جي بڻ بنياد بابت به هڪٻئي سان متضاد نظريا مروج هئا. انهن مان پهريون جان لاڪ جي تجربيت (Empiricism) هو. لاڪ جو خيال هو ته سموري علم ۽ ادراڪ جو سرچشمو تجربو آهي يعني خلقي يا پيدائشي خيالن جهڙي ڪنهن شيءِ جو وجود نه آهي. ڪنهن به شيءِ جي ڄاڻ ۾ اهڙي ڪا به شيءِ شامل نه آهي جيڪا اڳ ۾ حواسن (Senses) جي دائري ۾ نه آئي هجي. حقيقت اها آهي ته ڄاڻ (Understanding) تاثرن (impressions) جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري ٿي، انهن ۾ فرق ڳولي ٿي ۽ انهن کي هڪٻئي سان ملائي ٿي.

ٻيو نظريو ڊيڪارٽ جي عقليت پسندي (Rationalism)  هئي. سندس خيال هو ته سموري ادراڪ جو سرچشمو انساني ذهن يعني ratio يا reason آهي. تنهن ڪري ڪنهن به تجربي کان آزاد ٿي خالص فڪر (thought) جي مدد سان ڪنهن به سچ کي منظر تي آڻي سگهجي ٿو.

انهن ٻنهي فلسفياڻن نظامن جي تضاد هڪ اهڙي بند گهٽي ۾ اچي بيهاريو جنهن مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو به رستو نظر نه ٿي آيو. ڇاڪاڻ ته تجربيت توڙي عقليت پسندي ٻنهي ذريعي مهيا ڪيل حل ڪنهن به لحاظ کان مڪمل طور تسلي بخش نظر نه ٿي آيا. ڪانٽ ڏهن ورهين تائين پنهنجيون سموريون ذهني طاقتون ادراڪ جي مسئلي سمجهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ هن 1781ع ۾ پنهنجن خيالن جا نتيجا ”تنقيد عقل محض“ ۾ پيش ڪيا.

(ڪانٽ هتي عقل (reason) کي سمجهڻ جي لياقت طور ڪتب آندو آهي)

هاڻي جواب طلب سوال اهو آهي ته: تجربو ۽ سمجهه (understanding) ]جنهن کي ڪانٽ وارو reason چئي سگهجي ٿو[ اسان جي ادراڪ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ادراڪ ڇا آهي؟

ڪانٽ جو جواب آهي ته ادراڪ هڪ لازمي فيصلو (judgement) آهي. يعني هڪ اهڙو فيصلو جيڪو پڪو پختو آهي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي. هر قسم جو ادراڪ فيصلن جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال طور: پاڻي گرم آهي، صندوق ڳري آهي، رات جو اوندهه ٿيندي آهي وغيره. لفظي اظهار جي صورت ۾ فيصلا اڳڪٿين ۾ سمايل هوندا آهن.

پر مٿيان سڀ فيصلا تجربي مان حاصل ڪيا ويا آهن ۽ انهي ڪري انهن جو لازمي طور واقع ٿيڻ يا ڪائناتي هئڻ ضروري نه آهي. توهان جڏهن ”هيءُ پاڻي گرم آهي.“ چئو ٿا ته توهان کي حقيقت ۾ چوڻ گهربو هو ته: ”هي پاڻي مون کي گرم لڳي ٿو“. ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ توهان کي گرم لڳي ٿي ممڪن آهي ته اها ٻئي کي ٿڌي لڳي. تنهنڪري اهي فيصلا شخصي احساس تي ٻڌل آهن (چئجي ته ذاتي آهن). تنهنڪري اهي نه ئي ڪائناتي آهن نه ئي انهن جو واقع هئڻ ضروري آهي. پر اهي مشروط ۽ ٻين ڳالهين سان منسلڪ (contingent) آهن. ڇاڪاڻ ته رات سدائين اونداهي نه هوندي آهي نه ئي پاڻي سدائين گرم هوندو آهي.

لازمي ۽ ڪائناتي فيصلا يعني اهڙا فيصلا جن کي سڀ ماڻهو هر وقت سچو ۽ درست مڃين اهي فزڪس، رياضي ۽ جاميٽري ۾ هوندا آهن. ”جڏهن هڪ سڌي ليڪ ٻئي سڌي ليڪ سان ملندي ته اهڙي طرح ٺهيل ڪنڊون ٻن ڪنڊن جي برابر هونديون آهن.“ اهو بيان اهڙي قسم جي فيصلي جو مثال آهي. ڇاڪاڻ ته انهي کي ڪنهن به تجربي جي حوالي کانسواءِ هر جاءِ تي ۽ شروع کان (a priori) صحيح مڃيو وڃي ٿو. اسان کي اڳواٽ ئي پڪي طور خبر هوندي آهي ته اهو ۽ اهڙا سمورا بيان عالمي طور صحيح هوندا آهن ۽ انهن کي اها درستگي انهي ڪري ملندي آهي جو اهي اسان جي پنهنجي وجدان جي لياقت جي پيداوار هوندا آهن. ]وجدان(Intuition)  جو مطلب آهي اهڙي ڳالهه جيڪا عقل ڪم آڻڻ کان سواءِ حواسن ذريعي سمجهه ۾ اچي[.

انهي مان ڪاميابي سان اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته دنيا جو ادراڪ ضروري آهي ته تجربي يا حواسن کي ڪم آڻڻ جو نتيجو هجي. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان کي حواسن مان فوري ادراڪ يا خيال (ideas) ملن ٿا. پر اهي بذات خود انڌا يا بي جان هجن ها. انهن مان واسطي جي لحاظ کان اسان جا ذهن مڪمل طور بي عمل هجن ها. انهن ۾ ادراڪ جو خام مال موجود هوندو آهي. پر اهي بذات خود ادراڪ نه هوندا آهن. اهي انڌا وجدان ذهن جي پيداواري سرگرمي جي ذريعي سچا ادراڪ ٿيندا آهن جيڪو سوچ (thought) جي ذريعي تصور (concept) پيدا ڪندو آهي.

هر سائنسي علم تصورن ذريعي عمل ڪري ٿو. پر تصور انساني ذهن ۽ سوچ جي پيداوار آهن جيڪو حقيقت ۾ وجود نٿو رکي. گول (circle) جو تصور هڪ لڳاتار وڪڙ کائيندڙ ليڪ جي حدن جي اندر ايندڙ سڌي ايراضي آهي. اهي خصوصيتون رکندڙ گول بذات خود سوچ ۾ ئي نه ايندو ڇاڪاڻ ته اهو فقط سوچ ۾ ئي سوچ لاءِ وجود رکي ٿو.

جنهن ماڻهو کي فلسفي جي تربيت نه هوندي يا جنهن وٽ تنقيدي لياقت جي کوٽ هوندي اهو دنيا ۽ ان جي موجودات بابت ائين تصور ڪري ٿو جيئن اهي سندس نظريا تجربي ۾ اچن ٿيون. ڪانٽ ڏيکاري ٿو ته اسان کي اها خبر ڪڏهن به نه هوندي آهي ته شيءِ بذات خود ڇا هوندي آهي. پر اسين ته انهي کي ائين سمجهندا آهيون جيئن اها اسان کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. انهي جو بنياد اسان جي فڪري جوڙجڪ تي لاڳو قانونن تي هوندو آهي. جيڪي شروع کان ئي موجود هوندا آهن. تجربا پوءِ (a posteriori) انهن سان گڏيا ويندا آهن. (هتي ”شروع کان“ جو مطلب پيدائشي نه آهي. شروع وارا ادراڪ اهي هوندا آهن جيڪي تجربي کان آزاد ٿي وجود ۾ ايندا آهن جڏهن ته پوءِ وارا ادراڪ اهي هوندا آهن جن جو سرچشمو تجربو هوندو آهي) انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي، ”ڪانٽ چوي ٿو“، ته ”اسان جو سمورو ادراڪ تجربي سان شروع ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته ادراڪ جي لياقت انهي کانسواءِ عمل ۾ نه ايندي. اسان جو سمورو ادراڪ تجربي سان شروع ٿئي ٿو جو مطلب اهو نه آهي ته انهي جو بنياد تجربو آهي“.

انهي مان ظاهر ٿيو ته ادراڪ ٻن سرچشمن مان اچي ٿو جيڪي گڏجي ڪم ڪن ٿا. يعني حواسن جو ڪم ۽ ٻيو سمجهه (ڪانٽ وارو reason) اسين حواسن ذريعي شين تائين پهچندا آهيون ۽ سمجهه ذريعي انهن کي تصوراتي طور ذهن ۾ آڻيندا آهيون. اسين حواسن کانسواءِ ڪنهن به شيءِ کان واقف نه ٿينداسين پر اسين سمجهه کانسواءِ انهي جو ڪو به تصور نه ٺاهي سگهنداسين. اسان جا سمورا وجدان ٻٽي فطرت رکندا آهن. اسان کي شيون اسان کان جدا ۽ مڪان (Space) ۾ خارجي طور وجود رکندي نظر اينديون آهن. ۽ اهي هڪ ئي وقت يا هڪ سلسلي ۾ (In succession) اسان جي ذهنن ۽ وقت ۾ وجود رکندي پڻ نظر اينديون آهن. اهڙي طرح زمان ۽ مڪان اهڙيون ٻه شڪليون جن سان اسان جا سمورا وجدان ٻڌل آهن ۽ اهي جئين ته شين سان سڌو سنئون واسطو رکندڙ خيال (Ideas) آهن تنهنڪري اهي خود وجدان آهن.

اسان جا سمورا وجدان زمان ۽ مڪان جي انهن ٻنهي شڪلين (Forms) سان ٻڌل هئڻ جو سبب اهو انداز Manner آهي جنهن ۾ اسان جي تصور جي لياقت شين جا تاثر (impression) وصول ڪري ٿي. تنهنڪري زمان ۽ مڪان خالص وجدان آهن جيڪي ڪنهن به حقيقي احساس کان اڳواٽ شروع کان ئي موجود هوندا آهن. اهي اسان جي تصور جي لياقت ۾ پيدائشي طور موجود هوندا آهن ۽ تنهن ڪري فقط اهي ئي لازمي خيال (ideas) هوندا آهن جيڪي شروع کان موجود هوندا آهن ۽ سڀني وجدانن جو بنياد هوندا آهن.

اهو خيال ته مڪان شروع کان آهي ۽ انهي جو بنياد تجربي تي نه آهي؛ انهي مان به چٽو ٿئي ٿو ته مڪان لامحدود آهي جنهن کي ڪير به تجربي ۾ نٿو آڻي سگهي يا انهي جو عملي مظاهرو نٿو ڪري ڏيکاري سگهي. مڪان شين جي عمومي رابطي جو عالمي تصور نه آهي، پر اهو هڪ خالص وجدان آهي جنهن جو بنياد فڪر (thought) آهي. اهو وجدان جو هڪ لازمي انداز آهي.

زمان به اهڙو تصور نه آهي جنهن جو بنياد تجربي تي هجي. اهو نه فقط اسان جي ۽ اسان جي اندروني حالت جي وجدان جي هڪ شڪل آهي. پر اهو سڀني وجدانن جي بنياد ۾ موجود ٿيندڙ هڪ ضروري خيال آهي.

ڪانٽ ”تنقيد عقل محض“ ۾ جيڪو بنيادي نظريو سمجهائڻ گهري ٿو اهو هي آهي ته اسان جا ذهن زنده آهن، سرگرمي سان عمل ڪندڙ ذي حيات وجود آهن، پنهنجي عمل ڪاري لاءِ خارجي دنيا مان حواسن ۽ تجربي ذريعي مواد حاصل ڪن ٿا. پر انهي مواد کي پنهنجن قانونن مطابق شڪل ڏين ٿا ۽ پنهنجن ادراڪن جي صورتگري پاڻ ڪن ٿا.

هو وضاحت ڪري ٿو ته خود اسان جن ذهنن جي سرگرمي سان عمل ڪاري ئي خارجي تاثرات جي وڏي انگ جي بنياد تي اهي قانون ٺاهي ٿي. جيڪو نظم ۽ ضبط دنيا ۾ ڪار فرما آهي ۽ جيڪو علت ۽ معلول جي اصولن تي بيٺل آهي انهي جا بنياد اسان جي سوچ ۾ آهن جيڪا اسان جي ادراڪن کي ترتيب ڏيندي سائنس ڏانهن وٺي هلي ٿي. سائنس جو عام اصول سوچ ۽ فڪر جي قانونن ۽ اسان جن ذهنن جي جوڙجڪ مان ڦُٽي نڪري ٿو.

پر ذهن فقط انهي ڳالهه تي مطمئن نٿو ٿئي ته انهي وٽ حواسن ذريعي جيڪي تاثرات پهچن ٿا انهن کي مڪاني زمان ۾ پنهنجون موزون جايون ڏئي. احساسن ۽ فهم (perception) جي منجهيل حالت مان وجداني ادراڪ جي نشونما گُهر ڪري ٿي ته فهم تصورن ذريعي جُڙيل هجي. سڀني احساسن جي پرک ڪجهه قاعدن مطابق ٿئي ٿي جن جي صداقت تجربي کان بلڪل جدا شروع کان فرض ڪئي وڃي ٿي.

اسان جي تعميري سمجهه، جملي تاثرن جي مجموعي منجهان سوچ جي پنهنجي قاعدن مطابق دنيا جي تشڪيل ڪري ٿي. تنهنڪري اسان پاران دنيا جي ٺهيل تصوير حقيقت جو اهڙو عڪس نه آهي جيڪو اصل جي عين مطابق هجي. اسين ”بذات خود“ دنيا جي ماهيت ڪڏهن به سمجهي ۽ پرکي نٿا سگهون.

بهرحال احساس ۽ سمجهه ۾ ڪو تعلق ضرور آهي ۽ درحقيقت اها ڳالهه ته طبعي سائنسن ۾ تجربي جي امڪان ذريعي اڳ ۾ ئي ثابت ٿي چڪي آهي. جيئن ته سوچ ويچار ۽ حساب ڪتاب جي نتيجن جي عملي طور تجربي ذريعي چڪاس ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري حسياتي معلومات ۽ سمجهه ۾ لازماً ڪو مشترڪ قدر هئڻ گهرجي.

پر ڪجهه احساسن کان ماورا شين جا ڪجهه ڪائناتي ۽ لازمي ادراڪ به وجود رکن ٿا. مثلاً ڇا خدا جو وجود ثابت ڪرڻ ممڪن آهي يا اهو فقط ايمان جو مسئلو آهي؟

جيتوڻيڪ اها ڳالهه صحيح آهي ته اهڙين شين بابت سوچي سگهجي ٿو. پر انهن کي حسي عضون ذريعي قابل ادراڪ نٿو بڻائي سگهجي. حواسن کان ماورا شيون فقط سوچ ۾ آڻي سگهبيون آهن. پر انساني ذهن جي جوڙجڪ ۾ اهڙي ڪا پيدائشي شيءِ ضرور آهي جيڪا ديني علمن ۾ مستقل مشغولي جي اهڙي طرح راهه هموار ڪري ٿي جيئن فلسفي ۾ حسي عضون جي ادراڪ کان ماوراشين ۾ ذهن مشغول رهي ٿو.

ڪانٽ مطابق، شعور (reason) خارجي مظهرن ۾ تعلق کي ڏسي وٺڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته خارجي دنيا جي شين کي به لازماً هڪ مطلق ڪل (absolute whole) جي شڪل ۾ هئڻ گهرجي ۽ انهن کي هڪ مطلق سبب هئڻ گهرجي. اها سوچ ڪائنات (universe) جي نظريي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پر اندروني ۽ خارجي دنيا- روح ۽ فطرت- هڪ آخرين مطلق بنياد (ultimate common basis) فرض ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون. اها ڳالهه خدا جي نظريي ڏانهن وٺي وڃي ٿي جيڪو سڀني شين کي متحد رکيو بيٺو آهي.

خدا جو نظريو ساڳيءَ طرح شعور جي ضرورت مان پڻ نڪري ٿو. خدا جي وجود جا ڪي به عقلي سبب موجود نه آهن. خدا هڪ اهڙو ڪارآمد ۽ ضروري نظريو آهي جنهن سان چنبڙيو رهڻ جي شعور اسان کان گهر ڪري ٿو. اسين عملي سببن جي ڪري خدا ۽ لافانيت ۾ يقين ڪرڻ تي مجبور آهيون ڇاڪاڻ ته ڪا به سائنس يا ڪابه ذهانت ڪڏهن به انهن نظرين جي نامعقوليت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي. شعور اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسين اهڙي طرح عمل ڪريون ڄڻ ته خدا ۽ لافانيت حقيقتون آهن.

هي ئي اهو نقطو آهي جتي عملي شعور وچ ۾ اچي ٿو ۽ ڪانٽ سندس انهي کان پوءِ ايندڙ ڪتاب Critique of Practical Reason   ۾ بحث ڪري ٿو ته جيڪڏهن نظرياتي شعور علم جي لحاظ کان، تجربي سان مشروط ۽ انهي جي ڪنٽرول ۾ آهي ته عملي شعور تجربي جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ڪجهه صداقتون جن جو نظرياتي شعور انڪار ڪيو ٿي، يا جن کي ثابت نه ٿي ڪري سگهيو (جهڙوڪ روح جي لافانيت، ارادي جي آزادي، خدا جو وجود) اهي عملي شعور جي اصولن جي ذريعي ثابت ٿي چڪيون آهن.

ڪانٽ جو ٽيون وڏو ڪتاب Critique of Judgment اعليٰ، حسين ۽ فطرت جي نظام متعلق آهي. اهي فيصلا خالص ۽ عملي عقل جي وچ ۾ هڪ قسم جو وچون رستو آهن.

ڪانٽ فلسفيانه فڪر ۾ هڪ نئون دور متعارف ڪرايو. فلسفي سان تعلق رکندڙ ڪو به شخص سندس نظرين کان اکٻوٽ نٿو ڪري سگهي. سندس نظرين جي واڌويجهه جو عمل ته اڄ به جاري آهي. سندس نظرين ۾ خاص اهميت انهي ڳالهه کي آهي ته هو اخلاقي فرضن کي تمام اهم سمجهي ٿو ۽ انسان جي عظمت تي تمام گهڻو زور ڏئي ٿو.

بهرحال هو ڪنهن عظيم فلسفي کان به گهڻو وڌيڪ هو. هو هڪ اهڙي سچي اخلاقي شخصيت هو جنهن جي عقيدن جو سرچشمو سندس اعليٰ ڪردار هو.

* * *

غريب گرڌاري لال ڀيل

 

گيت

 

راڻي هل ته هلون

 

راڻي هل ته هلون ڪنهن ديس اهڙي،

تنهنجي سندرتا ۽ من جهڙي.

 

جت حقيقت جو ساٿ هجي،

۽ نياز، نوڙت جذبات هجي،

جت انسانيت جي بات هجي،

نه ڄمڻ مرڻ جي آت هجي،

جت سوڀيان جي سرلات هجي،

۽ خوشين جي پرڀات هجي،

راڻي هل ته هلون ڪنهن ديس اهڙي،

تنهنجي سندرتا ۽ من جهڙي.

 

جت وهم وسوسو پاپ هجي،

۽ اناالحق جي تات هجي،

نه ڪوڙ ڪُپت جي ڪاپ هجي،

۽ سَتُ جو ئي جاپ هجي،

جت محبت جي نه ماپ هجي۔

۽ انا جي منهن تي ٿاپ هجي

 جت تنهنجي منهنجي ڇاپ هجي،

۽ نه هِي ڪا ورلاپ هجي،

راڻي هل ته هلون ڪنهن ديس اهڙي،

تنهنجي سندرتا ۽ من جهڙي.

 

ڪا ڳالهه سُريلي هوت ڪجي،

۽ پنهنجو ڀي ڪو مان هجي،

نه پنهنجي ملڻ تي آڱر کڄي،

نه پنهنجو ڀي ڪنهن سان دل ڀڄي،

 جت پنهنجي ڀي بارات سجي،

۽ دهل، شرنائين جو ساز وڄي۔

تنهن ڀونءِ ڀٽاري تي هلجي،

۽ سَرڳُ سڳوري اُت اڏجي،

راڻي هل ته هلون ڪنهن ديس اهڙي،

تنهنجي سندرتا ۽ من جهڙي.

فاطمه زهره قاضي

توکي ياد ڪنديس جيجل امان

 

هي ڪتاب لکندي مون پنهنجي جيجل امان جون ڳالهيون ته هر وقت لکيون آهن. پر سندس ياد ۾ مون جيئن بابا سائين يا ڏاڏا سائين جي باري ۾ هر ڳالهه واضح طور لکي آهي، انهيءَ نموني سان مون پنهنجي مٺڙي امان جي لاءِ ڪجهه به نه لکيو آهي جا سراسر غلط آهي. جيجل ماءُ جنهن جنم ته ڏنو، پر جو پيار ۽ سِڪ سندس اندر ۾ سمايل هئي، ان جو خاص ذڪر نه ڪيل آهي. ماءُ جو مٺو نالوئي عظيم آهي.

وڏن وڏن فلاسافرن جا بيان توڙي اکين ڏٺا احوال آهن جيڪي ماءُ جي عظمت جا ڳُڻ ڳائن ٿا. هي قدرت جي طرفان جيڪو هڪ عظيم تحفو هر انسان کي مليل آهي، ان جو ثاني پوري ڪائنات ۾ اصل نه ملي سگهندو ۽ نه ملڻو آهي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت رکيل آهي. آءٌ پنهنجي جذبه محبت ۾ اهو به سچي دل سان چوان ٿي ته اهو هڪ ڳجهو نار آهي، جنهن جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني اصل نه آهي. ڇاڪاڻ ته اولاد کي الله سائين نيڪ ڪري ته اها ته سندس سعادت آهي. پر اولاد ڪيڏو به نافرمان ڇو هجي ته به ماءُ چوندي بچي شال. پٿر تي آٿڙ ڪندي ته به چوندي بچن منهنجا ٻچڙا. سو آءُ پنهنجي امان جي ڳالهيون پئي لکان ته سوچيان ٿي ته اهي لفظ ڪٿان آڻيان ۽ انهن قربن کي ڪيئن ڳڻيان جيڪي وِک وِک تي منهنجي لاءِ سندس اندر مان نڪرندا هئا. ننڍڙا هئاسون ته ڀيڻ ويچاري امان کان جلد موڪلائي هلي وئي. سندس لاءِ روئي روئي بابا ۽ امان پنهنجا حال هيڻا ڪري ڇڏيا هئا. اها ته نه موٽڻي هئي سو نه موٽي پوءِ بس باقي آءٌ هيس، ڇاڪاڻ ته مون کان پوءِ امان کي ٻيو ڪوبه ٻار ٿيوئي نه. جيڪو هو اهو ڦاتوڙي لاءِ هو. ساهه جي رڳن وانگر مون ۾ سمايل هئي، پاڇي وانگر پيئي منهنجي اڳيان پويان هلندي هئي. ذري دانهن ڪندي هيس ته ساهه سُڪي ويندو هوس ته  الاءِ جي ڇا ٿيندو، هيءَ به نه حور وانگر هلي وڃي. ننڊ ۾ سُتي پئي هوندي هئي ته اوچتو  ڇِرڪي مون کي ڏسڻ ايندي هئي. جڏهن ٻارنهن سالن جي ٿيس ته مون کي شام جو بخار ايندو هو جو آڌي رات جو لهي ويندو هو. اسان جي شهر ۾ ان وقت ڊاڪٽر علي محمد نوراني جي ڪلينڪ هوندي هئي. ان کي ڏيکاريو، جنهن چيو ته هن کي ٽي.بي آهي. ان جو علاج هليو. ادا احسان سڀني گهر وارن کي مون کان ڇِرڪائي ڇڏيو ته هن جي کاڌي جا ٿانوَ الڳ ڪريو. ان ڳالهه بابا ۽ امان کي ڏاڍو ڏک پهچايو. امان ويچاري جو ته ساهه ئي نِڪري ويو. پئي الله سائين کي ٻاڏائيندي هئي. بابا جو پيرن ۽ فقيرن تي تمام گهڻو ويساهه هو. اسان جي شهر ۾ جمن فقير شاهه سائين جو پانڌي هو، سندس تربت به اُتي ٺهيل هئي. منهنجي خيال ۾ اڃا به آهي. اتي هڪڙو ليار جو وڻ هو بابا صبح جو سوير اُتي ويو ۽ دعا گهريائين. بنا مند جي ان ليار مان ٻه ليار جا داڻا ڪِري پيا. بابا اهي سوڻ ڪري کڻي آيو ۽ مون کي کارايائين ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان تعويذ لکي منهنجي ڪنڌ ۾ ٻڌايو ۽ امان کي چيائين ته اهو بخار منهنجي ٻچڙيءَ کي هاڻي نه ٿيندو. واقعي سچي ڳالهه نڪتي جوان ڏينهن کان پوءِ مون کي ان قسم جو بخار نه آيو. اهو معجزو هو. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر وري ٽيسٽ ڪيا ته چيائين ته هاڻي هن ادي کي ڪجهه به نه آهي. انهيءَ وقت ۾ بوا کي گوڏن ۾ ڪا تڪليف ٿي سو ڪراچيءَ ۾ نول شنڪر نالي حڪيم هو ان جي علاج جي هاڪ هئي. بوا علاج لاءِ سنڀري ته کيس خدمت لاءِ امان جي ضرورت پئي. ويچاري امان بابا جي نالي ته ساهه ڏيڻ واري هئي هر حڪم تي لبيڪ چوڻ واري باوفا زال. سائين حاضر چئي بوا سان گڏ وئي. تمام هوشيار ۽ڳالهائڻ جي مِٺي ۽ زبان ۾ ڏاڍي شيرني هيس. سو انهيءَ حڪم کي ڀاءُ ٺاهي ڇڏيائين ۽ بقول امان جي ته منهنجي ڀيڻ ڀيڻ ڪري سڏيندو هو ۽ ڏاڍي عزت ڪندو هو. ان کي منهنجي طبيعت جي حقيقت ٻڌايائين تنهن چيو ته ”توهان جي بيبي کي قبضي آهي. هي بخار ان جو آهي. هڪڙو ننڍڙو ڏس ڏيان ٿو.“ پاڻ گوريون ٺاهي ڏنائين. امان چيو ته ادا جي ڀاءُ آهين ته مون کي اهو نسخو ڏي. اهو به ڏنائين وزن وغيره سڀ لکي ڏنائين. اهو امان کڻي آئي. وري آءُ جا دادلي ٻائي ڪٿي ٿي امان کي مڃيان ڇاڪاڻ ته اهي حب ڏاڍا ڪوڙا هئا. بابا ۽ امان ٻئي منهنجي کٽ تي ويهي منٿون ۽ ايلاز ڪري کارائيندا هئا. اهي ڏينهن ۽ ڪهارپون. ڇا ٻڌايان ته اها سڪ انهن ڪٿان آندي هئي. اهي ڳالهيون به ڳچ آهن. هي لکڻ ليکو ناهي. شال الله سائين منهنجي والدين کي جنت الفردوس جي اعليٰ درجي ۾ جاءِ عطا فرمائي. ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون آهن. منهنجون سهيليون اينديون هيون، انهن مٿان امان پنهنجو ساهه قربان ڪندي هئي. آءٌ ننڍڙي هوندي پنهنجي سهيلين جي به سردار هوندي هيس. اهو به مون کي ياد آهي. اسان گُڏين راند ڪندا هئاسون ته انهن کي سوڻ ساٺ ڪري پرڻائيندا هئاسون ته ان لاءِ آءٌ سيرو پلاءُ رڌرائيندي هيس، اهو امان ڏاڍي شوق مان اسان کي رڌي کارائيندي هئي، ٻيو وري اسان ۾ تاريلي جو راڄ هوندو هو معنيٰ ڀرت ڀرڻ لاءِ گڏجي ڪنهن هڪڙي گهر ۾ سڀ گڏ ٿينديون هيون سين پوءِ سڀني جي گهران ٻنپهرن جي ماني ايندي هئي ته منهنجي ماني سڀني کان سٺي ۽ صاف ٿانءُ ۾ ڍڪيل ايندي هئي.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي. اسان تمام ننڍڙيون هيون سين. ان وقت جي رواج موجب ڌيءَ ڄمندي ئي سندس ڏاج جي تياري شروع ٿي ويندي هئي ته ڇا ٿيو جو قاضين جو دڪان ريزڪي هو ان ۾ هو هر هڪ سامان رکندا هئا. اتي هو ريشم به وڪرو ڪندا هئا سو ريشم وڪڻندي وڪڻندي کائن منجهي پيو. سندن گهر ۾ ته ڪا اهڙي سگهڙ مائي ڪانه هئي سو امان سندن دڪان تي ڪو سامان وٺڻ لاءِ وئي ته ادا عبدالله چيو ته ادي وسندي هي ريشم جيڪڏهن سلجهائي ڏين ته جيڪي گهرندينءَ آءٌ ڏيندس، سو امان دل وڏي ڪري کڻي آئي. اچي ٿي ان کي لڳي ته سيرن جا سير ريشم ٿوري ئي وقت ۾ سلجهائي کڻي آئي. اهڙا ڳيڙها وٺي ڏنائين جهڙا صفا نوان آيا هجن. ادا عبدالله وارن به دل کولي امان کي ريشم ڏنو جنهن مان امان اسان ٻنهي ڀينرن جي ڏاج جا گج ڀريا. ان وقت ڇوڪري کي پنجويهه گج ڏيج ۾ ڏيندا هئا. جنهن مان پنجويهه گج حور کي ڏنا ۽ پنجويهه سمانيءَ کي ڏنائين. ٻيا منهنجي لاءِ رکيائين. اهڙا امان جي هنر توڙي ڪاريگري جا ڪيئي مثال ملندا. هي ته هڪ تمام ننڍو مثال آهي. ڇا ته سندس هٿ جي صفائي ڀرت ۾ هوندي هئي. سڀني سهيلين ۾ سرس هئي، جنهن مجلس ۾ ويهندي هئي پئي کِلندي هئي. کيس چوندا ئي ادي کِل ڦل هئا. امان ڳالهه ڪندي هئي ته هڪ دفعي آءٌ پاڻي ڀرڻ پئي ويس ته ٻيون به ٻه ٻه دِلا مٿي تي رکنديون هيون. امان اصل ڪا ننڍي هوندي ئي ڄام هئي سو ٽي دِلا مٿي تي چوٿون ڪڇ ۾ کنيائين. مامو سومار ڪمناڻي وٿان مان لنگهيو چيائين ڇوري وسي جهڙي وڇيري هجي. امان اتان آئي دِلا لاهي راند ۾ لڳي وئي. لِڪ لڪوٽي راند ڪيائين ته ڪوڏيو پئي ٻريو سو وار وڃي ان ۾ پيا اهي ته ٻريا، پر سندس نراڙ تي به ان جو تمام گهڻو اثر ٿيو. امان چوندي هئي ته ڪي ڏينهن بيمار پئي هيس. پر آخر تائين اهو نشان نه ويو. ڏاڍي منهن چاڙهه ۽ آتاڪي هوندي هئي، سڄي پاڙي جي سردار هوندي هئي. هر چڱي ڪم ۾، ڪنهن ڦڪي ٻڪي، آڍ مک ۾ يا ڪا ناڙ لاهڻي هجي يا زناني حڪمت سڀ ۾ تاق هئي. ڪيئي مايون هونديون هيون جن جو علاج ڪيائين. انهن کي ٻار ٿيا. ماستر محمد خان ڀرڳڙي اسان وٽ ماستر ٿي آيو هو، ان جي زال کي اَٺ سال ٻار ڪونه ٿيو. اهو امان جي علاج سان ٿيو. ٻيون ڪيتريون ٻهراڙي جون مايون اينديون هيون ۽ هندو مايون توڙي شهر جون مايون مختلف زنانيون تڪليفون ٻڌائينديون هيون، انهن جو علاج ڪندي هئي. الله سائين گهڻيون خوبيون ڏنيون هيس. ڪيتريون لکي ڪيتريون لکان. اهڙي طرح آخر منهنجي شادي ٿي، منهنجي ڪپڙن ۾ سندس هٿ جو ڀريل گجن جو ڀرت هو. سڀني ڇوڪرين جن جي مون سان گڏ شادي ٿي ماسي رحمت، ماسي مڪو، ڪريمه ۽ سڦو ادا محمد هارون جي ڌيءَ انهن سڀني ۾ منهنجي ڏيج جي هاڪ نڪري وئي. امان نه رڳو ڀرت ۾ سڄاڻ هئي پر ٺاهه ٺوهه به ڏاڍي سٺي ڪندي هئي. صفائي ۽ سٿرائي ۾ امان جو مٽ نه هو. آءٌ ڪو ڏکيو ڪم ڪريان يا انجي سوچ ڪريان ته ادي حاضر بيٺي آهي جنهن تان اسان جي پاڙي وارن کي ڏاڍو حسد ٿي پيو. ان ته ويچاري جو ”ميان منجهه ملير هوئي ايترو“. روئي چوندي هئي ادي اوهان مون کي ڇو ٿيون طعنا ڏيو، مون وٽ آهي اها شيءِ جنهن ۾ ساهه اٽڪيو پيو آهي. پر ڇا ڪجي دنيا آهي ان کي ڪير روڪي، پئي سهندي هئي. منهنجي ٻارن تي ساهه ڇڏيندي هئي، کين گهر وٺي ٻنپهرن جو ڀت کارائي وهنجاري سهنجاري پوءِ موڪليندي هئي ته منهنجي ڦاتوڙي کي تڪليف نه ٿئي، ڀل سک سان ڪم ڪري، قاضي صاحب کي به خوش رکي. اهڙيون هزارين ڳالهيون آهن، جن سان هي سارو ڪتاب ڀرجي وڃي ته به گهٽ آهي.

 

ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن لوهارن لپيٽيو،

تيئين منهنجو جيءُ جڙي سُپريان سوگهو ڪيو.

 

ڪپڙا مور نه ڌوئڻ ڏيندي هئي. ان تان پاڙي وارا مون کي مهڻا ڏيندا هئا ته آءٌ وري چِڙندي هيس. تڏهن ويچاري وري قاضي صاحب کي چوندي هئي ته ابا هي ڇوري مون سان وڙهي ٿي، منهنجو ساهه ٿو ڏورهو ٿئي. هي ڪو ڏکيو ڪم ڪري ٿي ته قاضي صاحب مون کي چوندو هو ته ڦاتو مامي صاحبھ کي اُف به نه چئو. ان ماءَ کان سواءِ ڪير ٿو پڇي. ڏاڍائي نه ڪر ڀلي مامي صاحبه خوش ٿئي. وري ڪم ڪري گڏوگڏ دعائون به ڪري اهڙو ڪير  ٿو ڪري. وري ڌيئرن به ڄمن ته اهو سور به دل ۾ رکي انهن کي شوق مان پالي ته متان منهنجي ڌيءَ فڪر ۾ پوي. تنهن وچان علان ٻيو دعائون، آخر وڃي منهنجي رب پاڪ کي رحم پيو ۽ پنج مسلسل ڌيئرن کان پوءِ غلام محمد ڄائو. ڇا ٻڌايان! امان کي ڄڻ ته سهاڳ اچي ويو هو. گهر تڙ وسري ويس، سارو ڏينهن کمان کمان ۾ گذرندا هئا. غلام محمد تمام اجرو هو سو ڀائيندي ائين هئي ته منهنجي ڌيءَ کي گهڻو ويهڻو نه پوي متان بيمار نه ٿي پوي. پنهنجي ننڊ آرام جي ته کيس ڪا پرواهه ئي نه هئي. آخر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ غلام محمد ناني امان جي جهجهي کمان کمان وڃان به کيس ڇڏي هليو ويو. ويچاري منهنجي امان چري ٿي پيئي هئي. هلندي رستن تي رات ڏينهن رب پاڪ کي پڪاريندي هئي. وري ٻارهين مهيني کان پوءِ غلام محمد گهڙي پل لاءِ آيو، دلاسو ڏيئي ويو چئي ته دلگير نه ٿيو. انشاءُالله وري اچي ويندس. جڏهن منهنجي موڪلڻ واري مهربان پنهنجو ڪرم ڪيو ته اچي ويندس. پوءِ ته روشن راڻي آئي تنهن کي ساهه ۾ سانڍي پاليائين ته من هيءَ بچي پار پوي. وري خالده راڻي آئي اها روشن کان مٿي پاليائين. مون کي ته آنچ به نه اچڻ ڏئي، مٿن منهنجي ڦاتوڙيءَ کي ڪا تڪليف ٿئي. آخر خالده بيگم نصيبدار ٿي ۽ امان جو شاهد بچي شال اچي ويو ”دک درد جون دريون سڀ پرين ڏٺي وييون پورجي.“ چيائين، ابا شاهد تون ڀلي آئين تنهنجي اچڻ اسان کي اُجاري ڇڏيو. اسان جي مئل ڏيڏري ۾ پساهه پيو آهي تون ڀلي آئين- ڀلي ڪري آئين- پوءِ امان پنهنجون تڪليفون سڀ ڀلائي ويٺي. نڪو اچڻ جو ڪاٿو هو نه ڪنهن جي چوڻ جي پرواهه هئي. ساهه اٽڪيو پيو هوس شاهد بچي شال ۾. پينگهي ۾ لوڏيندي ڳائيندي هئي ته:

لالڻ آيم پيهي، ويئڙا سور سڀئي،

جيئس جيئس تان جيڏيون لالڻ آيو پيهي.

***

ڳالهيون ڪنديس ڳجهه جون منهن مقابل ويهي،

اديون عبداللطيف چئي سڄڻ آيم سيئي.

* * *

بس اسان ته خوش ٿيا هئاسون مگر جا خوشي امان ۽ قاضي صاحب ۽ بُوا کي ٿي، ان جو شمار ڪرڻ مشڪل آهي. ڪهڙيون ڳالهيون ڪريان پنهنجي ماءُ جون جيڪي بيشمار آهن. هرهنڌ تي گڏوگڏ! حيدرآباد وڃان بيمار ٿيان ٻار ٺيڪ نه هجي ته مون کي خبر نه هجي، پيئي اوجاڳا ڪري دوائون، سُتيون، منهنجا زور چانپ خدمت، ڇا چوان، ڇا لکان هن خسيس پني جي ٽڪر تي ”لکڻ ليکو ناهي ڪو ڳالهيون ڳڻ هزار“ مشن جي ڄمڻ تائين سڀ ٻار پالي ڏنائين، مون کي ته ياد نٿو اچي ته ڪو مون پنهنجي ٻارن کي چُمي به ڏني هجي! سڀڪجهه پيار هنن کي امان نانيءَ وٽان مليو. هن جي ته سڄي دنيا ئي اهي ٻار هئا!

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين.

آخر ڇوڪريون وڌيون هر ڪم ۾ پڙهائيءَ وغيره ٽيوشن تي وٺي وڃڻ ۾ يا هر ٻار جي هر ڪم ۾ گڏ هوندي هئي. سندس وندر ئي اها هئي. وڏيون ٿيون، ماسترياڻيون ٿيون. اميدوار به اچڻ شروع ٿيا ته رحمو جي ته اڳ ۾ خبر هئي ته ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ آسو جي پٽ الله بخش کي ڏيندو مگر نسيم تي ننڍي هوندي امان جي توڙي خاص ماما محمد عمر جي ڏاڍي دل هوندي هئي ۽ امان کي چوندو هو ته ادي هيءَ نسيم مون کي کڻي ڏي، برابر منهنجو پٽ ان لائق نه آهي مگر تون ڀيڻ آهين اهو وڙ ڪر تڏهين امان قاضيءَ کي چيو ته ابا مون تنهنجي گهر جو وري سينهين پاڻي ڀريو آهي هاڻي آءٌ هڪڙي گهُر ڪريان ٿي اها منهنجي آس پوري ڪجانءِ سڄي عمر توکي دعائون ڏيندس. مگر مئي پڄاڻان به منهنجو روح توکي دعائون ڏيندو. قاضي صاحب ته گهڻو ڪري امان جي هر جائز ڳالهه مڃيندو هو ۽ تمام گهڻو احترام به ڪندو هو. بابا صاحب جي بقول ته هي قاضي علي محمد توکي پٽن کان مٿي ڪري سمجندو. هن سوني هار جو تون قدر ڪج تنهن هڪ دم چيو ته مامي صاحبه توهان جو حڪم منهنجي اکين تي آهي. تڏهن امان گهُر ڪئي نسيم جي احمد لاءِ ۽ اها دعا ڪندي چيائين ته ابا توکي الله سائين جي رحمت هجي جو هن نماڻيءَ جنهن عزت جا لفظ ڪڏهن مشڪل سان ٻڌا هجن، تنهن کي ايتري عزت ڏني آهي. مگر الله سائين ڪندو ته توکي الله ٻنهين جهانن ۾ مرڪائيندو ۽ پٽن جا سک به ڏسندين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن الله توکي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريندو انشاءُالله. مگر اها به دعا ٿي ڪريان ته هي منهنجي نسيم ڌيءَ عمر جي گهر ۾ احمد وٽ راڄ ڪندي ۽ انشاءُالله وٽس ست، ست نوڪر ڪمائيندا. تو مون کي مان ڏنو آهي. توکي رب پاڪ جي در مان مانُ ملندو انشاءُالله. اهو به ڳائي چيائين ته ”خالق توکي خاص ڪيو- مولا توکي مختيار ڪيو. ڏنئين خزانو فل اختياريءَ جو. رَبَ ڀرم رکج مون بدڪاريءَ جو.“ واقعي منهنجون سڀ ڌيئون الحمدلله پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ آباد ۽ خوشحال آهن، الحمدلله. مگر نسيم جي گهر ۾ واقعي هلٽ پيو هلندو آهي. احمد ويچارو سادو ماڻهو آهي مگر منهنجي ڌيءَ کي ڏاڍو سکيو رکيو اٿس الحمدلله. سائين سڀني ٻچڙن کي خوش آباد رکي، سڀ پٽ نياڻيون پنهنجي حال تي خوش آهن. شل هميشه خوشحال ۽ آباد رهن انشاءُالله.

نسيم جي شاديءَ کان پوءِ امان برابر ماما جي گهر رهي. ماما جا به ڀيڻ ۾ ساهه پساهه هئا سو اصل امان کي نه ڇڏيائين. امان به نسيم ۽ احمد جا ٻار پيئي سانڍي خوش ٿيندي هئي ۽ اسان به ناناڻن جو گهر سمجهي اُتي ويندا هئاسون ۽ عزيز به اتي ايندي هئي، ڏاڍو سٺو وقت گذريو. قاضي صاحب ايندو هو ته وري اسان جي گهر امان سميت سڀ ايندا هئا. اسان جي گهر جي سرهائي ۽ خوشبوءِ تي سڀني کي ڏاڍي حسرت هوندي هئي ته ادا علي محمد جي گهر ۾ ڏاڍي رحمت آهي. شاهد جي امان وڏي به اچي ويهندي هئي. گهر ۾ ڪنهن قسم جو اجايو بحث يا ڳالهه اصل نه هئي. جيڪڏهن ڪجهه انساني ڪمزوريون هونديون ته ان کي نظرانداز ڪرڻ ۾ اسان سڀني جو حصو هوندو هو ته پوءِ ڳالهه وڌندي اصل نه هئي. وقت به ڏاڍو قرب ۽ امن سان هليو. آخر اسان 1980ع ۾ حيدرآباد آياسون ڇاڪاڻ ته روشن کي تڪليف ٿي پئي شاهد بچي شال به ڊاڪٽريءَ ۾ چونڊجي آيو ان جي پڙهائي وري خالده جي نوابشاهه جي پڙهائي- مطلب ته مختلف ڳالهين جي تحت اچڻ مناسب ٿي پيو. امان کي ڏک ته ٿيو مگر اسان جي مجبورين سبب موڪل خوشي سان ڏنائين. اسان اتي پهچي، چڱيءَ طرح گهر ٺاهي، امان کي گهرايو. ويڪيشن به هئي، شافعه ڏيڍ مهيني جي هئي، نسيم به گڏ آئي، ڏاڍو خوش ٿياسون. پاڻ به ڏاڍي خوش ٿي ايتريقدر جو شاهد ۽ روشن ڊاڪٽريءَ جا ايپرن پائي خدا حافظ ڪري نڪرندا هئا ته دروازي تي بيهي ڏسندي هئي ۽ شڪرانا شڪرانا ڪندي هئي. چوندي هئي: ميان الله تو منهنجا سڀ لڙ لاهي ڇڏيا، اڄ منهنجو شاهد بچي شال ڊاڪٽر ٿيو آهي الحمدلله. ”شڪرانا رب جا منهنجا سڀ ڪاج سريا- محبن اچي مون گهر پير ڀريا. مون سڪنديءَ جو سائين عرض اگهايو“ الحمدلله. وري ماني به آءٌ امان جي دل وٽان ٺاهي کارائيندي هيس. قاضي صاحب به امان جو ٻڌي زمين تان آيو ويتر خوشي ٿي. بس ڇا ٻڌايان اها خوشي ٿورو وقت هلي الاءِ جي ڪنهن جي نظر کائي وئي، امان آئي کي يارنهن ڏينهن ٿيا ته مون کي ڌِڪو آيو، ٽنگ ڀڄي پئي. ويچاري امان روئڻ جا ڪيس ڪري ڇڏيا. ڇوري تو مون کي ڇو گهرايو مون کي سک لکيل هجن ته ڏسان! پوءِ باقي ڪجهه وقت رهي هلي وئي ڏاڍيون دعائون ڪيائون. چي امان اڳي کان ئي وڌيڪ ڊوڙون پائي هلنديئن. پهرين ماءُ جي حاضري ڏج توکي الله منڊي ڪونه ڪندو. هن فقير ماءُ جي دعا تي ڀروسو ڪج وغيره وغيره. دعائون ڪندي هلي وئي. مون کي ته ست مهينا لڳا ٺهڻ ۾ مگر اها ماءُ جي دعا ۽ ان سان گڏ ربّ پاڪ جو فضل ٿيو برابر الله سائين مون تي ڏاڍو ڪرم ڪيو. ٺيڪ ستن مهينن کان پوءِ امان جي حاضريءَ تي ويس، ڏاڍي خوشي ٿي. اهڙيءَ طرح سان وقت گذرندو ويو. 1982ع ۾ نسيم کي چيائين امان هاڻي شل کير پيئين، وڌين ويجهين مون کي منهنجي ٻچڙيءَ جي ڏاڍي سِڪ لڳي آهي مون کي خوشي سان موڪل ڏي ته باقي وقت آءٌ پنهنجي ٻچڙيءَ کي ڏسي سِڪ لاهيان. هاڻي ٿورو وقت آهيان. ”هاڻي ڪو ڏينهن آهيان ڪوٽ ۾ هاڻي ما سڪان ٿي سڪرات ۾، رهي پڇان ٿي راهه، شال مَ وڃيم ساهه پسڻ ڌاران پرين جي.“

امان مون کي حور جي وڇوڙي اڳي ئي ڀڃي ڀورَ ڪري ڇڏيو. نسيم ۽ ماما جن کيس خوشيءَ سان موڪل ڏني ۽ امان اسان وٽ حيدرآباد ۾ آئي. آءٌ سدائين پنهنجي ڊوڙن ۾! ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي ڇوري تنهنجي سِڪ ۾ آئي آهيان. مون وٽ ويهه ته توکي ڏسي سِڪ لاهيان. سدائين پئي چوندي هئي آءٌ به پئي کِلي ٽاريندي هيس ته امان مون کي ته سري ڪونه ٿو. مڙئي پيا هلندا هئاسون. امان به پئي ڏسندي هئي. ان وقت نوڪر به ڪونه هو، ڪپڙا ڪافي ٿي ويا هئا مشين به اڃا نه ورتي هئي، مون ڪپڙا پئي ڌوتا ته ٻنپهرن جي مانيءَ جو ٽائيم ٿيو ته آءٌ کچڻي وغيره رڌن لاءِ اُٿيس. امان جي کٽ ورانڊي ۾ هئي- ويٺي ڏٺائين. روشن ۽ خالده به ويٺيون هيون، انهن کي آهستي آهستي چيائين امان روشن ۽ خالده اوهين اُٿي تڪڙا تڪڙا ٻه ٽي ڌڪ هڻي ڪپڙا ڪڍي وٺو، امان اوهان جي ماءُ ڪپڙا ٿي ڌوئي ته منهنجي دل ٿي ڏکي. آءٌ جا ڪچن ۾ هيس ٻڌي ورتم. مون کِلي امان کي چيو امان منهنجا ڪپڙا ڌوئڻ توکي ڏکيا ٿا لڳن، منهنجون ڌيون ڌوئن ته ڀلي؟ چيائين ڇوري تون ٿي ڌوئين ته منهنجي هينئين ۾ ٿا ڌڪ لڳن. امان قدر تڏهن ٿيندئي جڏهن آءٌ هلي ويندس. اهو برابر اکر مون کي ستائيندو آهي.بهرحال جنهن ڳالهه جو اسان کي به ڏک آهي ۽ کيس به ڏاڍو ڏک هوندو هو جو چوندي هئي ته امان آءٌ گهڻي سوڍي سڄاڻ هيس، پر اکر انڌي ڪري ڇڏيس. بابا به هونئن ته سندس دلي طرح سان قدر ڪندو هو ، پر پنهنجي پٽ جي اڳيان ايترو ڪو مجبور هو جو اهو جيڪڏهن امان کي ڪابه تڪليف ڏيندو هو ته ان کي اصل ڪجهه به نه چوندو هو. اهو الائي جي ڇا هو. ان جي زال وفات ڪري وئي ته امان سندس ايتري خدمت ڪئي جو ڪا زال به ايتري پنهنجي مرد جي نه ڪري. وقت بوقت الائجي ڇا ڇا تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيس جيڪي لکڻ سان منهنجي به دل ڏکي ٿي. انڪري نٿي لکي سگهان پر وريو سريو ڪي به ڪين.

تنهن ڪهڻي ڪبو ڪوهه جنهن رهڻي رهيو نه سپرين.

***

لکيو جو نراڙ سو انگ ڪياڙي نه ٿئي

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾.

***

سکن جي سيد چئي پکي ڪين پياس،

جيڪس آءٌ هياس گُري گوندر ول جي.

اهي ڏينهن به ويا ڏکيا سکيا گذري. امان مائٽن ۾ ڏاڍي ننڍڙي هوندي کان ئي دادلي هئي جو ناني جو به ٻار بچندو نه هو. مري مري آخر ۾ ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون بچيا. پوءِ ڀيڻ به چوڏهن سالن جي ڄمار ۾  هلي وئي، پيءُ گذاري ويو پوءِ ته اتي به هليا ڏک. بابا وٽ آئي ته اتي به احسان جو راڄ مگر ڇا چوان، ڪا دل وڏي الله سائين ڏني هيس، اسان کي ته لکائي نه آئي ته ڪا هيءَ اسان جي امان هيتري سورن جي ماريل آهي. بابا جي شاباس پويان سڄي زندگي ڏئي کڻي پوري ڪيائين. وري ڪا هڪڙي ٿئي! ڏاڏا جي زال وفات ڪري وئي، بس ان سان اُڀ ٽوڙي ڇڏيائين. ”وسي امان وسي!“ حج تي ويو اتان بيمار ٿي آيو، اهو مون کي به ياد آهي ته کيس جلاب لڳا هئا. ان وقت ڪي هي سهولتون ڪونه هيون. هٿن سان سارو ڪم ٿيندو هو. اتي به حاضر!

ڇهه مهينا اها ڪيفيت هلي، دعائون به جام ڪندو هوس پر امان جي ته هٿن جا ننهن کُسي ويا هئا. الله سائين وٽ ته اجر جي ڪا ڪمي ڪانهي، شل اتي منهنجي مٺڙيءَ ماءُ کي جنت الفردوس نصيب ٿئي. امان لاءِ اهو چوڻ بلڪل جائز آهي ته هن مائٽن جي گهر ننڍي هوندي پنهنجي مائٽن جي غربت کي منظور ڪيائين. پنهنجي گهر اچي هڪ تمام باوفا زال جو ڪردار ادا ڪيائين. جنهن جو مثال به ملڻ مشڪل آهي ۽ پڻ ماٽيلي ماءُ ٿي ڪري سڳي ماءُ کان وڌيڪ هن احسان سان ان جي ڪا ڏاڍ ڏنگائي دل ۾ نه رکي، سچي دل سان ان جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. ادا احسان جي ٻي شادي جو سلسلو هليو ته بابا سندس ڌيءُ ادي سماني سندس بدي ۾ نه ڏني جو هيءَ نياڻي ماءُ پکيڻي آهي متان تڪليف ۾ اچي سو پنهنجي ڀيڻ کي چئي ڏنائين ته ڀلي سماني تو وٽ هجي. منهنجي پوٽي الله ڪري ڪنهن ڏکئي هنڌ تي نه وڃي. سو پنهنجي هڪڙي حسين ڌيءَ سندس بدي ۾ بيقدرن کي ڏئي سندس شادي ڪرايائين. تڏهن به منهنجي ماءُ بابا کي ان لاءِ به نه چيو. ماڻهن جا وات پٽجي ويا هئا! ايتريقدر جو بُوا ۽ چاچي مولويءَ صاحب چيو ته مکي صاحب هي ڇا ٿو ڪرين چيائين ادا، احسان جي نينهن مون کي نهوڙي ڇڏيو آهي. آءٌ هي به چوان ٿو:

ڀينر آءٌ ڀوري، مون سنڱ سڃاڻي نه ڪيو،

لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.

 

ان هوندي به منهنجي وفادار ماءُ پنهنجي ور سان نه وڃائيو. اهي مثال اصل نه ملندا.

ننهن جي روپ ۾ ڏسجي ته به مٿي ڏيکاريل آهي. پر افسوس ته فقط اهو آهي ته نصيب نه آندو هئائين. بس ڇا ڪجي اهو امر جي طرفان اصل انگ ائين هو. چوندي هئي امان آءٌ پنهنجو لکيو ٿي لوڙيان، خلق جو ڪهرو ڏوهه! ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ ڏسندا ته ان کان مٿي! پر اهو ضروري آهي ته منهنجي بُوا سندس قدر ڪيو. زباني طرح بابا کي توڙي ادا احسان کي ڪڏهن ڪنهن اڳرائيءَ تان سچ به چوندي هئي ۽ سندس اولاد ۾ ادي ڀاڻٻائي حور جي وڃڻ وقت اسان کي تمام سٺو ساٿ ڏنو ۽ پڻ ادا قاضي احمد منهنجي ماءُ جو ڏاڍو قدر ڪيو. امان جي وڃڻ وقت تائين ۽ اڃا به مون سان ان نينهن پويان راهيندو پيو اچي. الله سائين جي رحمت هجيس. پاڻ به زهره ڀيڻ ڪندي دل ورندي اٿس، پر پنهنجي اولاد کي به چوندو آهي ته بابا هيءُ ڀيڻ زهره تمام پياري ماما جي ڌيءَ آهي. هن شخص اسان تي پنهنجا پساهه ڏنا هئا. پنهنجي ننڍين نهرن کي چوندو آهي ته امان توهان منهنجي ڀيڻ کي مانيءَ بنا نه ڇڏجو. هن جي ماءُ ۽ پيءُ جا مون تي احسان آهن. الله جي رحمت هجيس. ماڻهو ڪو قدر ڪري ته سون جا ٿال ڀري ڪونه ٿو ڏئي، مڙيئي ٻه چڱا لفظ وات مان ۽ دل مان نڪرن ٿا. وات ۾ به تڏهن ٿا اچن جڏهن دل ۾ ٿا هجن. توڙي جو ڪو وقت بيمار ٿي يا ڪن ڪمن سان سندس گهر ايندا هئاسون تڏهن به سندس گهر وارا جن ۾ ان وقت ڀاڄائي جانٻائي ۽ سندس سڀئي ڌيئرون به تمام سٺو خيال ڪنديون هيون. آءٌ ۽ قاضي صاحب هميشه سندس ۽ سندس اولاد جا دعاڳو رهيا آهيون ۽ آءٌ هميشه رهنديس. ڳڻ ته شل ڪنهن چڱي انسان سان ڪجي. الله سائين مهربان مالڪ ان جو کين تمام سٺي ۾ سٺو بي حساب اجر ڏنو آهي ۽ ڏيندو رهندو انشاءُالله. اسان جي اها دعا آهي.

امان سڦيان حالانڪ امان جي سوڪن هئي، پر ويچاري ستايل هئي. ان ويچاريءَ کي پٽ به برابر ڄائو، پر پنهنجي گهر واري توڙي پٽ جي مٺي آواز لاءِ به سڪندي هئي. حالانڪه ڏاڏا پنهجي ڀيڻ کان پٽ لاءِ ڏاڍي سِڪ مان کنئي هئي پر هر انسان جي قسمت پنهنجي آهي. سُک لکيل نه هو نه مليو. اصل ”سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾.“ آخر پيري به آئي، امان ته هونئن به خدمتگذار هئي ۽ تمام رحمدل هئي. پڇاڙي ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو ان ۾ سندس کاٻو پاسو ڪم ڇڏي ويو. ست سال ڏاڍي لاچاريءَ ۾ گذريا، ڌيءَ ڪانه هيس ننهن ته هونئن به سندس لاءِ نه هئي. منهنجي امان پنهنجي حال آهر سندس هر ڪا خدمت ڪئي. امان کي ڏاڍيون دعائون ڏيندي هئي. آخر ۾ وڃڻ وقت چيائين ته اي وسندي، فاطمه جي پاران سک پسندينءَ مون کي (کيرج) کيرڻي رڌي کاراءِ تنهنجي ڌيءَ جو جوڙو ٿيندو. امان يڪدم اُها رڌي آئي ۽ کيس پنهنجي هٿن سان کارايائين، ان وقت  اسين سڀ ويٺا هئاسون. قاضيءَ صاحب سان ڏاڍي دل هوندي هيس ۽ کيس ڏاڍيون دعائون ڪندي هئي. انسان آخر فاني آهي. عاشوري جي رات شام جو ستين بجي وڃي الله سائين کي پياري ٿي. الله سائين جنت نصيب ڪريس. دنيا ۾ ته ڏاڍي تڪليف واري زندگي گذاري هئائين. اڳيان شل رب راضي هجي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. اهڙي طرح سان منهنجي امان پنهنجي انساني حد پهچ تائين هر پنهنجي واسطيدار جي دل و جان سان خدمت ڪئي. صلو ته الله سائين کيس ڏيندو انشاءُالله.

مون کي ياد آهي ته ادي سماني ڪافي وقت کان سانگهڙ۾ رهندڙ هئي ۽ اولاد جو سلسلو به جاري رهيو پئي، سندس سڳي ماءُ يا ڀيڻ ته هئي ڪونه. کيس ٻار ڄمندا هئا ته ڪڏهن ناني مڪان ڪڏهن ماسي رحمت، ڪڏهن ادي ڀاڻٻائي، مطلب هي آهي ته الله ته ڪنهن کي ڪونه ٿو ڇڏي، جنهن وقت (راجه) يعني محمود پيٽ ۾ پورا مهينا هوس ته ان وقت امان کي گهرايائين. امان ته هونئن به هلي وئي. ڪافي انتظار کان پوءِ ڏهين مهيني ۾ کيس محمود ڄائو. ان وچ ۾ ڇا ٿيو جو ادا محمد احسان کي قدرتي هڏڪي جي بيماري ٿي پئي. ايتريقدر زور پڪڙي وئي جو ادا حامد کي ڊاڪٽر چيو ته توهان وٽ ڪو اهڙي سجاڳ ماڻهوئي ڪانهي، هو ڪيڏي مهل به فوت ٿي سگهي ٿو. قاضيءَ صاحب کي چيائين ته ادي وسندي کي گهرائي وٺو. ته امان جلد اچي، محمد احسان تمام گهڻو بيمار آهي. راجا 15-20 ڏينهن جو هو برابر ادا عبدالرحمٰن صاحب کيس وٺي آيو. اهو به هڪ ڏينهن رهيو، امان ته ايندي ئي سندس علاج لاءِ ڪن ماڻهن سان مشورا ڪيا ۽ پاڻ به ڏاهي ته هئي ڇا ڪيائين جو هڪ ڪپڙو سنهو کڻي پيٽ وٽان مٿي زور سان ٻڌائينس واڻين مان ڪنهن ڏس ڏنو ته ٽامي جا ٽڪا اُٻاري ان جو پاڻي پياريو، اهو علاج به ڪيائين.ا دا احسان جنهن هفتي کان ننڊ نه ڪئي هئي، تنهن سمهي ننڊ ڪئي. سڀني کي ڊپ لڳو ته متان الاجي ڇا ٿيو هجي. ادا حامد ڊاڪٽر آيو چيائين ٺيڪ ستو آهي. ڇڏي ڏيو ويچارو آرام ڪري. بابا اسين ته چئون ٿا ته هيءَ مائي ستن مردن جو مٽ آهي. ڏيپلي جي شهر ۾ اڃا ڪا ماءُ اهڙي ڌيءَ نه ڄائي آهي.

ادا ته ويچارو سارو ڏينهن ستو، سانجهي مهل جاڳيو ته ماشاءُالله تمام ٺيڪ لڳو پوءِ صبح جو ادا عبدالرحمٰن روانو ٿيو. خير اهي ڳالهيون ته پيون هلنديون، اچون ٿا واپس.

امان جي طبيعت آهستي اهستي بگڙندي پئي وئي. دم جي تڪليف زور پڪڙي وئي، ڪجهه پيشاب جي تڪليف پوءِ ڇا چئبو وڃڻ وارو جيڪو انسان آهي، ان لاءِ حيلو هلي ڪونه ٿو. اسان به پنهنجي حال آهر وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي. روشن به ڊاڪٽر ٿي ويئي هئي، هر طرح جهڙو طبيعت جو نمونو هوندو هو اهڙي نموني علاج به ٿيندو رهيو، هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو وڃڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ مون کان پڇيائين امان قاضي صاحب ويٺو آهي؟ مون چيو امان ها. چيائين ان کي سڏ ڪر. مون چيو ڇو؟ امان چيو امان منهنجو ڪم آهي. مون قاضي صاحب کي سڏ ڪيو، پاڻ به آيو ۽ ادي يعني شاهد جي امان وڏي به آئي. اها به مرحومه امان جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي ۽ عزت به ڪندي هئي. ضرورت جي وقت کيس زور به ڏيندي هئي. الله سائين جي رحمت هجيس. قاضي صاحب اچي ويٺو. چيائين مامي صاحبه حڪم! چيائين ابا توکي ٽي ڳالهيون ڪريان ٿي ياد رکج.

هڪ ته مون تنهنجي گهر جو نمڪ کاڌو آهي، مون کي معاف ڪج. ٻيو ته هتي ويهي وڏي آواز سان ياسين شريف مون کي ٻڌاءِ ته آءٌ پنهنجي ڪنن سان اهو آواز ٻڌان. ٽيون ته تون منهنجي ڌيءَ کي ڏاڍو سکيو رکيو آهي. توکي الله سائين جي رحمت هجي ڪا ڪمي منهنجي ڌيءَ کي تو نه ڏني آهي ۽ آءٌ به شڪر ٿي ڪريان ته منهنجي ٻچڙي آسودي آهي مگر تڏهن به منهنجو هن ۾ ساهه پساهه آهي. آءٌ هاڻي وڃڻ واري آهيان ڇاڪاڻ ته عمر ڀاءُ منهنجو ساهه ساڻ کڻي هليو ويو آهي ۽ بت ڇڏيو اٿس هن بر ۾. ابا آءٌ هاڻي ”جاڙ جيئان پيئي جيڏيون- مرڻ مون وس نه ٿيو- هاڻ جاڙ جيئان پيئي جيڏيون.“ سو توکي اڃا به پارت ٿي ڪريان ته ان کي جيترو ٿي سگهي اوترو اڃا به سکي رکج، مون کي اهو جڳائي نٿو مگر ڇا ڪريان روح نٿو رهي. قاضيءَ کي الله سائين جي رحمت هجي چيائين مامي صاحبه توهان ڪوبه فڪر نه ڪريو ڦاتو مون کي پنهنجي ساهه کان به پياري آهي. توهان بلڪل خاطري ڪريو اڃا ته اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان شاهد جي شادي ڪرائيندا. کيس ڏاڍي دلداري ڪيائين ۽ اتي جو اتي ياسين شريف پڙهي کيس ڦيڻو به وڌائين.

شاهد جي امان وڏيءَ کي به دعائون ڏنائين ته ادي تو جيڪا مون کي عزت ڏني آهي يا جيڪا خدمت ڪئي آهي ان جو توکي الله اجر ڏيندو ۽ تون ٻنهي جهانن ۾ مرڪندينءَ. ائين سڀني کي دعائون ڏيندي انهيءَ هفتي اندر ڳالهيون ڪندي ڪندي اسان جي امان اسان کان موڪلائي هلي وئي. هڪ ڏينهن مون کي چيائين منهنجي بيماري تي خرچ ته جام پيو ٿئي، محمد ڪو پيسو موڪليو آهي؟ مون چيو امان تون اهي ڳالهيون نه ڪر، اسان جو خرچ آهي ئي ڪونه، تون پئسن جو فڪر ڇڏ. چيائين امان تون ۽ قاضي ۽ منهنجا هي پٽ ڌيئرون سڀ شال سکيا هجو. الله سائين توهان کي هميشه خوش رکندو مگر امان تنهنجي پيءُ جي گهران جيڪڏهن هڪ رپيو اچي ته به منهنجي روح کي آسائش ايندي ته هن گهر ۾ منهنجو حصو آهي، بس امان ڇا ڪريان. اسان محمد وارن کي فون ڪرائي ته امان توهان کي ڏسڻ ٿي چاهي. نسيم، عزيز سڀ پئي آيون، غلام محمد به آيو پر تڏهن امان هلي ويئي هئي. مون انهن کي چيو ادا هاڻي انهن پيسن کي آءٌ ڇا ڪريان! منهنجي ماءُ واڪا ڪندي ويڙهه ۾ روئيندي رت ويئي. امان چوندي هئي ته امان:

ڇا جي ڏنگا ڏير ڏينهن ڏنگو نه ٿئي،

اُٺن ۽ اوٺيڙن جو ڇا وهيڻون وير،

هي ڪميڻي ڪير جا امر آڏو اچي.

امان هڪڙو پٽ هجي ها ته ههڙي ڪانه ٿئي ها. اهي سور ڪنهن سان سليان. بس امان هلي ويئي.

مون ڀانيو مون وٽ مهمان هميشه هوندا پرين،

ڪُهي ڪميڻي هليا ڪَهل ڪيائون ڪان،

جورو رات جوان جيڪس جت ڪري ويا.

***

هلڻ هارا سپرين پيا وڃڻ وايون ڪن،

جهليان تان جهلڻ نه ڏين، سڳر منهنجا سپرين.

***

بس روئي پرتي رب کي، انالله و اِنا اليھ راجعون. پوءِ منهنجي ٻارن ۽ قاضيءَ صاحب مون کي امان جي لک ته ڪانه ڏني مگر ماءُ جو خال جو هو، اهو ته نه ڪنهن جي ڀرجڻ جو هو نه ڀرجي سگهي ٿو. مون کي چوندي هئي ته امان تون هن ماءُ کي وِک وِک تي ياد ڪندين. برابر اهواکر هر وقت ياد ڪري منهجي اکين مان لُڙڪ لڙي ايندا آهن جيڪي هن وقت به لڙي آيا آهن. گهڻئي جلهيا اٿم مگر نٿا رڪجن. ويو ويچارو وقت گذري. پويان شال بچن خوش رهن مگر اسان کي جيڪي پڇندا هئا اهي پنهنجون سڳنڌ يادون اسان وٽ ڇڏي پنهنجي اصل ماڳ هليا ويا.

آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو

سڄڻ ياد پيو وسري تان نه ويو

هو جهليان تان نه جهلجن رهن نه هڪڙي رات

آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو

ٻنڌڻ ٻاروچن جو پينگهي منجهه پيو

آيل ٻاروچو سڄڻ مون کي ياد پيو.

* * *

مٺڙي امان هاڻي ته تون ڳولڻ سان ملي نٿي سگهين. هاڻي واڪا وس ڪنداسون ته به تون وڃي ”ٿر ٿيام مارو ڄام ملير جا“، الائجي توکي مون ڪيترو سکي ڪيو هوندو. الائجي تون مون کان راضي هوندين يا نه، بس اهو ڏک هر وقت دل کي ستائيندو رهندو آهي، ته مون پنهنجي جيجل ماءُ کي گهڻا سک ته نه ڏنا، رڳو ان کان خدمت ورتي، رڳو دادلپائي ۾ وقت هٿان وڃائي ڇڏيو. اڄ ان ڳالهه کي ياد ڪري جيڪا ندامت اندر کي کائي رهي آهي، ان جو ازالو ته مون وٽ آهي ئي ڪونه. فقط اها دعا ڏيئي سگهان ٿي ته توکي رب پاڪ جو ٻنهي جهانن جو والي آهي اهو توکي اتي پنهنجي بهشت جي اعليٰ کان اعليٰ درجي ۾ جاءِ عنايت فرمائي. تون تاقيامت اتي سکي رهين جو هيءَ دنيا توکي ياد نه اچي.

ٿي هيءَ دعا بهشت ۾ ان جو مڪان ٿئي،

ان جي شفيع سرور عالم جي ذات ٿئي،

محشر جي داروگير کان ان جي نجات ٿئي،

رحمت خدا جي ان تي بيڪران ٿئي.

* * *

مون جيڪي ڪم ڪيا ۽ جيڪا ننڍي هوندي دعا گهرندي هيم اها مالڪ سائين اگهائي. تحقيق سچيءَ دل سان چونديس ته الله تبارڪ و تعاليٰ دعائن جو ٻڌندڙ ۽ قبول ڪندڙ آهي.

هاڻي مون تقريباً پنهنجي يا پنهنجي والدين يا ٻيو به ڪافي ڪجهه لکيو آهي اڳتي ڪي ڳالهيون ياد اينديون ته لکندي رهنديس انشاءُالله.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org