سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر 2020ع 

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

سوچ ويچار

هڪ سال پڄاڻي تي پهتو

پڙهندڙ ساٿيو!

سرتيون نومبر 2020ع جو شمارو اوهان جي هٿن ته آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري ٿورائتو ڪندا. اوهان پڙهندڙ ۽ لکندڙن جي تعاون ۽ سهڪار جو نتيجو آهي جو رسالو 30 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو رهي ٿو. دل چوي ٿي اڄ ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪجن، جن سان نئين نسل جي ذهني روسر ۽ تربيت ۾ مدد ملي جيئن هر برٽ گري چيو آهي ته:”ڪامياب ماڻهن جي عادت اهڙا ڪم ڪرڻ هوندي آهي جن کي ناڪام ماڻهو ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن. ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪاميابي جي قيمت وصول ڪري ويندا آهن.

يا وحيدالدين خان جي سهيڙيل ڪتاب ، سک ۽ سلامتي واري زندگي ڪيئن گذارجي؟ ۾ هڪ ڳالهه دل ۽ زبان جي حوالي سان هيئن بيان ٿيل آهي: ”لقمان حڪيم هڪ حبشي غلام هو، سندس آقا کيس چيو ته هڪ ٻڪري ذبح ڪر، ان مان ٻه بهترين گوشت جا ٽڪرا ڪڍ. لقمان حڪيم ٻڪري ذبح ڪئي ۽ ان مان زبان ۽ دل ڪڍي پنهنجي آقا جي آڏو رکي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس آقا ٻيهر کيس چيو ته هڪ ٻڪري ذبح ڪر ۽ ان مان ٻه سڀ کان خراب گوشت جا ٽڪرا ڪڍ. لقمان وري ٻڪري ذبح ڪئي ۽ ٻيهر زبان ۽ دل پنهنجي آقا کي ڏنائين. آقا چيس: مون  توکي ٻه سڀ کان سٺا گوشت جا ٽڪرا ڪڍي  ڏيڻا لاءِ چيو، ته توزبان ۽ دل ڪڍي آڻي منهنجي آڏو رکي ۽ جڏهن مون توکي ٻه خراب گوشت جا ٽڪر ڪرڻ لاءِ چيو، تڏهن به تو منهنجي آڏو زبان ۽ دل ڪڍي آڻي رکي. ائين ڇو؟ لقمان حڪيم وراڻيو آقا! جيڪڏهن اهي ٻئي درست هجن، ته انهن کان بهتر ڪا شيءِ ناهي ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي خراب ٿيو وڃن ته انهن کان وڌيڪ خراب ڪا شيءِ ناهي. انڪري انسان هميشه پنهنجي دل صاف رکي ۽ سندس زبان کان ٻيا انسان بچيل هجن ته ان جهڙو نيڪ ڪو انسان ناهي. جيئن پاڻ وٽ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”اندر اڇو نه ڪري، ڌئي ٿو ڌاڳا“

ڌاڳا هن ملڪ جي فقير جي ويس ۾ شامل آهي، جو مٿي تي ويڙهن، يا ڳجيءَ ۾ پائن، يعني جو ماڻهو پنهنجو اندر ڪوڙ ۽ ڪپت، يا دولاب ۽ لڳيءَ کان ۽ ٻين بڇڙن لڇڻن کان پاڪ نه رکندو ۽ رڳو ڌاڳا ڌئيندو، تنهن کي ڪيئن پاڪ ڄاڻبو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي: فارسي: به زبان اگر دردل گاروخر، اينچين تسبيح کي دارد اثر .

ترجمو: ڄڀ تي الله جو نالو، دل ۾ ڏاند ۽ گڏهه اهڙي تسبيح ڪهڙي ڳڻ ڪندي. يا هي پهاڪو به هيئن سان هنڍائڻ جهڙو آهي: ”گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي:“ جي گهڻو ۽ چڱو کائبو ته به ان مهل وات کي سواد ايندو، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ بس. پر جيڪڏهن ڪو چڱو رونشو يا ڪو ڪم ڏسبو، ته گهڻا ڏهاڙا ياد رهندو. تڏهن کائڻ کان ڏسڻ چڱو ٿيو يا نه؟ پر مطلب هيءُ آهي، جو گهر ڪنڊ ۾ ويهي کائي آرسي نه ٿيءُ، ٻاهر نڪر گهم ڦر، ڌڻيءَ جا رنگ ۽ اچرج ڏس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي: فارسي: تابه دکان خانه در گروي هرگز اي خام آدمي نشوي

برو اندر جهان تفريح کن،

 پيش زان روز کن جهان بروي .

ترجمو: جاسين گهر جي هٽ ۾ ڳهه پيو آهين،

اي ڪچا ڪڏهن ماڻهو ڪين ٿيندي.

وڃ جهان ۾ ۽ گهوم ڦر، جهان مان وڃين تنهن ڏهاڙي کان اڳي.

حوالو: گل ”شڪر“:

ليکڪ: ديوان ڪيونرام سلامت لاءِ آڏواڻي

چپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ                                           گلبدن جاويد

 

شهيد راڻي بينظير ڀٽو/ مراد علي مرزا

 

 

 

 

 

پورب ڄائي

 

زندگيءَ ۾ ڪي اهڙيون به ڇرڪائيندڙ گهڙيون اينديون آهن جن جي ڪا اميد ئي ڪين هوندي آهي ۽ جن جو خيال ڪندي تڪليف ٿيندي آهي. اها گهڙي ان وقت آئي هئي جڏهن مون هيءُ ڪتاب پورو ڪيو هو، جنهن ۾ مون جنرل ضياءَ الحق جي ظالماڻي فوجي راڄ جو تفصيل قلمبند ڪيو آهي.

پاڪستان جي اڀرندي حصي ۾ بهاولپور جي هڪ فوجي اڏي تان واپس موٽندي 17-آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ الحق هوائي جهاز جي حادثي ۾ مارجي ويو هو. هن سان گڏ ٽيهه ڄڻا ٻيا به مارجي ويا جن ۾ جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين، آرمي اسٽاف جو وائيس چيف، پاڪستاني فوج جا ٻيا اٺ بالا عملدار، پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير آرنلڊ رافيل ۽ هڪ آمريڪي برگيڊيئر جنرل پڻ شامل هئا.

اها خبر ڏاڍي آهستگيءَ سان ظاهر ٿي.”اخبار جي هڪ عيوضي فون تي هينئر ٻڌايو آهي ته هڪ تمام اهم هوائي جهاز گم ٿي ويو آهي.“ پارٽيءَ جي هڪ ميٽنگ هلندي منهنجي سيڪريٽري فريده مون ڏانهن پيغام موڪليو.

”ڇا مطلب آهي؟“ مون هن کان پڇيو. عام طرح ”تمام اهم“ ملڪ جي اڳواڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو هو.

”اهو جنرل ضياءَ جو جهاز آهي،“ فريده اهڙيءَ طرح ڀڻڪيو ڄڻ ته اهي لفظ وڏي آواز ۾ چوندي هن کي ڏاڍو صدمو ٿي پهتو.

حقيقت ۾ منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ئي ڪين آئي ته ضياءَ مري به سگهيو ٿي. ان جي بدران مون سوچيو ته هو ملڪ مان ڀڄي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته مون کي ياد آهي ته هڪ مهينو اڳ هن چيو هو ته جيڪڏهن هن کي ۽ سندس گهر جي ڀاتين کي حفاظت جو يقين ڏياريو وڃي ته هو ان جي بدلي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. مون کي ته بنهه اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. ڇا ضياءَ جو دور آخر ختم ٿي ويو هو؟

”تون ان اخباري عيوضيءَ کي فون تي گهراءِ.“ مون پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چيو.

اخباري عيوضيءَ ڏڪندي پنهنجو پيغام ورجايو. ”ضياءَ جو جهاز گم ٿي ويو آهي.“ هن ٻڌايو. ”جهاز سان ريڊيائي رابطو ختم ٿي ويو آهي.“

”گم ٿي ويو آهي مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ مون هن تي زور رکيو. ”جهاز ايران، ڀارت يا افغانستان ڏانهن ويو آهي ڇا؟ ضياءُ پنهنجي مرضيءَ سان ويو آهي يا هن کي اغوا ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙا تفصيل مليا آهن؟“

خوف وچان هن ويچاري ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه ٿي ڏنو رڳو پروليون پي ڀڳيون

”ٻنپهرن تائين هوائي جهاز اسلام آباد واپس ڪونه آيو آهي. ڪلاڪ اڏ امڻ کان پوءِ ان سان ريڊيائي رابطو به ڪونه ٿيو آهي.“

جلدئي هڪ ٻيو فون آيو. اهو هڪ اڳوڻي جنرل ۽ سرحد صوبي مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي هڪ ماڻهوءَ جو هو. ”مڙئي ڪا ڳالهه ٿي آهي، فوج حرڪت ۾ اچي وئي آهي.“ هن ٻڌايو.

”فوج جي اها حرڪت اسان جي فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟“ مون اهو سوچيندي هن کان پڇيو ته شايد ضياءُ ڀڄڻ کان اڳ اقتدار فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي يا فوج کي حڪم ڏنو اٿس ته ملڪ تي قبضو ڪريو جڏهن ته پاڻ اڃان تائين اتي ملڪ ۾ ئي آهي.

”اڃان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي.“ هن وراڻيو.

وري پارٽيءَ جي هڪ ٻئي ميمبر جو فون آيو. ”هوائي جهاز ڪري پيو آهي“. هن ٻڌايو. ”ضياءُ مري ويو آهي ۽ جهاز ۾ ويٺل ٻيا جنرل به مري ويا آهن.“

پر اڃان به آءٌ اها خبر قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيس. ڏاڍ ۽ ڏمرجي هيترن سالن کان پوءِ اهو بلڪل ناممڪن ٿي لڳو ته ضياءَ جو خاتمو ٿي ويو آهي. منهنجي ته گمان ۾ به ڪونه هو ته هن جو انت ائين ٿيندو، جيتوڻيڪ اهڙو امڪان هر وقت موجود هو. اسان جي هن سموري علائقي ۾ تشدد پکڙيل آهي. هن جو پنهنجو راڄ به ته تشدد سان شروع ٿيو هو، جيڪو تشدد سان ڇو نه ختم ٿيڻ گهرجي؟

ان هوندي به اها خبر قبول ڪرڻ ڏکي هئي. آءٌ اهو  سوچي پي سگهيس ته ضياءُ ڀڄي ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ آمريت جو اهو ئي انت ٿيڻو هو. مارڪوس فلپائن مان ڀڄي نڪتو هو، ايران جو شاهه به هوائي جهاز ۾ ايران مان ڀڳو هو. هيٽي مان ڊيوويليئر به جهاز جي ذريعي ڀڄي ويو هو. مون هميشه اهو ئي سمجهيو هو ته جڏهن ضياءَ جو وقت ختم ٿيندو تڏهن هو پڻ هوائي جهاز ۾ چڙهي ملڪ مان ٻاهر ڀڄندو..

”مون اجهو هينئر فوج جي هڪ ڪور ڪمانڊر سان ڳالهايو آهي.“

هڪ ٻئي فون ۾ ٻڌايو ويو. ”بهاولپور مان جيئن ئي جهاز اڏاڻو ته ٿوري ئي دير ۾ اهو هيٺ ڪري تباهه ٿي ويو. ڪوبه زنده ڪونه بچيو آهي.“

نيٺ مون ان خبر کي قبول ڪيو. ساڳيءَ طرح پارٽي جي ماڻهن کي به ان تي اعتبار آيو، جيڪي 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هي اهي ئي ماڻهو هئا جن قيد جون سزائون ڪاٽيون هيون يا جن کي ڪوڙا لڳا هئا، جن جي خاندان وارن پنهنجا روزگار وڃايا هئا يا جن کي پنهنجن عزيزن جو دفن ٿيڻ کان اڳ منهن به ڪونه ڏيکاريو ويو هو. مون پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چيو ته پارٽي جي انهن ميمبرن کي، جيڪي چونڊن جي فيصلي بابت ضمني مقدمي جو خلاصو وٺڻ لاءِ عدالت ۾ ويل هئا ۽ ايم آر ڊي جي مخالف جماعت کي فون ڪري. پوءِ آءٌ لنڊن ۾ پنهنجيءَ ڀيڻ کي فون ڪرڻ لاءِ مٿي ماڙيءَ تي پنهنجي ڪمري ۾ ويس. صنم گهر ۾ ڪين هئي. هن لاءِ پيغام ڇڏڻ وقت لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا هئا. ”هن کي ٻڌائجو.“ مون چيو، ”ته جنرل ضياءُ مري ويو آهي.“

مون کي محسوس ٿيو ته اهي لفظ چوندي مون تان هڪ تمام ڳرو بار لهي ويو هو. عذاب ۽ دهشت جي يارهن سالن کان پوءِ اسين آزاد هئاسين. هو الوپ ٿي ويو هو. ضياءُ وري ڪڏهن به اسان کي عذاب ڏئي نه سگهندو.

هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن جي سوڙهين گهٽين ۽ بازارن مان ڪابه خبر اهڙي طرح پکڙبي آهي جيئن ٻوڏ جو پاڻي پکڙبو آهي، عوام اڳواٽ ئي جشن ملهائڻ شروع ڪري ڏنا هئا. لاهور ۾ ته مٺائين جا دڪان خالي ٿي ويا هئا. ڪراچي ۾ پان جي دڪانن تان ماڻهن کي مفت ۾ پان ڏنا پي ويا. 70 ڪلفٽن تي اها خبر پهچڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ اندر ئي وڏي دروازي کان ٻاهر هزارين ماڻهو اچي مڙيا جن سياسي نعرا هڻڻ شروع ڪيا هئا. ”اوهان کي جهاز جي ڪرڻ جي ڪيئن خبر پئي؟“ مون هنن کان پڇيو. ”اخبارون وڪڻندڙ ماڻهو رڙيون ڪريو پيا چون ته ”ضياءَ مري ويو! ضياءَ مري ويو!“ هڪڙي ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو. ”ماڻهو پنهنجن موٽر ڪارن جا هارن پيا وڄائين ۽ ڪارن جي درين مان رڙيون ڪري پيا چون ته ”ضياءُ مري ويو آهي!“ ٻئي هڪ ٻڌايو.

مون کي اها ڳڻتي ٿي ته اسان ۾ خوشي ملهائڻ جو قومي سليقو به ڪونه هو. منهنجي مرضي نه رڳو اها هئي ته اسين پنهنجو ورتاءُ ضياءَ جي ورتاءَ کان بلڪل جدا رکون، پر مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان کي موت تي خوش ٿيڻ نه گهرجي. ان جهاز ۾ ٻيا به ڪيترائي مري ويا هئا ۽ انهن جي خاندانن لاءِ اها خوشي وڌيڪ ڏک جو باعث ٿيندي. مون کي ته سفير رافيل جي زال نينسي جو ڏاڍو ڏک ٿيو هو جنهن جي تازو مون وانگر شادي ٿي هئي. هينئر هن جو خاوند، جنهن سان آءٌ ملي هيس ۽ جيڪو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي حق ۾ هو، هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هو. مون سڄي ملڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي پيغام موڪليو ته صبر کان ڪم ورتو وڃي. اسان مان ڪوبه ڪنهن به صورت ۾ اهو نٿو گهري ته فوج کي اهڙو بهانو ڏنو وڃي جو اها ملڪ تي قبضو ڪري مارشل لا جو اعلان ڪري.

اسان اها خبر پهرين ڇهين بجي ڌاري شام جو ٻڌي هئي. پر ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ان جي سرڪاري تصديق ڪين ٿي هئي. وقت جيئن گذرندو ويو تيئن مون کي مارشل لا جي لاڳو ٿيڻ جو خوف ٿيڻ لڳو. سڀني وڏن وزيرن جيڪي سڀئي ضياءَ جا ماڻهو هئا، گهريو هو ته 16 نومبر تي ٿيندڙ چونڊون رد ڪيون وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ اهي ملتوي  ڪيون وڃن. ضياءَ جي موت ۽ قومي غير يقيني جي حالتن جي ڪري اهي اهڙيءَ حيثيت ۾ هئا جو فوج کي اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪري ٿي سگهيا.

70 ڪلفٽن تي ڏاڍي ڇڪتاڻ هئي. اتي اهي افواهه پي ڦريا ته ان رات سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو. انهيءَ تي منهنجي خاوند هڪدم پاڻ کي ”حفاظت ڪندڙ اڳواڻ“ ظاهر ڪري مون کي حڪم ڏنو ته آءٌ ٻه ٽي ڏينهن گهر کان ٻاهر پير به نه ڪڍان. مون جڏهن ٻاهر وڃڻ تي زور ٿي ڏنو ته هن ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي ٿي. ٻئي ڏينهن لاچار ٿي آصف عارضي طرح ان تان هٿ کنيو هو.

رات جو اٺين بجي اسان سک جو ساهه کنيو جڏهن معلوم ٿيو ته هڪ غير فوجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ٿي رهيو هو. ريڊيو پاڪستان تان اعلان ٿيو ته آئين مطابق سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين غلام اسحاق خان صدر جو عهدو پيو سنڀالي. جڏهن غلام اسحاق پاڻ ٽيليويزن تي اهو ٻڌايو ته چونڊون اڳ ڪيل اعلان مطابق مقرر تاريخ تي ٿينديون، ته اسان ويتر سک جو ساهه کنيو هو. اهو پهريون اهڃاڻ هو ته فوج ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جو ذمو کنيو هو. اسحاق جيڪو هڪ اڳوڻو ڪامورو ۽ ضياءَ جي خاص ماڻهن مان هو، ڪڏهن به چونڊون نه ڪرائي ها جيڪڏهن اهو فيصلو فوج نه ڪيو هجي ها.

انهيءَ هوندي به مون کي فوجي قبضي جو جيڪو خوف هو اهو بي سبب ڪونه هو. ضياءَ جي موت کان هڪدم پوءِ هن جي وڏن وزيرن ۽ فوج جي ٽن سربراهن جي وچ ۾ جيڪا هنگامي گڏجاڻي ٿي هئي. چيو ويو ته ان ۾ فوج تي سخت زور وڌو ويو هو ته مارشل لا جو اعلان ڪيو وڃي. لڳي ٿو ته فوج پنهنجيءَ شهرت جو خيال ڪندي اهڙيءَ اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته وڏا وزير پنهنجون سياسي توپون سندن ڪلهن تي رکي ڇوڙين: ”جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ۽ بينظير کٽي ٿي وڃي ته هوءَ سڀني بالا عملدارن کي ڦاهيون ڏيندي.“

وڏن وزيرن فوجي عملدارن کي خبردار ڪيو. ”هن جي پيءُ ته فوج جي خلاف ڪوبه قدم ڪونه کنيو هو، پوءِ هوءَ ڇو  کڻندي؟“ عملدارن هنن کي جواب ۾ چيو هو.

اها حقيقت آهي ته ضياءَ جي موت جي ڪري حيرت ۾ وڪوڙيل مختلف طبقن سک جو ساهه کنيو هو. کاريان ۽ وزيرآباد جهڙن فوجي علائقن مان اسان کي فون تي ٻڌايو پي ويو ته عوام پري پري کان پنڌ ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي عهديدارن وٽ اچي هنن کي ضياءَ جي دور جي خاتمي تي مبارڪون پيا ڏين. مون کي هاڻي معلوم ٿيو هو ته جيتوڻيڪ ضياءَ فوج جو سربراهه هوندو هو ۽ هو سدائين هٿياربند فوجن کي پنهنجي لاءِ ”ووٽ ڏيندڙن جو تڪ“ ڪري ڄاڻائيندو هو، پر اهي فوجي فقط هن جي عهدي جي ڪري هن جا ”ووٽ ڏيندڙ“ هئا

پر ضياءَ سمجهندو هو ته فوج هن جي آهي، جنهن کي هو سوگهو جهلي ويٺو هو. ائين به ڪونه هو ته هن هٿياربند فوجن ۾ ريفرنڊم ڪري هنن کان پڇيو هو ته: آءٌ جيڪي به ڪريان ٿو، اوهين ان جي حمايت ڪريو ٿا؟ ڇا اوهين سياست ۾ پوڻ گهرو ٿا ۽ عوام سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو ٿا؟ فوج جو هيٺيون طبقو جنهن ڇڪتاڻ ۾ ڦاٿل هو ان جي خبر مون کي فقط ان وقت پئي هئي جڏهن ضياءَ جو موت ٿيو هو. هٿياربند فوجن کي حڪومت جو سياسي بازو ٺاهي، ضياءَ هنن جي صلاحيتن ۽ فخر کي اندران ئي اندران کاٽ هنيو هو. ڪراچي ۾ فوجين جي کاڌي وارن ڪمرن ۾ تمام گهٽ افسوس ظاهر ڪيو ويو هو، ان رات ايم آر ڊي جي هڪ ميمبر مون کي ٻڌايو. ان جي ڀيٽ ۾ چيو ويو هو ته منهنجي والد جي قتل کان پوءِ کاريان، ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي فوجين کي ايترو ته ڏک ٿيو هو جو هنن ٽن ڏينهن تائين کاڌو به ڪونه کاڌو هو.

17 آگسٽ جو جيئن ئي رات وڏي ٿيندي وئي تيئن ئي ضياءَ جي جهاز جي ڪرڻ جي امڪاني سببن جا وڌ ۾ وڌ افواهه گشت ڪرڻ لڳا. شروع شروع ۾ هر هنڌ اهو افواهه پکڙيل هو ته اهو واقعو ڀارتي سرحد تان ميزائيل هڻڻ جي ڪري ٿيو هو. بهاولپور جو فوجي اڏو ڀارتي سرحد کان صرف اسي ميل پري هو ۽ تازو  ڀارت سان اڻبڻت پڻ وڏي وئي هئي. پاڪستان تي تهمت هنئي وئي هئي ته ٻين ڳالهين سان گڏ اتان پنجاب ۾ انتهاپسند سکن کي سکيا ڏئي سرحد جي پرينءَ ڀر موڪليو وڃي ٿو ۽ ڀارت جي وزيراعظم راجيو گانڌي پنهنجيءَ 15 آگسٽ جي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان نه، سڌرندو ته هو اسان کي سبق سيکاريندو

مون کي ميزائيل واري ڳالهه تي انڪري يقين ڪونه ٿي آيو ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته اسان جي سرحدي حفاظت ۽ نگرانيءَ جو سرشتو مضبوط هو. پر آءٌ ”ٻاهرئين هٿ“ جي امڪان کي رد ڪري ڪونه سگهيس. سوويٽ يونين کي پڻ ضياءَ کان وير وٺڻو هو ڇو جو ان طرفان پڻ ڌمڪي ملي هئي ته، جيڪڏهن افغان جنگ جي اسان حمايت جاري رکي ته پاڪستان کي ان جي تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سفارتي حلقن ۽ غير ملڪي اخبارن جو وري انومان هو ته ضياءَ جو جهاز خاد ڪيرايو هو جيڪا سوويٽ يونين جي حمايت هيٺ ڪابل حڪومت جي جاسوس کاتي جي هڪ شاخ هئي. ضياءَ جي مرڻ جي ڪري سموري پاڪستاني- آمريڪي رٿا اجائي ٿي ويندي. هڪڙو ڪم ته ٿي ويو هو، پر ان کان پوءِ ڇا ٿيڻ وارو هو؟ جيڪڏهن ”ٻاهرئين هٿ“ وارو نظريو صحيح هو ته پوءِ ان ميزائلي حملي مان ڪنهن وڏي انديشي جو امڪان هو.

ان وقت ملڪ جي تمام نازڪ صورتحال هئي. پارليامينٽ جو نالو نشان ڪونه هو. وزيراعظم ڪونه هو. صدر مري ويو هو. فوج جو مٿيون طبقو مري ويو هو. ملڪ ۾ هڪ خال هو ۽ اندرئين ۽ ٻاهرئين تخريبڪاريءَ جو امڪان تمام گهڻو وڌي ويو هو. ان رات ايم آر ڊي جي اسان جن ساٿين ته اها به تجويز ڏني هئي ته اهو ئي وقت هو جو ضياءَ جي گروهن کي پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ کان اڳواٽ ئي اسان کي ڪو قدم کڻڻ گهربو هو. پر مون ان کي قبول ڪونه ڪيو. اهو رڳو جمهوريت جو سوال ڪونه هو، پر ملڪ جي سلامتيءَ جو سوال پڻ هو. مون پارٽي جي سيڪريٽري جنرل، جنرل ٽڪا خان جي ذريعي اختياريءَ وارن کي هڪ مخفي پيغام موڪليو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ وطن دوست جماعت آهي ۽ ملڪ جي خلاف ڪنهن به سازش جي حالت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ ڪي به اهڙيون حالتون پيدا ڪين ڪندي جيڪي وڌيڪ غير يقيني پيدا ڪرڻ جو سبب ٿين مسلمانن جو ٻارن کي ننڍي وهيءَ کان ئي الله تعالى جو قهر ۽ غضب ۾ يقين ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي، جيڪو اوچتو ۽ اڳ چتاءُ کان پهرين نازل ٿيندو آهي. ڪيترن ئي پاڪستانين جو خيال آهي ته ضياءَ جو موت خدا جي طرفان هڪ انتقام هو. الله تعالى جي اهڙي انتقامي مثال سان منهن مقابل ٿيڻ ڏاڍو ڀوائتو هو.

اسلام جي نالي تي ضياءَ ايترو ته ناجائز فائدو حاصل ڪيو هو جو عوام ائين پي چيو ته جڏهن هن جو انت آيو ته الله تعالى هن جو ڪو هڪ نشان به ڪونه ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ جون آخري اسلامي رسمون، جهڙوڪ ميت کي غسل ڏيڻ ۽ آخري دعا پڙهڻ وقت ان جو منهن مڪي شريف ڏانهن ڪرڻ، ٿي ڪونه سگهيون هيون. شاهه فيصل مسجد ۾ جيڪو تابوت دفن ٿيل آهي اهو ضياءَ جي ميت کان خالي آهي.

ضياءَ جي مرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ پارٽيءَ جي هاءِ ڪمانڊر پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ چيو ته صدر اسحاق خان جي چيل لفظن کي قبول ڪيو وڃي ۽ اميد ڪرڻ گهرجي ته انهن مطابق عمل ڪيو ويندو. اسان پاڻ ۾ اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن قائم مقام صدر آئيني رستو ورتو ته جيئن اسين پاڪستان ۾ يارهن سالن جي اندر پهريون ڀيرو چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ته پوءِ هن جي حمايت ڪئي ويندي.

تنهنڪري جڏهن اسحاق خان نگران حڪومت ۾ ضياءَ جي ويجهن دوستن ۽ تابعدارن کي شامل ڪيو ته اسان کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي. هڪ غير جانبدار ۽ بي ريا ڪابينا جي بدران اهي ضياءَ جي بگڙيل سرشتي جا ساڳيا نمائندا هئا جن جي خيال ۾ منصفاڻين چونڊن جو مطلب هو ته نه وٽن طاقت رهندي ۽ نه وري اهي ٻين کي نوازي سگهندا. اسان ۽ ٻين ڪيترين ئي سياسي جماعتن هنن کي هٽائي ڇڏڻ جي گهر به ڪئي، پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.

نگران حڪومت سڀ کان پهرين اهو ڪم ڪيو جو سڄي ملڪ مان پنهنجيءَ پسند جي ماڻهن کي ضياءَ جي تدفين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مفت ٽڪيٽون ڏنيون ۽ هنن جي رهڻ جو انتظام ڪيو. عجب جهڙي ڳالهه اها ته نه گهڻن ملڪن جا سربراهه آيا هئا ۽ نه وري گهڻا پاڪستاني. ضياءَ جي موت تي حقيقت ۾ ڪنهن به ماتم ڪونه ڪيو هو. ضياءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس چاليهي تي چيو ويو هو ته فقط ٽي هزار ماڻهو آيا هئا.

ماڻهن ۽ خاص ڪري ٻاهرين ملڪن جي اخبارن اهو انومان پي ڪڍيو ته ضياءَ جي موت جي ڪري منهنجا سياسي ارادا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عوامي حمايت گهٽجي ويندي. ڪيترين سالن کان ماڻهن اهو پي سمجهيو ته آءٌ پنهنجي والد جي قتل جو وير وٺڻ لاءِ ضياءَ جي سياسي مخالفت ڪريان ٿي. پر ڳالهه اها ڪين هئي. اوهان ساڙ ۽ ڪيني جو ٻارڻ نٿا ٿي سگهو. اهو اوهان کي ساڙي رک ته ڪري ڇڏيندو، پر اهو اوهان کي اڳتي وڌڻ جو وجهه نه ڏيندو. منهنجو ڪم ۽ منهنجو ارادو ساڳيو ئي هو. صاف سٿرين ۽ بي ريا چونڊن جي ذريعي پاڪستان ۾ جمهوريت کي واپس آڻڻ

ضياءَ جي موت کان ڪي هفتا پوءِ چونڊن جو زور وڌڻ لڳو. آءٌ هر روز ڏهه ڪلاڪ گڏجاڻين ۾ مصروف هوندي هيس، اخبارن وارن سان گڏجاڻيون، پارٽي جي ماڻهن ۽ ايم آر ڊي ۾ شامل پارٽين وارن سان گڏجاڻيون ۽ انهن سان بحث ته نومبر 16 تي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 207 نشستن لاءِ ۽ 19 نومبر تي صوبائي چونڊن ۾ 483 نشستن لاءِ ڪهڙن اميدوارن کي ميدان ۾ آندو وڃي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته چونڊون جماعتي بنيادن تي ٿينديون، ته پوءِ اسين گهٽ مشهور اميدوارن کي کڻنداسين جن جي حيثيت پارٽي جي نشان جي ڪري مضبوط ٿي سگهندي. پر جيڪڏهن  چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ٿينديون ته پوءِ اسان کي وڏي شهرت وارن اميدوارن جي ضرورت ٿيندي.

پارٽي جي عهديدارن جو هڪ برجستو عملو ڪراچي ۾ ڪاهي پيو هو ته جيئن پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي اميدوار ٿي سگهن. شهر جي ڪنهن به هوٽل ۾ ڪوبه ڪمرو خالي ڪونه رهيو هو. قومي ٽڪيٽن لاءِ 700 ۽ صوبائي ٽڪيٽن لاءِ 18,000 ماڻهن درخواستون ڏنيون هيون. ضياءَ جي سياسي سرشتي کي ٽوڙڻ لاءِ، پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجا دروازا مسلم ليگ جي اڳوڻن ميمبرن لاءِ به کولي ڇڏيا. اسان جا به ڪيترائي ميمبر جيڪي 1985ع جي چونڊن جي وقت اسان کان جدا ٿي ويا هئا، واپس اسان وٽ آيا. پارٽي مون کي چيو ته آءٌ لاڙڪاڻي، لاهور ۽ ڪراچي مان ٽن نشستن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺان. منهنجيءَ والده کي، جيڪا مون کي ٻار ٿيڻ جي ڪري منهنجي غير موجودگيءَ ۾ چونڊن جي مهم هلائڻ لاءِ پاڪستان واپس ايندي، ٻن نشستن تي بيهاريو ويو، هڪ لاڙڪاڻي جي ۽ ٻي سرحد صوبي ۾ چترال جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org