سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2020ع

باب:

صفحو:5 

شمن اوٺو مهراڻوي

 

 

انگريزي ادب جي ناولن تي هڪ نظر

انگريزي ادب جي ناولن ۾ عورتن سان پيش ايندڙ واقعن تي نظر ۽ سنڌ جي عورت   دنيا جو ادب پڙهڻ کان پوء خبر پئي ٿي ته عورت تمام گهڻو face ڪندي رهي آهي. مختلف وقتن تي ڪاليجن يونيورسٽين، اين جي اوز سيڪٽرس، سياسي پارٽين ۾ به عورت مختلف وقتن تي هراسمينٽ جو شڪار ٿيندي رهي آهي، جڳ مشهور فيمنسٽ ارونڌتي راءِ جي ناول God of small things ۾ هوءَ پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي لکي ٿي ته هوء به هن قسم جي هراسمينٽ جو شڪار ٿي آهي جنهن کي هن پنهنجو نالو ڪردار "امو" جو ڏنو آهي، جتي کيس زوري زبردستي جنسي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ غلامي جي ڌمڪي ڏيئي کيس چپ ڪرايو وڃي ٿو. ڇوڪري جان آسٽن جي ناول and   prejudice pride  ۾ به ائين آهي جو ڇوڪرين جو پيءُ financial circumstance  کي منهن ڏيڻ خاطر پنهنجون ڌيئرون مختلف ماڻهن کي پئسن تي وڪرو ڪري ٿو (اڪثر  اهڙا واقعا اسان جي ملڪ ۾ به ٿين ٿا)هن ناول ۾ ليکڪا چار بزنس ميريج جو ذڪر ڪيو آهي.

ليکڪا pride غرور جي نالي سان هن ناول کي ڀيٽيو آهي۔ ساڳئي وقتwealth and class system  هن ناول جا اهم موضوع قرار ڏيندي لکي ٿي ته اڄ ڪلهه عورتن جا مائٽ پئسي ۽ دولت جي آڙ ۾ زبردستي بنان ڪنهن مرضي سان شاديون ڪرائن ٿا، جنهن ۾ ڇوڪري خوش ناهي هوندي، ساڳئي وقت  تعليم، حق، مرضي ۽  عورتن جي گهٽ تعليم هن ناول جو اهم ۽ central theme آهن، تعليم کان عورتن کي پري رکيو ويو آهي، عورتن شادي جي انڪار ڪرڻ تي کيس ڌمڪيون به ملن ٿيون، پر زوري زبردستي ڪري کيس مڃڻو پوي ٿو .ان سڄي سسٽم ۾ رڪاوٽون، بنا مرضيءَ جي شادين ۽ غير رواجي رسمن سندس جڳ مشهور ليکڪا ورجينا وولف لکي ٿي ته:

 A woman must have money and a room of her own if she is to write fiction

مطلب هڪ عورت کي پنهنجو الڳ ڪمرو ۽ معاشي حالتون بهتر هجن ته هوءَ لکي به سگهي ۽ حالتن سان مقابلو به ڪري۔ صحيح معنى ۾ اسان جي سماج ۾ عورت جي آزادي تي ضرب لڳل آهي جنهن لاء پليجو صاحب چوندو هو ته عورت آزاد هجڻ گهرجي، هوءَ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد به ڪري ته عورتن جي مسئلي تي به ڳالهائي ۽ سياست ۾ به شامل هجي گهرو مسئلن ۾ به شامل هجي، پر بي ساخته سماج جي ڪڙم ۾ ڪسجندڙ سنڌي عورت قيدياڻي آهي. ائين به ناهي، ته عورت مردن سان جدوجهد ۾ شامل ناهي پر حيدرآباد ۾ به شاندار جدوجهد عورت پئي ڪري اها امر سنڌو هجي يا عرفانه ملاح، گلبدن جاويد هجي حورالنسا پليجو يا عمراه سمون، حسنا راهوجو هجي يا عاليه بخشل يا وري امرتا ڀٽو  هر وقت مردن سان گڏ ميدان ملهائڻ واريون عورتون آهن جن لاءِ لطيف سائين لکيو آهي.

جتي نه پکي پير اتي ٽمڪي باهڙي،  ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙي کير ري۔ سو عورت بهادر به آهي، سچائي سان ڪم ڪندي وفا جو ڀرم رکي ميدان ضرور ملهايو آهي ۽ عورت سان ڏاڍ ٿيڻ تي جدوجهد ضرور ڪئي آهي، سنڌي سماج جو ڀيانڪ اثر اهو رهيو آهي جو ڪاروڪاري، بيوفائي جو لقب ڏيئي عورت کي ڪٺو ٿو وڃي. ساڳئي وقت عورت کي ضروري تعليم کان پري رکي جاهل بڻائي سندس حقن تي داڙا هڻي سندس تذليل ڪري ماريو ۽ هيسايو وڃي ٿو، ۽ فيمنسٽ ليڊرن تي تنقيد جا وار ڪري کين هيسايو وڃي ٿو، پر عورت بهادر آهي جلدي فيصلو مٽائڻ هن کي سون تي سيڻ مٽائڻ وانگر آهي ۽ اٽل آهي. عورت صدين کان جنهن قول تي عمل پذير آهي، هڪ ڏينهن هي عورت حڪمران ضرور ٿيندي ان ۾ تنهنجي، منهنجي ۽ سڀني جي ڀيڻ پڙهيل ۽ باشعور ايندي.

ستي ساه جاڳي وڃي دور دور

  ستارا لتاڙي اسان جو شعور.

 

سميه جروار

خط

 

هن اعتبار کان خالي دنيا ۾ منهنجي اڪيلي رازدان امان گذريل رات کان آئون ڏاڍي دل شڪسته ٿي آھيان ھتي ٻيو ڪوئي به نه آھي، جنھن سان دل کولي درد ونڊجي. ھاڻ هر نئون سج پنهنجي ڪرڻن کان اندر کي باهه وانگر جلائي ٿو. دل تي ڏاڍو ٻوجهه اٿم، ڪمري جو دروازو بند ڪري اڪيلي ويھي آھون ڀريان ٿي. امان ھنن سالن ۾ مون ڪيئي منزلون طئي ڪيون آھن، پر ھاڻ آئون ساڳي ناھيان رھي آئون اندر کان کوکلي ٿي چڪي آھيان. امان آئون چوندي ھئيس نه، ته آئون ھزار بار شڪسته ٿيڻ چاھيان ٿي. نون تجربن مان گذرڻ چاھيان ٿي، پر ھاڻ آئون پاڻ کي پل- صراط تي بيٺل معلوم پئي ڪيان. پوئين گذريل عرصي واري زندگي جي باغ جو ھر ھڪ ميوو ۽ انھن جي ميٺاس ۽ ان جي گلن جي خوشبو انتھائي لطف اندوز رھي. پر ھاڻ جڏھن آئون ھاسٽل جي پارڪ ۾ اڪيلي ويھان ٿي، پکين جون ٻوليون ٻڌان ٿي ۽ سھڻا وڻ ڏسان ٿي، کلان ٿي گھڙي پل لاءِ پر وري روئان ٿي، ڇو جو ”ھو“ اچي مون کي منھنجي خوابن جي دنيا مان بيدار ڪن ٿا. امان بي لوث غلامي اوجاڳن، اوسيئڙن ڪري منھنجا سڀ دوست به مون کان ناراض ٿي ويا آھن ھاڻ سواءِ تنھنجي ٻيو ڪوئي به ڪونه آھي، جنھن جي اڳيان پنھنجي اندر جا راز کولي سگھان

مون کي ياد آھي امان ته توھان ڪيئن سڄي سماج سان وڙھي مون کي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليو ۽ تنھنجي ھر ھڪ نصحيت به ياد آھي ۽ امان مون ان تي بخوبي عمل به ڪيو آھي، پر ھتي جي دنيا توهان جي ڏسيل دنيا کان بلڪل مختلف آھي. امان ھتي منھنجي ٿورڙي به جرئت تي به مون کي بدڪرداري جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا. امان ٻن سالن کان پوزيشن کڻي جيڪو ٿورو گھڻو بابا جو ڀروسو حاصل ڪيو ھو اھو ان ٿوري جرئت تي ائين اسان جي به عزت آهي جي اٿاريل آواز تي بدڪرداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن جا بابا کي ڪيل فون ڪالس کان پوءِ ان وٽ ٽٽي چڪو آھي.

امان مون کي ھاڻ رات جو ننڊ به نٿي اچي اھو سوچي سوچي ته بابا ھاڻ اڳيان پڙھڻ لاءِ اجازت ڏيندو الائي نه، پر امان توکي ڀروسو آھي نه، ته آئون تنھنجي ڏنل نصيحت تي عمل ڪيان ٿي. بابا جي ته ھاڻ ھفتي کان پوءِ اچڻ واري ڪال به بند ٿي چڪي آھي. مون کي ھاڻ بک به نٿي لڳي، ڪلاس ۾ ڏنل ليڪچر به سمجهه ۾ نٿا اچن. توھان ئي سمجھايو ھو ننڍپڻ کان ته جڏھن به صحيح ھجو ته نظرون مٿي ڪري ھلو، پر امان ھتي ته رستا بدلائڻ لاء ٿا چون ھتي چون ٿا جي صحيح به ھجو ته پنھنجو رستو بدلائي ڇڏيو، ڇو جو اوھين ڇوڪريون آھيو. امان توھان ئي سيکاريو ھو نه جي ڳالهه پنھنجي حق جي ھجي ته چپ نه ڪيو. ڇو جو ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رھي به توھان ھميشه پنھنجي حقن لاءِ ڳالھايو آھي. پر امان ھتي ته جڏھن به پنھنجي حقن لاءِ ڳالھيان ٿي ته ھٿ ۾ بدڪرداري جا سرٽيفڪيٽ ڏئي چپ ٿا ڪرائي ڇڏين. امان ھتي ھاڻ آئون بلڪل ھڪ ھيسايل ھرڻي وانگر ٿي وئي آھيان. امان منھنجو آواز ائين ئي دٻجي ويو آھي، جيئن ڪنھن ظالم  جي ايندي ئي عام ماڻهوءَ جو آواز دٻجي ويندو آھي. امان منھنجي ھن خوبصورت دنيا ۾ ھاڻ ايمرجنسي لاڳو ٿي چڪي آھي، جتي ھڪ لفظ ڪڇڻ تي بدڪرداريءَ سرٽيفڪيٽ جي گولي منھن واري ھڻي ھميشه لاءِ چپ ٿو ڪرايو وڃي امان مون کي ته ھاڻ ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي ڪجهه ڏينھن اندر ھتي ڳوٺن وانگر ڇوڪريون ڪاريون ڪري ڪٺيون نه وڃن. امان منھنجو ڳلو خشڪ ٿي چڪو آھي اڃان اندر جا الاھي حال توسان اورڻ ٿي چاھيان. پر ھاڻي ھاڻي ھڪ ڇوڪري دروازي تي دستڪ ڏئي چئي وئي آھي، ته ميٽنگ آھي اچ، امان منھنجيون اکيون توساڻ حال اوريندي اوريندي رت ٿي چڪيون آھن، مٿي کي چڪر به اچن پيا. ميٽنگ ۾ وڃڻ منھنجي وس ۾ ناھي، پر امان جي نه ويس ته ننڍڙي جرئت تي گهر فون ڪري بدڪرداري جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن کي وري موقعو نه ٿي ڏيڻ چاهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ذاتي راءِ کي وري قاعدي ۽ قانون جو نالو ڏئي پيش ڪيو ويندو، پر ھڪ وڌيڪ ڪيل ڪال تي شايد بابا مون کي گھر گھرائي وٺي...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org