سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2020ع

باب:

صفحو:3 

ياسمين چانڊيو

 

 

سرد خانو

جڏهن کان ھن شھر جي رستن تي پيرَ پاتاسين ۽ جيئن جيئن اڳتي ويندا وياسين تيئن تيئن محسوس پئي ٿيو، ته زندگيءَ کي پوئتي پيا ڌڪيون ۽ انهن ۾ سرد ٿيل جذبن کي اڳتي ڪندا ٿا وڃون، انڪري جو ٿڌن جذبن ۾ سواءِ پنھنجو پاڻ کان علاوه ڪنهن جو احساسِ باقي ناهي رھندو.

خبر ناهي ايئن ڇو آهي؟ پر گھڻي ڀاڱي ھن شھر جي ماڻهن ۾ ٻين لاءِ گرم جذبا ناھن نه محبت جا نه احساسن جا نه ئي انسانيت جا، بس جيڪڏھن آھن ته پنھنجو پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ نفرت، يا ڪٿي ته نفرت ڪرڻ لاءِ به ھن شھر جي ماڻهن وٽ ٽائيم ناهي يا انهن ان ئي بي خبري واري عمل کي نفرت جو نالو ڏنو آهي. گھڻو ڪري تعداد اھڙي ئي سرد جسمن وارن جو آهي، ڀلي ھن شھر جي موسم يا درجه حرارت ڪيترو ئي گرم ڇو نه هجي، پر ھتي جذباتي ٿڌا ئي رھندا آھن.

منهنجي چوڻ جو مقصد اهو ھرگز ناهي ته ڪو ٿڌن جذبن ۾ ڪاوڙ ناهي، ايئن ناهي، منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن لاءِ احساس ناهن.

مان جڏهن روزانو ھن شھر جي رستن جو طواف ڪندي آهيان. اھو نه سمجھيو ته بغير ڪنهن وجه جي.

ھي شھر اھڙو آهي جو بغير ڪنهن سبب جي پنهنجي روڊن تي به ڪنهن کي برداشت ناهي ڪندو. انڪري ته روز ھن شھر جي روڊن تي سرد جذبن وارا ٻين کي چيٿاڙي ويندا آهن ڀلي چيٿاڙيل ڦٿڪن، پر ھن شھر سان گڏ ڪنهن کي ڪھڪاءُ ڪونه ايندو.

مان روز ھن شھر جي روڊن رستن ۽ هتي رھندڙن، ۾ مائٽ به شامل آهن انهن، جون ناانصافيون ڏسندي آهيان ۽ اھي ڏسندي ڏسندي ڪيئي سال گذري ويا، پر ھي سرد جذبن جو شھر ۽ رھندڙ ساڳيا ئي ساڳيا  آهن!

ھتي رھندڙن پنھنجن رشتن کي به ڄمائي رکيو آهي ڪنهن سرد خاني ۾ پيل لاش جيان.

بس جڏهن وڌيڪ جذبات ٿڌا ٿيندا اٿن ته ڪنهن نه ڪنهن جو پوسٽ مارٽم ڪري وجھندا آهن. ڪنهن نه ڪنهن جي  دل آزاري ڪري ۽ ڪڏهن ته پنهنجي اندر جي مئل جذبن کي نظرانداز ڪري. پر ايترو ڪجهه ڪري به ھن شھر تي ڪو فرق ناهي پوندو،  نه ئي رھندڙن تي انڪري جو سڀ ڄميل آھن. اڄ به روز جيان ھن شھر جي روڊن تي راڪاسن جا رانڀاٽ آهن. مون کي ان راڪاس جي رانڀاٽن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي، دل چوندي آهي ته جيڪر ھي شھر ئي ڇڏي وڃان.

پر...

ڪٿي؟؟؟ اھي راڪاسن جا رانڀاٽ ته منهنجي سنڌ جي ھر شھر ۾ آھن بس فرق ايترو آهي ته ھن شھر ۾ ڪجهه گھڻائي رانڀاٽ آهن.

مون کي اھي رانڀاٽ ٻڌي ھڪ اڻڄاتو خوف ورائي ويندو آهي ۽ مان اڪثر ڊرائيونگ دوران ڪنڌ ورائي ٽڪ ٻڌي ان راڪاس جي اندر جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان... ايئن ڪرڻ تي ڪيترائي دفعا مان پاڻ ان راڪاس جي ور چڙھندي چڙھندي بچي ويندي آھيان، ڪيترائي دفعا ته منهنجو چالان پڻ ٿيو، پر پوءِ به جڏهن راڪاس جي رڙ ٿي بس منهنجي اندر ھڪ ھلچل پيدا ٿيندي آهي.

مان سوچيندي آهيان ته خبر ناهي وري ڪنهن جي گھر جو ڏيئو وساميو وري ڪنهن جون مرڪون کسيون ۽ وري ڪنهن جون ننڊون ڦٽيون هونديون ۽ ھي راڪاس؟؟؟

مون کي اڄ به اھو ڏينهن ياد آهي، جڏهن ھن سرد خاني جھڙي شھر ۾ صبح جو منھنجي فليٽ ھيٺان رانڀاٽ ڪندو راڪاس گذريو ۽ خبر ناهي ڇو ان ڏينهن منهنجي اندر ۾ ان رڙ ھڪ آنڌ مانڌ ۽ بي چيني، پيدا ڪري ڇڏي.

عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي ھئي. تقريباً صبح جا ڏهه ٿيا، ھئا تنهن بعد ڪيتريون ئي رڙيون ٿيون انھن راڪاسن جون، پر ان ڏينهن جنهن رڙ مون کي لرزايو.

سا  منھنجي اندر ۾ پيوست ٿي وئي. مان ان راڪاس جي رڙ جي باري ۾ سوچڻ لڳس ۽ ان ڏينهن مون منجھند جي ماني به ڪانه کاڌي، منهنجي مونجهه وڃي پئي وڌندندي ۽ اھا رڙ منهنجي دماغ جي پردن   کي ڦاڙي رهي هئي، اڄ به ياد اٿم، جڏهن ٽين وڳي منهنجي موبائيل جي رنگ وڳي خبر ناهي ڇو مون ايترو تڪڙ ۾ موبائيل ھٿ ۾ کنئن ڄڻ مون کي ان رنگ جو انتظار ھجي. نمبر ته بابا جو آهي، پر پوءِ به تڪڙ ۾ بي چين ٿيندي پڇيم بابا خير ته آهي، انڪري جو بابا اڪثر ٻه ٽي مس ڪالون ڏيندو هو پوءِ مان ڪال بيڪ ڪندي ھيس.

منهنجو اھو پڇڻ ته بابا خير ته آهي؟؟ پويان اردو ۾ ڪنهن چوڻ شروع ڪيو، آپ اس کي کيا لگتي هين؟ منهنجي نڙيء ۾ لفظ اٽڪي پيا، ٽٽندڙ ۽ حيراني واري لھجي ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪيم دل زور زور سان ھلي رھي ھئي جيڪا ڪيفيت صبح کان ھئي ويتر وڌي وئي، اڃان مان ڪجهه ڪڇان آواز آيو جنھن جي فون آھي تنھن جو صبح تقريبن ڏھين وڳي ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي مان ايڌي سينٽر کان پيو ڳالهايان ان جو لاش سرد خاني ۾ پيل آهي. مھرباني ڪري کڻي وڃو.“

ايئن ڀانيون ڄڻ ڪيئي ڇپون ڪريون ھجن منهنجي مٿان ۽ مان انهن ۾ دٻجي وئي آھيان، منهنجو ساهه نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو، منهنجي نڙي ايئن سڪي وئي ڄڻ صدين کان ڪنهن صحرا ۾ اڃاري ھجان.

فون منهنجي ھٿ مان ڪري ٻه اڌ ٿي پئي، پوري جسم ۾ ڪنبڻي شروع ٿي وئي،

۽ صبح ويندڙ راڪاس جي رڙ مون کي ايترو ڇو تڙپايو هو سا ڳالهه ھينئر سمجهه ۾ آئي.

منهنجي ٻارن جڏهن منهنجي حالت زار ٿيندي ڏٺي، تڏهن ڊوڙ پائي اچي مون کي جھليائون ۽ مون تي پاڻي ھاري پڇڻ لڳا امي ڪنهن جي ڪال ھئي.

انڪري جو موبائيل منهنجي ھٿ مان ڪرڻ تي ٻه اڌ ٿي ويو هو. ٻارن مشڪل سان موبائيل جوڙي صحيح ڪيو، ڪجهه سامت ۾ اچي چيم پٽ منهنجو  بابا.. ڇا ٿيو امان... ڇا ٿيو نانا کي.

مشڪلن سان چيم ايڪسيڊنٽ.

ٻارڙن ۾ رڙيون پئجي ويون.

سوالن جي مٿان سوال ڪرڻ لڳا امي ڪيئن؟ ڪٿي؟ ڪھڙي ٽائيم؟ ڪنهن ٻڌايو؟

۽ ھاڻي نانا ڪٿي آهي؟

مان جيڪا صبح کان ڪنهن سوال ۾ اٽڪيل ھئس فون ٻڌڻ سان پاڻ سوال بڻجي ويس.

آخر ٻارن منهنجي امڙ ۽ ڀائرن، ڀينرن کي اطلاع ڏنو. ايتري ۾ منهنجو گهر وارو جيڪو ڪجهه دير پهرين گھر آيو هو. مون کان ايڊريس پڇي وڃڻ لڳو.

مون ضد ڪيو ته مان به ھلندس، سو جڏهن ڪار ۾ ويهي ھن شھر جي روڊن تي نڪتاسين ته وري ھر منٽ کان پوءِ راڪاس جا رانڀاٽ شروع ٿي ويا.

مون پنهنجي ڪنن کي ٻنهي ھٿن جون تريون رکي بند ڪيو، پر آڱرين جي وٿين مان به رانڀاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا، مون کي ايئن پئي لڳو ڄڻ روڊ تي ڪار جا ٽائر ڄمي ويا ھجن، رستو ڄڻ بيھي رهيو ھجي، منهنجي اکين مان لڙڪن جا سيلاب وھي رھيا ھئا.

بس ڪنهن معجزي جي آسري تي ھيس، پنهنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيندي رھيس ته بابا بلڪل ٺيڪ ھوندو، انھن کي غلط فهمي ٿي ھوندي، ڪال ڪرڻ وارو ڀليو ھوندو، پر ان منهنجي ئي نالي تي ڪال ڪئي؟

مون کي اھو ڏينهن ياد آيو جڏهن مون بابا کي فون ڏني ھئي ۽ بابا چيو هو امڙ پنهنجو نالو ادي لکجانءِ باقي نالن ۾ نمبر لکي ڇڏ.

۽ جڏهن ڪال آئي هئي ته انهن چيو هو. توهان مان ادي ڪير آهي؟ جنهن جو نمبر ادي جي نالي سان سيو آهي؟

او منهنجا رب! مون ٿڌي آھ ڀري ڪار جي دريءَ مان آسمان طرف نھاريو. پورو آسمان ڪارو لڳو پيو هو. مان دعا ڪرڻ لڳس ته ڪڏهن ھن شھر تان ھي بيحسيءَ جا ڪارا ڪڪر ھٽندا، ڪڏهن خوشين جو سج نمودار ٿيندو ۽ ڪڏهن ھن شھر جي ڄميل جسمن ۽ جذبن کي پگھاري پيار انسانيت ۽ احساسن جي روشني ڀريندو؟

ايتري ۾ ڪار بيٺي ۽ منهنجي گهر واري لھڻ جو اشارو ڪيو. مان وائڙن جيان ان جي پويان ھلڻ لڳس ۽ ڪجهه ئي دير ۾ ھڪ حقيقي سرد خانو منهنجي اڳيان ھو. جتي ڪيترائي جسم ڄميل پيا ھئا سڀني جي مٿان اڇي چادر ۽ نمبر لکيل ھئا.

اھي سڀ ھن بي حس شھر جي روڊن تي ھلندڙن انسانن جا جسم ھئا جيڪي خبر ناهي ڪيتري دير روڊن تي ڦٿڪي ڦٿڪي ھتي پھتا ھئا، ٿي سگهي ٿو ڪي زندھ به ھجن، پر ھي راڪاس جيڪو رانڀاٽ ڪندي ھنن کي کڻندو آهي سو جيئرن کي به موت جي ور چاڙهيون وڃي.

ايتري ۾ منهنجي گهرواري سرد خاني جي بينچ تي پيل ھڪ جسم تان چادر ھٽائي. اف! او ھي ڇا ٿيو... منهنجو بابا... مان سڏڪن ۾ بابا کي چنبڙي ويس، پر مون کي پري ڪيو ويو. بابا جي جسم مان رت لارون ڪري نڪري رھيو ھو. جسم جي چار ھنڌن تان پوسٽ مارٽم ٿيل ھئس. مان اتي سمجهي ويس ته ھي شھر واقعي به ھڪ سرد خانو آهي ۽ ھتي ھر ڪنھن جي جسم کان وٺي جذبن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو آهي!

*

نثري نظم

 ڳجھارت

 

جڏهن مان محبتن جو سلو ڳولڻ لاءِ

احساسن جا ڪاروان کڻي

اڪيلي پيس نڪري!

دنيا جي گوناگون رسم و رواجن ۾،

پر هر جاءِ تي مون کي مليون

بس ڳجهارتون،

جن کي سلجهائڻ ۾ لڳي ويس،

احساسن جا ڪاروان کڻي

ها! مان اڪيلي نڪري پيس...

هوائن جي تيز واءُ ۾

پن پن ٿي ڇڻي پيس،

خزائن ۾ وکريل زرد پتن جيان وکري ويس!

واچوڙن ۾ وڪوڙيل ڪک، پن ۽ مٽيءَ جيان

سڀ اميدون لاپتا ٿينديون

ڏور وينديون رهيون!

نديءَ ۾ لڙهندڙ ڪنول جيان

ڪنارا ڪنارا ڀٽڪندي رهيس،

مگر نه مليو محبتن جو  سِلو...

۽ مان سراپا ڳجهارت بڻجي ويس!

شايد!

ڪوئي ته ايندو

ڳجهارت کي هميشه لاءِ سلجهائيندو،

دنيا جي هن رسم رواجن مان

ملي وڃي ان کي ئي

محبتن جو سلو!

اها ئي اميد ڪري اڪيلي موٽي آيس!

احساسن جا ڪاروان کڻي.

 

 

سنيه گل حسن

ڏاهيون ڏک ڏسن...!

 

رضيه: مريم ڀاءُ جا ڪپڙا ڪڍ. هو اڄ پيءُ سان فيصلي ۾ ويندو

مريم: امان ڪنهن جو فيصلو آهي. 

رضيه: قمبر جي زال نڪري وئي آهي ۽ تون اهي سوال پڇڻ ڪٿان سکي آهين توکي ڏسيان ته تون به نڪري وڃين.

رضيه مريم کي ٿڦ هنيو. هوءَ روئيندي ماءُ جو ڏسيل ڪم ڪرڻ لاءِ وئي.

جمال: ڇو رڳو ڇوڪري کي مارون پئي ٿي ڏين.

رضيه: بس بس ڄاڻان ٿي ته مان سندس ويڳي ماءُ آهيان. پر مان ڀلائي ۾ ٿڦ هنئي مانس، جوان ڇوڪري اهڙا سوال ڇو ٿي ڪري. تون پيءُ آهين تون ئي سمجهائيس. 

جمال: سڀ سمجهان ٿو. هڪ ڏينهن مريم کي به پرڻائي ڇڏيندم جنهن ۾ تون خوش. في الحال دلشير جي شادي جو ٿو سوچيان.

رضيه: سوچين ڇا ٿو هن گهر جا سک منهنجي ڀاڻيجي آسيه وٺندي.

جمال: پوءِ ته معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي. وڌيڪ جيئن تون چوندينءَ تيئن ڪندس.

رضيه: مون اڳ ۾ ئي دلشير لاءِ آسيه جو رشتو گهري ڇڏيو هو مان بس تنهنجي انتظار ۾ هيم.

جمال: تون سڀاڻي ئي پنهنجي ڀيڻ کان دلشير جي شادي جي تاريخ جي گهر ڪر. پوءِ مون کي ٻڌاءِ.

رضيه: مان سڀاڻي ئي اديءَ سان ملان ٿي باقي شادي ۾ مان مريم کي نٿي ڏسڻ چاهيان. 

جمال: دل جاءِ ڪر. مان ان کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ موڪلي ڇڏيندس سندس نانيءَ ڏانهن.

 ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مريم جي ڀاءُ جي شادي ٿي وئي. مريم کي نانيءَ جي گهر موڪلڻ بجاءِ گهر ۾ ئي بند رکيو ويو هو. مريم جي ڀاڄائي مريم کي هر وقت ڪم ڪندي ڏسي پڇيو: مَريم تون آرام ڪهڙي مهل ڪندي آهين؟

مريم: ڀاڄائي گهر جو سمورو ڪم ڪرڻ کان پوءِ... 

آسيه: مون کي ناهي خبر ته ماسي توتي ايڏو ظلم ڇوڪندي آهي. 

مريم: امان مون تي ظلم ناهي ڪندي. بس ڌيان ڪندي آهي.

مريم جا لفظ ٻڌي آسيه جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ هن مريم کي چيو، توکي سڀني کان پهريان هڪ خوشخبري ڏيان.

مريم: ٻڌايو ڀاڄائي.

آسيه: تنهنجي وندر لاءِ توکي هڪ ڀائٽيو ٿي ڏيان ته جيئن مان توکي کلندي ڏسان. 

مريم پنهنجي ڀاڄائيءَ جا هٿ چمي چيو، اها ته ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

در کڙڪيو. گهر ۾ مريم کانسواءِ ڪير ڪونه هو.

مريم در کولي سامهون بيٺل ڇوڪري ڏي ڏٺو ۽ پڇيو توهان ڪير آهيو.

ڇوڪرو: مان سهيل آهيان.  پنهنجي ڀيڻ آسيه سان ملڻ آيو آهيان.

مريم: ڀاڄائي ته ڊاڪٽر ڏي ويل آهي ۽ امان به.

سهيل: آسيه ته ٺيڪ آهي نه.

مريم: ها بلڪل ٺيڪ آهي.

سهيل: مان ڪجهه ٽائيم ويهڻ ٿو چاهيان جيستائين ادي اچي. توهان منهنجي لاءِ چانهه ٺاهيو پليز.

سهيل چانهه پيتي ۽ مريم کان پڇيو توهان کي ڪيتري پگهار ملندي آهي. 

مريم حيرت منجهان پڇيو، ڇا جي؟

سهيل: ظاهري ڳالهه آهي جيڪا توهان کي هر مهيني ملندي آهي.

مريم: ڇا مطلب؟

سهيل: تون هتي ڪيترن مهينن کان ڪم ڪري آهين؟

مريم کلي ۽ سهيل کي چيائين، تون ڀاڄائي جو ڀاءُ آهين سچ ۾؟ 

سهيل: ها! ڪو شڪ.

مريم: مان وڏيري جمال جي ڌيءُ ۽ دلشير جي ڀيڻ آهيان ۽ تنهنجي ماسي منهنجي ماءُ آهي ۽ توهان جي ڀيڻ منهنجي ڀاڄائي آهي.

سهيل: اوهو! مان ته اوهان کي  نوڪرياڻي سمجهيو. سوري مون کي خبر ڪانه هئي. مان وڪيل آهيان.

مريم سهيل کي چيو، ٺيڪ آهي توهان هتي ويهي ڀاڄائي جو انتظار ڪيو. 

سهيل: توهان ڪاڏي ٿا وڃو. مون کي مطلب ته مهمان کي اڪيلو ڇڏي.

مريم: ڇا مطلب آهي.

سهيل: جڏهن توهان در کوليو هو ته مون سمجهيو ڪا آسمان تان پري لهي آئي آهي.

مريم: پهريان توهان چيو ته مان نوڪرياڻي آهيان ۽ هاڻي چئو ٿا ته مان آسمان تان آيل پري آهيان. وڪيل آهين ته پنهنجي لاءِ . هتي وڪيلائپ نه هلندئي. ائين چئي مريم هلي وئي.

سهيل انتظار ڪندي ڀڙڪي پيو. ٿڌا ساهه ڀري چوڻ لڳو، الله سائين هاڻي ڪجهه ڏين ته صرف مريم ڏجانءِ.

رضيه ۽ آسيه سهيل سان مليون ۽ ڪجهه ٽائيم انهن سان ملاقات ڪري سهيل واپس ويو هليو. 

مريم کي اڳ ايڏو پيار جي نظر سان ڪنهن نه ڏٺو هو. هوءَ سوچي ٿي ته هر وقت سهيل ڇو ياد ٿو اچي. 

هڪ ڏينهن آسيه هن جي ويجهو اچي ويٺي ۽ مريم کي چوڻ لڳي، شڪر آ ڪجهه ڏينهن کان توکي مسڪرائيندي پئي ڏسان. ۽ ائين هر وقت ڇو اڪيلائي ۾  پنهنجو پاڻ سان ويهي ٿي ڳالهائين؟

ڪهڙو سبب آهي؟

مريم: نه ڀاڄائي ڪابه ڳالهه ناهي. 

سهيل به هوڏانهن بي چين ۽ پريشان ٿو رهي. ڪنهن به ڪم ۾ دل نٿي لڳيس. سوچي ٿو ڪڏهن وڃان مريم کي ڏسڻ. ڪاش! هوءَ به مون کي ياد ڪندي هجي.

 مريم سوچي ٿي يا ته تعريفون پيو ڪري اڃان تائين ملڻ ته آيو ناهي. وري سوچي ٿي. صحيح چوندي آهي امان ڪنهن جي لاءِ  سوچبو ناهي.

سهيل پنهنجي ماسيءَ کي فون ٿو ڪري، ماسي ڇا حال آهي ۽ آسيه جي طبيعت ڪيئن آهي.

رضيه: سڀ ٺيڪ آهي. بس سڀاڻي چيڪَ اپ لاءِ وٺي ويندي مانس. 

سهيل دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش آهي. ڄڻ سڀاڻي هن لاءِ عيد آهي.

ٻئي ڏينهن هو مريم جي گهر آيو. آهسته آهسته سهيل ۽ مريم جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي. هو اڪثر مريم سان ملڻ لاءِ ايندو هو. مريم به هن جو انتظار ڪندي هئي.

 مريم پنهنجي ڀاڄائي آسيه کي ٻڌائڻ چاهي ٿي. پر جڏهن به ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر بي رحم ماءُ جو پاڇو گڏ اٿس.

سهيل آسيه کي دل جو حال ٻڌائي ٿو ڇڏي. ”ادي مان مريم سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. پر ماسي سخت مزاج آهي ان اڳيان ڳالهه  نٿو ڪري سگهان.“

آسيه: سهيل اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي باقي شادي لاءِ مان ماسي سان ڳالهائي ڏسندس.

سهيل: ڏسندس ڇا؟ ادي بس پڪي ها ڪراءِ ماسي کان.

آسيه: سهيل جڏهن کان مان هن گهر ۾ شادي ڪري آئي آهيان مريم تي هميشه ظلم ٿيندي ڏٺو آهي. خبر ناهي ماسي ان تي ايترا ظلم ڇو ڪندي آهي متان ڪا ڳالهه هجي.

سهيل ۽ آسيه مريم کي ان ماحول مان ڪڍڻ جون ترڪيبون ٿا سوچين. 

آسيه دلشير سان حوال ڪرڻ ٿي چاهي، پر همت نٿي ڪري سگهي. 

دلشير: آسيه تون ٺيڪ آهين؟

آسيه: ها! بلڪل ٺيڪ آهيان.

دلشير: ڪجهه ڏينهن کان توکي پريشان ٿو ڏسان؟ 

آسيه: مريم جي شادي لاءِ ٿي سوچان

دلشير: ان لاءِ تون نه سوچ. امان جو آهي. بابا فيصلي لاءِ ٻاهر ويل آهي. جيئن ئي آيو ته مان مريم جي شادي لاءِ چئي ڇڏيندس.

رضيه سوچي ٿي جيڪڏهن مان مريم جي شادي سهيل سان ڪئي ته هو وڪيل هئڻ سان گڏ امير به ٿي ويندو. دلشير ته دربدر ٿي ويندو ۽ هيءَ به چالاڪ پنهنجي ماءُ وانگر سڄي ملڪيت کسي ويندي. ۽ اسان ماءُ پٽ کي شايد ان جو محتاج ٿيڻو پوي ان کان بهتر آهي ته سڄي ملڪيت مان پنهنجي پٽ کي ڏياريان. ۽ مريم جي شادي ڳوٺ ڪري ڇڏيان. ها ائين ئي ڪندم.

 

رضيه ڳوٺ ويل آهي.آسيه، مريم ۽ سهيل ٽئي گهر ۾ تمام خوش آهن. بس منصوبا جوڙڻ ۾ مصروف آهن. ۽ اچانڪ رضيه ڳوٺ کان موٽي آئي.

رضيه: واه آسيه واهه. گهر مان ڇا نڪتس توکي ته موقعو ئي ملي ويو نڻان کي بيعزتو ڪرائڻ جو.

آسيه: نه ماسي اهڙي ڪابه  ڳالهه ناهي.

رضيه: پوءِ هي سهيل هتي ڇا ڪري رهيو آهي منهنجي نه هوندي.

آسيه: ماسي توهان غلط ڇو ٿا سمجهو. سهيل ته صرف مون سان ملڻ آيو آهي.

رضيه ڪاوڙ مان، توسان ملڻ يا مريم سان.  هل مريم پنهنجو ڪم سنڀال.

مريم روئندي ”ڀاڄائي!“

رضيه: هل هل هاڻي واهه جو پويان پيءُ جي عزت جو خيال ڪيو اٿئي. 

سهيل: ماسي اوهان غلط ڇو پيا سمجهو. اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي جيئن توهان پيا سمجهو.

رضيه: توکي ته مان ڏسڻ به نٿي  چاهيان. هليو وڃ هتان.

سهيل: مان ته وڃان ٿو ماسي، پر هي الزام توهان پنهنجي هٿن جا نه ٺاهيو.

سهيل هليو ويو.

آسيه: ماسي توهان صبر ڪري منهنجي ڳالهه ته ٻڌو. اوهان کي غلط فهمي ٿي آهي. جيڪڏهن توهان ان ڳالهه تي ايڏو وزن ٿا ڏيو ته پوءِ مريم جي سهيل سان شادي ڪرائي ڇڏيو. پر توهان پنهنجي ڌيءُ تي الزام ته نه هڻو. ڀلي مريم توهان جي ڌيءَ نه آهي، پر هڪ عورت ٿي عورت جو احساس ته ڪريو.

رضيه: غلطي ٿي مون کان جو توجهڙي ننهن ورتم بي وقوف ۽ چري.

جمال  واپس آيو. رضيه کان پڇي ٿو، ٻيو ڏينهن ٿيو آهي مريم ڪانه ٿي نظر اچي. ڀلا نانيءَ ڏانهن موڪليو اٿئيس ڇا؟

رضيه: نه سائين.

جمال: باقي ڪاڏي وئي آهي.

ڪاوڙ مان مريم جو پڇي ٿو.

رضيه: ڀڄي وئي. مري وئي.

جمال: ڇا ٿي بڪواس ڪرين. منهنجي عزت منهنجي ڌيءُ ڪڏهن به نه لوڙهيندي. مون کي مريم تي اعتبار آهي.

رضيه: توکي هاڻي ڪير سمجهائي سدائين فيصلن ۾ مصروف. گهر جي ڪابه سڌ سماءُ اٿئي!

جمال: توکي جو سڌ سماءَ جو ذمو ڏنو آهي ته تون ڇا پئي ڪرين.

رضيه: ذمو پئي نڀايان. مريم کي مون پرڻائي ڇڏيو. مون واري ڀاڻيجي سهيل سان دل لڳي ڪيون ويٺي هئي. ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. هوءَ ته ڀڄي وڃئي ها، پر جيئن مون کي ڀڻڪ پئي مان تنهنجي عزت بچائي ۽ مريم جو نڪاح وڃي ضمير سان ڪرائي ڏاج سميت پهچائي آئي آهيانس. هاڻي تون ڌيءُ جو فڪر نه ڪر. هوءَ سُکي آهي. خوش آهي. اڃان ڇاڪيان. تنهنجي عزت جو به خيال ڪيم مريم کي مڙس به ڏنم ۽ هاڻي جيڪو تون مون کي ڏسين.

جمال: مان ڇا ڏيان. بس صحيح ڪيئي. تون به ماءُ آهينس. ضرور سوچي سمجهي مريم کي پرڻايو هوندئي. 

جمال ٿڌو ساهه ڀري رضيه کي چيو، مريم جي شادي ڪرائي چڱو ڪيو اٿئي، منهنجي ڌيءُ منهنجي عزت جو به نه سوچيو. رضيه تو منهنجي عزت بچائي ورتي. مان بيحد شرمسار ٿيو آهيان. اڄ کان پوءِ مان مريم جو منهن به نه ڏسندس.

رضيه دل ئي دل ۾ بيحد خوش ٿي. اڄ دل جون تمنائون پوريون ٿيون. 

هوڏانهن آسيه ماسي جون سڀ ڳالهيون ٻڌي ۽ چالاڪيون ڏسي ماسي کان جان ڇڏائڻ لاءِ سوچي ڇڏيو ته ڪيئن به ڪري مان دلشير کي هن ڏائڻ ماسي کان پري رکي پوءِ ٻار پيدا ڪندس.

هوڏانهن مريم جو ڏينهن رات روئڻ ۾ ٿو گذري. روئي رب کي دانهن ڏئي ٿي.

 ضمير: هيڏانهن اچ. ويهه توسان احوال ڪيان.

مريم: ٻڌايو احوال؟

ضمير: نويد ته مون کي بيحد پريشان ڪيو آهي. سوچان ٿو ان کي جيل مان ڪڍرايان. آخر ننڍو ڀاءُ آهي ڪيترو جيل ۾ هوندو، پر جوا کانسواءِ هُن کي سڪون ڪونه ملندو. تون هُن لاءِ ڪو رشتو ڏس جيئن تنهنجي ماءُ ڪيو مون سان. مان ته دعا ٿو ڪيانس جو تو جهڙي زال مون ڪاري ڪانوءَ کي ملي نه ته منهنجي قسمت اهڙي ڪاٿي هئي. ته مان وري ڪو سٺو وڪيل هٿ ڪيان.

مريم: ٺيڪ آهي مان پاڙي واري شميم کي چوندس.

 ڪجهه عرصو گذريو.

مريم ۽ ضمير پٽ ڄمڻ تي خوش آهن. مريم پنهنجي پٽ جو نالو سهيل رکيو. 

مريم پٽ جي ڄمڻ تي خوش آهي. هن کان اڳ هوءَ کلندي به ڪانه هئي.

ضمير: مس مس هاڻ وڃي سٺو وڪيل هٿ ڪيو اٿم هاڻي ته ان سان دوستي ٿي وئي آهي. ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي پٽ جو نالو سهيل آهي ۽ نويد جو ڪيس به سهيل وڪيل جي هٿ ۾ آهي.

پنهنجو پٽ ڀاڳ وارو آهي. وڪيل مون کي نويد کي قيد مان ڇڏرائڻ جي اميد ڏياري آهي ۽ مان به ان جي دعوت ڪري آيو آهيان سڀاڻي.

مريم سهيل جو ٻڌي سوچڻ لڳي، ڇا سچ ۾ سهيل گهر ايندو. ٻئي ڏينهن ضمير سهيل کي گهر وٺي آيو.

سهيل مريم کي سامهون ڏسي ٿو اچانڪ ضمير کي پنهنجي پٽ اچي ٻڌايو.

ضمير جو پٽ منصور: بابا بابا.

ضمير: ڇو پٽ خير ته آهي ڇو ايڏو پريشان آهين.

منصور: بابا امان وڏي کي بابا وڏو ماري ٿو.

ضمير: يار سهيل تون آرام سان ويهه. مان اچان ٿو.

سهيل: مريم ڪير وڏي امان.

مريم: ضمير جي ڀاڄائي آهي جنهن کي منصور وڏي امان سڏي پيو.

سهيل: منصور تنهنجو پٽ آهي ڇا؟

مريم: نه اهو ضمير جو پٽ آهي. ضمير جي پهرين زال مان آهي.

سهيل: واهه جو انصاف ٿيو آهي مان ته سوچو به نه هو ته هتي توکي هيئن ڏسندس. 

سهيل وري سوال ڪيو، ڪيئن ٿي گذارين؟ تون ٺيڪ ته آهين؟ ضمير توکي خوش ته رکي ٿو؟ 

مريم: ها خوش آهيان.

سهيل: ڪيئن ٿي دل کي سهارو ڏين؟

مريم: بس دل کي تسليون ڏئي پاڻ کي پئي ٿي جيئاريان. 

سهيل: ڪيترو نه برداشت ڪيو اٿئي. 

مريم: ڀاڄائي ڪيئن آهي ۽ ان کي  اولاد ٿيو آهي؟

سهيل: خبر ناهي ان گهر ڏي مان توکان پوءِ ڪڏهن به ناهيان ويو.

مريم: تون اڄ ڪلهه ڇا ڪندو آهين.

سهيل: بس تلاش ڪندو آهيان. پنهنجو پاڻ کي. ڇڏ منهنجا احوالن کي بس تون ايترو ٻڌاءِ ته ڇا تون خوش آهين. 

مريم: خوش آهيان پنهنجي پٽ سان مڙس سان. ضمير منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. بس مان ئي آهيان غير ذميوار جنهن جو خيال هميشه نه ملندڙ خوشيءَ ڏانهن رهيو.

 سهيل چيو: مريم جيڪر هاڻي منهنجي ٿين ته. تنهنجي هٿن ۾ فيصلو آهي. جيڪر تون ها ڪرين.

مريم: تنهنجو مطلب مان سمجهان ٿي. تون مون کي پاڻ سان ڀڄي وڃڻ لاءِ ٿو چوين.

سهيل: تون سمجهدار آهين. منهنجي لاءِ به ڪجهه سوچ.

مريم: هاڻي مان ڇا سوچيان.

سهيل: سڄي عمر سورن جو ٺيڪو ته نه کنيون اٿئي نه. مريم هي ماڻهو ته توکي جيئري ئي ماري ويٺا آهن. تنهنجي پيءُ توتان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.

مريم: اڪسائين ٿو ته توسان ڀڄي هلان. گناهن جي دلدل پنهنجي نانءِ ڪيان. مڙس ۽ ٻچن کي ڇڏي ڏيان. 

سهيل: مان ائين نٿو چوان. مان ته هر خوشي توکي ڏيڻ ٿو چاهيان. مان تنهنجي اولاد کي به پنهنجو سمجهي پاليندس. رڳو تون راضي ٿي. 

مريم: واهه وڪيل سائين. صلاح واهه جي ٿا ڏيو. مان ضمير جي ڏنل محبت کي ڇڏي نٿي سگهان ان جو اعتبار ئي مون لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن توسان هلان ته پوءِ ضمير جي اولاد کي ڪير ڏسندو.

سهيل: هي ايڏا درد ڪيئن برداشت ڪرين ٿي. هي ته ريگستان آهي. ڪيئن گذاريندينءَ.

مريم: جيئن هتان جا ماڻهو ٿا گذارين.

سهيل: اڄ سمجهه ۾ آيو وڏيرا نانءَ جا هوندا آهن. دنيا جي نياڻين جا فيصلا ڪرڻ واري جي نياڻي جا هي حال. 

مريم: حال جيئن تيئن گذري ويندا هڪ ڏينهن. هونءَ به هن دنيا مان وڃڻو آهي.

سهيل: فيصلا ڪرڻ سان گڏ سياڻي به ٿي وئي آهين.

مريم: غريب جي زال آهيان سياڻو ٿيڻو پوندو. توکي ڏسي تمنائون اڄ جاڳي پيون آهن، پر ذميواريون اجازت نٿيون ڏين. بس جتي به هجين مان تو لاءِ دعاگو رهندس. 

سهيل: تون هتي خوش آهين باقي ڇا گهرجي. مان ٻن ڏينهن ۾ ئي توکي تنهنجو ڏير ڇڏائي ٿو ڏيان. بس تون خوش هجين ٻيو ڇا کپي.

مريم: تون شادي ڇو نٿو ڪرين؟ 

سهيل: تو شادي ڪئي آهي اهائي ڪافي آهي. مان مريم کي سورن کان آزاد نه ڪرائي سگهيس. ان جو هميشه افسوس رهندو. بس مان هاڻي هلان ٿو. ضمير کي دل جاءِ ڏجانءِ. 

مريم: ايڏو جلد ڇو پيا وڃو؟ 

سهيل: ڪيستائين هتي هوندس.

مريم اداس ٿي وئي سهيل جي واپس وڃڻ تي. هن ٻن لمحن ۾ هزارين خوشيون گڏ ڪري ورتيون ۽ ٻئي لمحن ۾ هر خوشي کان محروم ٿي وئي.

 ٻه ڏينهن گذريا ته نويد گهر آيو. ضمير بي حد خوش ٿيو پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي. مريم ضمير کان پڇيو ته وڪيل صاحب ڪيتري في ورتي؟

ضمير: هو ته ڪو فرشتو هو مون کي نويد هٿن ۾ ڏئي چيائين ”بس خوش رهه.“ پوءِ ان لاءِ پڇا ڪيم ان جي دوستن کان ته انهن چيو، هو ولايت لاءِ نڪري ويو.

مريم ٻڌي چپ ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضمير جي گهر ۾ نه هجڻ ڪري نويد پنهنجي ڀاڄائي مريم کي تنگ ڪيو. هوءَ ضمير کي حال ٻڌائڻ چاهي پئي، پر ٻڌائي ڪانه سگهي. 

هڪ رات ضمير ٻني تي پاڻي ورائڻ لاءِ نڪري ويو. پويان بدنظرنويد مريم کي بيحد تنگ ڪيو ۽ مريم جو ننڊ پيل پٽ سهيل جاڳي پيو. هُو ڏاڍو روئڻ لڳو نويد مريم جا هٿ ۽ پير ٻڌي ڇڏيا. پوءِ ننڍڙي سهيل کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو. ۽ مريم جي زندگي وري سور بڻجي وئي. 

ضمير آيو ته ڏٺائين هي ڇا؟

نويد دل ۾ چيو، ڌاريءَ جي پٽ کي ملڪيت ڪيئن ڏيان ها.

ضمير کي سڄي معاملي جي خبر پئجي وئي ۽ جلد ئي خبر پوليس کي ڏني. ضمير ڏاڍو پڇتايو ڀاءُ کي جيل مان ڇڏرائي. مريم ته اڳ ئي اڌ ماڻهو هئي سو پٽ جي مرڻ کان پوءِ لاش مثل بڻجي وئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org