سيڪشن:رسالا

ڪتاب: آڪٽوبر 2019ع

باب:

صفحو:4 

سبنه قمر شهباز:

 جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ انڊس ريسورس سينٽر ۽ آڪسفيم پاڪستان پاران ٻارن سان ڏاڍاين جي روڪٿام بابت فن پارن جي ڪراچي ۾   نمائش

International Girl Child Day-11 October, 2019

Gallery Walk at Beach Luxury Karachi

 

نياڻين جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ انڊس ريسورس سينٽر(آءِ.آر.سي ۽ آڪسفيم پاڪستان) پاران ٻارن سان زيادتين جي روڪٿام بابت ملڪ گير مهم جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ قومي سطح تي ملڪ جي نامور قانوندانن، عورت اڳواڻن، متحرڪ سماجي شخصيتن، فنون لطيفه سان لاڳاپيل آرٽسٽن، سماجي تنظيمن ۽ وڏي تعداد ۾ شامل شاگردن توڙي شاگردياڻين پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته، پاڪستان کي ٻارن جي لاءِ هڪ محفوظ پناهه گاهه بڻائڻ لاءِ اسان جون ڪاوشون جاري ۽ ساري رهنديون.

پاڪستان اندر ٻارن سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف  همگير آواز اٿاريندي پوري ملڪ ۾ گرل چائلڊ ڊي جي سلسلي ۾ آڪسفيم، انڊس ريسورس سينٽر (آءِ.آر.سي) ۽ بيداري پاران ڀرپور مهم جو آغاز ڪيو ويو هو، جنهن پٽاندڙ لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن اندر ٻارن جي حقن کي اجاگر ڪندڙ وال گرافٽي، ايف. ايم ريڊيو، ميسيجز، سوشل ميڊيا ڪيمپيئن سان گڏوگڏ 11 آڪٽوبر 2019ع تي ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ آرٽ جي نمائش واري مُک تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارين يونيورسٽين جي نوجوان آرٽسٽن ڀرپور حصو ورتو.

تقريب جي آغاز ۾ سامعين کي خطاب ڪندي ٻارن جي حقن تي ڪم ڪندڙ اداري ساحل فائونڊيشن اسلام آباد جي ڊائريڪٽر منيزه بانو ڳالهائيندي چيو ته: ”درسي ڪتابن اندر پنهنجي ذات جي تحفظـ وارا سبق شامل ڪيا وڃن ته جيئن نوجوان پنهنجي پاڻ بابت پڻ آگاهي حاصل ڪري سگهن. انهي سان گڏوگڏ صوبائي سطح  تي ضرورت آهي ته ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين ۽ جنسي تشدد خلاف ايڪشن پلان تي اثرائتو عمل ڏيکاريو وڃي“.

پروگرام کي خطاب ڪندي آڪسفيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر محمد قزلباش چيو: ”اها وقت جي اڻٽر تقاضا آهي ته پاڪستان اندر  ٻارڙن جي حقن کي في الفور قبول ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو ٻارڙن سان ڏاڍاين وارو معاملو اسان جي سماج جو انتهائي ڇرڪائيندڙ پهلو آهي. تنهنڪري انهيءَ مسئلي کي سڀ کان پهريان انفرادي طور تي پوءِ برادريءَ ۽ سماجي سطح تي حل ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ پاڪستان اندر ٻارن جي تحفظ جا قانون موجود آهن، پر انهن قانونن جي بروقت ۽ اثرائتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي“.

انڊس ريسورس سينٽر(آءِ.آر.سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر صادقا صلاح الدين چيو ته: ”پاڪستان جيتوڻيڪ ٻارڙن سان ٿيندڙ ڏاڍاين واري ’ڪن‘ منجهان گذري رهيو آهي. پر اڄ واري مهم ثابت ڪيو آهي ته اسين سڀئي متحرڪ سماجي ڪردار واري حيثيت ۾ ٻارن سان ٿيندڙ هر طرح جي ڏاڍائي، ظلم، تشدد، جبر، توڻي ننڍي عمر جي شادين خلاف هم آواز آهيون“. 

اها شاندار تقريب ۽ آخر ۾ آرٽ گئلري جي نمائش (جنهن ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل فن پارن جنهن ۾ ٻارن خلاف تشدد ۽ زيادتين کي نمايان ڪيو ويو هو.) پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽر فار ايڪسيلينسي آرٽ ۽ ڊيزائن، ورڪرز انسٽيٽيوٽ ۽ ڪراچي اسڪول آف آرٽ جي ذهين شاگردن توڙي شاگردياڻين نه صرف آرٽ گئلري واڪ ۾ حصو ورتو، پر وڏي تعداد ۾ تقريب ۾ شامل ٿي ٻارڙن سان ٿيندڙ هر قسم جي تشدد ۽ ڏاڍائي خلاف پنهنجو ڀرپور موقف پڻ پيش ڪيو.

آڪسفيم پاڪستان جي نياڻين جي عالمي ڏهاڙي تي ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هلندڙ قومي مهم جي سلسلي ۾ انڊس ريسورس سينٽر(آءِ.آر.سي) ۽ بيداري پنجاب  جي سهڪار سان ٻارڙن سان ڏاڍاين خلاف ڀرپور آواز اٿاريندي شاندار گئلري واڪ منعقد ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندي عوام کي اهو موقعو فراهم ڪيو آهي ته اهي سماج جي ناڪاري اثرن کان پنهنجي نئين نسل کي تحفظ ڏيارڻ ۾ حڪومت ۽ قانون سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن يادگار تقريب دوران مختلف مڪتب فڪر جي نامور شخصيتن پڻ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين، تشدد ۽ ننڍي عمر جي شادين خلاف پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. خاص ڪري انڊس ريسورس سينٽر (آءِ.آر.سي) جي کاڻوٽ اسڪول جي ٻارڙن ننڍي عمر جي شادين ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ ڏاڍاين متعلق شاندار ٿيٽر ”منهنجو ٻالڪپڻ بچايو“ پيش ڪيو. جنهن دوران ٻارڙن جا گيت، وقتائتا مڪالما ۽ ڇرڪائيندڙ انداز بيان سامعين ۾ گهري خاموشي پيدا ڪري ڇڏي. خاص ڪري ڪيترائي سامعين پنهنجن جذبن کي روڪي نه سگهيا ۽ سندن اکين ۾ لڙڪ تري آيا.

هن شاندار تقريب ۾ سنڌ جي عورتن واري ڀلائي کاتي جي سيڪريٽري شهربانو، سماجي اڳواڻن جبران ناصر، امر سنڌو، فريحه الطاف، سليم لاشاري، ياسمين چانڊيو ايس ايڇ او وومين ٿاڻو لاڙڪاڻو، روزينه جوڻيجو، ثناءُ الله عتيق، انيتا شاهه لڪياري، آرٽ ۽ ڪلچر يونيورسٽي ڄام شورو جو وائيس چانسلر ۽ نامور مصور فتاح دائود پوٽو، سنڌ يونيورسٽي جي شعبي آرٽ ۽ ڊزائن جو  ڊائريڪٽر سعيد منگي، ملڪ جو نامور آرٽسٽ سڪندر جوڳي، سگا وومين ڪراچي جي اڳواڻن شبنم موتي، سبينا قمر شهباز، وومين ايڪشن فورم ڪراچي جي اڳواڻ انيتا پنجواڻي، آڪسفيم جي زارا جبين، وسيم دراني، فريحه ۽ تبسم، بيداري پنجاب جي عنبرين عجائب، عرفان اعواڻ ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي اينڪر پرسن توثيق حيدر، ميڊيا جي نمائندن کي پنهنجا ويچار ونڊيندي آگاهي ڏني ته هن مهم دوران هزارين ماڻهن کي آرٽ ذريعي ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين، نياڻين جي تعليم ۽ برابري، ٻارن جي صحت ۽ سندن تحفظ وارن قانونن، خاص ڪري ننڍي عمر جي شادين واري قانون سنڌ ريسٽرنٽ ائڪٽ 2013ع کي مختلف طريقن سان اجاگر ڪيو ويو هو ته جيئن پاڪستان اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ڪنهن به سانحي کي بروقت ٻنجو ڏئي سگهجي. جيئن ته اهو شاندار پروگرام آڪسفيم پاڪستان جي شراڪت سان انڊس ريسورس سينٽر (آءِ.آر.سي) جي ”شادي ٻارن جي راند نه آهي“ پروجيڪٽ تحت منعقد ڪيو ويو هو. تنهنڪري، تقريب ۾ انڊس ريسورس سينٽر (آءِ.آر.سي) لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن جي نوجوان يوٿ ليڊرز ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پڻ ڀرپور شرڪت ڪندي، فن پارن توڙي سامعين جي تقريرن کي ساراهيندي پنهنجي سماجي ڪردار جو عزم پڻ ڪيو.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي نوجوان شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران ٺاهيل فن پارن جي رونمائي تقريب ٿي گذري، جنهن جي ”ربن سيريمني“ دوران صادقه صلاح الدين، محمد قزلباش ۽ سنڌ جي عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري ناهيد صاحبه رونمائي ڪئي. پروگرام کي ساراهيندي ڪراچي جي سول سوسائٽي تقريب کي ٻارڙن سان ٿيندڙ ڏاڍاين بابت هڪ اهم پيش رفت قرار ڏيندي، ان جي اهميت ۽ افاديت کي بيحد ساراهيو.

تقريب جي آخر ۾ آرٽ جي نمائش ۾ شامل فن پارن جي پذيرائي بابت سڀني شاگردن توڙي شاگردياڻين کي روڪ انعام ۽ قابل تحسين سرٽيفڪيٽس پڻ پيش ڪيا ويا. 

برائن ٽريسي/مصطفى حسين

وقت جي بندوبست جو فلسفو

(ٽائيم مينيجمينٽ فلاسافي)

 

”دولت سُٺي شيءِ آهي ۽ اُهي شيون به سٺيون آهن جيڪي دولت سان خريد ڪري سگهجن ٿيون. پر هي ان کان به بهتر آهي ته اُهي شيون به نه وڃائجن جيڪي دولت سان خريدي نٿيون سگهجن.“

(جاري هورس لوريمر)

توهان کي هڪ ڪامل انسان بڻجن لاءِ وقت جي بندوبست جي فلسفي جي گهرج آهي. توهان کي عالمي منظر تي نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. پوءِ توهان کي خبر پئجي ويندي ته ”وقت“ ڪاميابي، خوشي ۽ اعليٰ قدر رکندڙ زندگي لاءِ ڪيترو نه املهه ، قيمتي ۽ اڻٽر آهي .

توهان لاءِ ضروري آهي ته توهان وقت کي گهڙي يا ڪئلنڊر سان ماپڻ جي بدران انهي جو خيال ڪريو جيڪو وقت گهڙي ۽ ڪئلنڊر کان ڪا الڳ شيءَ آهي. توهان ٽائيم مينيجمينٽ جي فلسفي کي ڪيئن فروغ ڏيندا؟ سڀ کان پهريان توهان مستقبل تي ايتري گهري نظر وجهندا جيترو توهان جو خيال مستقبل ۾ وڃي سگهي ٿو. حقيقي طور تي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي افق جي هُن پار به جهاتي پائي سگهن ٿا.

سماجيات جي ماهر ڊاڪٽر بين فيلڊ جيڪو هارورڊ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آهي تنهن 1965ع ۾  هڪ ڪتاب لکيو هو، ”غير فردوسي شهر“ ان ڪتاب ۾ هن اُنهن سماجن ۾ ٿيندڙ معاشي تبديلين بابت پنهنجي ويهن سالن جي تحقيق کي پيش ڪيو هو.

ڪاميابين جا بهترين اڳڪٿيون ڪندڙ

بين فيلڊ پنهنجي تحقيق سان ڳولي لڌو ته معاشي ڪاميابين ۽ مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪرڻ وارو طبقو ڪهڙو آهي. هن اهو به ڳولي لڌو ته دولت جي حوالي سان رويا ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهي رويا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين دولت منتقل ڪن ٿا. هن چيو ته دولتمنديءَ لاءِ تعليم، ذهانت، خانداني پسمنظر، نسل، ڌنڌو ۽ ذاتي ڪوششون  اهم ڪردار ڪن ٿيون. پر ڪڏهن ڪڏهن اهي شيون مستقبل جي ترقيءَ لاءِ ڪا اهميت نٿيون رکن.

ڪي ماڻهو خانداني پسمنظر جي ڪري پاڻ کي تمام مٿانهين مقام تي سمجهندا آهن. پر انهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ اسان کي ڪاميابي نظر نه ايندي آهي، ته اهڙن ماڻهن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان زندگيءَ ۾  ڪم ڪيو ئي نه آهي. پر اهي ماڻهو پوءِ به پاڻ کي ان ۾  شامل ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو رڳو وڏن جي ڪمائيءَ تي گذارو ڪندا آهن ۽ پاڻ ڪمائڻ کان معذور هوندا آهن، ۽ اهڙا ماڻهو هڪ ڏينهن بلڪل ختم ٿي ويندا آهن.

بين فيلڊ پڇاڙيءَ ۾ نتيجو ڪڍي ٿو ته مستقبل ۾ رڳو اهي ماڻهو ئي عزت وارا هوندا جيڪي پنهنجي ڪم جي ڪري معاشي طور تي خوشحال هوندا. هُو اهڙن ماڻهن کي ”پيش گو“ جو نالو ڏئي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته اوهان جيڪو وقت سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو ٿا اُهو ئي توهان جو ذاتي وقت آهي ٻيو ڪُجهه ناهي.

مستقبل لاءِ سوچيو

بين فيلڊ جو چوڻ آهي ته اُهي ئي ڪامياب ماڻهو ٿيندا آهن جيڪي ايندڙ وقت جي باري ۾ اڳ ۾ ئي سوچي وٺندا آهن ته کين ڪرڻو ڇا آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي ايندڙ ڏهن يا ويهن سالن لاءِ منصوبابندي ڪندا آهن.

اهڙا ماڻهو موجوده زماني ۾ اهڙا ڪم ڪندا آهن جيڪي ايندڙ ڏهن ويهن سالن ۾ به ڪارائتا هوندا. مطلب ته اُهي اڳواٽ ئي مستقبل کي ڏسي وٺندا آهن، ائين اُهي ٻين کان وڌيڪ ڪامياب زندگي گذاريندا آهن.

برطانيه جي مٿئين طبقي ۾  رواج آهي ته جڏهن اُنهن وٽ ٻار پيدا ٿيندو آهي ته اُهي اُن وقت ئي اُن ٻار جي ايڊوانس رجسٽريشن آڪسفورڊ يا ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڪرائي ڇڏيندا آهن. جڏهن اُهو ٻار ارڙهن يا ويهن سالن جو ٿي ويندو آهي ته اڳواٽ رجسٽريشن هجڻ ڪري پاڻ ئي يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ويندو آهي. اصل ۾ اهو مستقبل بابت اڳواٽ سوچڻ جو هڪ مثال آهي.

پنهنجي زندگي ءَ لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪريو

پاڻ کان پڇو ته مان پنهنجن منصوبن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن ٽارگيٽن لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت وٺندس؟ توهان جي جواب ۾ ئي  توهان جو پورو مستقبل هوندو. ائين ڪرڻ سان توهان کي اهو  به معلوم ٿي ويندو ته توهان کي ٽارگيٽ پورا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا وسيلا استعمال ڪرڻا آهن ۽ اُنهن تي ڪيترو وقت خرچ ٿيندو.

اهو هڪ آفاقي اُصول آهي ته توهان جيڪي فيصلا ٿوري مُدت جي اندر ڪريو ٿا انهن  سان مستقبل ۾ بهتري اچي ٿي. توهان جو تُرت ڪيل فيصلو آئيندي جي پرو گرامن تي هاڪاري اثر وجهي ٿو.

ڪيترائي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته مان هڪ دولتمند ماڻهوءَ سان ڪم ڪندو هئس، اُهو پراپرٽي جي ڪاروبار مان ساليانو 500 ملين ڊالر ڪمائيندو هو. سندس چوڻ هو ته مان جيڪا جائداد خريد ڪريان ٿو سا ايندڙ ويهن سالن کي نظر ۾ رکي وٺان ٿو، ڇاڪاڻ ته ويهن سالن ۾ جائداد جي قيمت ڪيئي ڀيرا وڌي ويندي آهي.

وڏي عزت وارو ڌنڌو

هڪ سروي جي مطابق سماج جي انتهائي معزز ماڻهن مان ڊاڪٽر ۽ وڪيل به معزز سمجهيا وڃن ٿا. نيٺ اهي سماج جا انتهائي معزز ماڻهو ڇو آهن؟ اصل ۾ هي ماڻهو پيشيوارڻي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن کان ڏهه سال لڳائن ٿا. ڪي ته ٻارهن سالن تائين اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، ان کان پوءِ پنهنجي پريڪٽس شروع ڪن ٿا.

هڪ ڊاڪٽر يا وڪيل بڻجڻ لاءِ ساليانو لکين روپيا خرچ ٿين ٿا. تنهنڪري کين سماج ۾ اعليٰ مقام حاصل ٿئي ٿو ۽ اهي گهڻو ڪمائين ٿا. انهن کي پنهنجي پيشي جي لحاظ کان مڪمل تحفظ حاصل هوندو آهي، سندن ٻچا ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر زندگي گذارين ٿا. ڊاڪٽر ۽ وڪيل پنهنجي ڏينهن جا ڏهن کان ٻارهن ڪلاڪ پنهنجي ڪم تي خرچ ڪن ٿا.

اهو به ڊگهي مُدي واري منصُوبي جو سٺو مثال آهي. ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ۽ وڪيل پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڊگهي مُدي واري منصوبا بندي ڪندا آهن.

ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪندڙ سماجي طبقو

آمريڪا ۾ هر ڏينهن ڪيترائي ماڻهو  ٻاهران اچن ٿا، اُنهن مان گهڻن وٽ نه پيسا هوندا آهن ۽ نه ئي ڪو هنر هوندو اٿن. اهڙن ماڻهن جي ذهن ۾ رڳو منصوبو هوندو آهي ته کين ڪرڻو ڇا آهي ۽ اهو منصوبو ئي ڪاميابي ۾ سندن مدد ڪندو آهي. گهٽ آمدني وارا ماڻهو خاص بچت ڪندا آهن، ته جيئن مستقبل ۾ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏياري سگهن. ائين سندن آمريڪا اچڻ جو خواب پورو ٿي ويندو.

پر سماج جو مٿيون طبقو مستقبل لاءِ اڳو اٽ ئي رٿابندي ڪندو آهي، اهڙا ماڻهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪندا آهن. اُهي پنهنجي ٻارن جي تعليم تي تمام گهڻو خرچ ڪن ٿا ته جيئن اُنهن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري مستقبل ۾ بهترين پروفيشنل بڻجن. ائين اُهي بهتر مستقبل جي تعميرشروع ڪري ڏين ٿا.

مستقبل لاءِ ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪرڻ لاءِ اعليٰ ترين دانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ خاص ڪري حوصلي، ذاتي نظم ۽ ضبط ۽ صبر جي ضرورت هوندي آهي.

جيڪڏهن توهان سماج ۾ اعليٰ مُقام حاصل ڪرڻ گهرو ٿا ته توهان کي ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪرڻ گهرجي.

توهان جي نظر چوٽيءَ تي هجڻ گهرجي

جيئن ڪو جبل چڙهندڙ مهم جو جڏهن جبل تي چڙهندو آهي ته سندس نظر جبل جي چوٽيءَ تي هوندي آهي، جتي کيس پهچڻو هوندو آهي. توهان به بلڪل ائين ئي سوچيو ته توهان کي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ تي پهچڻو آهي، ان کان پوءِ وک وک اڳتي وڌندا وڃو. پنهنجا پير سنڀالي کڻو ته جيئن ڪرڻ جو خطرو نه رهي.

ها اُهو به ياد رکو ته توهان جو رخ درست هجڻ گهرجي. پنهنجي تجربي جي روشني ۾ سوچي سمجهي فيصلا ڪريو. اُهي فيصلا توهان جي مستقبل تي به اثرانداز ٿيندا. پنهنجي منصوبي جي حوالي  سان ڪتاب پڙهو ۽ سيمينارن ۾ وڃو. ياد رکو ته توهان پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهيو. صحيح فيصلا توهان کي مٿي وٺي ويندا ۽ غلط فيصلا توهان کي ناڪاميءَ ڏانهن وٺي ويندا.

توهان جي چونڊ، توهان جي مستقبل جو تعين ڪندي

جيڪڏهن هڪڙي گهر ۾ ٻن قسمن جا خيال رکندڙ ڪٽنب هوندا ته اُنهن جي سوچڻ جو انداز به مختلف هوندو. پر ٻئي  خاندان معاشي لحاظ کان برابر ٿي سگهن ٿا، پر جيڪو ڪٽنب مستقبل جي حوالي سان سوچيندو ،اُهو مستقبل ۾ ٻئي خاندان کان اڳتي نڪري ويندو، جيڪو ڪٽنب مستقبل لاءِ بچت ڪندو يا مستقبل جي منصوبابندي ڪري رقم ڪنهن خاص ڪاروبار ۾ سيڙائيندو، ان خاندان جو مستقبل ڏاڍو شاندار هوندو . جيڪي ماڻهو پنهنجي مستقبل جي باري ۾ محتاط رويو اختيار نٿا ڪن ۽ بغير سوچڻ سمجهڻ جي خرچ ڪن ٿا اهڙا ماڻهو هڪ ڏينهن مفلس بڻجي وڃن ٿا.

جيڪڏهن توهان اڄ کان ئي پنهنجي مستقبل لاءِ محتاط ٿي وڃو ته توهان جو مستقبل توهان کي معاشي بحران ۾ مبتلا نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته ڪراڙپ ۾ توهان کي ڪيترن ئي قسمن جي سهولتن جي ضرورت هوندي آهي، تنهنڪري مستقبل کي محفوظ رکڻ لاءِ توهان کي پاڻ چونڊ ڪرڻي آهي.

پنهنجي ذاتي ڪردار کي بهتر بڻايو

جڏهن توهان هاڪاري انداز ۾ ڊگهي عرصي تائين غور ۽ فڪر ڪندا ته ان سان توهان جو ذاتي ڪردار به بهتر ٿيندو ويندو. ڪردار جي تعمير ذات جي نظم ۽ ضبط وسيلي ٿيندي آهي. جڏهن توهان غور ۽ فڪر ڪريو ٿا ته پوءِ توهان جي عادت بڻجي وڃي ٿي ته توهان بروقت فيصلو ڪريو، ان سان توهان جي صحت ۽ شهرت ۾ بهتري پيدا ٿئي ٿي ۽ توهان جي دولت ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. توهان جا لاڳايا مضبوط ٿين ٿا.جيترو توهان جي ذات ۾  نظم ۽ ضبط هوندو، اوترو توهان جو ڪردار بهتر هوندو.

توهان کي ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪرڻ  لاءِ لڳاتار غور ۽ فڪر ڪرڻو پوندو آهي ۽ فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. معاشي ۽ نفسياتي ماهر ان  ڳالهه تي متفق آهن ته ناڪامي جي ڪارڻن مان هڪ بنا سبب جي دير ڪرڻ به هوندو آهي. جيڪڏهن غور ۽ فڪر سان اسان ننڍين ننڍين شين جو خيال رکون ٿا ته مستقبل ۾ ان جا ڪارائتا نتيجا نڪرندا آهن. وقت ۽ دولت جو پاڻ ۾ گهرو ڳانڍاپو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت ئي دولت کي تخليق ڪندو آهي. جيڪڏهن توهان وقت کي صحيح ۽ درست نموني سان استعمال نه ڪيو ته توهان لاءِ ڪُراڙپ ۾ برا اثر ظاهر ٿي سگهن ٿا.

اڄ کان ئي فيصلو ڪريو ته توهان کي مستقبل لاءِ ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪرڻي آهي. ٿوري مدي وارن منصوبن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي وارا منصوبا به ٺاهيو ۽ اُنهن تي عمل ڪريو.

جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ اڳواٽ ئي قيمت ادا ڪري ڇڏي، يعني سخت محنت ۽ وقت جو صحيح استعمال ڪيو، ته پوءِ مستقبل ۾ توهان کي ڪاميابي ضرور ملندي. توهان جيڪو ڪجهه پوکيندا، اُهو ئي لڻندا آهيو. ڪيترائي فصل ڊگهي مُدي لاءِ پوکيا ويندا آهن ۽ هڪ وقت کان پوءِ کين لڻبو آهي.

جيڪڏهن توهان پنهنجي آمدنيءَ جو ڏهه سيڪڙو بچائيندا ته 21 سالن جي عمر کان وٺي 56 سالن جي عمر تائين اها ڏهه سيڪڙو بچت لکن ۾ ٿي ويندي .

وقت توهان جو سڀ کان قيمتي وسيلو آهي

اها هڪ قيمتي ملڪيت آهي. توهان وقت کي پنهنجي ذهانت سان استعمال ڪريو ته توهان کي غير معمولي فائدا حاصل ٿيندا. توهان وقت کي دولت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪريو، وقت جو ڪوبه نعم البدل نه آهي. جڏهن ته دولت جو نعم البدل گهڻو ڪُجهه آهي. هن کان اڳ به  ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان ساليانو 50 هزار ڊالر ڪمايو ٿا ته اُن جو مطلب آهي ته توهان 25 ڊالر في ڪلاڪ ڪمايو ٿا.تنهنڪري اهڙو ڪو ڪم نه ڪريو جيڪو توهان کي25 ڊالر في ڪلاڪ کان به گهٽ ڏئي. جيڪڏهن توهان وٽ واڌو وقت آهي ۽ توهان کي پنهنجي گهر وغيره جي صفائي ڪرڻي آهي ته اُن لاءِ توهان ٻين کي في ڪلاڪ جي حساب سان مزدوري ڏيو! جيڪڏهن توهان واڌو واندي وقت ۾ اهو ڪم پاڻ ڪندا ته توهان کي اُن ڪم جي جيڪا مزدوري ڏيڻي پوندي اُها بچي پوندي.

 منهنجي پروگرام ۾ ڪيترائي ايگزيڪيوٽو ايندا آهن، اُهي سڀ پنهنجي فالتو وقت جو استعمال ڪندا آهن ۽ گهر جي ٻين ماڻهن کي به ائين ڪرڻ لاءِ چوندا آهن. اُن ڪم سان توهان کي جيڪا بچت ٿيندي ان مان سير سپاٽو ڪري سگهو ٿا، خريداري به ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي موڪلن مان مزو پڻ ماڻي سگهو ٿا.

پنهنجي وقت کي احتياط سان استعمال ڪريو

چڱيءَ طرح غور ۽ فڪر ڪريو ته توهان کي پنهنجو وقت ڪيئن ڪتب آڻڻو آهي. توهان جيترو وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪندا توهان کي وقت جي استعمال بابت شاندار طريقا ملندا ويندا. توهان کي سوچ ويچار ڪرڻو آهي ته توهان جو هڪڙو پل به ضايع نه ٿئي. ائين توهان ٽائيم مينيجمينٽ جا ماهر ٿي ويندا. ڪجهه ماڻهو پنهنجي وقت جي باري ۾ سوچيندا ئي نه آهن ڇاڪاڻ ته کين معلوم ئي نه هوندو آهي ته اُهي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا آهن.

پنهنجي گهڙي ءَ تي هر پندرهن منٽن کان پوءِ الارم لڳايو. الارم کان پوءِ توهان اُهو سوچيو ته توهان پندرهن منٽ ڪيئن استعمال ڪيا؟ توهان هر پندرهن منٽن کان پوءِ سوال ڪريو ته ڇا توهان اُهي پندرهن منٽ درست استعمال ڪياآهن؟ توهان وقت تي جيترو وڌيڪ ڌيان ڏيندا، اهو اوتروئي توهان وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو ويندو. وقت جي اهميت جو احساس توهان کي اعليٰ ترين ڪاميابيءَ ڏانهن وٺي ويندو.

پنهنجي وقت کي پيسي وانگر استعمال ڪريو

 وقت ڪڏهن به بيهي نٿو رهي ۽ نه ئي موٽي ٿو اچي، جيڪو وقت گذري ويو سو گُذري ويو. هر وقت اهو خيال رکو ته توهان لاءِ وقت کي ڪيئن استعمال ڪريو ٿا. ڇو ته توهان جو وقت دولت وانگر آهي. پنهنجي وقت کي 25 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان ڪيش ڪرايو.

جيڪڏهن توهان کان ڪو وقت جو عطيو گهري ته پاڻ کان پڇو ته ڇا اُهو ماڻهو اهڙو آهي جنهن کي وقت ڏئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن توهان جو جواب ها ۾ هجي ته اُن کي  وقت جو هڪ خاص عطيو ڏيو.

جيڪڏهن اُهو شخص توهان لاءِ اهم نه آهي يا اهڙو ڪم توهان لاءِ اهم نه آهي ته پنهنجو وقت کيس نه ڏيو. رڳو ايترو چوڻو آهي ته سائين معاف ڪجو! مون وٽ وقت نه آهي.

غلط ملازمت وقت جو وڏو زيان آهي

اهڙي ملازمت جيڪا توهان جي صلاحيتن مطابق نه هجي سا ڪرڻ وقت جو زيان آهي. ان کانسواءِ ڪم جي وقت فون ڪرڻ، ڪچهري ڪرڻ ۽ غير ضروري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ وقت کي ضايع ڪري ٿو.

ڪي ملازمتون ڪجهه ماڻهن جي صلاحيتن مطابق نه هونديون آهن. اهڙيون ملازمتون انسان جي ٻين صلاحيتن کي ڪٽ چاڙهي ڇڏين ٿيون، ان کانسواءِ گهٽ اُجوري تي پنهنجن صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ سان به، (جڏهن ته اهڙن ڪمن کي عام ماڻهو به ڪري سگهي ٿو.)توهان جو قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ توهان کي اضافي معاوضو به نٿو ملي. توهان کان هڪڙو سوال آهي ته جيڪڏهن توهان کي هڪ ملين ڊالر روڪ ملي پون ته ڇا توهان هاڻوڪي نوڪري جاري رکندا؟

يا ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن توهان دولت مند بڻجي وڃو ته ڇا توهان پنهنجي هاڻو ڪي ملازمت تبديل ڪري ڇڏيندا؟

جيڪڏهن توهان جو جواب هي آهي ته توهان هاڻو ڪي ملازمت ڇڏي ڏيندا يا تبديل ڪندا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجين صلاحيتن مطابق ملازمت نه ڪري رهيا آهيو، پر وقت گذارڻ لاءِ ڪري رهيا آهيو.

اُهو ڪم ڪريو جنهن ڪم سان توهان کي محبت آهي

توهان کان هڪ ٻيو سوال آهي ته جيڪو ڪم هينئر ڪري رهيا آهيو ڇا توهان کي اُن ڪم سان محبت آهي؟ ڇاڪاڻ ته تمام گهٽ ماڻهو پنهنجي ڪم کي محبت ۽ لڳاءُ سان ڪندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڏاڍا خوش رهندا آهن ۽ کين سندن ڪم جو معاوضو تمام گهڻو ملندو آهي.

هاڻي توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته توهان پنهنجي ملازمت تي جيڪو وقت کپايو ٿا اُن سان توهان جو رويو درست رهي ٿو ته اُها ملازمت توهان کي پسند آهي.

جڏهن توهان کي هاڻوڪي ملازمت پسند آهي ته پوءِ توهان کي ٻي ڪا ملازمت ڪرڻ جي گهرج ناهي. اُن جو مطلب هي آهي ته توهان پنهنجي ڪمپنيءَ جي ٽاپ جي  ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ گهرو ٿا.

ڇا توهان پنهنجي نوڪري ايندڙ ويهن سالن تائين برقرار رکڻ گهرو ٿا؟ ڇا تو هان کي پنهنجي ملازمت جي ڏکيائين ۽ ناڪامين بابت خبر آهي؟ توهان سڄو هفتو پنهنجي نوڪريءَ تي وڃي ڪم ڪرڻ پسند ڪريو ٿا يا وري جمعي جي ڏينهن شام جو بيزار ٿي ڪم ڇڏي هليا اچو ٿا؟

جيڪڏهن توهان ڪامياب ماڻهن مان آهيو ته توهان جا انهن سوالن جا جواب ”ها“ ۾ هوندا ۽ ناڪام ماڻهن مان آهيو ته جواب ”نهڪر“۾ هوندا.

لامحدود

اڄڪلهه دنيا ۾ هڪ لک کان وڌيڪ قسمن جون نوڪريون آهن. روزانو نئين  نوڪرين جي گنجائش پيدا ٿيندي رهي ٿي. انهن نوڪرين جو ڪو انت شمار ئي ڪونهي، انهن ملازمتن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم نه آهي. انهن ملازمتن سان دولت ڪمائڻ به مشڪل ڪم نه آهي .

 هنرمند ۽ محنتي ماڻهن لاءِ نوڪرين جي ڪابه کوٽ نه آهي. پر پهرين اهم ڳالهه ملازمت جي چونڊ ڪرڻ آهي. اهڙي ملازمت جي چونڊ ڪرڻي آهي جنهن مان توهان مزو  به ماڻي سگهو. اهڙيءَ نوڪري ۾ توهان پنهنجون صلاحيتون به مڃرائي سگهو ٿا.

پنهنجا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار رهو

وقت جي زيان ۽ زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ هي به آهي ته اسان پنهنجي نقصانن لاءِ ذهني طور تي تيار نه هوندا آهيون. جڏهن ته سڀ هر وقت لڳاتار نفعي جي تلاش ۾ رهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن اسان کي خبر نه هوندي آهي ته اسان کي نقصان ٿي وڃڻ جي صورت ۾  ڇا ڪرڻ گهرجي.

جڏهن توهان پنهنجي انا خاطر ڪنهن ڪاروبار ۾ پئسا سيڙايو ٿا ته اُن سان وقت به ضايع ٿئي ٿو ۽ مالي نقصان پڻ ٿئي ٿو. اهڙين حالتن ۾ توهان جذباتي هوندا آهيو. جذباتي ٿيڻ سان ڪاميابي پري هلي ويندي آهي، توهان جذباتي ٿي ڪري وڏي غلطي ڪريو ٿا ۽ غلط فيصلا ڪريو ٿا.

توهان کي حقيقتن سان منهن ڏيڻ گهرجي. جذباتي ٿيڻ سان توهان جسماني طور تي به بيمار ٿي سگهو ٿا. پنهنجي انا تي قابو پائڻ سکو. توهان قبول ڪريو ته توهان ڪامل انسان آهيو. توهان جيڪي نون ڪمن جا تجربا ڪندا آهيو، اُهي سدائين ڪامياب نه ٿيندا آهن. ائين ٿيڻ تي توهان تسليم ڪريو ته توهان جو اُهو فيصلو صحيح نه هيو: مان غلط هئس.

توهان هڪ هڪ ڀيرو جيڪڏهن غلطيءِ کي مڃي ورتو ته پوءِ توهان کي وڌيڪ وضاحتن ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. ان کان پوءِ توهان پنهنجا رويا هاڪاري رکي نون طريقن سان نوان ڪم ڪري سگهو ٿا. ائين توهان پنهنجون صلاحيتون ڀرپور نموني سان ڪم آڻي سگهندا. ائين توهان مستقبل ۾ به ڪامياب ماڻهو ٿيندا.

پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏهن سالن جواضافو ڪريو

اڃا به ماڻهو ويهين صديءَ جي قانون سان چنبڙيا پيا آهن ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ رٽائرڊ ٿي وڃن ٿا. 1935ع ۾ رٽائرمنٽ جو قانون ٺاهيو ويو ۽ اُنهيءَ مطابق پينشن ۽ اولڊ ايج بينيفٽ متعارف ڪيو ويو. اُن وقت سمجهيو ويندو هو ته سراسري عمر 62 سال آهي، اُن وقت ڪم ڪرڻ جو طريقو مختلف هو، جسماني پورهيو وڌيڪ ڪرڻو پوندو هو.

پر هاڻي مشين جو دور آهي ۽ جسماني پورهيو به نه هئڻ جي برابر آهي. هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رٽائرمنٽ کان پوءِ 27 سالن تائين ڪم ڪري سگهجي ٿو.

 اڄ دنيا تبديل ٿي وئي آهي، مزدور به هنرمند آهن، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪم پنهنجي ذهن سان ڪن ٿا. هاڻي اسان مڪمل طور تي صنعتي دنيا ۾ آهيون، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته هاڻي پنهنجي رٽائرمنٽ جي عمر ۾ وڌيڪ ڏهن سالن جي واڌ ڪريون. هاڻ وڌيڪ ڪم ذهن جي مدد سان ڪرڻ وارو دور آهي ۽ تخليقي ڪم تجربي کان وڌيڪ عمدو ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري ان جو اُجورو به وڌيڪ ملندو آهي.

پنهنجو پاڻ سان مخلص بڻجو

پنهنجو ذهن خيالن کان خالي ڪري پاڻ کان پڇو ته جيڪڏهن مان پنهنجي هن زال سان شادي نه ڪريان ها ته پوءِ ڪهڙو  ڪم ڪري رهيو هجان ها؟

جيڪڏهن توهان پنهنجي شادي مان خوش نه آهيو ته پوءِ پنهنجي رشتي تي نظر ڊوڙايو ۽ مڪمل طور تي مخلص بڻجي ان سان نڀايو، توهان پاڻ ۾ هڪ وڏي تبديلي محسوس ڪندا. توهان سوچو ته اڃا توهان کي ڪيتري زندگي گذارڻي آهي ڇا اها زندگي ائين ئي رنج ۾ گذرندي؟ جڏهن توهان غور ۽ فڪر کان پوءِ پنهنجا خيال تبديل ڪري ورتا ته توهان باقي زندگي به ڏاڍا خوش رهندا.

رشتا جيڪي نه بد لجندا آهن

انساني رشتن ۾ هڪ بنيادي شيءِ هيءَ آهي ته رشتا ڪڏهن به بدلجندا نه آهن. سڀ رويا ننڍپڻ ۾  ٺهندا آهن، جهڙو ماحول هوندو تهڙو رويو هوندو. بالغ ٿيڻ تي اُنهن روين جو اظهار شخصيت منجهان ٿيندو آهي.

رشتا ته مٽجي نٿا سگهن تنهنڪري پاڻ کي بدلايو، هر رشتي جي مزاج مطابق پنهنجو پاڻ کي بدلايو، تڏهن توهان محسوس ڪندا ته سڀ ماڻهو توهان کان خوش آهن ۽ توهان پاڻ به ڏاڍا خوش رهندا.

توهان جي زندگي ۽ وقت ڏاڍو شاندار آهي

وقت لاءِ خودغرض بڻجي وڃو. ياد رکو ! توهان جو وقت ئي توهان جي زندگي  آهي . زندگي ٻيهر نٿي اچي. جيڪو وقت توهان کي ٽارگيٽ ڏانهن وڌڻ  ۾ مدد نٿو ڏئي، اُهو وقت ضايع ٿي وڃي ٿو. جڏهن  ڪو ماڻهو توهان کان غير ضروري ڪم لاءِ وقت گهري ته انڪار ڪري ڇڏيو. اُهو ماڻهو وقتي طور تي توهان کان مايوس ٿيندو ۽ توهان کي خودغرض سمجهندو، پر جيڪڏهن اُهو پاڻ وقت جو قدر ڪرڻ وارو آهي ته هو اُهو محسوس نه ڪندو.

 توهان پنهنجي وقت جو فلسفو پاڻ تخليق ڪريو، پنهنجي وقت کي رقم وانگر خرچ ڪريو، پنهنجي وقت مان ڪلاڪن جي حساب سان ڪمايو.

سدائين اعليٰ ڪمن لاءِ وقت کي استعمال ڪريو. اهڙا ڪم توهان کي ادائيگي ڪندا. پاڻ کان لڳاتار سوال پڇو ته توهان 25 ڊالر في هفتو ڪيئن ڪمائي سگهوٿا. سوچيو ته توهان جيڪو ڪجهه ڪري سگهو ٿا ڇا اهو ٺيڪ ڪري رهياآهيو ؟

وقت جي حوالي سان پنهنجي اندر ۾  هڪ نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو، ان سان توهان جي ڪردار جي تعمير به ٿيندي.

 ڪم توهان کي خاص بڻائي ٿو

توهان جي ذات توهان لاءِ سرمايو آهي، توهان پنهنجي ذهن ۾ جيڪو ڪجهه سوچيو ٿا اُهو ئي توهان کي ٻين کان اعليٰ بڻائي ٿو. جيڪڏهن توهان ۾ سوچڻ جي صلاحيت آهي ۽ عمل ڪرڻ جي اهليت آهي ته اهي ٻئي شيون توهان کي تمام مٿانهين مقام تي وٺي وينديون. ان سان توهان پنهنجي زندگيءَ کي شاندار بڻائي سگهو ٿا، پنهنجي هُنر کي بڻائي سگهو ٿا ۽ پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائي سگهو ٿا.

پنهنجي ذات ۾ بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذات تي خرچ ڪريو، ان سان توهان جي پيشي ۾  به بهتري پيدا ٿيندي.

جيڪي ماڻهو توهان سان لاڳاپيل آهن ۽ توهان تي ڀاڙين ٿا توهان پنهنجي ڪوشش سان انهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو. ان سان توهان جي ذات ۾ به بهتري ايندي. پنهنجي زندگي سکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو . توهان جو هنر، تعليم، سخت محنت ۽ مطالعو توهان کي روحاني لحاظ کان ڏاڍو طاقتور بڻائي ڇڏيندو، ان سان توهان بهترين روزي ڪمائي سگهندا.

ذات جي واڌ ويجهه ۽ ڪرت ۾  ترقي هڪ غير معمولي وٿ آهي جيڪا توهان کي وڌيڪ ملهائتو بڻائي ڇڏي ٿي.

توهان جو مطالعو توهان جي مستقبل کي خاص  بڻائي ٿو. جيڪڏهن توهان بروقت صحيح علم ۽ هنر حاصل ڪيو آهي ته توهان جو ڪيريئر ڏاڍو شاندار ٿيندو. ان سان توهان رڳو پنجن سالن ۾ ترقي ڏانهن وکون  وڌائڻ لڳندا.

پاڻ کي رول ماڊل يا مثالي نمونو بڻايو

جڏهن توهان ٽائيم مينيجمينٽ ۽ ذاتي واڌ ويجهه جو فلسفو تخليق ڪري وٺندؤ  ته پوءِ پاڻ کي هڪ رول ماڊل طور ڏسو . توهان محسوس ڪندا ته ٻيا ماڻهو توهان کي خاص اهميت ڏيندا ۽ توهان جو عمل وارو طريقو اختيار ڪندا.

ٽائيم مينجمينٽ جي فلسفي سان توهان جي ذات ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ٿيندو، توهان جي ذاتي ڪارڪردگي وڌندي، توهان جو اسٽاف توهان کان متاثر ٿيندو، توهان جي ڪٽنب جا ڀاتي به توهان وارو طريقو اختيار ڪندا.

تصور ڪريو ته ٻيا ماڻهو توهان کي رول ماڊل يا مثالي نموني طور ڏسن پيا ڇاڪاڻ ته توهان ٽائيم مينيجمينٽ سان پنهنجي ڪم جو هڪ معيار ٺاهيو آهي ۽ ان سان توهان جي اداري کي ڏاڍو فائدو پهتو آهي. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، ان کي ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا، اهو احساس توهان جي اندر ۾  وڌيڪ نظم ۽ ضبط پيدا ڪندو.

پنهنجي زندگي ۾ توازن پيدا ڪريو

ٽائيم مينيجمينٽ لاءِ بهترين ڳالهه هي آهي ته توهان کي جسماني ۽ نفسياتي لحاظ کان زندگي ۾ توازن رکڻو پوندو آهي. ان سان تو هان جي ڪارڪردگي وڌندي ۽ توهان ٻين ماڻهن سان وقت چڱي طرح گذاري سگهندا. جڏهن توهان پنهنجي مائٽن سان وقت گذاريندا ته توهان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي ڇاڪاڻ ته خوشي ئي زندگي جو  اثرائتو ذريعو آهي.

وقت  جي طاقت جو مطلب هي آهي ته توهان کي وڌ ۾ وڌ خوشيون حاصل ٿين، پر اهي خوشيون انهن ماڻهن کي به ملن جيڪي توهان  سان تعلق رکن ٿا. پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن رکڻ لاءِ لڳاتار پاڻ کان سوال ڪريو ته ڇا مان پنهنجو وقت صحيح نموني سان استعمال ڪري رهيو آهيان؟ ڇا مان ڪجهه وقت لاءِ موڪلن مان مزو ماڻي سگهان ٿو ؟

توهان گذريل مهيني جو جائزو وٺو ته توهان اُهو وقت ڪيئن گذاريو آهي . پوءِ جائزو وٺو ته توهان کي ڪجهه هفتن کان پوءِ موڪلون ملهائڻ کپن يا نه؟ ان سان توهان هي فيصلو به ڪري سگهو ٿا ته توهان ڪجهه ڏينهن جون موڪلون گذاري سگهو ٿا. توهان جي زندگي ۾  جيڪي اهم ترين ماڻهو آهن انهن کي به  وقت ڏيڻ  ضروري آهي. ان سان به توهان منجهه هڪڙي نئين توانائي ايندي. وقت جو درست استعمال مينيجمينٽ سان به ممڪن آهي. ان سان توهان جي زندگيءَ ۾ هڪ توازن پيدا  ٿيندو.

پنهنجن صلاحيتن بابت سوچيو

پنهنجي زندگي ۾ توازن پيدا ڪرڻ  لاءِ لڳاتار پنهنجي صلاحيتن جو جائزو وٺندا رهو ۽ اهم ترين ڪمن کي انجام ڏيندا رهو. ائين توهان هميشه خوش رهندا ۽ پر اعتماد رهندا. جڏهن توهان جا ٽارگيٽ صاف ۽ واضح هوندا ته هر ايندڙ ڏينهن توهان جون صلاحيتون به وڌنديون وينديون. ائين توهان جهڙيءَ طرح اندران هوندا، تيئن توهان جي شخصيت ٺهندي ويندي.

 پنهنجي زندگيءَ جي معيار بابت  سدائين محتاط رهو. پاڻ  کان سوال پڇو ته ڪيئن مان پنهنجي وقت کي ٻين کان منفرد ۽ اعليٰ ڪري سگهان ٿو؟ ٻيو سوال هي پڇو ته هاڻي پهرين جنوريءَ کان 31 ڊسمبر تائين سڄو سال وقت کي ڪيئن ڪم آڻيندا؟ سال جي دوران پنهنجي ڪٽنب سان موڪلون ڪيئن گذاريندا؟ توهان جي سُمهڻ جو وقت ڇا آهي ۽ جاڳڻ جو وقت ڇا آهي؟ توهان پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي چاهيو ٿا؟ انهن سوالن جي حوالي سان توهان کي ايندڙ سال جي منصو بابندي ڪرڻي آهي، ان کان پوءِ توهان جو وقت ضايع نه ٿيندو، پر توهان وقت جو درست استعمال ڪندا.

توهان پنهنجي زندگيءَ کي چئن طريقن سان بدلائي سگهو ٿا

توهان چئن طريقن سان پنهنجي زندگي مڪمل طور تي بدلائي سگهو ٿا. پهريون طريقو هي آهي ته توهان ڪو منفرد ڪم ڪريو . اهو ڪيل ڪم توهان کي ڏاڍو فائدو پهچائيندو. ٻيو طريقو هي آهي ته انهن ڪمن کي بلڪل نه ڪريو يا گهٽ ڪري ڇڏيو جيڪي توهان جي ذاتي زندگيءَ لاءِ ضروري نه آهن. ٽيون طريقو هي آهي ته جيڪي ڪم توهان کي ڪرڻ کپن ها ۽ توهان اهي اڃا تائين شروع نه ڪيا آهن اُنهن کي اڄ  کان ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته چوٿون طريقو هي آهي ته جيڪڏهن توهان گهڻا ڪم هڪ ئي وقت ڪري رهيا آهيو ته انهن کي هڪ ئي وقت ڪرڻ بند ڪريو. پنهنجي زندگي کي  متوازن ڪرڻ لاءِ پاڻ کان پهريون سوال پڇو ته مان پنهنجي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪم شروع ڪريان ۽ ڪهڙا ڪم نه ڪريان جو منهنجي زندگيءَ ۾ توازن پيدا ٿي پوي. ان کان پوءِ توهان کي  فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان کي ڪهڙين شخصيتن کان سکڻو آهي جو توهان جي زندگي جو معيار بهتر ٿي وڃي.

پنهنجي زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو

پنهنجي زندگي کي ٻن وڏن حصن ۾ ورهايو: ڪم لاءِ ۽ خاندان لاءِ. انهن ٻن حصن کانسواءِ باقي وقت ۾ ٻيون سرگرميون ترجيح جي بنياد تي جاري رکو، ياد رکو توهان جي ڪم ۽ خاندان کان وڌيڪ توهان لاءِ ٻيو ڪجهه به اهم نه آهي. پنهنجي خاندان سان توهان جا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط هجڻ گهرجن. اهي تڏهن ٿي سگهندا جڏهن توهان پنهنجي خاندان کي پنهنجي زندگي جو مرڪز سمجهندا. ائين ڪرڻ سان توهان جون سرگرميون وڌيڪ اثرائتيون ٿي وينديون، پر توهان کي ڪم جي وقت رڳو ڪم ڪرڻ  گهرجي. پنهنجو وقت بلڪل ضايع نه ڪريو . ڪم هلندي ڪچهري بلڪل نه ڪريو، اخبار نه پڙهو، منجهند جي ماني تي گهڻو وقت نه وڃايو، صبح جو جلدي ڪم شروع ڪريو  ۽ ڪم ختم ڪري ئي ساهه پٽيو.

جڏهن توهان رڳو ڪم ئي ڪم تي ڌيان ڏيندا ته پوءِ  ڪم کانسواءِ ٻيو ڪجهه بلڪل به نه ڪندا، پر جڏهن توهان خاندان وارن سان گڏ هجو ته اهو وقت رڳو خاندان وارن کي ڏيو  ۽ ڪابه ڪاروباري ڳالهه نه ڪريو. خاندان جي ڀاتين جا مسئلا ٻڌو ۽ حل ڪريو، ڇا ڪاڻ  ته توهان جو خاندان توهان لاءِ وڌيڪ اهم آهي.

وقت قدر جو ماپو آهي

توهان جيترو گهڻو وقت خانداني ۽ سماجي رشتن کي مضبوط ڪرڻ  لاءِ خرچ ڪندا، اوتري قدر اهي رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. توهان جي عزت انهن ئي رشتن ناتن جي ڪري ٿيندي جنهن ماڻهو سان توهان گهڻو وقت گذاريندا ان سان توهان جو تعلق اوترو ئي مضبوط ٿيندو. اهو وقت ڪٽنب سان، ٻارن سان، زال سان يا خريدارن وغيره سان گڏ گذارڻ سان توهان جي عزت سندن دل ۾ وڌي ويندي .

توهان جا سڀ کان وڏا ٽارگيٽ

ذهني سڪون انسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، ذهني سڪون ئي انسان جو سڀ کان وڏو ٽارگيٽ آهي. توهان جي زندگيءَ جو ذهني سڪون ئي توهان جي زندگي کي بهترين بنائڻ آهي. اهو ذهني سڪون تڏهن ممڪن آهي جڏهن توهان جي زندگي ۾ توازن هوندو.

جڏهن توهان پنهنجو وڻندڙ ڪم وڻندڙ ماڻهن سان گڏجي ڪريو ٿا ته توهان کي ذهني سڪون جو تجربو حاصل ٿئي ٿو. ذهني سڪون سان توهان پنهنجي زندگي کي وڌيڪ منظم ڀانيو ٿا ۽ توهان جون صلاحيتون نکري پون ٿيون.

ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ توهان پنهنجي اندر جي آواز تي ڀروسو ڪريو. توهان پنهنجي اندر جي آواز کي جيترو وڌيڪ ٻڌي سگهو اوترو ان مطابق عمل ڪريو. ان اندر جي آواز سان توهان کي رهنمائي ملندي، اها رهنمائي توهان جي تمام گهڻي مدد ڪندي. توهان  درست وقت تي درست ڪم ڪندا ۽ توهان لاءِ ڪاميابي يقيني ٿي ويندي . اهي ئي ماڻهو عظيم ۽ ڪامياب بڻبا آهن جيڪي پنهنجي اندر جي آواز جي  رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪندا آهن.

وقت جا ٻه قسم

ڪم ۽ خانداني معاملا وقت جا ٻه قسم آهن . معياري ڪم وقت جي تقاضا ڪري ٿو ته ڪم جو معيار ٺاهڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ڪم جون صلاحيتون پنهنجي وقت سان گڏ استعمال ڪرڻيون پونديون آهن. ڪم ڌيان به گهري ٿو ته جيئن سٺن نتيجن سان وقت جي ملهه ۾  واڌارو ٿئي.

جڏهن ته خانداني رشتا وڌيڪ وقت جي گُهر ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته وڌيڪ وقت ڏيڻ سان اُهي رشتا وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا جن  جو مضبوط ٿيڻ ضروري آهي. انساني زندگيءَ ۾ خاندان وڏي اهميت رکندڙ آهي. رشتن جي مضبوطي ڪم تي به اثرانداز ٿئي ٿي. توهان جا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ  ۾  رشتن جي مضبوطي به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

پنهنجو خيال رکو

 جسماني ورزش سان پنهنجي صحت کي برقرار رکو. ان لاءِ وقت ڪڍو، سير ڪريو، پاڻيءَ ۾ ترو يا ڪا راند کيڏو. توهان جي جسم جي هر هڪ سنڌ ۽ حصي کي روزانو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، ان کانسواءِ توهان جون مشقون پڻ لچڪدار هجڻ گهرجن. تنهنڪري توهان کي هفتي ۾  گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا ورزش لاءِ وقت ڪڍڻ گهرجي، ان سان توهان جسماني طور تي ڦڙت رهندا ۽ بهتر ڪم ڪري سگهندا.

جيڪڏهن توهان جسماني طور تي صحتمند نه هوندا ته توهان جي زندگي متوازن نه هوندي. توهان جو فطرت سان گڏ هلڻ ضروري آهي. پنهنجي صحت جو خيال رکو ۽ خوشگوار زندگي گذاريو.

ذهني توانائي کي بحال رکو

ٽيڪساس جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”لڙائي ۾ ڪُتو پنهنجي جسماني سائيز سان نه وڙهندو آهي، پر لڙائيءَ جي سائيز ڪُتي ۾ هوندي آهي“.

جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي ۾ توازن رکڻ چاهيو ٿا ته ياد رکو اُهو وقت توهان جو نه هوندو آهي، جنهن وقت ۾ توهان ڪُجهه سوچيو نٿا.

رات جو جڏهن توهان سمهندا آهيو ته توهان ڏينهن جو ٿڪ لاهيندا آهيو ۽ ذهني طور تي ڦڙت رهندا آهيو.

 توهان جيڪڏهن ذهني ۽ جسماني طور تي ڦُڙت ۽ چست هوندا ته توهان فيصلا به سٺا ڪري سگهندا. بي چيني ۽ غيرمتوازن زندگيءَ ۾ غلط فيصلا ٿيندا آهن.

تنهنڪري ضروري آهي ته توهان  ورزش ڪريو، جلدي سمهو ۽ جلدي اُٿو ته جيئن ذهني ۽ جسماني طور تي تندرست رهي بهترين ڪم ڪري سگهو.

صاف سُٿرو  کاڌو کائڻ

 توهان ڇا کائو ٿا ۽ ڪهڙي وقت تي کائو ٿا؟ ان سان توهان جي جسماني ۽ ذهني توانائي تي چڱو يا برو اثر پئجي سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان وقت تي صاف سُٿرو کاڌو کائيندا ته سڄو ڏينهن تازا توانا رهندا. ان سان توهان کي ڀرپور توانائي ملندي، توهان ۾ اعتماد وڌندو ۽ تخليقي قوت پيدا ٿيندي. تنهنڪري پنهنجي کاڌي جو خاص خيال رکو ۽ وقت تي کائو.

پنهنجي ٻارن کي وقت جي طاقت جي باري ۾ ٻڌايو

پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ ٻارن کي وقت جي اهميت بابت ٻڌايو. اُنهن کي ٻڌايو ته ان سان زندگي ڪامياب گذرندي، سٺيون عادتون ٺهنديون ۽ حياتي ۾ نمايان ڪاميابيون  حاصل ٿينديون.

عملي مشقون

·       ڊگهي مُدي واري منصوبابندي ڪريو. ايندڙ وقت بابت سوچيو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي هر لحاظ کان محترم بڻايو.

·       اڄ ئي هڪ تفصيلي منصوبو ٺاهيو ته توهان کي معاشي آزادي حاصل ڪرڻي آهي، پنهنجي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط پيدا ڪريو.

·       توهان ڪهڙي ڪم سان محبت ڪريو ٿا؟ اُهو ڪم ڪريو جنهن جي ڪرڻ سان توهان کي خوشي حاصل ٿيندي آهي.

·        پنهنجي خاندان جي ماڻهن جو جائزو وٺو ۽ ڏسو ته توهان جا انهن سان لاڳاپا ڪيئن آهن؟ اُنهن رشتن کي وقت ڏئي مضبوط ڪريو ، پوءِ توهان پنهنجي زندگي ۾  ڪافي تبديلي محسوس ڪندا.

·       پنهنجي جسماني صحت جو خيال رکو ، سٺو کاڌو کائو، ورزش ڪريو ۽ آرام ڪريو.

·       پنهنجي زندگي ۾ تبديلي آڻيو، ڪنهن ڪم کي وڌايو يا ڪنهن کي گهٽ ڪريو، سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته غير ضروري ڪم ڪرڻ  ڇڏي ڏيو .

·       پنهنجي زندگي ۾ توازن پيدا ڪريو، پنهنجي خاندان کي اڳيان رکي فيصلا ڪريو ۽ پنهنجي آس پاس جي شيءِ ۾  توازن رکو .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org