سيڪشن:رسالا

ڪتاب: آڪٽوبر 2019ع

باب:

صفحو:2 

فهيم نوناري

 

 

 

خوابن جي ڊائري

عرب فل برائٽ اسڪالرن جو ناچ ۽ ڳائڻ

16.08.2005

Sheri & John (Major) Home , Philly , USA

سونهن کي سنواريندا هلو!

ڪري روشنيون ٻاري آگريون

ڏيڻ، ڏباٽيون ٻاريندا هلو،

جتي نالو اچي سنڌ جو

اُتي سِرُ گهوريندا هلو،

  ڪنڌ ڪپائيندا هلو...

 (شمشير الحيدري)

اڄ IELP ٽيمپل يونيورسٽي ۾ آخري ڏهاڙو هو. انساني محسوسات به عجيب ٿين ٿيون. هڪڙو ڏينهن هو جڏهن 10 مهينا اڳ هت داخل ٿيم ته هر شيءِ اوپري ۽ عجيب لڳي رهي هُئي. وڻ، موسم، جايون، ماحول ۽ ماڻهو سڀ اجنبي معلوم ٿي رهيا هئا. هڪڙي قسم جي اوپرائپ ۽ خوف وارو  ماحول لڳندو هو، پوءِ ته آهستي آهستي سڀني شين سان پنهنجائپ ۽ قريبي تعلق جڙڻ لڳو. يونيورسٽي جي استادن جي شفقت، مهرباني ۽ محبت کي به ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. Prof . Joe جو حاڪماڻو انداز  ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پيش رفت ۽ تُرت سمجهڻ واري  صلاحيت مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو. Joe جي شفيقانه رويي واري سکيا به اسان جي خوف کي ٽوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. Prof . Kathy کي ته  مان ڪڏهن به نٿو وساري سگهان. جنهن شروع ۾ ئي مون کي اها هدايت ڪئي ته ڪڏهن به مايوس نه ٿجانءِ. ۽ هن مسٽر ڪنول جي ائڊريس ڏني ته پنهنجي پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن سان تعلق جوڙ ته جيئن تون اجنبيت محسوس نه ڪرين. ڪنول وري وڪٽر کي چيو جيڪو همراه پاڻ اچي شيري (Sheri) واري گهر ۾، سو مون سان مليو ڏاڍو ڀلوڙ ماڻهو آهي. وڪٽر گل هر مرحلي تي همٿ ٻڌرائي. پروفيسر ڊينس سرج فلاڊيلفيا منجهه رهائش لاءِ ڪارائتو ڪردار  ڪيو. پهرين ڏينهن مون هن سان گڏجي Lunch ڪئي. پهرين ملاقات ۾ ئي بي تڪلفي پيدا ٿي وئي. مون مذهب ملڪ، شادي ۽ گهر ٻارن  بابت پڇا ڪئي جيڪا، هت پهرين ملاقات ۾ عجيب ڳالهه آهي، بلڪ عيب آهي. پر هن محسوس ٿيڻ  ئي نه ڏنو. بعد ۾ مون کي اڳتي هلي احساس ٿيو. شايدProf Joeڪلاس ۾ ٻڌايو ته آمريڪي شخصي معاملن  تي ڳالهائڻ ۾  پهرين ملاقات ۾ هٻڪ محسوس ڪندا آهن. هي همراهه ڇڙوڇانڊ آهي. ٻنهي همراهن John Pell ۽ Dennis کي Girl Friendsآهن. جنهن جو ذڪر هو ڪلاس ۾ به ڪندا رهيا آهن. ٻنهي جا وڏا وڏا ٽهڪ مشهور آهن .John Pell   ڪنهن فلمي هيروئن کان گهٽ ڏيک نه ڏيندو آهي. سهڻو جوان آهي . 

 Prof .Gale ٻڌائيندي آهي ته هوءَ ڪولمبيا يونيورسٽي آف نيويارڪ جي پروفيسر اصل فلسطيني سعيد ائڊورڊ (جيڪو  فلسطين  جي آزادي جي تحريڪ جو زبردست حامي آهي) جي شاگردياڻي آهي. هي بيحد قابل  استاد  آهي. پر رويو ڏاڍو سخت اٿس. هن جو سخت رويو شاگردن کي گهڻي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. پر ڀوڳ چرچن جي ماهر آهي. فلاڊيلفيا يونيورسٽي پاران ٽوئر ۽ ٻاهريان دورا به هن ساڻ گڏ ڪيا آهن، ڪلاس جي  شاگردن  واشنگٽن  جو دورو  به هن سان ڪيو آهي.  ڏاڍا شاندار دورا هئا. باقي Prof Adam کي هميشه پراڻو سوٽ ڪيس هٿ ۾ ۽ ٿلهن شيشن واري عينڪ سان مرڪندي ڏٺم. IELPجي ڊائريڪٽر کي هميشه مُرڪندي ڏٺم. پروگرام  ڊائريڪٽر. Dr Martinمون کي ڀاءُ لطيف وانگر لڳو. سدائين پڙهندي ۽ نهٺائي سان کيڪاريندي ڏٺو. هڪ ڀيرو اونهاري ۾ هن پنهنجي گهر تي عراق  جي 13 عراقي  فل برائٽرز ۽ مون کي سڏيو هو. ڏاڍو شاندار پروگرام رهيو. جتي عربن خوب ڳايو ۽ وڄايو. نيويارڪ مان فل برائٽ جو ڊائريڪٽر وليم گهنڊيدار وارن واري خوبصورت گرل فرينڊ لزا سان گڏ شريڪ ٿيو هو. ڊاڪٽر مارٽن جيڪو هڪ ئي وقت يهودي عرب لڳندو آهي ڇو ته هن جي ماءُ عرب ۽  پيءَ يهودي آهي.  ٻنهي جو تعلق عيسائي مذهب سان آهي. هن جي زال به لبناني عيسائي آهي. بهرحال ڏاڍا مهمان نواز  لڳا. پارٽي شام جو 6 بجه تائين رهي. پوءِ موڪلائي ٽرين رستي شيري ۽ جان واري گهر واپس آيم.

خاص ڳالهيون

·       ڪلهه موبائل فون لئبريري مان لڌم جيڪا نرمل نالي گجراتي ڇوڪري جي هئي. جنهن کي call ڪيم ته پريشان نٿي سڀاڻي اچي فون کڻي وڃ. سو  اڄ لائبريري ۾ ملي. فون ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿي. ڇو ته فون جي وسري وڃڻ بعد ملڻ جي اميد گهٽ رهي ٿي. هن کي وڃايل سڳ واپس مليو  ته شهزادي ڏاڍي  سرهي ٿي. 

ناشتو: گجرن ۽  پٽاٽن جو حلوو،  پٽاٽا، انڊا تريل ۽ چانهه. مانجهاندو:  ڊاڪٽر مارٽن جي گهر دعوت ٿي، گهڻن طعامن جو بندوبست ٿيل هو. رات: نوڊو، هرڻي جو قيمو ۽ سلاد.

***

17.10.2005

Philadelphia, USA

ڌُريان ئي ڌار، جي قضا ڪپي اڌ ڪيا،

تن  سُڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير ۾.

 (شاه)

ڪُڇي اهڙي، جهڙي ڀت

پروفيسر انجيلا جو آخري ڪلاس

 

شايد هاڻي فلاڊيلفيا ۾ منهنجا پِڇاڙڪا ڏينهن آهن، ڇو ته جنوري ۾ شڪاگو پهچڻو آهي. ويسٽرن يونيورسٽي سان رهائش خاطر لکپڙهه جاري آهي. ٽيمپل يونيورسٽي دوران پل پل ڄڻ جيئان مران، مران جيئان واري ڪيفيت ۾ رهيو آهيان.  هاڻي ڪنهن حد تائين  طبيعت کي ضابطي هيٺ آندو آهي.  اهو سوچيم ته علم حاصل ڪرڻ  لاءِ قرباني ڏيڻي  پوندي آهي،  سو وقتي طور وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان دوري آهي، پر مستقبل   ۾ انهي  جا وطن  واسين ۽ پاڻ کي  ڪئين فائدا رسندا. 

آمريڪي يونيورسٽين ۾ مون کي اها سنڌي چوڻي حقيقت طور معلوم ٿي ته هتي رڳو پڙهڻ ڪين آهي، پر ڪڙهڻ  به آهي. آمريڪي پروفيسر ڳالهه کي اُٿلائي پُٿلائي ڄڻ  شاگرد جي دماغ جي خُفيه خانن ۾  لڪل صلاحيتن کي ٻاهر آڻڻ چاهيندا آهن، جيئن ماڻهو جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيتن ۾ واڌ ٿئي ۽ پنهنجي  پيرن تي بيهي پنهنجي فيلڊ ۾  ڀڙ ٿئي ۽ سماج لاءِ ڪجهه ڪري سگهي، جيڪو تعليم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد هوندو آهي. پر اسان جن يونيورسٽين ۾  ته ائين نه  ٿيندو آهي. ماڻهو جهڙو ايندو آهي اهڙو موٽي ويندو آهي. البته ڪجهه ڪجهه  ڪڻا سُڌري گهڻو تڻو سنوار جي نڪرندا آهن.

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

 تنين جي چوٽي، پُورب ٿيندي پڌري.

(شاهه)

اسان جي بِرج ڪلاس جي استاد انجيلا آخري امتحان ورتو. ڏاڍو دلچسپ ڪورس هو، گهڻو مان Dobu_To ۽ The Flat آفريڪي نسل جي ڪارن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت سکيوسين. جيڪي ٻئي ڪتاب ترتيبوار Lee ۽ Stackجا لکيل آهن. ٻئي مڃيل انٿرو پالاجسٽ آهن.The Flat ڪتاب جو تت (Theme) اهم آهي  ته ننڍڙن  فليٽن ۾ رهندڙ ڪارن آفريڪن جو گذر سفر ۽ زندگي ڪيتري ڏکي آهي. جيئن ڪراچي جي اردگرد غُربت جي ڪوڙهه ۾ ورتل غريبن جي آهي. خاص طور لياري جي رهواسين جي.

رات جو  ڊنر  تي جوليءَ سان دلچسپ گفتگو ٿي. هُن چيو ته اسان تنهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر اوهان اسان جي گهٽ مدد ڪئي آهي. موٽ ۾ مون چيو توهان جي مهرباني. پر اوهان اهو ٻڌائيندا ته ڪهڙي قسم جي مدد جي اوهان توقع رکو ٿا؟ ته مائي اهڙي مُنجهي پئي جو ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي! وڌيڪ چيومانس ته ماهوار 560 ڊالر اوهان کي کاڌي ۽ رهائش جا ڏيان پيو باقي اوهان الائي ڇا ٿا چاهيو؟!! ڪُڇي  اهڙي، جهڙي ڀِت !!

خاص ڳالهيون:

ٺل جيڪو گل آهي. يعني گلاب گل آهي. اتان عبدالقيوم صاحب ڳالهايو، اسد،  اِفو، نتاشا ۽ امان سان ڳالهه  ٻولهه ٿي. تازا حال احوال ٿيا، سرهائي ٿي. ٺل جي فون مان واقعي خوشبو اچي ٿي. هيءَ چوڻي ڄڻ ته سچي  معلوم ٿي.

پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي،

ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

 (شاهه)

***

26.10.2005

Philly, USA

Juli House, Gorgas ..

ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ

هوت آهي هر هنڌ، هو هليا هنگلاج ڏي

سچا سامي، سچا سامين پنڌ

هوت آهي هر هنڌ، هنن ڏٺو هنگلاج ۾.

 (شاه)

تون عيسائي آهين يا مسلمان، منهنجا دروازا تولاءِ کُليل آهن .

 (مولانا جلال الدين رومي)

اڳتي وڌڻ لاءِ همٿ ۽ مڙسي گهرجي

 (چيني چوڻي)

ڏينهن ۽ راتيون طوفاني رفتار سان گذريو وڃن. استادن طرفان ملندڙ ڪم ۽ لکڻ  پڙهڻ ۾  ايترو مصروف رهڻو پوي ٿو جو وقت گذرڻ جي سچ ته خبر ئي نٿي پئي، ڪڏهن ڪڏهن  سوچيندو آهيان ته 10 مهينن کان صبح شام رات ڏينهن هر وقت لکڻ، پڙهڻ ۽ بحث مباحثي ۾ وقت گذريو وڃي، ڇا اها زندگي آهي؟ ڇا عمر جي هن حصي ۾ اهو  ڪارج آهي؟ سڀني سوالن جا جواب ڪڏهن مبهم  ته ڪڏهن چٽا ملندا آهن ته هي جو آمريڪي ۽ يورپي قومن ترقي جو معراج ماڻيو آهي اهو ڪو رات ڏينهن سُتي ته ڪونه حاصل ڪيو اٿن. انهن قومن ۾ به ته آئن انسٽائين، شيڪسپيئر، ٿامس جيفرسن، چرچل، لنڪن، روزاپارڪ، ڪنگ مارٽن لوٿر، والٽ وٽمن ۽  اّڻ ڳڻيا هيرا رات ۾ ته ڪونه ٺهيا هوندا. انهن به پهرين پاڻ کي علم جي لازوال هٿيار سان پاڻ کي هٿياربند ڪيو، بعد ۾ پورو علم قوم، ڌرتي ۽ وطن جي سونهن، سينگار ۽ ترقي لاءِ ڪتب آندو ۽  علمي، ادبي ۽ سماجي ۽ سائنسي نون علمن ۽ کوجنائن سان پنهنجي  قوم ۽ وطن  جو آئندو تعمير ڪيو.  پنهنجي  علم کي دشمن جي ور چڙهڻ نه ڏنو، بلڪه حُب الوطني جي جذبي تحت پنهنجو رشتو وطن سان جوڙيو، سو اهو سوچيندي تسلي  ٿيندي آهي ته آمريڪا ۾ رهندي علمي،  ادبي، سماجي، سياسي ۽ هنن جي معاشي زندگي جو اڀياس پاڻ کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته پاڻ  واري سهڻي سِنڌ ۽ سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. اهڙي تقابلي جائزي بعد صرف اهو چِٽو ڏسڻ  ۾  اچي ٿو  پاڻ سنڌي وطن دوستي ۾  دنيا ۾ تمام اَڳرا آهيون اهو اسان جي زنده هجڻ جو سبب آهي، باقي ته سنڌ جي مُک وسيلن تي سامراج قابض ٿيا ويٺا آهن تنهنڪري دنيا جي جديد سائنسي علمن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ  کي ڊگها ۽ اڻانگا پنڌ ڪرڻا آهن .

اڄ سنڌ ۾ ڪي وڻجارا سياسي آرڪسٽر جي سون سُرن وسيلي سنڌين جي روح ۾ اها ڳالهه ڏاڍي نفاست سان ڦوڪڻ چاهين ٿا ته  سنڌي سجاڳ ٿين ته اسين وڃايل وسيلا ٻيهر حاصل ڪري سگهون  ٿا. پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي .

امان الله ٻپڙ قومي ڪارڪن ۽ اديب

آچر هوندي سڄو ڏينهن گهر ۾ گذريو. رات جو 7.47 واري ريل ۾ گهر آيم .  اڄ قيوم سان ٺل ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن  ٻڌايو ته پليجي صاحب، حسن علي  ٻپڙ کي  چيو هو ته فهيم کي خاص طرح چئو ته امان  الله ٻپڙ تي لکي. امان الله ته منهنجو يار جاني هو. جنهن سان سالن جا سال کلندي ۽ جدوجهد ڪندي گڏ  گذريا. اُتر سنڌ جي ٺيٺ قبائلي ضلعي جيڪب آباد جي بلوچ سردارن جي راڄوڻي ڀاڪر ۾ ورتل شهر ڪرمپور جي بازو مُهري ۾ ساٿي امان  الله،  چاچي  مُنشي برڪت علي جي گهر ۾ جنم ورتو. منشي لوهان ٻپڙهن جو مامو هو. قد ڪاٺ ۾ هو فاضل راهو سان گس ڪري هلندو هو. امان  الله جون فلسفيانه ۽  ڏاهپ جون ڳالهيون سڀ ساٿي پلئه ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. هن جي صبر، شڪر ۽ سادگي  مسڪين جهان خان کوسي جهڙي هئي، درگذر ۽ هميشه ڪين مان ڪجهه ڪرڻ ته هُن کان ڪو سکي، يارن دوستن جو هميشه ڪٽڪ ساڻ کنيو گهمندو وتندو هو. ڪتاب، علمي بحث، سنڌ، سياست، پاڪستان ۽ دنيا هن جا چونڊ موضوع  هئا. اسان سڄيون راتين جون راتيون گڏ ويهي.  ڪتاب پڙهي پوءِ هڪٻئي کي سمجهائيندا هئاسون. انهي سفر ۾ ڏاڏا قادر، وشنومل، شفيق نوناري، غلام رسول  گاجاڻي، حسن علي ٻپڙ،  ڊاڪٽر  سڪندر مغل، پروفيسر منظور ڇڇڙو، انجنيئر ڪمار، سنتوش، ڪمل، ڀائو سريچند،  عبدالقادر چاچڙ، سجاد بروهي، الاهي بخش ملڪ،  مٺل  شاهه،  جيئل شاهه، غلام محمد نوناري، ستار سرڪي، سچانند، ستار نوناري، عزيز چنه، جاويد ڪلوڙ، حسن علي ٻپڙ، راجه ٻپڙ، گلاب  ٻپڙ، جمال الدين باجڪاڻي، شبير قريشي، ڪامريڊ محمد بخش نوناري، محمد خان نوناري، نواز ڪنراڻي، جبار سومرو، شاهه محمد ٻپڙ، رفيق ٻپڙ، هئبت ڏاهاڻي، ماستر عبدالغني ڏاهاڻي، گل محمد نوناري، حمزو خان نوناري، قيوم نوناري، علي محمد ٻپڙ، غلام سرور ٻپڙ، رزاق  شاهه ۽ ٻيا گهڻا دوست هئا. 

ناشتو: پٽاٽا، ٽماٽو ڪيچپ ۽ چانهه. مانجهاندو: انگلش ڪوڪي، چانهه ۽ ڪافي ڪيڪ. رات: سلاد، مرغي فراءِ سادي، فرينچ ڪيڪ،  مڪس سبزي ۽ کُنڀيون.

***

27.10.2005

Julie and Jeff House , Philly , USA

نه مين دانم چون،  دم  ديدار مي رقصم!

يعني: مون کي معلوم  ناهي ته تو کي ڏسڻ شرط مان رقص  ڪرڻ  ڇو ٿو لڳان؟

دلان تير  بجا دشمن  تئه، معنى: دُشمن جي دل تير هڻي ڪڍ.

تون اسان جي ڀيڻ آهين، تون اسان جي ساهيڙي آهين  ٻيو ڪوبه تو جهڙو نه  آهي . 

(بينظير ڀٽو لاءِ لکيل گيت)

تيري اميري مال مست

تيري غريبي حال مست

 (اقبال)

انسان ٻين سان سدا بحثا بحثي واري  جخ ۾ رهندو آهي،  هِي نه  ٿيو! هُو  نه ٿيو ! هيئن ٿيڻ گهرجي ها؟! هونءَ ٿيڻ نه گهرجي ها! اوهان ڪجهه نٿا ڪريو! توهان منجهه ٿوم ئي ڪونهي! جُملي صلاحيتن جي کوٽ آهي. اهڙا گهڻا سارا سوال کڻي انسان يارن دوستن، عزيزن ۽ اجنبين جي کوٽ واڌ بابت آڏا اُبتا سوال  ڪندو رهيو آهي. پر وڏي مزي جي ڳالهه  اها آهي  ته انسان پنهنجي عمل، قول ۽ فعل بابت گهٽ سوچيندو آهي ۽ خوابن ۽ ريشمي تندن سان اڻيل ڄار ۾ ڦٿڪندو رهي ٿو. اها ڪيفيت وجدان Ecstasy واري ليکجي ٿي. گهڻو گهڻو تمام گهڻو اڳ سن عيسوي کان به اڳ ائين قبل مسيح جي دور ۾ چوراهن تي ڪي مست ملنگ منهن مونن  ۾ هڻي سوچ جي سمنڊ مان دنيا جي  لوڪ خاطر فڪر جا نوان نوان رنگ ۽ حسين خيال کڻي ايندا هئا ته سڄي لوڪ مٿان هڪ قذاب جو قبضو ڇو؟ ڇو نه سڀئي ماڻهو پنهنجا پنهنجا موتين جهڙا خيال آزادي سان پيش ڪري سگهن؟ هي هڪ ماڻهو جو خيال ممڪن آهي. اسان سڀني کي اونداهي کوهه ۾ ڪيرائي وجهي؟ گڏيل ۽ برابري وارو سرشتو ڇو نه قائم ڪجي!!!!؟؟ اهڙا ۽ ٻيا هزارين  طرحين طرحين جا انيڪ سوچ کي آبياري ڏيندڙ فڪر انگيز خيال ملوڪ ماڻهن  فڪر جي مهاڀاري جنگ جي ميدان ۾ ڇڏيا. اهي خيال ۽ فڪر مُدي خارج پراڻي سوچ سان وڙهڻ  لڳا، ائين هڪ وڏي ڀڃ ڊاهه ٿي. ائين انسان جا خيال سرحدون ٽپي سڄي يونان ۽ روم  تائين ڦهلجڻ لڳا، پوءِ ته دنيا جي  ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيا. 

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها

آزاد هوا ڇا ٿيندي آهي!

 (اياز)

***

24.11.2005

Jeff and Julli House Philadelphia , USA

هتان کڻي  هت، جن رکيو سي رسيون

کهي جا کنيائين، وک تنهن  ويجهي ڪئي.

 (شاه)

اصل آمريڪي ريڊ انڊين جو ڏينهن

اڄ آمريڪين جو ڄڻڪ عيد جو ڏهاڙو هو، جنهن جو باضابطه اعلان صدر بش پنهنجي تقرير ۾ ڪيو ۽ ٽرڪي پکي جو افتتاح ڪيو. هي پهريون موقعو هو جو اها ڳالهه نوٽس ۾ آئي ته آمريڪي به چار ڏينهن موڪل انجواءِ ڪن ٿا. اربع يعني 24 نومبر تي ريد انڊين (جن جي لاءِ سائين عطا محمد ڀنڀرو چئي ٿو ته ريسرچ ٻڌائي ٿي ته ريڊ انڊين اصل ۾ سنڌي آهن.) جي ياد ۾ ڏينهن ملهائن ٿا ۽ Native Bird ٽرڪي جو طعام تيار ڪن ٿا. هي هنن جو روايتي ڏينهن آهي. سڄو خاندان گڏجي  ماني کائي  ٿو خوشيون ملهائن  ٿا ۽ کاڌي کان اڳ ريڊ انڊين جي شڪريه  ادائي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ دعا گهرن ٿا. صبح جو مک شهرن ۾ پريڊ به ٿئي ٿي.  آمريڪا کنڊ ڪولمبس ڳولي لڌو هو. انهيءَ وقت به ريڊ انڊين (ڳاڙهي ٽامي جهڙي رنگ وارا، ٿورڙي تعداد ۾ اُتي جا رهواسي هئا، بعد ۾ يورپ،  انگلينڊ، آفريڪا، لاطيني آمريڪا کان ڳچ  گروهه ۽ ڪجهه ايشين اچي آباد ٿيا، جيڪي وڌي ڪروڙن ۾ بڻجي اصل رهواسين تي راڄ ڪرڻ لڳا، اڄ اصل رهواسي ريڊ انڊين  عام ۽ ٿورڙي  اقليت ۾  موجود آهن. جن جي ياد ۾Symbol طور ڏهاڙو ملهائن ٿا ۽ جمعي کي Black Friday ڪوٺين ٿا، يعني خريداري جو اهم ڏينهن. مون  به ان ڏينهن شهر ۾ وڃي ڪلهي گس ڪئي. بازارن ۾ ماڻهن جا هشام هئا .

ٽرمينل مارڪيٽ جو وال مارٽ، مارڪيٽ ايسٽ ريلوي اسٽيشن ۽  ڪنوينشن سينٽر گهميس. ڪمال جي بازار آهي. يعني هڪ ئي هنڌ اوهان  پنهنجي ضرورت جو سڀ سامان وٺي سگهو ٿا. Wall Mart انساني تفريح ۽ اصل قديم  بازارن جي ڪلاسيڪل حُسن ۽ مقامن کي سخت ڇيهو رسايو آهي، ڇو ته Wall Martاجگر جيڏا وڏا آهن جهڙوڪ هڪ ننڍو مضبوط  شهر رٿابندي سان جُڙيل آهي، جو هڪ دڪان تان بوٽ وٺو ته ڀر واري دڪان تان ٽاءِ سوٽ، ڪوٽ ڪپڙا خريد ڪريو ته ٽئين دڪان تي اسٽيشنري ۽ ڪتاب موجود آهن ته چوٿين دڪان تي راندين ۽ تفريح جو سامان هڪيو تڪيو موجود آهي، اڃان ٿورو اڳتي  هلو ته کاڌي  پيتي جا هوٽل موجود آهن. ماڻهو کي  وال مارٽ اهڙو ته لوهه ڪري ڇڏي  ٿو جو وقت جي خبر ئي  نٿي پوي. سڀ شيون هڪ هنڌان  وٺيو ٿڪجيو پوي. مون به  اڄ مار ڪيٽ وارو وال  مارٽ گهمي ڏٺو . 

هڪ ساڌو کان  ٻڌو هو ته:  هڪٻئي  تي  اعتبار  لاءِ  هڪ نهار  ڪافي آهي.“

”جيڪڏهن ڪو مون کي اها پڪ اچي ڏئي ته سڀاڻي  قيامت جو ڏينهن آهي ۽ مون کي يقين به  اچي  وڃي تڏهن  به آءُ گلاب جو ٻوٽو پوکڻ کان رهي نه سگهندس.“

(جرمن شاعر)

***

25.11.2005

Julli and Jeff Home,

Philadel Phia, USA

”انهي ڏک جي پيڙا جي قيمت نٿا گهرون، عيوضي ۾ ڪنهن اجوري ۽ ڪوڙي شهرت جي گهرج ناهي، نه ئي ڪئلنڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون، بس جي اسان  کان پوءِ اچن، کين ايترو چئجو هڪ زندگي، هڪ مورت، هڪ ڪلپنا گهڙيندارهياسين، روشني لاءِ اونداهي ۾ وڙهندا رهياسين.“  (گمنام)

آمريڪي سائنسدان مسٽرڊيوڊ سان ڪچهري

اڄ ڊنر ٽيبل تي جوليءَ جا ماءُ پيءُ موجود هئا. جولي جو پيءُ مسٽر ڊيوڊ جيڪو آمريڪا جو Most Important سائنسدان آهي ۽ انساني نفسيات جو ماهر آهي. هو ڊگهو عرصو ويٽنام ۽ اتر ڪوريا ۾ آمريڪي فوج سان گڏ رهيو آهي. انهي دوران آمريڪي فوجين جو نفسياتي علاج سائنسي طريقي سان ڪندو رهيو آهي. مسٽر ڊيوڊ ٽن ڪتابن جو خالق به آهي ۽ آمريڪا جي مشهور اخبارن New York Times۽ Washington Post ۾ مسلسل  لکندو رهيو آهي. مون کي گفتگو دوران هن ۾ سڀ کان بهتر ڳالهه اها نظر آئي ته هو سنجيده موضوعن تي گفتگو ڪندي مزاح جو پهلو ڏاڍي شانائتي نموني پيش ڪري سامعين کي محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. هُن چيو ته ويٽنام ۽ اتر ڪوريا جي جنگين واري حالت ۾ آمريڪي فوجين سان گڏ رهندي ڏاڍا دلچسپ  تجربا ٿيا. هڪڙو ڪرنل صاحب آيو جنهن چيو ته مون کي ننڊ ڪونه ٿي اچي ۽ هلندي ڦرندي عجيب خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تنهنڪري ڪم  يڪسوئي سان  نٿو ڪري سگهان، ٻئي همراهه (آفيسر) ٻڌايو ته اسان جي برگيڊ جا گهڻا جوان حڪمن جي پوئواري نٿا ڪن. سو  اهڙا عجيب نفسياتي لاڙا هوندا هئا، جن جو علاج اتي ممڪن ڪونه هوندو هو، نتيجن اُهي همراهه جڏهن  واپس وطن پهچندا هئا ته خوف جا پاڇا ختم ٿيڻ شرط تازا توانا ٿي ويندا هئا. جوليءَ جي ماءُ Rittaتمام سٺي آرٽسٽ آهي. جيڪا هتي Thanksgiving Day ملهائڻ لاءِ آيل آهي. جنهن سان مانيءَ جي ٽيبل تي ڏاڍي ڪارائتي گفتگو ٿي. جيف ٻڌايو ته فلاڊيلفيا ۾  گذريل سال هڪ آمريڪي شاهوڪار جي فرينچ نسل جي ڪتي 25 ماڻهن کي ڏاڙهيو هو. جيڪي سڀ ماڻهو اسپتال داخل  ٿيا. جن جي آڪيوپنڪچر ۽ ٿراپي ۽ علاج جو سڄو خرچ شاهوڪار ڀريو جيڪو لڳ ڀڳ 40،000 ڊالر هو. ٻيو تجربو ٻڌايائين ته آمريڪي ماڻهو ڪتن ۽ ٻلين سان ڏاڍو  پيار ڪن ٿا. هڪ همراهه جي ڪتي 10 ماڻهن کي مختلف وقت تي چڪ هنيا. پر پاڳل ڪتي کي نه ڇڏيائين. چيائين ته اهو Houndنسل جو ڊگهو ۽ وڏو ڪتو آهي. دلچسپ ڳالهه اها ته هو همراه پنهنجي سهڻي  زال  ۽ ڪتي سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو. جڏهن هن جو ڪتو بيمار ٿيندو هو ته هو آفيس کان موڪل ڪري هن جي پرگهور لهندو هو. پر جيڪڏهن زال بيمار ٿيندي هئس ته آفيس کان موڪل نه ڪندو هو. انهيءَ مان  اهو ثابت ٿيو ته ڪتي لاءِ وڌيڪ حساس هو. وڌيڪ ٻڌايائين ته هو همراه اسان جي آفيس ڪم ڪندو هو. گهڻو وقت ڪتن بابت گفتگو  ڪندو هو. سڀني نسل جي ڪتن جو ذڪر آڱرين  تي ڳڻي ٻڌائي وٺندو هو. برڪيف هي آمريڪي اسان وارين عادتن ۽ اطوارن جي بنهه ابتڙ آهن. ڇو ته آمريڪي سوسائٽي جون ترجيحون مختلف آهن،

آمريڪي سماج انفراديت Individualism تي زور ڏئي ٿو. ڪوبه فرد ڪهڙو به شوق رکي ته انهيءَ کي قانوني طور به ڪا جهل پل  ڪونه آهي نه عام  ۽ خاص ماڻهو ڪنهن عمل کي برو سمجهندا. اهڙي ريت هو انهي عمل کي انفرادي عمل سمجهي درگذر ڪري ڇڏيندا آهن. ڪتن،  ٻلين ۽ جانورن کي پالڻ جو شوق آمريڪي سماج ۾ عام آهي، ان کانسواءِ خدائي فوج (Volunteerism) جو تصور به عام آهي. بلڪه جيڪو  فلاحي ڪمن ۾ حصو نٿو وٺي. انهيءَ کي بهتر انسان نٿا سمجهن .Volunteers رضاڪار ٿيڻ آمريڪا ۽  يورپ جا ماڻهو لازمي سمجهن ٿا ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ ۾ هو فخر محسوس ڪن ٿا. جهڙيءَ ريت آمريڪي صدر عام ماڻهن سان  ملي ڪم ڪرڻ ۾ ڪو حرج نٿو سمجهي بلڪه رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گهڻا آمريڪي صدر (President) استاد ٿيڻ پسند ڪندا آهن. اهڙو مثال ته برطانيه جي شاهي تخت سان واڳيل شهزادو هيري افغانستان ۾ عام فوج سان گڏجي محاذ  تي جنگ لڙي ٿو ته هن جي ماءُ ليڊي ڊائنا آفريڪا جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪارن  ماڻهن  سان  گڏ جي ڪم ڪري ٿي.

ايڏو جلدي اُجڙي وياسين

توکان شايد وسري وياسين

ڌار رهي مشتاق پرينءَ کان

واچوڙن جيان وکري وياسين.

 (مشتاق ڦل)

26.11.2005

Philadelphia, USA

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي، 

لڪو ڪين لطيف چئي،  ٻارو چو ٻي پار،

ٿيءُ ستي، ٻڌ سندرو، پرت پنهونءَ سين پار، 

نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

 (شاه)

سر ڪاري اسڪول ۽ خالي دماغ

 

سڄو ڏهاڙو ڪمري ۾ رهي اسٽيڪ  (Stack) جي لکيل ناول All of Kin جا سڀئي پويان باب پورا ڪيم. انٿرو پالسجٽ اسٽيڪ جو تحقيقي ڪم آمريڪا ۾ رهندڙ ڪارن ماڻهن بابت آهي جيڪي ورجينا، آمريڪي رياست جي شهر جي اردگرد (ڪوئن جهڙن گهرن) Flats ۾ رهن ٿا. جن وٽ زندگي جو مقصد ڪمائڻ، کائڻ ۽ سمهڻ آهي. اڪثريت گهٽ درجي جي سمجهه  رکندڙن جي آهي. تنهن سبب معاشي ۽ عملي طور هنن وٽ زندگي بابت ڪو بهتر تصور موجود نه آهي. گهڻو ڪري رياست طرفان AFDC جي امداد تي گذارو اٿن باقي جيڪا آبادي آهي برابري واري تصور تحت زندگي جا ڏک سور هڪٻئي سان Share ڪن ٿا. جنهن  سبب هُنن جي زندگي جو گاڏو هلي ٿو.

شام جو مشهور فلم Phenomenon ڏٺم، ڏاڍي متاثر ڪندڙ Movieآهي. فلم بعد پاڻ کي تروتازه ۽ هلڪو ڦلڪو محسوس ڪريان ٿو. شايد هلڪي ڦلڪي  تفريح به انسان  کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏي ٿي.

7 بجي ڊنر لاءِ هيٺ آيم، جولي مخصوص لهجي ۾ کيڪاريوHey !    Guys ڊاڪٽر پي مون سان گڏ هو. مون پليٽ کين ڪجهه کاڌو کنيم، Curryسادو ٻوڙ منهنجي پسند آهي، اڄ جيڪا ٽيبل تي موجود هئي. هونئن ته ٻن ڏينهن کان مسلسل Turkey Rich Food ۽ طرحين طرحين جا ولايتي  مشروب ۽ مختلف Soft Drinks ۽ مشروب ٽيبل تي موجود هئا. شمپين به حاضر هئي. ڇو ته Thanksgiving day سبب هنن جي عيد هئي. جولي، جيف،  ڪرسٽي،  اِرڪ، پيءُ سميت  سڀئي خوش هئا. جوليءَ سان  هميشه ڊنر ٽيبل تي ڊگهي گفتگو ٿيندي هئي. اڄ هن آمريڪي سرڪاري اسڪولن جي تباهه ڪاري بابت ڳالهايو، جتي خالي دماغ وارا استاد آهن.  تنهنڪري هرڪو پنهنجي ٻار کي Private School يا Home School ۾ پڙهائي ٿو. (هوم اسڪول ۾ هرڪو پنهنجا ٻار سرڪار جي منظوري سان پڙهائي ٿو.  اڄڪلهه آمريڪا ۾  جيڪي عام آهن.) آمريڪا ۾ نصاب جي حوالي  سان نه صرف مختلف رياستن ۽ اسڪولن  کي اختيار آهي ته هو ڪلاس ۾ ٻار جي گهرجن  ۽ ذهني اوسر لاءِ ضروري اسمن کي سامهون رکي پنهنجي طرز جي نصاب جي روشني ۾ ڪتاب پڙهائين ته  جيئن ٻار  نفسياتي، روحاني ۽ عملي طور سماج لاءِ ڪارگر انسان بڻجي  زندگي جي  مختلف  شعبن ۾ ڀڙٿي علمي  ۽ عملي طور خاندان، سماج ۽ انسان ذات لاءِ ڪي شاندار ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن. بلڪه نصاب ۽ ٽيڪسٽ بوڪ جي حوالي سان  هڪ ئي اسڪول ۾ ساڳئي ڪلاس جا جيڪڏهن A,B,C,Dڀاڱا آهن ته  انهن ۾ به استاد مجاز آهي ته هو ٻارن جي ذهني اوسر ۽ نشونما لاءِ مختلف ڪتاب پڙهائي ٻيو ته Home School انهي ڪري هلائين ٿا ته گهڻن مذهبي ۽ ثقافتي گروهن کي خدشو آهي ته هنن جا عقيدا عام اسڪولن ۾ متاثر ٿيندا، تنهنڪري  يهودي، عيسائي، ٻڌ، آمش ۽ ٻيون  ڪميونٽيز ٿورڙن شاگردن لاءِ Home School هلائين ٿيون. باقي تعليمي سرشتو جهڙي ريت اسان وٽ سرڪاري ۽ پرائيوٽ آهي،  اتي به اهڙو آهي. البت سرڪاري اسڪولن جو تعليمي ڍانچو ۽ معيار پرائيوٽ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آهي. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سرڪاري اسڪولن  ۾ بدتر تعليم ۽ ماحول آهي. ٻيو جوليءَ جو چوڻ آهي ته Lunch گڏيل طور هڪ ٽيبل تي ڪرڻ وارو تصور هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي، Dinner گڏجي ڪرڻ وارو ماحول به آمريڪا مان گهڻو ڪري الوداع ڪري چڪو آهي. وڌيڪ هُن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گهڻي محنت  ڪرڻي  پوي ٿي. ٻي صورت ۾ زندگي جو گاڏو هلائڻ مشڪل  آهي.

نوٽ:

جولي جڏهن آمريڪا جي سرڪاري اسڪولن جي ڪريل معيار تي ڳالهائيندي چيو ته،” اُتي خالي دماغ جا استاد آهن،  تنهن سبب سرندي وارا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پرائيوٽ اسڪول  موڪلين  ٿا.  انهي  گهڙي  مون کي سنڌ ۽ پاڪستان جو منظرنامو تقريباّ ساڳيو نظر آيو ته طبقاتي سماجن (Class Society) جا افعال ساڳيا آهن .

خاص ڳالهيون :

ڄام شورو بيگم نازو ۽ ماجد سان  احوال  ٿيا .

ناشتو: چانهه، ڊبل روٽي، بوائل 2 انڊا مانجهاندو: مٺا پٽاٽا،  گوگڙو، گوبي، ڦڪا پٽاٽا، بوتل، بسڪوٽ. رات جي ماني: مڪئي، ٻير مٺا، چانور، مڪس ٽرڪي گوشت، سبزي، Curry ۽ سالري چهري مکڻ سان.

(سالري Salary هڪ قدرتي سائي بصر جهڙو ٻوٽو آهي جيڪو دل جي  مرض لاءِ ڪارائتو آهي .)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org