سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 3-4/ 1999ع

مضمون --

صفحو :8

ظفر حسن شاهه                          

   ڪهاڻي

 

اُن مهل سج ڪاپار تي اچي چڪو هو. گرمي ته دنگ ڪري چڪي هئي. چوپاسي وايو منڊل ۾ موت جهڙي سانت هئي. هوا بنهه بند هئي. وڻ ٽڻ پنڊپهڻ بنجي چڪا هئا. رڳو ڪنهن ڪنهن مهل ڪانگن جي ڪان ڪان ۽ ٻين پکين جون ٻوليون حياتيءَ جو ثبوت ڏيئي رهيون هيون.

مرزو پاڻي ورائي اچي وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺو هو. سندس وارو اڄ ٻن پهرن کان شروع ٿيو هو. پاڻي ورائيندي هن کي ڪيڏو نه آرام آيو هو، جڏهن پاڻيءَ ۾ گهڙي هن ٻه ٽي ڪوڏر جا لاپا هڻي، پنهنجي ٻنيءَ ۾ پاڻي ڇڏيو هو. هو گهري ها ته سڪيءَ کان ئي پاڻي ورائي ها، پر اهڙي سخت گرمي ۾ هن ڄاڻي واڻي واٽر ۾ گهڙي وونئوڻن ۾ پاڻي ڇڏيو هو. اوڏيءَ مهل گرميءَ جي شدت ڪارڻ هن کي گهڙي کن لاءِ ويچار آيو هو ته ”جيڪڏهن مينهن جا ٻه ٽي ڦڙا پئجي وڃن ته واه واهه.“ پر وري وونئوڻن تي نظر پئي هئس جي گل ڪڍيو بيٺا هئا، ته ڌڪ گهٽ ڏڪي ويو هو، سندس دل مان آواز نڪتو:

”نه منهنجا مولا نه، هينئر مينهن نه وسائجين“ ڀل ان کان به وڌيڪ گرمي ٿئي. پر هاڻي جي مينهن وسيو ته جهڳوئي جهڻ ٿي ويندو. پر الائي ڇو مرزو ڊڄي ويو. سندس اکين آڏو وڏيرو خير محمد ڦري ويو ۽ ڪنن ۾ وڏيري جي ڪمدار علي محمد جو آواز وڄڻ لڳو، ”هن ڀيري ڦٽين مان تقاوي نه لاٿئي ته وڏيرو بنڊ رلائي ڇڏيندئي.“ مرزي کي اچي ڊپ ورايو. هن جي چوڻ سان مينهن ته ڪونه وسندو، پر هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن مينهن کي هن جي حڪم جو اوسيئڙو هجي – هن بس سوچيو ۽ مينهن پيو! پر وري پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳو: ائين هجي ها ته سوير نه مينهن پوي ها. جڏهن هن مسيت ۾ نماز پڙهي هئي ۽ الله سائين کان دعا گهري هئائين!

هو وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺي ويٺي اهو ئي سوچي رهيو هو، پر هاڻي مينهن جو ويچار به کيس دل ۾ ڪونه هو. هن پنهنجي وونئوڻن کي ڏٺو، جيڪي ڏينهون ڏينهن ڀلا ٿيندا پئي ويا. گلن مان اندازو لڳايو هئائين ته هن ڀيري جو فصل پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندو. هن سال هن زمين تي ڏاڍي محنت ڪئي هئي. پوين ٻن سالن جي بي مندائتي مينهن هڻي فصل جي لاک لاهي ڇڏي هئي پر هن سال هو قرض لاهي ڇڏيندو. هن چوپاسي نظر ڊوڙائي ته هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي. وونئوڻن جي وچ ۾ ڪي ڪي نمبر غير آباد پيا هئا. ڪڻڪ پوکي ويئي هئي اتي هينئر ويراني هئي. اڻ پوکيل نمبر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا. بس ائين لڳي رهيو هو ته زمين تي ڍڪيل سائي چادر ۾ ڪٿي ڪٿي اڇيون چتيون لڳيون پيون هيون. وري ايندڙ مند زمين چادر بدلائيندي ۽ جتي اڇيون چٽيون آهن اتي ساوڪ ٿي پوندي ۽ جتي هينئر ساوڪ آهي اتي اڇيون چتيون هونديون. بس ائين هر مند زمين پئي ويس مٽائيندي. هن پنهنجي قرض جو حساب ڪيو: هي ٽيون سال هو جو هن تقاوي ورتي هئي، پوين تقاوين لاهڻ کان سواءِ. پهرئين سال ٻه سو روپيا، گذريل سال سو روپيا، هن سال سوا سو رپيا، ڪل ٿيا سوا چار سئو روپيا ۽ تنهن کان سواءِ هن سال جو سندس ڍڳي چورائجي ويئي هئي، ان جو ڀنگ به وڏيري کان اوڌر وٺي ڏنو هئائين. اُها به وڏيري کي شاباس جو ڍڳي ورائي ڏني هئائينس. سوا پنج سو روپيا قرض ڪيئن لهندو... هو وري سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن کي پنهنجي تباهي نظر اچڻ لڳي. هو تصور ۾ پاڻ کي گهر ٻار سوڌو لٽجندي نظر اچڻ لڳو. هن سوچيو: پاڻ پيسا کائي ڀڄي به ته سگهيو ٿي.... پر جيڏانهن به وڃي، وڏيرو کيس سوگهو ڪرائي سگهي ٿو. هن وري سوچيو: نه هن سال فصل ڀلو ٿيندو. ڦٽيون سندس منو قرض لاهي وجهنديون. هوڏانهن پٽس مال چاري مهيني سر ٽيهه پنجٽيهه روپيا ڪمائي ڏيندو هوس. اتان مڙيئي سو روپيا کن ميڙيا هئائين. مڙيئي مولا چڱي ڪندو. سوچ ۾ وهڪرو وهندو ٿي ويو. پنهنجي سوال کان پاڻ ئي ڊنو ٿي ۽ پنهنجي وراڻيءَ کان پاڻ ئي راضي به ٿي، ٿي ويو. هن کي وڏيري کان انهيءَ ڪري به وڌيڪ ڊپ هو جو جڏهن کان ساران سامائي هئي، تڏهن کان وڏيري جون منجهس اکيون هيون. جي ڌيڻس جوان نه هجي ها ته دينوءَ کي ڪڏهن به پڙهائي نه ڇڏرائي ها دينوءَ ۾ کيس جيڪي آسون هيون سي سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويس. دينو ٽئين درجي ۾ هو جڏهن هن اسڪول مان ڪڍرايس زوريءَ تعليم هئي، پر چئو چواءُ ڪرائي ته ”دينو چريو آهي“ اسڪول مان ڪڍارائي وڃي مال چارڻ تي رکيائينس. انگريزي پڙهائڻ لاءِ ٽنڊي موڪلڻ هن جي هونئن به وس وٽان نه هو ۽ هوڏانهن تقاوي تي تقاوي چڙهندي پي ويس، ڳوٺ جا اڌ ڇوڪرا به ائين اسڪول مان جند ڇڏايو وڃي مائٽن سان ٻانهن ٻيلي ٿيو، ٻنين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اُهي به دينوءَ وانگر چريائي هئا!

سج هاڻ هوريان هوريان اولهه طرف لڙي رهيو هو. ڏينهن پنهنجي حياتيءَ جي آخر پهر ۾ پهچي چڪو هو. مرزوءَ هڪڙي ٻاري مان ٻي ٻاري ۾ پاڻي ڇڏي رهيو هو. جڏهن ٻنو ڪٽي سڌو ٿيو ۽ اوچتو جو اوڀر پاسي نظر پيس ته گهڙي کن لاءِ هن جون نظرون اتي ئي ڄمي ويون. هن کي ويساهه ئي نه آيو. هن پيشانيءَ تي گهنج آڻي اکيون چنجهيون ڪري تکي اس جي اثر کان بچندي وري ڏسڻ جي جاکوڙ ڪئي. پريان نيري اجري آڪاس تي ميرانجهڙو داغ نظر اچي رهيو هو. هو ڌڪ گهٽ ڏڪي ويو. ”ڪڪر!....نه، ڪڪر ڪونهن.“ هن وري دل کي آٿت ڏني: ”ريل گاڏيءَ جو دونهون آهي، ٽيشڻ به ته انهيءَ پاسي آهي.“ پر اهو ويچار کيس دلاسو نه ڏيئي سگهيو، پريان ميرانجهڙو داغ الهه دين جي ديو وانگر وڌندو ٿي آيو. هن کي محسوس ٿيو ته سوين جيت سندس ماس کي پٽي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه دير اڳ ۾ پاڻي پيتو هئائين، پر نڙي اهڙي بٺ ٿي ويس ڄڻڪ پاڻي پيتي ڄمار گذري ويئي هجيس. اهو ديو ٿوريءَ دير ۾ نيري آسمان کي ڳڙڪائي ويو... چوپاسي اوندهه انڌوڪار ڇانئجي ويئي، جهڪ لڳي، اهڙي ڌوڙ اٿي جو هو اکيون کولي نه سگهيو، ٻير کي جهلي بيهي رهيو. دل ئي دل ۾ دعا گهرڻ لڳو: ”ڀلي جهڪ لڳي پر مينهن نه وسائجئين منهنجا مولا، پر سندس دعا نه اگهاڻي. هوڏانهن هن دعا گهري ته هيڏانهن مينهن جي سٽ سٽ شروع ٿي ويئي. وڏڦڙو مينهن هڪ هڪ ڦڙو رپئي جيڏو. هو هڪدم ڊوڙيو ۽ واٽر مان وونئوڻن تي پاڻي بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ آخري ٻاري کي لاپو ڏيئي پاڻي غير آباد ٽڪر ۾ ڇڏي ڏنائين. هن کي خبر هئي ته جي مينهن کان فصل بچيو ته گهڻو پاڻي ساڙي وجهندس، هن جا نمبر اڳي ئي هيٺائين ۾ هئا.

رات جو هو جيڏي مهل ماني کائڻ ويٺو ته گراهه نه ڳيسجيس جيئن تيئن ڪري کير جو وٽو پيتائين. دينو دريءَ کان ٻاهران تڏي جو ٽڪر لڳائڻ ويو هو. اڃان تائين مينهن بس نه ڪئي هئي. ڇت مان پاڻي ٽمي نه، پر وسي رهيو هو. سڀني جو منهن لٿل هو، مس مس فصل ڀلو ٿيو هو ته مينهن هاڃا ڪري ڇڏيا، پر مرزي جي من ۾ ڊپ ٻيو ئي هو، سا گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي خبر نه هئي. هن کي سار آئي ته جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هر کيڙي رهيو هو ۽ ساران ماني کڻي آئي هئس، اوڏي مهل وڏيرو به اتان اچي لنگهيو هو. هو هر ڏسڻ آيو هو. مرزي وڏيري کي ڏسندي ئي هٿ ٻڌي کيڪاريو هو.

”سائين بسملايون“

رئيس ڪنڌ ڌوڻي سلام جو جواب ڏنو ۽ مرزي کان پڇڻ لڳو:

”ڪائون هر آهي؟“

”سائين ٻيلهه پوري ڪئي اٿم.“ مرزي جواب ڏيندي جڏهن وڏيري ڏانهن نهاريو. تڏهن وڏيرو ساران ڏانهن نهاري رهيو هو، جا وڏيري جي رعب کان ڊڄي کيس کيڪارڻ ته ڇا پر نهاري به نه سگهي هئي. وڏيري جي اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي ويئي، جهڙي ڪتي جي اکين ۾ شڪار کي ڏسي اچي... وڏيري، علي محمد ڏانهن نهاريو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻ هڪ ٻئي سان ڳالهائي ورتائون. علي محمد، وڏيري جو ڪمدار هو، رئيس جي حڪم جو غلام مرزو رئيس جي نيت سمجهي ويو ۽ هڪدم چوڻ لڳو:

”نينگر آهي، سو سائينجن کان ڊڄي ٿي.“ وري ڌيءَ کي چوڻ لڳو: ”ساران ڊڄ نه وڏيرو پنهنجو ابو آهي.“ الائي ڇو وڏيري جي منهن تي گهنج پئجي ويا ۽ علي محمد کي شام جو ملڻ لاءِ چوندي حويلي ڏانهن منهن ڪيو.

بس انهيءَ ڏينهن کان وٺي حالتون بدلجي ويون. مرزو جيڪا تقاوي گهري سا مليس، جيڪا رعايت گهري اها منظور. هو زماني جو ماڻهو هو، سڀ سمجهي ويو، پر ڪڏهن به حويليءَ ڏانهن ساران بنا ماءُ جي نه وئي. هو هيستائين پنهنجي لڄ بچايو پئي آيو، پر مينهن هڻي کيس ڊاهي وڌو. هو هاڻي پنهنجي عزت برباد ٿيندي ڏسي رهيو هو. پنهنجي مرڻينگ ڍڳي وڪڻي ته به سو ڏيڍ کان مٿي مس ملندس، ۽ هوڏانهن رڳو سو کن رپيا بچائي رکيا هئائين، سوا پنج سو قرض مان ٻه اڍائي سو ڏيئي جند ڇڏائڻ اڻ ٿيئڻ هو. هاڻي وڏيرو کيس ڪونه بخشيندو. هاڻي ته پاڻ وڏيري کي بهانو هٿ اچي ويو سو يا ته پيسا گهرندس يا.... سوچيندي سوچيندي سندس اک لڳي ويئي. سڄي ڏينهن جو ٿڪل هو.

لڳاتار مينهن پوندو رهيو، هن کي محسوس ٿيو ته مينهن ڪو رڳو هن کي برباد ڪرڻ لاءِ وسي رهيو آهي. هاڻي جتي ڪٿي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هو. ڄهڪ ۽ پنجن ڇهن ڏينهن جي مينهن فصل کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. رڳو پاڇاٽا وونئوڻ جن ۾ گل اڃان ڪونه ٿيا هئا، سي ڪجهه بچي ويا هئا. مرزو سوچي رهيو هو، اهو ساڳيو مينهن جي گل ٻاٽيءَ کان پهرين پوي ها ته فصل کي چوٽ چاڙهي ڇڏي ها. پر الهه ڪٿي ٿو مهل تي ٻڌي. هو ڏينهن رات پنهنجي ٻنيءَ تي همراهن سان گڏجي پاڻي ڪڍندو رهيو پر نيٺ پاڻي وڃي ڪيڏانهن! اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. سندس سموري محنت برباد ٿي ويئي. هن لڪن ۽ جهولن ۾ هر ڪاهي زمين ٺاهي هئي ڏينهن رات وونئوڻن تي محنت ڪئي پر مينهن....

سڀني هارين جا منهن لٿل هئا. رڳو ٻن ٽن هارين جي فصلن کي مڙيئي گهٽ نقصان رسيو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حالتون ساڳيون موٽي آيون. هارين وري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن به پنهنجي رهيل کيل فصل مان پاڻي ڪڍيو. روپئي مان ٻه ٽي آنا فصل جي آس مس هئي. ان صبح جو جڏهن هن گهر لاءِ ڪاٺيون پي سڪايون ته علي محمد سندس ڳولا ۾ اچي نڪتو. خوش کيڪار کان پوءِ علي محمد وڏيري جو حڪم ٻڌايس.

”حويلي مينهن ۾ خراب ٿي پيئي آهي. جوڻهين ۽ ساران کي موڪلي ڏجائين اڄ ٻن پهرن کان پوءِ“ ان کان پهرين جو مرزو ڪجهه چئي، علي محمد وري چوڻ لڳو: ”فصل جي نقصان کان پوءِ رئيس برٿيو ويٺو آهي، تون به پيسا پٽ سٽ ڪري وٺ، رئيس کي سخت ضرورت آهي.“ علي محمد ڄار اڇلي روانو ٿي ويو.

مرزو گهر پهتو ۽ ايمڻا کي سمجهائي ڪري حويلي ڏانهن موڪليائين کيس تاڪيد ڪيائين ته ڌيءَ کي پاڻ کان جدا نه ڪري ۽ سج لهڻ کان پهرين ڳوٺ موٽي اچن.

سج هاڻي ڪافي لهي چڪو هو. دينوءَ کي ايستائين موٽي اچڻ گهربو هو. الائي ڇو اڄ دير ٿي ويئي هئس. هو اڪيلو پنهنجن پورن ۾ ويٺو هو. هر مهل کيس اهو ويچار هو ته قرض ڪيئن لهندو. هن سوچيو: وڏيري جي ئي چوري ڪري پئسا هٿ ڪري يا رستي تي ڪا ڦر ڪري ڌاڙو هڻي يا کيس رستي تي ئي ڪا روپين جي ڳوٿري ملي وڃي، هنجي دماغ ۾ طرح طرح جا ويچار اچڻ لڳا. قرض.... قرض... ان کان پوءِ هن کي ڪابه ڳالهه ياد ڪونه هئي. اوچتو پري کان هڪ سڏ ٿيو.

”چاچا مرزا هو هو، چاچا مرزا، هوهو.... هن جي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پيو، آواز ويجهو پوندو ويو. جيسين مرزو جواب ڏئي، تيسين ايلياس سامهون اچي پهتو هو. ايلياس سهڪي رهيو هو، هو هڪساهي ڊوڙندو آيو هو.

”ابا خير ته آهي“ مرزي ڊڄندي ڊڄندي پڇيو. هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تکي ٿي ويئي.

”دينوءَ کي.... دينو ويچارو... هن رستو پار پئي ڪيو... نه نه هو بچي ويو آهي، ٿورا ڌڪ لڳا اٿس، موٽر مٿانئس چڙهي ويو. شهر وٺي ويا اٿس، اسپتال ۾....“ ايلياس ڳيتون ڏيندي ڏيندي ڳالهه پوري ڪئي.

مرزي جا هٿ پير ٺري ويا، هوش خطا ٿي ويس، هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو.

”ڪا ڳالهه ڪانهي چاچا، ڌڪ ٿورو لڳو اٿس، بچي ويندو.“ ايلياس ۾ به هاڻي ٿوري همت موٽي آئي هن مرزي کي آٿت ڏني ۽ پوءِ هو ٻئي تڪڙا تڪڙا رستي ڏانهن روانا ٿي ويا. پڪو رستو ڳوٺ کان ٻه ٽي فرلانگ هو. هو رستي تي پهتا مس ته آچر مال ورايو پئي موٽيو.

”ڌڪ ايترو ڪونه لڳو اٿس.“ آچر، مرزي کي ويجهو ٿيندي چيو پر سندس آواز ۾ پختگي ڪونه هئي، جڏهن مرزي ڏانهنس نهاريو ته، آچر کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو.

ويهارو کن قدم اڳتي مزدور نظر اچي رهيا هئا. هو ڪم ڪار ڇڏي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جو هن نئين آيل ماڻهوءَ کي ڏک جي حالت ۾ ڏٺو ته سمجهي ويا ته اهو ڪو ڌراڙ جو ويجهو مائٽ هوندو. هو وڌي مرزي وٽ آيا.

”هن جو هي پيءُ اٿو.“ ايلياس، مرزي ڏانهن اشارو ڪندي مزدورن کي ٻڌايو:

”خدا ڪندو بچي ويندو.“ مزدورن مان هڪڙي آٿت ڏني.

”ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي ته هٿ ڏيئي بيهاريوس.“ ٻئي مزدور چيو پر جيسين ڪا موٽر يا ٽرڪ اچي تيسين وري پهرين سربستو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو.

”اسين انهي مهل مٽي ڍوئي رستي جي ڀر ۾ وجهي رهيا هئاسين ۽ هو اسان جي اڳيان ئي مال کي رستي جي هن ڀر وٺيو پئي ويو.“ هن رستي جي ٻي ڀر اشارو ڪندي چيو، ”سڄو مال رستو اڪري ويو هو پر هڪڙو گابو اڃان رستي تي بيهي رهيو، ۽ اوچتو وراڪي وٽان موٽر به اچي نڪتو هن ٻچڪارون ڏيئي گابي کي ڏاڍا سڏ ڪيا، پر گابو اهڙو چري جهڙي ڀت. ايتري ۾ موٽر به اچي بنهن ويجهو پهتو. اسان پريان لڪاءُ پئي ڏٺو. اسان سمجهيو ته گابو ويو، پر هوڏانهن مڙس کڻي اوچتو پاڻ کي گابي تي ڇڏيو – گابو ته وڃي ٻي ڀر نڪتو، پر مڙس ور ۾ اچي ويو. موٽر واري به هڪدم بريڪ هنيو، پر جيڪو ڀاڳ ۾ لکيل هو، سوئي ٿيو.“ مزدور سڄو احوال ٻڌائي پورو ڪيو.

”پر شابس آهي موٽر وارن کي.“ ٻي مزدور چيو، اسين چڱا پري هئاسين، وڻين ها ته ڀڄي وڃن ها، پر اسان کي پاڻ چئي هن کي موٽر ۾ کڻائي شهر ڏانهن اسهي ويا ۽ اسان کي چئي ويا ته ڪنهن ڀرواري ڳوٺ جو ٿو ڏسجي، پڇا ڪرائي وارثن کي سيول ڏانهن موڪلجو، اسين اتي هونداسين“ مرزي رستي ڏانهن انهي قدم نهاريو، جتي رستي تي رت جي دٻن تي موٽر جي ڦيٿن چٽ ڪڍي ڇڏيا هئا. ايتري ۾ مزدورن هڪ ٽرڪ بيهاري ورتي، جنهن ۾ مرزي ۽ ايلياس کي شهر اماڻيو.

شهر ڏهه ميل کن پري هو، جڏهن هو شهر پهتا ته سج لهي چڪو هو. مرزي جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، پر هن کي پڪ هئي ته دينو بچي پوندو. هو جڏهن اسپتال پهتا ته ساجن، ڪندو، سڀ اتي هئا. مرزو پهتو ته ساجن کڻي ڀاڪر پاتس.

”ڀائو، دينو وڃي الهه کي رسيو“ ساجن ڳراٽڙي پائيندي چيس: مرزو مڙس هو پر کانئس اوڇنگار نڪري ويئي. هو ساجن جي ڪلهي تي منهن رکي روئ ندو رهيو. جڏهن سڀئي ڪمري ۾ پهتا ته لاش کي ڏسي مرزو بابا، بابا ڪندو چنبڙي پيو. ڊاڪٽر کيس ٻانهن کان وٺي پرڀرو ڪيو.

”مون گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪارڻ بچي نه سگهيو.“ ڊاڪٽر همدردي ڪندي چيو.

ٿوري دير ۾ جڏهن مرزي کي هوش آيو ته هن پنهنجي ڀر ۾ ٻن پتلون پاتل ماڻهن کي ڏٺو، جن جي منهن تي ڏک جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا.

”جيڪي ڀاڳ ۾ لکيل هو، سو ٿيو. اسان ته پنهنجي پر ۾ گهڻي جاکوڙ ڪئي پر جيڪا الله جي مرضي.“ پتلون واري هڪڙي چيو.

ڪافي دير ڪمري ۾ سانت رهي. وري هنن مان هڪڙو اٿي آيو ۽ مرزي کي چوڻ لڳو.

”اسين تنهنجو پٽ ته نه ٿا موٽائي سگهو، نڪو هن جي موٽ ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي هن پتلون جي هڪ کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ڪجهه نوٽ ڳڻي مرزو جي هٿ تي رکيا. ”هي هزار اٿو چاچا، هاڻي توهان جي پٽ جي حياتي ته موٽي نه ٿي اچي سگهي، پر....“ هن وري ساڳي ڳالهه ورجائيندي چيو:

مرزو پهرين ته ننهڪار ڪيو پر جڏهن هنن تمام گهڻو لاچار ڪيو ته سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوءِ اوچتو هن هٿ وڌائي نوٽ کڻي ورتا. کيس پنهنجو قرض ۽ ساران ياد اچي ويا. هاڻ هو پنهنجي عزت بچائي سگهندو – گهڙي کن لاءِ هو سوچ ۾ ٻڏي ويو. هو دينوءَ کي وساري ويٺو. ”ڇا غريب کي اوچتا پئسا ائين ئي ملندا آهن!“

هو جڏهن لاش کڻائي ڳوٺ پهتو ته روڄ لڳو پيو هو. قبر تيار هئي، پر هنجا ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئا، دينوءَ مهان قرباني ڏني هئي. شايد هن پنهنجي ڪٽنب جي عزت بچائڻ خاطر ئي جان ڏني هئي.

هو ٽيجهو ڪري، راتو رات ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏي ويا. مرزي کي خبر هئي، ته رئيس کي تقاوي جو ته بهانو هو. هن جي من ۾ جيڪا هئي سا هو ضرور ڪري ها. پر جيڪڏهن بنا قرض جي ڀڄن ها ته وڏيرو مٿو ئي وڃائي ڇڏي ها. جيستائين هڪ غريب هاريءَ وٽ جوان ڌيءَ آهي تيستائين زميندار پنهنجو قرض ضرور اوڳاڙيندو. هن کي اها خبر هئي.

هاريءَ وٽ ته ڌيءَ ڄمندي رهندي اهو قدرت جو اٽل قانون آهي پر هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ سدائين رهندو اهو قدرت جو اٽل قانون ڪونهي. جيڪي به صدين کان غريب جو امير تي وري رهيل قرض آهي ان جو پورو حساب ٿيندو. هن کي شايد اڃا خبر نه هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com