سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 3-4/ 1999ع

مضمون --

صفحو :3

وائي

رڳو انا جي تسڪين خاطر

ارمانن جو خون ٿي ويو -

هي ڇا ٿي ويو؟!

محبتن جي شهر ۾ اچ،

دونهون نفرتن جو ڀرجي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

ٻاٽ اونداهه ۾ جرڪندڙ،

آخري ڏيئو به گُل ٿي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

هُو شخص جو اجنبي هو،

دل ۾ منهنجي پيهي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

منهنجي ملڻ ۽ وڇڙڻ کان پوءِ،

هو شخص شاعر بڻجي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

اميد ته هئي درگذر جي مگر،

الزام هڪ ٻيو به لڳي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

انتظار ڪندي ڪندي نيٺ،

دروازو دل جو بند ٿي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

هو جيڪو دشمن جان هو،

اڳواڻ سوئي منهنجو ٿي ويو-

هي ڇا ٿي ويو؟!

ناظم منگي

هائيڪا

ويرين تي ويساهه،

ڪبو ڪونه مفاد لئه،

”ٺوڳين سان ڪو ٺاهه.“

*

منهنجو ٿيءُ نه ٿيءُ،

ڌرتي منهنجي ماءُ،

سنڌو منهنجو پيءُ.

*

ٻيجل چنگ نه چور،

سر کپئي کڻ، ڀونءِ جو،

ڏيندو سانءِ نه ڀور.

*

ڪفن ڏينم ٻه گز،

سڀ کڻي وڃ، ڏيندوسانءِ،

ڌرتي جي نه دز.

*

تو لئه دنيا دم،

مون ڪاڻ خدمت سنڌ جي،

آهي دين ڌرم.

*

ڌرتي ڪن پيا ڌار،

جناح پور جي جوءِ جا،

منڪر پوندو مار.

*

ٻاڙا گيت غزل،

ٿي ويا ڏسندي سوڪلا،

ڪينجهر منجهه ڪنول

*

اڇليو ڀل آڙاهه،

مون کي سنهن ساڻيهه جو،

سنڌوءَ ۾ آ ساهه.

*

سنڌي ۽ سنڌو،

ٻئي جنت واسطي،

کستوري خوشبو.

*

تو پارا ناظم،

ڪاڏي ڪبا، دين کي،

کپن ٿا خادم.

*

خليل عارف سومرو

غزل

آءٌ اياڻو دل اياڻي، پيار بڻيو آ درد ڪهاڻي.

منهنجي هر ڪا آس اجهائل، جهڙي حق بخشايل نياڻي.

جنهن کي سچو پيار ڏنو مون، سور ڏنا تنهن ڄاڻي واڻي،

محبوبا جي عزت رکبي، ڪانهي ڪرڻي ڪا ٻاراڻي.

سورن سامائي جو جيون، جهرندڙ ڀرندڙ جاءِ پراڻي.

گهر ۾ ڪيڏو سک هجي ته به، دل ۾ رهندي تانگهه اباڻي.

سامونڊي طوفان اُجاڙيو، روئي ٿي مسڪين مهاڻي.

شهر ۾ هر شيءِ مصنوعي آ، سونهن به اصلي آ ڳوٺاڻي.

پيءُ ۽ ماءُ جي ننڊ ڦٽي وئي، نينگر جيئن ئي آ ساماڻي.

هڪ ڏينهن ديس دروهين سان ڀي، عارف ٿيندي هڪ هڪاڻي.

ڏوهي آهيان

ڏوهي آهيان ڏوهي آهيان جو ٿو سچ چوان،

ڏات وڪائو ناهي منهنجي درٻاري ناهيان،

ڏوهي آهيان.

ڪوڙي دنيا جا ٽڪساٽ، ڊوهه سمورا ڊاهيان،

ڏوهي آهيان.

پنهنجي من جي احساسن کي ڪاغذ تي ٿو لاهيان،

ڏوهي آهيان.

اکيون ٻوٽي هلندو ناهيان، ڳاهه به ڇا لئه ڳاهيان،

ڏوهي آهيان.

ايندڙ سڀني طوفانن سان، سينو ويٺو سهايان،

ڏوهي آهيان.

پيار نگر آ منهنجي منزل، ڪاهيو ان ڏي ڪاهيان،

ڏوهي آهيان.

اونداهي جو ويري عارف، چانڊوڪي کي چاهيان،

ڏوهي آهيان.

 

گيت

لِڦون لِڦون پير،

مان ڳولائو پيار جو.

 

مون سان رکي واسطو،

قُرب ونڊيندو ڪير؟

مان ڳولائو پيار جو.

 

ڌُڦر وجهان سڀ دشمنيون،

سور نه ڄاڻان وير،

مان ڳولائو پيار جو.

 

دولت، چاندي، سون جا،

ڪين کپن ٿا ڍير،

مان ڳولائو پيار جو.

 

ماڻهو آهيان مُحبتي،

سڀ جو چاهيان خير،

مان ڳولائو پيار جو.

 

عارف اُجري من اندر،

ڪين رکان ڪو مير،

مان ڳولائو پيار جو.

غزل

جاءِ نه جنهن کي ملي زماني ۾،

ان کي ڳوليو شراب خاني ۾.

صرف ڪجهه خواب، درد ۽ يادون،

ٻيو نه ڪجهه آ سندس فساني ۾.

عشق وارا چريا ته سڏبا هن،

فرق ڇا هن ۾ ۽ ديواني ۾.

نيڻ پنهنجا جهڪائي هل جاني،

موت بخشين ٿو هر نشاني ۾.

شهر ۾ ڇا خليل عارف جو،

هن کي ڳوليو وڃي ويراني ۾.


 

 

ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سڄاڻ سرتي

ملوڪان ڪماريءَ سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: حميرا شمس

پاڻ جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي ننڍ وڏائي ڪر کنيو بيٺي آهي ۽ انهن حالتن هوندي ماڻهو پوءِ به ماٺ ناهي ڪئي، پر هو وڌندو رهيو آهي ۽ گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هو پنهنجي محنت، قابليت ۽ صلاحيت مطابق ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿو، توڙي جو هن کي سوين الزام سر تي کڻڻا پون ٿا. ڪيئي جبل جهاڳڻا پون ٿا ۽ هزارين سفر طئي ڪرڻا پون ٿا. اهڙي سماج جو ٿرپارڪر به هڪ حصو آهي، جتي جديد تعليمي ڄاڻ اڃان تائين پير کوڙي ڪونه سگهي آهي، پر دنيا جي تيز رفتار زندگي ٿر جي ڳوٺن ۾ خيما کوڙڻ جي تياري ۾ ضرور آهي. ڇو ته اتان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪجهه قدر اڳتي نڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. انهن مان اسلام ڪوٽ کان پنج ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ جوڳلار جي ملوڪان ڪماري به هڪ آهي، جنهن تعليم حاصل ڪئي، ليڊي هيلٿ ورڪر جو ٽن مهينن جو ڪورس ڪيو. ليڊي هيلٿ ورڪر جي نوڪري ڪري ڪجهه سال ٻار پڙهايائين، گهر اندر ننڍڙو دڪان هلائي پيئي، سلائي، ڀرت ۽ آر جي هنر ذريعي پورهيو ڪري ٿي، اڍائي سالن کان باقاعده هڪ تنظيم هلائي ٿي. هن وقت تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي جا ڪم سرانجام ڏئي پيئي. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه سرتيون جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿي.

سوال: توهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟

جواب: منهنجو نالو ملوڪان ڪماري آهي. آئون پهرئين مئي 1977ع تي جوڳلار ۾ پيدا ٿيس.

سوال: توهان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آهي؟

جواب: مون ميٽرڪ ڪئي آهي ۽ فرسٽ ايئر ۾ هن سال داخلا وٺندس. ان کان سواءِ ليڊي هيلٿ ورڪر جو ٽن مهينن جو ڪورس ڪيو اٿم.

سوال: اوهان جي هن ڪورس ڪرڻ سان ڳوٺ وارن کي ڪو فائدو ٿيو آهي؟

جواب: ها بلڪل فائدو ٿيو آهي، ڇو ته آئون باقاعدي گهر گهر وڃي، عورتن کي ٽي ٽي ويڪسين جا ٽڪا لڳايان ٿي. ٻارن کي اي. پي . آءِ جا باقاعده ٽڪا لڳرايا آهن. پوليو ڊي تي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن نياڻين ۾ ڦڙا وٺي پياريان ٿي. ان کان سواءِ پهريون ڀيرو ڳوٺ اندر ٻارنهن عورتن کي ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرائڻ تي راضي ڪيم ۽ عمل ڪرائڻ لاءِ آر.ايڇ.سي وٺي وڃي عمل ڪرايو اٿم. پيٽ وارين عورتن جو چيڪ اپ ۽ وزن پڻ گهر وڃي ڪندي آهيان. عورتون گهر اچي پئسن تي دوائون وٺي وينديون آهن ۽ آئون ماهوار رپورٽ پڻ اسپتال ڏيندي آهيان ۽ وري نيون دوائون وٺي ايندي آهيان.

سوال: ليڊي هيلٿ ورڪر کان سواءِ ٻيو ڇا ڪنديون آهيو؟

جواب: ليڊي هيلٿ ورڪر کانسواءِ گهر ۾ ننڍڙو دڪان کوليو اٿم. عورتون ريل، بٽڻ، والا، رٻڙ وغيره مون کان وٺن ٿيون. ٽائيم ملڻ تي سلائي، ڀرت ۽ آر جي هنر جو پورهيو به ڪيان ٿي ۽ گذريل ٽن سالن کان پنهنجي پاڙي ۽ ذات وارين عورتن تي مشتمل تنظيم هلايان پئي ۽ گهر جو ڪم به ڪندي آهيان.

سوال: اوهان تنظيم ڪڏهن ٺاهي ۽ ڇو ٺاهي؟

جواب: اسان جي تنظيم ٺهڻ کي 25 مهينا ٿي ويا آهن. هن وقت اسان جا 25 ميمبر آهن ۽ -/21700 روپيا بچت ڪئي آهي. رهي ڳالهه ته تنظيم ڇو ٺاهي آهي ته ادي حميره آئون سال 95-1994ع ۾ ايس.سي.ايف پاران هلندڙ اسڪول ۾ ٽيچر هيس ان دوران مون کي مختلف سکيائون مليون هيون ۽ پوءِ مون پنهنجي امان ۽ هڪ ميمبر موتان سان گڏجي تنظيم ٺاهڻ لاءِ عورتن سان ڳالهايو ۽ ٽن مهينن ۾ اسان جي تنظيم ٺهي ويئي. ان وقت اسان 25 ميمبرن تي تنظيم جو بنياد وڌو، اڃا تائين سڀ ميمبرشپ برقرار آهي.

سوال: بچت ڇا جي لاءِ ڪيو ٿيون؟

جواب: هڪ ته ميمبرن ۾ ٻڌي پيدا ٿئي ٿي، ٻيو باقاعده ماهوار بچت ڪرڻ جي عورتن ۾ عادت پوي ٿي. ٽيون بچت مان ميمبرن جون ننڍيون ننڍيون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. اسان پنهنجي بچت 3 سيڪڙو منافعي تي هلايون ٿيون. ميمبر شادي، غمي ۽ ننڍي گهرو ڪاروبار لاءِ 500 کان 5000 تائين قرض کڻن ٿيون.

سوال: بچت کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟

جواب: 1. اسان پوسٽ ۾ کاتو کولرايو آهي.

2. ديسي ٻيرين کي صوفي قلم ڪرايا آهن.

3. پنهنجي پاڙي جي مردن جي هڪ تنظيم ٺهرائي آهي.

4. مون ليڊي هيلٿ ورڪر جي سکيا ورتي آهي.

5. تيرنهن گهرن ۾ پاڻي گڏ / جمع ڪرڻ لاءِ ٽانڪيون ٺهرايون آهن.

6. ٽن عورتن کي گهرن ۾ دڪان کولرائي ڏنا آهن.

7. هڪ ميمبر کي ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪاروبار کولائي ڏنو آهي.

8. ٿرديپ اداري کان اوڻويهه عورتن کي -/176000 روپيا مختلف ڪاروبارن لاءِ قرض وٺي ڏنو آهي.

9. ٻين عورتن کي ٽي.آر.ڊي.پي کان ڇهه ڇهه ٻڪريون وٺرائي ڏنيون.

10. اداري کان چاليهه کن عورتن کي ننڍين ننڍين ماهوار قسطن تي ڀرت جو سامان وٺي ڏياريو آهي.

11. ٽيهن ٻارن کي اداري کان ٻن سالن جو تعليمي ڪورس وٺرائي ڏنو.

12. ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي ٻارن کي شريڪ ڪرايو هو، جن کي ٽرافيون، ڪپڙا، ڪتاب ۽ ڊڪشنريون انعام مليون هيون ۽ ٻيا به ڪي ڪم ڪيا آهن، جيڪي هينئر ياد نه ٿا اچن.

سوال: هن وقت تائين تنظيم کي ڪهڙيون سکيائون مليون آهن؟

جواب: هڪ ميمبر/خزانچي جي ڪمن ڪارن جي سکيا صدر ۽ سيڪريٽري کي عهديدارن جي سکيا، ٻن ميمبرن کي گهرو سطح تي مال سنڀالڻ جي سکيا، هڪ ميمبر کي ٻير قلم ڪرڻ جي سکيا، ٽن عورتن کي دائپي جي سکيا ۽ هڪ عورت کي بي.ايم.سي.ٽي بنيادي صلاحيتن واري سکيا ملي آهي، جيڪا حيدرآباد ۾ ٿي هئي ۽ ان کانسواءِ اسلام ڪوٽ ۾ ٿيندڙ 5 کن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com