سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :4

سهيڙيندڙ:حميد شهيد هالائي

سوانح حيات

ڪوثر جليس ابڙو

هالا هونئن ته هڪ ننڍڙو شهر آهي پر هتي جي مٽيءَ کي اِهو ناز آهي ته هتي ڪئي وڏن اديبن، شاعرن ۽ محققن جنم ورتو. ابڙا خاندان هالا جي اُنهن خاندانن منجهان ليکيو وڃي ٿو جنهن ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ هميشه پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

جنهن وقت عورتن جي تعليم کي اخلاقي قدرن جي خلاف سمجهيو ويندو هو ۽ نياڻين جي تعليم صرف قرآن پاڪ پڙهڻ تائين محدود هئي، انهيءَ وقت هن ننڍڙي شهر ۾ جيڪو اڃا وقت جي جديد سهولتن کان محروم هو ۽ ويندي بجليءَ جهڙي بنيادي سهوليت کان به ڪوهين پري هو، اُتي ابڙا خاندان ۾ هڪ سلڇڻي نياڻيءَ اُمِ ڪلثوم ”ڪوثر“ جي نالي سان جنم ورتو.

سندن والد خانصاحب لطف علي خان جيڪو نه صرف پوليس کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هو بلڪه پاڻ هڪ شاعر، اديب ۽ حڪيم پڻ هو. ڪوثر صاحبه نه صرف هڪ شاعر پيءُ جي نياڻي بلڪ سنڌ جي مايهء ناز شاعرن ”غلام“ هالائيءَ ۽ ”ساقي“ هالائيءَ جي ڀيڻ پڻ آهن. بظاهري تعليم ته سندن بلڪل ئي نه رهي پر هڪ اديب ۽ شاعر خاندان ۾ جنم ۽ پرورش ۽ مٿان وري پيءُ جي شفقت ۽ ڀائرن جي بي لوث پيار سندس ذهن جي تربيت ڪئي. کيس ڌڻيءَ سائينءَ ننڍي هوندي کان ئي هڪ خوبصورت ذهن عطا ڪيو هو کيس تعليم سان ڪافي چاهه رهيو، پر تعليم جون سهوليتون نه هئڻ ڪري پاڻ گهر تائين مقيد رهيون.

علم سان تمام گهڻي چاهه هئڻ ڪري پاڻ هر طريقي سان علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، ايتريقدر جو اخبار پاڻ ئي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيائون. سندن ذهني صلاحيت جي حدَ اها هئي جو هڪوار ڪا شيءِ ڏسنديون هيون ته اُها ڄڻ سندن ذهن تي هميشه لاءِ اُڪرجي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪنهن سوئيٽر يا ڀرت جي ڪٿي ڊزائين ڏسنديون هيون ته اُها پوءِ پاڻ ئي گهر اچي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. سندن همت، چاهه ۽ محنت سندن ذهن کي تمام گهڻو سنواريو ۽ نکاريو.

پاڻ ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي خاندان ۾ هڪ سگهڙ ۽ سٻاجهڙي نياڻيءَ جي حيثيت ۾ ليکجڻ لڳيون. سندن حساس طبيعت ٻالڪپڻ کان ئي شاعريءَ طرف مائل رهي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي حساس ۽ ٻين جي درد کي پروڙڻ واري، ٻين جي ڏکن کي ونڊڻ واري ۽ هڏ ڏوکي رهي. کين نياڻين جي بي تعليم رهڻ جو احساس شدت سان رهيو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن شعور جي عمر تائين پهتيون ته پنهنجي ئي گهر ۾ معصوم نياڻين کي قرآن جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون ۽ اُنهيءَ سان گڏ کين آرَ، ڀرتُ، سوئيٽر ٺاهڻ، ڪشيده ڪاري، رليون، شالون ۽ سلائيءَ جهڙن هنرن سان به سينگاريو.

ڪوثر جڏهن 17 ورهين جي سنِ شعور کي پهتي ته سندن خاندان جي هڪ نيڪ بخت محمد يعقوب ”جليس“ هالائيءَ سان سندن وهانءُ ٿيو. جليس صاحب جيڪي نه صرف روينيو کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هئا، بلڪِ وقت جا بهترين شاعر ۽ ليکڪ به هئا. جليس جهڙي خليق ۽ حساس انسان جي رفاقت ۽ همت افزائيءَ ”ڪوثر“ جي شاعريءَ ۾ اڃا به وڌيڪ نکار پيدا ڪيو.

قرآن سان محبت ۽ دين طرف رُجحان سندن شاعريءَ تي پڻ گهڻو اثر ڇڏيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڻ انيڪ حمد، نعتون ۽ دعائون پڻ چيون اٿن:

آيو براق چڙهيا سونهارا،

لٿا اُتي جتي هئا نظارا

سائينءَ جي سامهون اچي

سجده ريز ٿيا پيارا

محب ٻڌي هٿ عرض ڪيو الله کي

بخش اُمت منهنجي قادر ڪرم وارا.

هڪ ٻئي هنڌ چيو اٿن:

هٿ خالي سندم آهن
نه آهي ڪو ثمر مون وٽ
الاهي ڪر ڪرم مون تي
رڳو آ نانءُ سندءِ مون وٽ.
 

هڪ ٻئي هنڌ چيو اٿن:

بي وسيلن جا وسيلا،
بي
ڪسن جا ڀرجهلا
آهين تون هڪ ئي سائين
ٻيو ڪونه آهي تو سوا.

هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي بيڪسيءَ جو اظهار ڪندي چيو اٿن:

لاچاري ۽ بيسڪيءَ کان چاق سينو آ منهنجو ٿيو،
ڪنهن کي ڏيکاريان مولا مان تو سوا نه آهي منهنجو ڪو ٻيو.

اسان جي هن شاعره کي ٻارڙن سان پيار ۽ چاهه هميشه رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري پاڻ ٻارڙن لاءِ به شاعري ڪئي اٿن. ٻارڙن سان سندن پيار جو اندازو هنن شعرن مان ڪري سگهجي ٿو:

ڪڪوءَ نالي ڇوڪرِ ڏنم هڪڙي موٽي،

اٿس نڪ پڪوڙو ٻيو وري قد جي ڇوٽي،

نڪمي سڄو ڏينهن پئي ٽپي کڏ کٽون،

ڪري ڪم تڏهين ڪو کڻي هٿ ۾ سونٽي.

ٻارڙن لاءِ سندن پيار جو اندازو هن ”لوليءَ“ مان به لڳائي سگهجي ٿو:

الله الله چئي ماءُ، ڏئي توکي لولي،

سمهه تون منهنجا جيءَ جيارا،

                سمهه تون....

ڪرم ڪري مولا توتي، ”ڪوثر“ لوڏئي جهولي،

سمهه تون منهنجي دل جا دلارا

                سمهه تون....

ڪوثر صاحبه کي ڌڻيءَ پاڪ چار نياڻيون ۽ پنج فرزند عطا ڪيا. سندن فرزند اڄ اعليٰ عهدن تي فائز آهن. پنهنجي اولاد جي بنيادي تربيت پاڻ ئي ڪيائون ۽ خاص ڪري قرآن جي تعليم کان پاڻ ئي کين آراسته ڪيائون. سندن وڏو پٽ ڊاڪٽر محمد يوسف ”مقصود“ نه صرف هڪ بهترين ڊاڪٽر آهي، جيڪو 30 ورهين کان سعودي عرب ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، بلڪ هڪ شاعر ۽ اديب پڻ آهي.

ڪيڏي نه خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو هڪ شاعره جو پيءُ، ڀائر، شريڪِ حيات ۽ سندس فرزند به شاعر آهن.

لاڏڪوڏ سان پلجندڙ ۽ پنهنجي شريڪ سفر جي دل ۾ محبت جو ڏيو ٻارڻ واري هن شاعره کان اوچتو خوشيون منهن موڙي ويون ۽ بهارون خزائن سان مٽجي ويون. سندن والد ته 1961ع ۾ ئي لاڏاڻو ڪري کانئن موڪلائي ويو، پر سندن ڀائر، ڀينرون ۽ سندن پيار ڀريو ساٿي هڪٻئي پٺيان کانئن هميشه لاءِ موڪلائي کين وڇوڙي جو درد ڏئي ويا. انهيءَ درد کين جهوري وڌو. سندن شاعري جيڪا خوشين ۽ محبتن جو پيغام هئي، سا هاڻ درد ۽ وڇوڙي جو عڪس بڻجي رهجي ويئي آهي. سندن درد جو اندازو هن شعر مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو پاڻ پنهنجي باقي حيات ڀاءُ شمس الدين ابڙو، جيڪي حڪيم پڻ آهن، لاءِ لکيو اٿن:

ماءُ پيءُ جا اَٺَ هئاسين ڇهه ته ويا لڏي،
باقي هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ هت آهن، ٻيا ويا ڇڏي،
ناهي ڄاڻ هنن ٻن ۾ ڪنهن جي وار ايندي،
ڀاءُ آگ ڏيندو يا ڀيڻ آگ ڏيندي،
”ڪوثر“ چئي آءٌ کٽندس راند ڀاءُ نه کٽندو،
ڀيچي نه رهندو پوءِ ڪيئن راند ڀاءُ کٽندو!

وڏي ڀاءُ ”غلام“ هالائيءَ جي ياد ۾ درد مان جيڪي لکيو اٿن:

مٺا منهڙو مون کان مٽائي هليو وئين،
ڏئي جيءَ ۾ جهوري جلائي هليو وئين،
وڃڻ ويل مون کي نه ڪجهه ڪي ٻڌايئي،
گهڙي پل ۾ مون کي ڏئي وئين جدائي،
بنان حال اورڻ نٽائي هليو وئين.

ننڍي ڀاءُ ”ساقي“ هالائيءَ جي ياد ۾ هنجون هاريندي هيئن چيو اٿن:

آءُ وري تون ڀائڙا، لڪَ ڇپ راند ڪڏون،
آءٌ توکي ڳولهيان وري مون کي ڳولهه تون!
لڪندي لڪندي گم ٿي وئين گذري ويا سال،
ڳولهي ڳولهي توکي مٺڙا، ههڙا ٿيا منهنجا حال!

پنهنجي شريڪِ حيات جي ياد ۾ اُها آخري رات جيڪا سندن رفاقت ۾ گذري: ان بابت ڪجهه شعر:

ساري رات راڻا مون روئندي گذاري،
مٺي ننڊ ۾ تو سمهندي گذاري،
سڏِڪا ڀريندي ٿي گذر رات ساري،
کڻي اک نه پل لاءِ مون ڏي نهاريئي.

نماڻي آ ”ڪوثر“ جا نڌر آهي ناري،
کنئي تنهن مٿي تي سورن جي آهي کاري،
نه آئين تون مون وٽ منهنجي آهي واري،
کڻي اک نه پل لئه مون ڏي نهاريئي.

پنهنجي شريڪ سفر سان پيار جو اظهار هن ريت ڪيو اٿن:

”ڪوثر“ جون هيون دلبر دلڙيون توسان،

ڪيان پئي ياد توکي هربار سهڻا.

*

ڪوثر بيوس آهي بيگاني،

تو بن جاني آهي ديواني،

منهنجو پيار پرين توکي مڃڻو پيو.

*

جيڏيون جيان پئي جڳ ۾ ساجن سوا،

ڪيئن گذري ٿي زندگي ٿو ڄاڻي خدا.

*

ڪوثر صاحبه جن نه صرف سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي بلڪ اڙدوءَ ۾ به سندن ڪئين شعر آهن. سندن اڙدوءَ ۽ سنڌيءَ جو گڏيل مجموعو ”سر اور سوز“ ڇپجي چڪو آهي. سندن ڪيترا شعر اڄڪلهه ڪئين راڳيندڙ ”ڪي ٽي اين“، ”ڪشش“ ٽي وي چئنلن ۽ ريڊيو تي ڳائين ٿا.

پروفيسر رشيده ڀٽي

رت ۽ رت جي کوٽ

 

عام ڀينرن جي ڄاڻ لاءِ، ضروري ٿي سمجهان، ته اهو ٻڌايان ته رت ڇا آهي؟

What is Blood?

Blood is a connective tissue, which continuously runs within blood vessels through out in the body.

رت هڪ اهڙو تندائون - اوڄو آهي، جنهن جو وهڪرو، رت - نالين وسيلي سڄي جسم ۾ لاڳيتو جاري رهي ٿو.

رت قدرت جي هڪ نعمت آهي. هن اُسريل سائنسي دور ۾، جڏهن سائنسدان ڪلوننگ جهڙي عمل تائين رسائي حاصل ڪري چڪا آهن، تڏهن نه ٺاهي سگهيا ته صرف رت نه ٺاهي سگهيا آهن. رت جيڪو هڪ ساهواري اندر ته پيدا ٿيندو ۽ ڊوڙندو رهندو آهي، پر ٻاهر لئبارٽريءَ ۾ نٿو ٺاهي سگهجي.

رت کي سدائين مقدس سمجهيو ويندو آهي. قديم زماني کان وٺي رت کي زندگيءَ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي. ”رت جيوت (Life) آهي.“ جي چوڻي اڄ تائين هلندي ٿي اچي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ساهواري جي رت جو ڪجهه مقدار جي ضايع ٿي وڃي ته پوءِ اُن جو موت به ٿي سگهي ٿو.

مسلسل سائنسي کوجنائن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي دوائون، مختلف بيمارين لاءِ ايجاد ٿي چڪيون آهن، پر جيڪڏهن رت جي کوٽ واري بيماري ٿي پوي ته پوءِ ان جي دوا ڪنهن به حاذق حڪيم، ويڄ طبيب يا ڊاڪٽر وٽ ناهي، سواءِ ان جي ته:

1) کاڌ - خوراڪ (اناج، ميوي، ڀاڄين) سان ان کوٽ جو پورائو ڪيو وڃي ۽ رت جي پيداوار وڌائي وڃي.

2) ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ جو رت گهرجائو جسم ۾ منتقل ڪيو وڃي.

اناج، ميوي ۽ ڀاڄين منجهان خوراڪ حاصل ڪري، رت جي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ڪنهن به ايمرجنسيءَ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ مان رت ڪڍي ضرورتمند ماڻهوءَ ۾ منتقل ڪري ان جي جان بچائي سگهجي ٿي. اِنڪري رت کي زندگي بچائيندڙ دوا يعني ته، Life Saving Drug به ڪري سڏجي ٿو. رت جي وصف بيان ڪندي ڊاڪٽر آر ايل بجلاڻي پنهنجي ڪتاب ميڊيڪل فزيالاجي ۾ هيٺينءَ ريت لکي ٿو:

رت هڪ اِهڙي منجهائيندڙ اَوَڄي (tissue) تي مشتمل پاڻياٺ (Fluid) آهي، جنهن جو اٽڪل اڌ کان ڪجهه گهٽ حصو پلازما (Plasma) ۽ باقي حصو جيو گهرڙن (Cells) تي مشتمل آهي.

رت هڪ گردش ڪندڙ تندائون اوڄو آهي، جيڪو رت - نالين وسيلي سڄي جسم ۾ گردش ڪري سگهي ٿو.

رت ۾ موجود جيو-گهرڙا(Blood Cells) گڏجي هڪ اِهڙو اوڄو يا عضوياتي وارنلين جهڙا ٻنڌڻا ٺاهين ٿا، جيڪي شريانين ۽ نسن جي سرشتي وسيلي سڄي جسم اندر متحرڪ رهن ٿا ۽ آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ جهڙو اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جنهنڪري جسماني واڌ ويجهه جو عمل توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل، خوش اسلوبيءَ سان وقت سر مڪمل ٿيندو رهي ٿو. رت (Blood) هڪ نظر نه ايندڙ اِهڙو عضوو آهي، جنهن منجهه موجود Cells (جيو-گهرڙن) کي پنهنجي الڳ الڳ جاءِ پيدائش ۽ بناوت (Anatomical Structures) ۽ پنهنجا الڳ الڳ ڪم (Functions) سونپيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com