سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :12

چونڊ نظم

جي - ايم - مهڪري   (انگريزي پاڪستاني)

سنڌ جي کنڊرن مان

سنڌ جي کنڊرن مان

هتي، هُتي، سموري ڌرتيءَ تي

موهن جي دڙي، رني ڪوٽ،

آمري، ٺٽي، امرڪوٽ، ڀنڀور، سکر، بکر مان

هڪ مٺو آواز ٿو ٻڌجي،

روپيءَ ريتيءَ جي ڪومل ماٺ ۾،

ٿڌي هير جي سدا لڳندڙ نرم ڇهاءَ ۾،

اهو مٺو آواز ٿو اُڀري،

پري کان چانديءَ جي

گهنڊڻيءَ جي هڪ ڊگهي ڇمڪي وانگيان!

 

اهو مٺو آواز اُڀري ٿو

اهو هڪ مٺو آواز آهي

ڪا رڙ نه آهي

ڪا آهه نه آهي

ڪا دانهن نه آهي

ڪو اوسارو ڪونهي

ڪا ڪُڻڪ نه آهي

پر هڪ مٺو آواز

آس جو ڪو سرٻاٽ

خوشيءَ جو ڪو وچن

پيار جي ڪا مٺي

ويساهه ڀريو ڪو ڇهاءُ

ڪو سرٻاٽ:

مان آهيان

مان، جيڪا توهان جي ماءُ آهيان

مان توهان جي سنڌ آهيان

هتي، هنن کنڊرن ۾

پر مان کنڊر ناهيان

کنڊر جيڪي هتي ڦهليل آهن

۽ ماضيءَ جي مهانتا جا شاهد آهن.

پر مان هتي آهيان

اوهان ۾

منهنجا پٽڙؤ ۽ ڌِيئرؤ!

 

منهنجو واس اوهان ۾ آهي

اوهان سان گڏ

اوهان جي مون لاءِ پيار سان گڏ

اوهان جي مون لاءِ ويساهه سان گڏ

اوهان جي آس مون ۾

آس سان گڏ

۽ اوهان لاءِ منهنجي سموري آس سان گڏ

منهنجا پٽڙؤ ۽ ڌِيئرؤ!

مان ... سنڌ، ڪيئن ٿي کنڊر ٿي سگهان؟

 

منهنجا ٻچڙؤ!

مان سنڌ آهيان، مان مارئي آهيان

مان سسئي آهيان ۽ سهڻي به آهيان

سموري ڌرتيءَ جي گولي تي اوهين

منهجو نالو کڻو ٿا

منهنجا ٻچڙؤ!

اوهان منهنجا گيت، منهنجو نانءُ

منهنجي مهما ڳايو ٿا

اوهان ”جيجل سنڌ“ چئو ٿا

ڄڻ مون لاءِ رڙو ٿا.

اوهان جي دلين ۾ مان گيت آهيان

اوهان جي ڪنن ۾ مان سنگيت آهيان

پوءِ مان ڪيئن ٿي کنڊر ٿي سگهان؟

مان اوهان ۾ زندهه آهيان

مان اوهان جي ٻارن جي اکين جي چمڪ آهيان

مان سندن چپن جي مرڪ آهيان

سدا ڪوملتا سان هوريان هوريان وهامندڙ راتين ۾،

سدا مٺي سرٻاٽ ۾ سڏڪندڙ آواز:

جاڳو جاڳو، منهنجا پٽڙؤ ۽ ڌِيئرؤ!

هاڻي جاڳو، جاڳو ۽ اُٿو

اُڀرندڙ سج جي سونهري مهانتا ۾ پسو!

اُڀرندڙ سج جي سونهري مهانتا ۾ پسو!

ڌيءَ جي وهانءَ کان پوءِ گهر ۾

جينت پاٺڪ گجراتي

نيٺ سڀ ڳڻتيون ۽ ڳارا ختم ٿيا:

وهانءُ پورو ٿي ويو

ڪنوار جي ماءُ، هاڻي

سڀ سامان ۽ شيون سنڀالي ڳڻڻ لڳي ٿي

هر شيءِ ياد ڪري -

سنواري رکڻ لڳي:

پليٽون، پيالا، گلاس، ٿالهيون -

هر ڪا شيءِ برابر.

ڪٿي به ڪا سُيءِ گم نه ٿي -

پر پوءِ

اوچتو

ڪجهه ياد ڪري

بيهي رهي ٿي

ڪمري جي وچ ۾ چوڌاري نهاريائين

لوڻاٺيل سوال اکين مان وهي آيس:

”پر، منهنجي ڌيءَ ڪٿي؟“

 

نواب ولي محمد لغاريءَ ۽ سندس ڳوٺ تاجپور سان روح رهاڻ

ماڻڪ موتي تنظيم، مختلف شخصيتن، عمارتن سان روح رهاڻيون ملهائيندي رهي آهي. 23 اپريل تي سنڌ ميوزيم ۾ ماڻڪ موتي تنظيم پاران ٽالپر دَور جي هڪ عظيم انسان، تڏهوڪي سنڌ جي وزيراعظم، سپهه سالار، شاعر، زراعت ۽ اڏاوت جي ماهر  سفارتڪار نواب ولي محمد لغاري ۽ سندس ڳوٺ تاجپور سان روح رهاڻ رچائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي.

ان واقعي تي ڊاڪٽر عابد لغاريءَ پنهنجي طويل مقالي ۾ نواب ولي محمد لغاريءَ جي شخصيت ۽ خاندان بابت تفصيل سان ٻڌايو. هن چيو ته ”نواب ولي محمد لغاريءَ سڄي عمر جنگيون ڪندي گذاري ۽ سڀني ۾ سوڀارو ٿيو.“ هن چيو ته ”نواب خاندان 300 سال اڳي سنڌ ۾ آيو ۽ اُن ٽالپر دور ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فقير نواب ولي محمد لغاري (ٻيو) ڪافيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.“

محمد عمر چنڊ چيو ته:”اڄ کان 197 سال اڳ نواب ولي محمد لغاريءَ جي انگريزن سان سنڌ جي سفارتڪار جي حيثيت ۾ ملاقات ٿي جن جو بنيادي مشن نيپولين بوناپارٽ جي اثر کي زائل ڪرڻ هو. جڏهن ڊاڪٽر جيمس برنس سنڌ ۾ آيو ۽ بيمار ٿي پيو تڏهن نواب صاحب سندس پرگهور لڌي ۽ علاج ڪيو. ايلس نوجوان هو ۽ نواب صاحب بزرگ. جيڪي سنڌي انگريزن جي ملازمت ۾ ويا، نواب صاحب انهن کي گرفتار ڪرايو ۽ ان ڏس ۾ جڏهن نواب صاحب سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي ته نواب صاحب کيس چيو ته ”توهين انگريز ڪير ٿيندا آهيو؟ اسين ڌرتيءَ ڌڻي آهيون.“ هن وڌيڪ چيو ته ”اڄ 2000 ۾، نئين صديءَ ۾ به تصادم ساڳيو آهي جيڪو ڪالهه هو.“

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل چيو ته: ”نواب صاحب جي شخصيت گهڻ - پاسائين آهي. هالاڻيءَ جي معرڪي ۾ سندس ڄمار 32 سال هئي. ان جنگ ۾ فتح کان پوءِ مير فتح علي ٽالپر کيس ”نواب“ جو خطاب ڏنو."

ڊاڪٽر حبيب الله صدقيءَ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ”نواب ولي محمد لغاريءَ 80 سال ڄمار ماڻي ۽ ٽالپر دور 60 سال هليو. اهو ڏسڻو پوندو ته نواب صاحب پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ اهڙو ڪو ذڪر ڪيو آهي، ته رني ڪوٽ ميرن جي دور ۾ ٺهيو ۽ نواب ولي محمد لغاريءَ ٺهرايو.“

ڊاڪٽر گل حسن لغاريءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي نواب ولي محمد لغاريءَ جي فارسي شاعريءَ تي ڳالهايو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي صدارتي خطبي ۾ چيو ته ”نواب ولي محمد لغاري نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان، بلڪه دنيا جي عظيم ماڻهن مان هڪ آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس وڏو منصب آهي. انگريزن به سندس ساراهه ڪئي آهي. اسان کي اهڙين هستين جو اهو قدر ڪرڻ گهرجي، جيڪي هو لهڻن ٿا. پاڻ زراعت ۽ تعميرات جو ماهر ۽ اعليٰ فارسي شاعر هو. رني ڪوٽ سنڌين ٺهرايو ۽ ميرن جي دور ۾ ئي ٺهيو. چارلس نيپئر جڏهن دنيا جي ان وڏي قلعي بابت ٻڌو تڏهن مسٽر پريڊيءَ کي موڪليائين ته رني ڪوٽ چڪاسي ۽ ان بابت رپورٽ ڏئي. هن رپورٽ ۾ لکيو ته:”رني ڪوٽ کي ٺهي 21 سال ٿيا آهن. رني ڪوٽ يونانين ٺهرايو يا ٻئي ڪنهن، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن.  اسين پنهنجن جي ڳالهه ڪرڻ کان لنوايون ٿا. ٺٽي جي هڪ شاعر غلام نبي مائر قلعي جڙي راس ٿيڻ تي قطع تاريخ چيو آهي. سنڌ گزيٽئر ۾ به آهي ته اهو قلعو ميرن ٺهرايو.“

انهيءَ تقريب ۾ نواب فقير ولي محمد خان لغاري (نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي پوٽي) جو ڪلام درگاهه جي فقيرن ڳائي محفل ۾ رنگ رچايو:

نظاري حسن جي موهيا تڏهن عاشق چڙهيا سولي.

جتي عاشق ٿا ڪن منزل عقل جي ڳالهه اُتي ناهي

نڪو سج چنڊ نڪو تارا نڪو ڏينهن رات اُتي آهي


 

رپورٽ: روزينه جوڻيجو (ٽي آر ڊي)

سيمينار: ڪتابن ۽ رانديڪن معرفت سائنس کي عام ڪرڻ

ٽي آر ڊي طرفان پهرين اپريل 2006ع تي هڪ سيمينار انڊس هوٽل ۾ ڪرايو ويو. انهيءَ جو عنوان ”ڪتابن ۽ رانديڪن ذريعي سائنس کي عام ڪرڻ“ هو. انهيءَ سيمينار جو مکيه ڳالهائيندڙ مسٽر آروند گپتا هو. آروند گپتا، انڊيا جي جڳ مشهور ڪاليج انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان بي ٽيڪ انجنيئرنگ جي مضمون ۾ حاصل ڪئي. انهيءَ کان پوءِ گذريل 25 سالن کان وٺي سائنس کي عام ڪرڻ لاءِ، عام گهرُو استعمال وارين شين مان رانديڪا ٺاهي ٻارن کي سائنس جا اصول سجمهائي رهيو آهي.

هن پروگرام جي شروعات هيئن ٿي ته سڀ کان پهرين اسٽيج سيڪريٽريءَ مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريو. جن ۾ ظفر جوڻيجو ڊائريڪٽر ٽي آر ڊي، آصف بالادي ڊائريڪٽر پيراگون ماڊل اسڪول ڄام شورو ۽ محترم آروند گپتا هئا. هن پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري مان هئس. مون پروگرام شروع ڪندي ٻڌايو ته هن پروگرام ڪرڻ جو مقصد ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ سائنس جي خيالن کي عام ڪرڻ آهي. پروگرام کي اڳتي وڌائيندي مون محترمه نجمه بالاديءَ کي سڏيو ته هوءَ اسٽيج تي اچي ۽ ٽي آر ڊي اسڪولن ۾ سائنس پڙهائڻ بابت آگاهه ڪري، شرڪت ڪندڙن کي باخبر ڪري. محترمه نجمه بالاديءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ٽي آر ڊي اسڪولن ۾ سائنس جو مضمون تخليقي انداز ۾ پڙهايو وڃي ٿو. جنهن سبب ٻار رٽڻ بجاءِ سمجهن ٿا. انهيءَ کان پوءِ، ”رانديڪا ۽ سائنس“ ڪتاب جو مهورت ٿيو جنهن ۾ ”خديجه خانم دائود پوٽه اسڪول ٻورڙيءَ“ جي ٽيچر عابده خاص مهمان کي ڪتاب ڏنو ۽ گلن جي ورکا ۾ ڪتاب جو مهورت ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ٽي آر ڊي جي ڊائريڪٽر ظفر جوڻيجي کي گهرايو ويو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ آروند گپتا جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته: ”آروند گپتا، بنيادي طرح تربيت جي حوالي سان هڪ انجنيئر آهي. هن بي ٽيڪ جي ڊگري انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ڪانپور (انڊيا) مان حاصل ڪئي آهي ۽ ڪجهه عرصو ٽاٽا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ جڳ مشهور هوشنگ آباد پروگرام ۾ ڪجهه عرصي لاءِ هن ڪم ڪيو. جتي هن ماچيس جي تيلين مان جاميٽريءَ جون ڊزائينون ٺاهيون ۽ انهيءَ تجربي کي ڪتابي شڪل ۾ آندائين. جنهن جون لکن جي تعداد ۾ ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. انهيءَ کان پوءِ هي مختلف ادارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو. هن وقت هي انٽر يونيورسٽي سينٽر فار ائسٽرونامي ائسٽرو فزڪس، پوني (انڊيا) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهيءَ سينٽر ۾ هن جو ڪم عام استعمال ۾ آيل شين مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ انهن رانديڪن جو سائنسي بنياد ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ آهي.“ ظفر جوڻيجي آروند گپتا جي تفصيلي تعارف ڪرائڻ کان پوءِ ٻڌايو ته اسين هڪ شهريءَ طور ڪيئن سائنس کي مشهور ڪري سگهون ٿا؟ هن چيو ته اسان پنهنجن ٻارن کي عام سوالن جي معرفت منطق سيکاريون، شين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ سيکاريون ۽ پنهنجي ماحول جي آسپاس جيڪي جاميٽريءَ جا خاڪا آهن. انهن بابت نه صرف ٻارن کي آگاهه ڪريون پر کين چئون ته گهر ۾ يا گهر کان ٻاهر ٻيون ڪهڙيون شيون جاميٽريءَ جي مختلف شڪلين جهڙيون لڳن ٿيون. جيئن ٽي وي جي شڪل، کٽ جو خاڪو، تئي جو خاڪو وغيره. انهيءَ کان پوءِ هن انهيءَ موقعي تي آروند گپتا جي مشهور ڪتاب ”لٽل ٽوائز“ جو سنڌيءَ ۾ ”رانديڪا ۽ سائنس“ جي عنوان سان ترجمي جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايائين ته انهيءَ ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو مقصد آهي ٻارن ۽ نوجوانن کي آگاهه ڪجي ته هو ڪيئن عام شين مان سائنسي رانديڪا ٺاهي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪتاب ڄڻ ته انهن لاءِ هڪ گائيڊ جو ڪم ڏيندو. پيراگان ماڊل اسڪول جي ڊائريڪٽر آصف بالاديءَ کي مائيڪ تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي. آصف بالاديءَ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا موقعا اچن ٿا، جتي اسين پاڻ ۽ پنهنجن نوجوانن کي بنيادي شين بابت آگاهه ڪري سگهون ٿا. انهن جي بنيادي سوالن ۽ جوابن کي نئين طريقي ۽ نئين اک سان ڏسي سگهون ٿا پر انهيءَ لاءِ اهم ڳالهه آهي ته اسان جو اهڙو رويو هجڻ گهرجي. انهيءَ رويي لاءِ پهريان ته اسان کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انهيءَ لاءِ اسان کي ڪا ٻاهرين مدد يا صلاح جي گهرج ڪانهي. انهيءَ کان سواءِ هن اها ڳالهه به ڪئي ته اسين پنهنجي ماضيءَ مان به سکي سگهون ٿا. آصف بالاديءَ جي تقرير کان پوءِ آروند گپتا کي سڏايو ويو. گپتا پنهنجي تقرير ۾ چيو ته:”مون دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏٺا آهن ۽ اُتي وڃي سائنس کي رانديڪن جي معرفت عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر جيڪا پنهنجائپ مون کي سنڌ ۾ ملي آهي، اها ڪٿي به نه ملي آهي. خاص طور تي ظفر جوڻيجو، روزينه جوڻيجو ۽ ٽي آر ڊي جي اسٽاف مون کي وڏي عزت ۽ مانُ ڏنو آهي.“ انهيءَ کان پوءِ هن عام استعمال ۾ ايندڙ شين مان رانديڪا ٺاهي ڏيکاريا جيئن ڦرڻي، پاڻيءَ وارو پمپ، هوائي جهاز يا ردي اخبار مان مختلف ٽوپيون. جن ۾ شاهي ٽوپي، ٽپاليءَ جي ٽوپي، شڪاريءَ جي ٽوپي وغيره ٺاهي ڏيکاريون. هن ٻڌايو ته ڪيئن جاميٽريءَ جون شڪليون سمجهي سگهجن ٿيون. انهن جي عام زندگيءَ ۾ ڪهڙي اهميت آهي. مثال طور ٽڪنڊو،مستطيل، چوڪنڊو وغيره. انهيءَ کان پوءِ شرڪت ڪندڙن مسٽر آروند گپتا کان ڪيترائي سوال پڇيا، جن جا هن جواب ڏنا. آروند گپتا جي تقرير کان پوءِ لنچ ٿي، جنهن دوران به شريڪ ٿيندڙن گپتا کان ڪيترائي سوال ڪيا جن جا هن جواب ڏنا، ۽ انهيءَ کان پوءِ سڀني آيل مهمانن جو ٿورو مڃيو ويو، ائين گڏجاڻي پڄاڻيءَ تي پهتي.

اختر افروز شاهه

سلام

رکي سڪ اٿم دل ۾ هاڻ وري،
وينديس آءٌ مديني ڏي شال وري.
 

پنهنجي اکين سان ڏسندس روضو پاڪ وري،
مولا ڪندو مون تي پنهنجي مهر وري.
 

هاڻ دل لاهي نه ٿي تون دلگير وري،
توکي سڏيندو ڪيئن به مٺو مرسل وري.
 

ٿيندو محمد توتي هاڻ راضي وري،
ائين ويندينءَ مديني ته پوندئي س
ُڌ وري.
 

هوندينءَ اختر تون حرم پاڪ ۾ وري،
پڙهج کولي دل محمد تي تون سلام وري.

***

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

سڪار ڪر تون سنڌ تي وري،

ڀر سنڌوءَ کي جلدي هاڻ وري،

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

هنيون ٿي موجون مهراڻ وري،

ٿئي سنڌ اسان جي سلطان وري،

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

بندي جي وس ۾ ڪجهه به ناهي،

ڏي رب تون اسان کي گهرڻ بنان وري،

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

تنهنجا ڪرم آهن سنڌ تي وري،

تڏهن ته هلن پيا هن ڌرتيءَ تي وري،

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

پنهنجي لطف جي ڪر نظر وري،

نهاريون ويٺا توڏانهن وري،

ٻاجهه ڪر تون ٻاجهه ڌڻي!

***

اختر افروز شاهه

دل جون صدائون

 

هي منهنجي دل جون صدائون،
تولاءِ ٿينديون رهنديون دعائون!

 

تنهنجو نهارڻ مون کي ٿو ماري،
دل کي لڀائن ٿيون تنهنجون ادائون،

 

هر طرف ڦهلي آهي تنهنجي خوشبو،
ڏين پتو ٿيون تنهنجو، هيءُ هوائون.

 

اچي جي هاڻي تون پرين پوين،
مهڪي اٿن پوءِ هي فضائون.

***

قلف

سڪي ٿي هر وقت هيءَ دل وري،
ٻه ٻول محبت جا ڪوئي ٻولي کڻي.

 

دلين مان ختم ٿي آهي محبت ساري،
ڪر نه دل تون هر ڪنهن تي ميار کڻي.

 

نه اهي ماڻهو رهيا نه اها وفا رهي،
ڇڏ دل تون هاڻ اهڙا انگل کڻي.

 

دلين تي اختر روز قلف لڳن ٿا،
نه کول تون دل وري اهڙا قلف کڻي.

نسرين طاهر وفائي

گهريلو ڏَسَ

** ليمي جو رس پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان سيني جو ساڙو ختم ٿي ويندو.

** ليمو گرم ڪري کنڊ ملائي چوسڻ سان هانءُ ڪچو ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.

** ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻي ته ڏاڍي تڪليف ۽ ساڙو ٿيندو آهي. ان لاءِ بصر ڪٽي ڏنگ واريءَ جاءِ تي زور ڏئي جهليو. سور به ختم ٿي ويندو ۽ زهر به بي اثر ٿي ويندو.

** فوم يا اسفنج جو هڪ صاف سٿرو ٽڪرو هر وقت فريزر ۾ رکو. جڏهن به ڪو ڌڪ لڳي يا رهڙ اچي وڃي يا وري ڌڪ لڳڻ جي ڪري سوڄ ٿي پئي ته اسفجن کي ان جاءِ تي لڳايو. تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ سوڄ به ختم ٿي ويندي.

** جسم جو ڪو به حصو سڙي پئي ته تازو پٽاٽو ڪٽي ان جو ٽڪر سڙيل جاءِ تي لڳايو. ساڙو به نه ٿيندو ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.

** بيڪنگ پائوڊر ٿورڙي پاڻيءَ ۾ ملائي، سڙيل جاءِ تي ملم وانگر هڻجي ۽ پوءِ صاف ڪپڙي جي پٽي ٻڌي ڇڏجي ته تڪليف به گهٽجي ويندي ۽ ڦلوڪڻو به نه ٿيندو.

** خالص ماکي ۽ زيتون جو تيل ملائي هلڪو گرم ڪري، سنڌن جي سور واري جاءِ تي هلڪي هلڪي مالش ڪجي ۽ پوءِ ان تي ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته سور ۾ تڪڙو آرام ملندو.

** وارن ڌوئڻ لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي ۽ سردين ۾ هلڪو گرم پاڻي استعمال ڪيو. تيز گرم پاڻيءَ سان وار ڌوئڻ سان مٿي ۾ خشڪي پيدا ٿيندي آهي.

** وهنجڻ کان پهرين جيڪڏهن وارن ۾ تيل هڻي چڱي طرح ڦڻي ڏجي ته ائين ڪرڻ سان هڪ ته مٿي ۾ ڄميل مرِ ۽ خشڪي ڌوپجي صاف ٿي ويندي ۽ ٻيون ته وارن جون پاڙون به مضبوط ٿينديون، وار نرم ۽ چمڪدار به ٿي پوندا.

**  خوشبودار بازاري تيلن  بجاءِ سرنهن ۽ ناريل جو خالص تيل استعمال ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.

** ڪجهه ماڻهن کي سيءُ وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روزانو سائي چانهه (green Tea) ۾ ماکي ملائي پيئن ته انهن کي سيءُ گهٽ لڳندو.

** ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ مٺي سوڍا ٽوٿ برش تي هڻي ان جي مٿان پيسٽ رکي پوءِ برش ڪجي ته ڏند چمڪي پوندا.

** ليمي جون کلون سڪائي ساڙي انهن جي ڇار ۾ لوڻ ملائي ڏندن تي هڻجي ته ڏند چمڪي پوندا ۽ مهارون به مضبوط ٿينديون.

** مٿي ۾ خشڪي يا سنهيون ڦرڙيون هجن ته مينديءَ جي پاڻيءَ سان مٿي ڌوئڻ سان فائدو ٿيندو.

** ناريل جي تيل ۾ ميندي ڪاڙهي، اهو تيل مٿي ۾ هڻڻ سان وار ڪرڻ بند ٿي ويندا ۽ مٿي جي سور ۾ به فائدو ٿيندو.

** نم جا پن پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪجن ته مهارون مضبوط ٿينديون ۽ ڏندن جو سور به ختم ٿيندو.

** ڪجهه ماڻهن کي گرمين جي مند ۾ نڪهير (نڪ مان رت وهڻ) ايندي آهي. اهڙن ماڻهن کي مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهڻ گهرجي ۽ رت جا ٻه ٽي ڦڙا نڪرڻ کان پوءِ ڪجهه دير ساهه روڪڻ گهرجي.

** بجليءَ جا بٽڻ ڪڏهن به آلن هٿن سان کولڻ ۽ بند ڪرڻ نه گهرجن.

** جيڪڏهن بجليءَ جي ڪنهن به مشين ۾ باهه لڳي وڃي ته ان کي ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه وسايو پر ان تي مٽي وجهو.

** مڇرن، مکين ۽ ٻين جيتن کان بچڻ لاءِ گهر ۾ لوبان جو دونهون ڏيو.

** روزانو صبح جو خالي پيت هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جي عادت وجهجي ته ڪڏهن به قبض جي شڪايت نه ٿيندي.

** ليمي جو رس استعمال ڪرڻ وقت خيال رکجي ته ان جو ٻج پيٽ ۾ نه وڃي، نه ته پيٽ ۾ سور ٿيڻ جو امڪان آهي.

مريم عباسي

رڌ پچاءُ

پستن وارو حلوو

گهربل سامان:

نشاستو:                اڌ ڪلو

کنڊ:                    هڪ ڪلو

رنگ:                   سائو (سويٽ ڪلر)

گيهه:                   اصلي اڌ ڪلو

پستا ۽ ننڍا ڦوٽا:       گهرج سارو

ترڪيب:

پهرين کنڊ مان چاش ٺاهيو، نشاستي ۾ هڪ ڪلو پاڻي ملايو ۽ سائو رنگ به ملايو. هاڻ نشاستو چاش ۾ ملائي ڪاڙهيو. جڏهن سخت ٿيڻ لڳي ته ڇليل پستا به ملايو ۽ گيهه وجهندا وڃو ۽ ڀڃندا وڃو. جڏهن گيهه ڇڏڻ لڳي ته لاهي ٿالهه ۾ وجهو ۽ ٽڪر ڪري رکو. ڪنهن مهمان جي اچڻ تي پيش ڪريو.

ميسو پاڪ

گهربل سامان:

بيسڻ :         هڪ پاءُ

گيهه:           اڌ ڪلو

کنڊ:            اڌ ڪلو

ترڪيب:

پهريائين کنڊ جي چاش ٺاهيو. پوءِ بيسڻ ۾ ٿورو ٿورو گيهه وجهي ڀڃو ايستائين جو بيسڻ مان خوشبو نڪري. پوءِ چاش گڏي باقي بچيل گيهه وجهي ڀڃو. جڏهن اُڀامڻ لڳي ته ڪنهن ٿالهه ۾ وجهي رکو، ٿڌي ٿيڻ تي ڪٽي ٽڪر ڪريو ۽ مهمانن ۽ گهر ڀاتين آڏو پيش ڪريو.

نان خطائي

گهربل سامان:

سوجي:         هڪ ڪلو

کنڊ:            اڌ ڪلو

گيهه:           اڌ ڪلو

ترڪيب:

سوجيءَ ۾ کنڊ ۽ گيهه گڏي، ان کي ملايو. پوءِ ان جون ننڍيون ننڍيون ٽڪيون ٺاهي ڪنهن ٿالهه ۾ رکو. ٿالهه مٿان ڍڪي تمام هلڪي باهه تي سيڪيو. ويهن منٽن کان پوءِ
نان خطايون تيار هونديون.

(نوٽ: توهان وٽ جيڪڏهن اووِن آهي ته ان ۾ 15 منٽ رکو.)

چڻن جي دال جو سيرو

گهربل سامان:

چڻن جي دال:   اڌ ڪلو

گيهه:           اڌ ڪلو

بادام:          هڪ ڇٽانگ

پستا:          هڪ ڇٽانگ

کنڊ:            اڌ ڪلو

ناريل:          اڌ پاءُ

ترڪيب:

رات جو چڻن جي دال پسائي ڇڏيو. صبح جو ان کي ڪٽي يا گرائينڊر ۾ سنهو پيهي گيهه ۾ دال وجهي اُن کي ڀڃو. اڌ ڪلو کنڊ به ملائجي. جڏهن خوشبو اچڻ لڳي ته پستا، بادام ۽ ناريل پيٺل وجهي لاهي وٺو.

گلاب ڄمون ٺاهڻ

گهربل سامان:

ميدو:   ٽي پاءُ

مائو:   هڪ پاءُ

ترڪيب:

ٻنهي کي ملائي پاڻيءَ سان ڳُهجي ۽ ننڍا ننڍا گلاب ڄمون ٺاهي تئيءَ ۾ گيهه وجهي تريو. پوءِ کنڊ جي چاش ٺاهي، ان ۾ وجهي ڇڏيو. گلاب ڄمون تيار آهن.

تريل دال

گهربل سامان:

دال:            اڌ ڪلو

گيهه:           اڌ پاءُ

لوڻ، مرچ:      گهرج سارو

ترڪيب:

ڪنهن به قسم جي دال کي ترڻو هجي اُن کي رات جو پسائي رکجي ۽ صبح جو صاف ڪري ڪنهن پرڻ ۾ وجهي پاڻي ڪڍجيس، پوءِ هلڪي باهه تي گيهه ۾ تري لاهي لوڻ ۽ مرچ هڻجن. تريل دال تيار آهي.

رابعه سهارڻ

هٿن ۽ پيرن جي صفائي

سونهن ۽ سوڀيا

رنگ صاف ڪرڻ لاءِ ڪريم

هڪ بيضي جي هيڊاڻ

2 چمچا روغن بادام

20 ڦڙا ليمن جوس

انهن کي مڪس ڪري آهستي آهستي پنهنجي منهن تي هڻو ۽ مساج ڪريو. ان کان پوءِ ننهن سوسڙي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو.

گهر ۾ فيشل ڪرڻ جو طريقو

سڀ کان پهرين پنهنجي منهن تي ڪلينزنگ ملڪ هڻو ۽ هلڪي هٿ سان آهستي آهستي 25 منٽن تائين مساج ڪريو، ان کان پوءِ ٽشو پيپر سان منهن صاف ڪري ڇڏيو.

اسڪرب

اسڪرب ٺاهڻ جو طريقو

بادام ڏهه عدد

کير ست چمچا

عرق گلاب هڪ چمچو

بادامن کي چڱيءَ طرح ڪٽي پائوڊر ٺاهيو. پائوڊر ۾ کير ۽ عرق گلاب ملائي ليپ ٺاهيو. انهيءَ ليپ کي پنهنجي چهري تي 25 منٽن تائين هڻو. 25 منٽن کان پوءِ ٿورو پاڻي کڻي ان سان پنهنجي منهن تي مساج ڪريو ۽ پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو.

مساج ڪريم:

مساج ڪريم ٺاهڻ جو طريقو

کير جي ملائي ٻه چمچا

سڪو کير ٻه چمچا

ماکي هڪ چمچو

عرق گلاب هڪ چمچو

بيسڻ اڌ چمچو

انهن کي مڪس ڪري گهاٽو ليپ ٺاهي وٺو ۽ 20 کان 25 منٽ چهري تي هڻو. ائين ڪرڻ سان توهان جي اسڪن ڪليئر ٿيندي ۽ تازاڻ (Freshness) به اچي ويندي.

نصرت لاشاري

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري

ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين

(ڀارت جو سفر نامو) حصو ٽيون

انيلا سندر جي ڊرامي جو اثر ذهن تي کڻي سڀئي اچي ڊيلڪس ڪوچ ۾ سوار ٿياسين، مان ۽ ماهين گڏ ويٺيوسين. پٺيان واريءَ سيٽ تي راشدي صاحب اڪيلو ويٺو. ڀر وارين سيٽن تي امداد حسيني ۽ شمشير الحيدري ويٺا. آءٌ شمشير کي اُتي ويهندو ڏسي پريشان ٿيس ته هاڻ سگريٽن جو دونهون مٿو ڦيرائي ڇڏيندو! پر بند ڪوچ ۾ سموڪنگ منع ٿيل هئي، ان جي پابندي ڪندي ڪجهه بچ بچاءُ ٿي ويو. بلڪل پٺين سيٽن تي دادا لڇمڻ ڪومل، قمر شهباز، پروين راڄپر ۽ ٻيا متارا وڃي ويٺا، جيڪي سڄي واٽ هڪٻئي کي ٽوٽڪا ٻڌائيندا کلندا، کائيندا، پيئندا ۽ مستيون ڪندا رهيا. اسان کي ڪوچ ۾ ويهڻ سان ئي ڊنر باڪس ڏنا ويا. دهليءَ مان 19 ۽ 20 سيپٽمبر جي رات اٽڪل يارهين وڳي اسين لکنؤ لاءِ روانا ٿياسين. ڪلاڪ جي ڊرائيوِ ڪرڻ ڪري گڙگائون واري رستي کان اسين دهليءَ جي ٽول پلازا ڪراس ڪئي، جتي بورڊ تي لکنؤ 375 ڪلوميٽر لکيل هو. اسان کي چيو ويو ته اهو سفر ڪوچ رستي ٻارهن ڪلاڪن جو آهي.

انڊيا ۾ روڊن جي حالت سواءِ چند وڏن شهرن جي تمام خراب آهي، انڪري اسان جو ٻارهن ڪلاڪن جو سفر وڌي چوڏهن ڪلاڪ ٿي ويو. رستي ۾ تقريباً رات جو ٻين وڳي اسان جي ڪوچ هڪ پيٽرول پمپ تي اچي بيٺي، ڀر ۾ هڪ ڊاٻو هو، جتان سڀني چانهه پيتي. دادا سريش ڪيسواڻي به لهي اچي اسان کي چانهه جي ٽيبل تي جوائن ڪيو. مون سريش صاحب کي چيو ته ”هتان جا روڊ تمام سوڙها ۽ ڏکيا آهن.“ سريش صاحب اها ڳالهه مرڪندي مڃي ۽ اهو به چيائين ته ”سنڌ ۾ اسان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪوچ جو سفر ڪيو، واقعي توهان جا روڊ وڌيڪ سٺا آهن. ان جو سبب اهو به آهي ته انڊيا ۾ گهڻا ماڻهو ڪوچ ۾ سفر نه ٿا ڪن، هتي ماڻهو ريل کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، اهو ان لاءِ جو هتي گهٽ ۾ گهٽ دهلي ۽ بمبئي هڪ ئي کان ٽرين ذريعي ڇٽيهه ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهن.“

دهليءَ کان پوءِ گڙگائون ٽپياسين، پوءِ هڪ پيٽرول پمپ ۽ ڊاٻي ٽپڻ کان پوءِ گنگانديءَ کي ڪراس ڪيوسين، هي پهريون ٽرپ اُتر پرديش صوبي جو هو. دهلي، لکنؤ، آگرو، هن صوبي جا شهر آهن، روڊ جي ٻنهي پاسي زندگيءَ سان ڀرپور ساوڪ سان جهولندڙ ٻنيون نظر آيون، اُنهن کي ايڏو سرسبز ۽ شاداب ڏسي، سنڌ جي سڪندڙ پاڻيءَ لاءِ اُڃايل خاص اسان جي پاسي گاجي کهاوڙ، جنهن مان بلوچستان جا پهاڙ نظر ايندا آهن، آبادگار پڇڙيءَ واري علائقي هجڻ ڪري پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان هوندا آهن، پر گذريل چند سالن کان سڄي سنڌ خاص ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان پوءِ وارو علائقو تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي، جنهن جو ثبوت اسين رڙيون ڪري، جلسا جلوس ڪڍي حڪمران اڳيان پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو مؤقف ساڳيو آهي، ۽ هڪ مخصوص ٽولي کان سواءِ باقي عام خلق، اديب، دانشور ۽ ساڃاهه وند ڌريون پاڻيءَ جي ورهاست، يا ائين کڻي چئجي ته پاڻيءَ جي سياست تي ٻين صوبن سان گڏ آهن. درياهه بادشاهه جي ڪري اسين سنڌ واسي ”انڊس ويلي سولائيزيشن“ طور سڄي دنيا ۾ عزت جي نظر سان ڏٺا وڃون ٿا.

جيو ٽي وي کي درياهه تي ٺهندڙ ڊاڪيومينٽريءَ تي بيسٽ ڊاڪيومينٽري آف ورلڊ جو انعام ڏنو وڃي ٿو. پر سنڌ جي زمين کي آباد رکڻ لاءِ پاڻيءَ جو بچاءُ نه ٿو ڪيو وڃي.

چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان تي کڙيل هو، جنهنڪري پري پري تائين زمينون نظر پئي آيون، پر آسپاس نه شهر هئا نه وري ننڍا ڳوٺ. ايڏي سفر ۾ ٽوٽل ڪي ٻه شهر مس ڪراس ڪياسين. اسان جي بس جو ڊرائيور سردار جي هو. ڊرائيور گهٽ، بازيگر وڌيڪ هيو. يا ته ڪا سليماني ٽوپي پاتل هيس، جيڪا هر شهر کان پوءِ هڪ پڳڙي لاهي ٻي پئي پاتائين، ڊرائيونگ اهڙي ڪيائين ڄڻ ته اسان جي ڪوچ ڪنهن موت جي کوهه ۾ ڪرتب پئي ڏيکاري! ٽين وڳي کان پوءِ سڀئي سمهي رهيا، پر مان هڪ سيڪنڊ لاءِ به سمهي نه سگهيس، راشدي صاحب ڀلاري رات جي ڪري تسبيح پڙهندو رهيو ۽ گهران ايندڙ فون موبائيل اٽينڊ ڪندو رهيو. ماهين منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي گهري ننڊ سمهي رهي، ڊرائيور جنهن کي ڪرتب ڏيکارڻ جو شوق هو، ان پوري سفر ۾ ٽي ڀيرا انتهائي خطرناڪ اوورٽيڪ ڪيا، جن سڀني ستلن کي اُٿاري ڇڏيو! ان مهل زندگيءَ ۽ موت ۾ فقط چند سيڪنڊن جو فاصلو محسوس ٿيو!

الله الله ڪري ساڍي ٻارهين وڳي اسين لکنؤ پهتاسين، لکنؤ کان ٻاهران ٻن ڪارن ۾ سوار اسان جا لکنؤ جا ميزبان، جيڪي صبح جو نوين وڳي کان اسان جي انتظار ۾ بيٺل هئا، بار بار ميزبانن کان موبائيل فون تي رابطو ڪري پئي پڇيائون ته ڪٿي پهتا آهيو؟ انهن سان ملڻ کان پوءِ ڪارن سان گڏ گڏ شهر ۾ داخل ٿياسين، لکنؤ ۾ داخل ٿيڻ مهل شهر قاضي احمد جهڙو لڳو، پر شهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ رستي جي ٻنهي پاسي مسلمان حڪمرانن جي ٺهرايل عاليشان عمارتن هن شهر کي جيڪا سونهن ٿي بخشي ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

ڪجهه ننڊ ڪجهه جاڳ وارو سلسلو ختم ٿيو. سڀئي جاڳي چڪا هئا. ميزبان وڏي ڌام ڌوم سان اسان کي لکنؤ جي تاريخي عمارتن ۽ اردوءَ جي وڏن شاعرن بهزاد لکنوي، مير نورالانيئر جي شهر جي رستن تي گهمائيندا، شوِ آشرم تائين وٺي آيا، شوِ آشرم هڪ تمام وڏي عمارت ۾ ٺهيل هو، ٻاهران اسان جي آجيان لاءِ قطار ۾ اُچن ڪپڙن ۾ ملبوس لائين سان بيٺا هئا، انهن ۾ ڪجهه عورتون اسان ڏانهن وڌي آيون، اچي هار پارايائون، هي آشرم سائين آسودا رام سرڪار جن جو آهي. هتي سکر ساڌ ٻيلي ۽ پنوعاقل جا ماڻهو به مليا، جيڪي اسان سان اُتي ملي ڏاڍا خوش ٿيا.

آشرم جو اڱڻ تمام وڏو ۽ ڪشادو هو. اُتي تمام وڏو اسٽيج ٺهيل هو ۽ تنبو لڳل هو. اسان کي سڌو مٿي ٺهيل ڪمرن ڏانهن وٺي ويا ته جيئن فريش ٿي باقي ڏينهن جي مصروفيت کي منهن ڏيئي سگهون. اسان کي الڳ ڪمرو مليو، جنهن ۾ آپا ممتاز، ماهين، پروين راڄپر، شبنم موتي، اُما لالا گڏ هيونسين. سڀئي فريش ٿي هڪ هال ۾ داخل ٿيونسين، جتي نيرن ٽيبل تي لڳل هئي. ڇهه ست طعام هئا. نيرن ڪري اسان هيٺ لڳل تنبوءَ ۾ اچي ويٺاسين. هتي اسان مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. گلاب جي گلن جا هار پارايا ويا، ڄڻ ته وڏي کيپ کٽي آيا هجون! سامهون ماڻهو ٻن حصن ۾ پٽ تي وڇايل قالينن تي انتهائي احترام سان ويٺا هئا. آشرم جي ڀڄن ڳائڻ وارن شروعات ڪئي. هتي سڀني عورتن توڙي مردن جا احتراماً مٿا ڍڪيل هئا. اسان جي فنڪارن ۾ جڏهن صادق فقير پنهنجي ٿري آواز ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيو ته ان تي گهور جا وسڪارا شروع ٿي ويا. هي پهريون ڀيرو هو جو فنڪارن کي گهور ملڻ شروع ٿي. سڀني فنڪارن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. پوءِ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين واهه جا ڀڄن ٻڌايا. انهن تي نوٽن جو وسڪارو ٿي ويو. اسان عورتن کي بازار وڃڻو هو، هڪ آرگنائيزر کي چيوسين، ان گاڏيءَ جو بندوبست ڪري سڏي ورتو. گاڏيءَ ۾ ويهي پڇيائين ته ڇا وٺڻو اٿو، ته جيئن اهڙي بازار هلجي، جيڪا ويجهي هجي، آل انڊيا ريڊيو لکنؤ جي پراڻي بلڊنگ ڪراس ڪئيسين. مون پڇيو لکنؤ يونيورسٽي هتان ڪيترو پري آهي؟ هن ٻڌايو ته هتان ڏيڍ ڪلاڪ جي ڊرائيوِ تي آهي. بازار تمام صاف سٿري ۽ ڪجهه مهانگي هئي، مون سارنگ لاءِ لکنوي ڪڙتو ورتو، پنهنجي لاءِ لکنوي ڀرت سان ڀريل ساڙهي، امان لاءِ ڪاٽن جو جوڙو ۽ ٻنهي ڀينرن رچنا ۽ تخليق لاءِ ٻه وڳا ورتم، ماهين به سڀني لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ورتو، شبنم، پروين راڄپر ۽ آپا ممتاز به شاپنگ ڪئي، هتي اسان وٽ ٽائيم صفا ڪونه هو، پر دڪاندار اسان جي ميزبان جو واقف هو، جنهن رعايت به ڪافي ڪئي ۽ سٺي نموني آڌرڀاءُ به ڪيائين.

اسان جي ميزبان کي موبائيل تي بار بار فون پئي آيا، سو جلدي ۾ جيڪو وٺي سگهياسين، ورتوسين ۽ پوءِ منجهند جي مانيءَ لاءِ سڌو هوٽل پهتاسين. هتي پهچڻ سان پريس ڪانفرنس هئي، هتان جا صحافي گهڻو ڪري مسلمان هئا، تمام تيز ۽ سياسي سوچ وارا. اسان کان اهڙا ته سوال ڪيائون، ڄڻ ته اسين انهن سان ئي ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ آيا هئاسين. اسان جا پرسنل تفصيل پڇيائون، ”ديا مرزا ننڍي ڊريس پائي راند ٿي کيڏي، ان لاءِ توهان جو ڇا خيال آهي؟“ مون وراڻيو ته ”اهو ته ديا مرزا کان پڇو، اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته هن ننڍي عمر ۾ ڪيڏي وڏي ڪاميابيءَ جي منزل طيءِ ڪئي آهي!“ مون کان سوال ڪندڙ صحافي ڇوڪريءَ جو نالو پڇيم ته پنهنجو نالو نصرت ٻڌايائين، لکنؤ يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرز ڪيل هئس، ڊيلي مسلم ۾ گذريل ٻن سالن کان رپورٽر جي نوڪري پئي ڪيائين، هتي اسان جا پريس وارن جام فوٽو ڪڍيا.

ايتري گهڻي تعداد ۾ صحافي ڏسي اندازو ٿيو ته لکنؤ مان اردو توڙي هنديءَ ۾ تمام گهڻيون اخبارون نڪرن ٿيون، لکنؤ يونيورسٽيءَ کان سواءِ هتي، ڪيومپو يونيورسٽي، ڪرڪشترا يونيورسٽي، آئي، سي، ايف، اي، آئي يونيورسٽي ۽ ڪنگ جارج ميڊيڪل يونيورسٽي پڻ آهن.

هتان منجهند جي ماني کائي آشرم مان مليل شال ۽ پنج سو رپيا جيڪي به عورتون هيون رڳو انهن کي سرينگ طور ڏنا ويا، (ان تي ڪنهن چيو ته ڪاش مان به مائي هجان ها!) اسان سنڌين جي اها روايت اڃا به ڪيترائي سچا سنڌي قائم رکيو ٿا اچن. پوءِ اهي هند ۾ هجن يا سنڌ ۾! شام جو پنجين وڳي اسين ڪانپور لاءِ روانا ٿياسين. لکنؤ کان ڪانپور ٽن ڪلاڪن جو سفر آهي، پر اسان کي ساڍا چار ڪلاڪ لڳي ويا. هي گنگانديءَ جو شهر آهي، شهر جي ٻاهران، اسان جي سيڪيورٽيءَ لاءِ ٻه پوليس موبائيل بيٺل هيون. اسان کي ڀليڪار ڪري، هڪ پوليس موبائيل اڳيان ۽ ٻي پٺيان هلڻ لڳي. شهر جي ماڻهن ڏاڍي حيرت مان پئي ڏٺو. ساگر هوٽل ڪانپور اڳيان اسان واري ڪوچ وڃي بيٺي. ڪوچ مان لهي هوٽل ۾ داخل مس ٿياسين ته ڪانپور جي ميزبانن مالهائون پارائي آجيان ڪئي. پريس وارا تيار بيٺا هئا، مختلف ٽي وي چينلز جا نمائندا، انهن کي اڳواڻن سريش جي ۽ قمر شهباز پئي جواب ڏنا. جڏهن عورتن کان سوال پڇڻ لڳا ته قمر صاحب رڙ ڪري چيو ”بابا نصرت، سهارا ٽي وي وارن جي سوالن جا جواب تون ڏي.“ اهو سڄو منظر سهارا تي لائيو ٽيليڪاست پئي ٿيو. ايڏي اهميت ملڻ کان پوءِ ذهن تمام گهڻو ٿڪل هجڻ جي باوجود فريش ٿي ويو. هوٽل مان فريش ٿي وري ميوزڪ هال هو، اوڏانهن روانا ٿياسين، اُتي مون ۽ ماهين ”انڊو - پاڪ دوستي“ جي ميوزيڪل شام جي ڪمپيئرنگ ڪئي.

متارا موکيءَ جي تلاش ۾ نڪري ويا هئا!، اُما جي اسان سان گڏ هئي، رات جو يارهين وڳي پروگرام ختم ڪري اسين ٽيئي هوٽل واپس وريونسين، ڪمري ۾ به گڏ رهيونسين، آءٌ ايڏي ته ٿڪجي چڪي هيس جو بيڊ تي ڪنڌ رکڻ سان ئي اک لڳي ويئي.

صبح جو نوين لڳي اک کلي، اُما جي کان پڇيم ته ڪيتري دير ۾ هتان هلبو. ان چيو يارهين تائين. اهو ٻڌي وري سمهي رهيس، ڪلاڪ کان پوءِ اٿي تيار ٿي سڀئي ڪوچ ۾ سوار ٿي برلا مندر ڏسڻ وياسين، مندر جو رنگ اڇو کير جهڙو هو. اندران بند ٿي چڪو هو. انڪري ٻاهران ئي فوٽو گرافي ڪري موٽي آياسين. اُتان ڪانپور مان نڪرندڙ اخبار ”اُجالا“ جي آفيس ۾ اسان کي آجياڻو ڏنو ويو. ۽ پوءِ هڪ ٻيءَ اخبار جي آفيس ۾ ڪجهه ساٿي ويا، آءٌ ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي بس ۾ ويٺا رهياسين.

تقريباً منجهند جو ٻين وڳي آگري روانا ٿياسين، جيڪو ڪانپور کان باءِ روڊ تي ستن ڪلاڪن جو سفر آهي.

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com