سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :8

نُنهن جيڪا گهر جي زينت آهي ۽ نسل وڌائڻ جو سلسلو به ننهن سان پيدا ٿئي ٿو، جيڪا هن جي نسل جي ماءُ ٿيڻ واري آهي. ان سان اختلاف ڇو!!؟ اها ڳالهه آهي جو اسان جي سنڌي سماج کي سمجهائڻو آهي ته ”ٻه ٺڪر ٺهڪندا ضرور.“ پر ڇا نُنهن جون اهي اوڻايون شاديءَ کان اڳ نظر نه آيون. جڏهن رشتو طيءِ ٿيو، ڇو ته رشتو طيءِ ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري ٿي وڃي ٿو. ڇا تڏهن هڪٻئي جون اوڻايون نظر نه آيون؟ ڇو ته تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي، تنهنڪري هڪ طرف ڏوهه ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو سوچجي ته آخر اهي تلخيون پيدا ٿين ڇو ٿيون؟ جيڪا عورت وڏي چاهه سان پُٽ جي شادي ڪرائي ٿي پوءِ اها نُنهن جون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون برداشت ڇو نه ٿي ڪري!؟

ڇا نُنهن ڪنهن جي ڌيءَ نه آهي! شاديءَ کان اڳ ۾ اها ڇوڪري خوبصورت ۽ خوب سيرت هئي. هاڻي هن ۾ عيب ڇو؟ جيڪو رويو هوءَ نُنهن سان رکي ٿي اهو هوءَ پنهنجي ڌيءَ سان برداشت ڪندي؟ يا پاڻ سان ٿيل زيادتيون ياد ٿيون اچنس. پر هوءَ اهو ڇو نه ٿي سوچي ته جيڪو مون سان ٿيو اهو مان نُنهن کان بدلو ڇو وٺان، مان پاڻ نُنهن کي پيار ۽ محبت سان پنهنجو ڪريان.

هاڻي اچون ٿا نُنهن تي، ته جيڪا ڪنهن ماءُ جي پٽ سان لائون لهي آئي آهي، جنهن جي وني ٿي آئي آهي، اهو به ان ماءُ جو ٻچو آهي. پاڻ اچڻ شرط ان تي حڪومت ڪرڻ چاهيندي آهي، ان ماءُ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جنهن ماءُ کيس ننڍپڻ کان پاليو، کيس تتي ٿڌيءَ کان بچايو، کيس هر تڪليف ۽ مصيبت کان پري رکيو. راتيون جاڳي پنهنجون ننڊون ڦٽائي پاڻ کي تڪليفون ڏئي پنهنجي ٻچي کي هر مصيبت کان محفوظ رکيو ۽ جڏهن ان جي زال اچي ته اِها ماءُ انهن لاءِ مصيبت ٿي وڃي. ڇا نُنهن جو اهو فرض نه آهي ته اها جڏهن ڀينرن، ڀائرن ۽ ماءُ لاءِ پيار رکي ٿي ته پوءِ نڻانن، ڏيرن ۽ سَسُ لاءِ اِها چاهت ۽ سوچ ڇو نه ٿي رکي. جڏهن ڀينرن کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچي ٿي، ته نڻانن لاءِ ڇو نه!؟ ڇو ته ڪمائي به انهن جي ڀاءُ جي هوندي پوءِ ان تي ان جي ماءُ ۽ ڀينرن جو حق ڇو نه سمجهندي آهي؟

اهي رشتا آهن محبت، سهپ ۽ برداشت جا. سس به ٿوري محبت ۽ برداشت کان ڪم وٺي ته جيڪر نُنهن ۾  به برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ سان انهيءَ رشتي ۾ مضبوط ڳانڍاپو پيدا ٿئي.

هاڻي جڏهن اهي رشتا هڪٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن ته انهن ۾ ايترا اختلاف ڇو؟ ڇو اهي رشتا سڪون وارا نه ٿا ٿي سگهن، جو زال پنهنجي مڙس لاءِ، ماءُ پنهنجي پٽ لاءِ پريشانيءَ جو باعث نه بڻجن. بلڪ پنهنجي گهر کي مثالي گهر ۽ جنت بنائڻ جي ڪوشش ڪن. هاڻي مان پنهنجي ڀينرن جيڪي ننهون ۽ سَسون آهن، تن کي عرض ڪنديس ته هن موضوع تي پنهنجي راءِ ڏين ته آخر ايتري گهري رشتي جي ٽٽڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟؟

ڇا ان ڇوڪري جو ڪردار اهم نه آهي، جيڪو ماءُ ۽ زال جي فرضن ۾ هڪجهڙائي رکي ۽ گهر جي ماحول ۾ تلخيون پيدا ٿيڻ کان روڪي، ماءُ ۽ زال جي عزت جي رکوالي ڪري.

هر ڇوڪريءَ جو اهو خواب هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي گهر کي سجائي سنواري ۽ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي سنڀالي. اهو سوچڻ ۽ ڪرڻ ان جو حق آهي. ڇو ته گهر جي فردن ۾ هوءَ به شامل آهي. جيڪڏهن هوءَ ڪا پنهنجي مرضي هلائڻ چاهي ٿي ته ان کي اهو حق نه ٿو ڏنو وڃي!؟ جيڪڏهن سس وڏي ٿي ٿورو سهپ جو مظاهرو ڪري، نُنهن کي گهر جو فرد سمجهي، ان کي به پاڻ سان گهر جي هر ڳالهه ۾ شريڪ ڪري ان کان به صلاح مشورو ورتو وڃي ته اهو هڪڙي سٺي گهراڻي جو ڳڻ ليکيو ويندو.

پر اسان جون ڀينرون شاديءَ کان اڳ جيڪا حسرت نُنهن آڻڻ لاءِ سندن دلين ۾ آهي اها الائي ڇو شادي ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ رشتي ۾ تلخي آڻي ڇڏين ٿيون.

ٻئي طرف جيڪا ننهن اچي ٿي ڇا هو پاڻ کي سس کان ننڍو سمجهي ان جي صلاح مشوري تي هلڻ پنهنجي لاءِ مصيبت جو ڪارڻ سمجهي ٿي. جڏهن ته سس هن کان عمر ۽ تجربي ۾ وڌيڪ آهي. جيڪڏهن هر عورت پنهنجي ڌيءَ کي سٺي نصيحت ڪري ان کي ساهرن جي لاءِ سٺي صلاح ڏئي ته اهو به هوند اسان جي عورت جو هڪ ڪردار ليکيو وڃي. ڇو ته هڪ سٺي ماءُ ئي سٺي نُنهن پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته جيڪا عورت هڪ ڌيءُ جي ماءُ آهي سا ڪنهن جي سَس به ٿيندي. اهو سلسلو جيڪڏهن هر عورت وٽان شروع ٿئي ته ڪهڙو نه سٺو سلسلو قائم ٿي وڃي.

تنهنڪري منهنجي ذهن ۾ ته هڪ ڳالهه اچي ٿي ته هر عمل جو غير جانبدار تجزيو ئي بهتر رهنمائيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، اهو ئي سٺي گهر ۽ پرسڪون ماحول جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. وڌيڪ توهان پڙهندڙن جي راين ۽ صلاحن جو انتظار رهندو.

ارشاد سومرو

عورت جو روحاني قتل

عورت، خدا طرفان هڪ تحفو آهي، پر اسان جي سماج ۾ عورت کي ڪهڙي عزت ملي ٿي ان جي سڀني کي ڀلي ڀَت ڄاڻ آهي. عورت، ماءُ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءَ  آهي، گهر واري آهي، عورت جو هر روپ محبت سان ٽمٽار آهي. اسان ٿڌيءَ دل سان سوچيون  ۽  اهو پاڻ سان وچن ڪريون ته اسان جون نياڻيون نه ڪاريون ٿينديون ۽ نه ئي چٽَين ۾ ڏنيون وينديون.

ڇا اسان جي سماج ۾ ان عورت کي جيئڻ جو ڪو به حق ناهي جيڪا ماءُ آهي، نَوَ مهينا ٻچڙي کي پنهنجي پيٽ ۾ ٿي سانڍي ۽ پوءِ راتين جا اوجاڳا ڪري ٻچڙي کي ٿي پالي، ڇا اسان ان عورت جا اوجاڳا وساري ٿا سگهون!

امڙ، امڙ ته اُها هستي آهي جنهن جي مقابلي ۾ ڪوئي آسمان تان اڏرندو اچي ته به امڙ جي قدمن جي دز برابر به ناهي. امڙ جي هڪ رات جي اوجاڳي جي قيمت پوري زندگي خدمت ڪري به ادا ڪري نه ٿي سگهجي. پيءَ جي شفقت ۽ ڀاءُ جي پاڪُ محبت کان منهن موڙي، رات  جو گهر کان نڪرندڙ ڇوڪرين اهو سوچيو آهي ته ان وقت هنن جي وڏن جي ڇا حالت هوندي! مان انهن محبت ڪندڙ مردن کان پڇنديس ته ڇا اوهان پاڻ اهو پسند ڪندا ته اوهان جي گهر جي عزت کي ائين ڪير وٺي وڃي. اوهان جي ڀيڻ به رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن ٻئي مرد سان هلي وڃي، نه ڪڏهن به نه. پوءِ اوهان جنهن سان محبت ٿا ڪريو ان کي ڪيئن ٿا...! محبت ته پاڪ جذبو آهي، محبت ته روح جو رشتو آهي، محبت جي پهرين شرط احترام آهي، جڏهن اوهان وٽ ڇوڪري ۽ ان جي خاندان جي عزت نه آهي ته پوءِ محبت جي هيڏي وڏي دعويٰ ڪيئن ٿا ڪريو؟ ڇا اوهان سماج جي چُڀندڙ سواليه نظرن جو مقابلو ڪري سگهندا؟ اڄ جي نوجوان نسل کي انتهائي قدم کڻڻ تي وڏن به مجبورڪيو آهي. انهيءَ جا ذميوار هو پاڻ آهن جيڪي پنهنجي اَنا جي ڪوٽن ۾ قيد آهن. ڇوڪريءَ جي مائٽيءَ ڪرڻ وقت سندس مرضيءَ جو ڪو به خيال نه ڪندا آهن. پوءِ ڀلي هنن جي نياڻيءَ کي موٽ ۾ ڪجهه به نه ملي. ذهني عذاب ملي، سڪون برباد ٿي وڃي. ذات پات ۽ سماجي رتبي کي آڏو آڻي معصوم جذبن جو خون ڪيو ٿو وڃي. انسان صرف پنهنجي ڪردار ڪري وڏو يا ننڍو آهي. مال ۽ دولت اوهان جي آزمائش لاءِ آهي. محبت ته هڪ پاڪ ۽ پوتر جذبو آهي. شفاف پاڻيءَ کان به پاڪ ۽ صاف. سنڌي عورت لاءِ ”مارئي“ هڪ اهڃاڻ جي حيثيت رکي ٿي. جيڪا عمر سومري جي قهري ڪوٽ ۾ قيد هجڻ جي باوجود پاڻ تي حرف اچڻ ڪين ٿي ڏئي. هڪ مجبور ۽ ڪمزور قيدي عورت جا ايڏا اٽل ارادا جو وقت جو بادشاهه به مات کائي مارئيءَ کي ملير واپس ٿو ڪري، پر مارن مارئيءَ کان منهن موڙيو. جڏهن عمر سومري کي خبر پئي منهنجي غلطيءَ جي سزا هڪ بي قصور عورت کي ٿي ملي ته هڪدم اچي باهه جي آڙاهه ۾ گهڙيو ۽ مارئيءَ جي پاڪدامنيءَ جو ثبوت ڏنو. عمر سومري مارئيءَ جي اٽل ارادن آڏو مات کاڌي. مارئي به مارن جو مانُ مٿانهون ڪيو. کيس اباڻي لوئي، عمر جي ويسن کان وڌيڪ هئي. ملير جا ڪکاوان گهر، عمر جي محلن کان مٿانهان هئا.

محبت ڪرڻ ڪو به گناهه ڪونهي. محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سسئيءَ وانگر ڏونگر ڏورڻا پوندا ۽ مومل وانگر مرداڻو ويس پهرڻو پوندو. همٿ ۽ حوصلي سان ظلم ۽ ڏاڍ جا ڪوٽ ڪيرائي ثابت ڪرڻو پوندو ته انسان جي بلند ڪردار آڏو هر شيءِ تڇ آهي. سماج جي ٺيڪيدارن کي مات ڪرڻ تي مجبور ڪجي، جيڪي جرڳا ڪري عورت جي عصمت ۽ عزت جي قيمت ڪَٿن ٿا، قاتل کي بيقصور ڪرڻ لاءِ سندس ڀينر ۽ ڌيئر ڏنڊ ۾ ڏنيون وينديون آهن. پوءِ ڏنڊ ۾ آيل عورتن سان ويل وهايو ويندو. هڪ مرد جي زندگي بچائڻ لاءِ ٻن بي گناهه عورتن جي زندگي سُوليءَ تي لٽڪائي ويندي آهي. ڇا اُهو مردُ ٻن زندگين جو سودو ڪري بيقصور ٿي ويندو؟ ان مرد لاءِ غيرت ته ان ۾ آهي ته هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳي.

ڪيترائي پريمي جوڙا اخبار جي زينت بڻيا آهن، ان ڳالهه سماج لاءِ ڪيترائي سوال کڙا ڪيا آهن. جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب ايمانداريءَ سان ڏين ته شايد سنڌ ۾ ڪا به نياڻي بي گناهه نه ماري وڃي. ڇا صرف ڪاري غريب جي ئي ڌيءَ يا ڀيڻ ٿيندي آهي؟ امير انسان فرشتا هوندا آهن؟ ڪو مرد امير هوندو ته ان کي بيقصور ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل رقم ادا ڪري آجو ڪيو ويندو آهي. پر غريب جيڪڏهن بيقصور به هوندو ۽ ان کي ڪنهن سازش تحت ڪارو ڪيو ويندو ته ان جي ڀيڻ  ۽ ڌيءَ کي به سوليءَ جي سيج تي سينگاريو ويندو آهي. چٽيءَ ۾ آيل عورت جي ڪاري عورت جي مڙس يا ڀاءُ سان شادي ڪرائي ويندي آهي ۽ ڪاريءَ عورت کي يا ته ماريو ويندو آهي يا اُنهن کي ٻئي صوبي ۾ وڪڻي جهجهو ناڻو ڪمايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻٽيءَ چڪيءَ ۾ عورت کي پيٺو ويندو آهي ۽ ڪاريءَ جو وارث عورت جي قسمت جو فيصلو ڪري ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ ته ڪو وڏو ميدان ماريو اٿس. مليل چٽيءَ جي رقم سندس مانُ مٿانهون ڪري ڇڏيو.

ڇا چڱي مڙس جو اهو فرض نه آهي ته، پنهنجي قوم ۾ موجود براين کي ختم ڪري؟ جيڪي سالن کان جهڳڙا جاري آهن، انهن کي ختم ڪرائي، ڪهاڙيءَ ۽ بندوق جي جاءِ تي قوم جي نوجوانن کي قلم ۽ ڪتاب ڏئي، جهالت جي اونداهيءَ مان ڪڍي علم جي روشني ۾ آڻي. ڇا ان قوم مان قائداعظم جهڙا عظيم اڳواڻ پيدا نه ٿا ٿي سگهن؟ جيڪو هو ناڻو قبائلي جهڳڙن ۾ هٿيارن ۽ بارود تي خرچ ٿو ڪري، ڇا ان رقم مان پنهنجي پٽ کي علم لاءِ ڪمپيوٽر وٺي ڏي ۽ ڌيءَ کي ننڍڙو اسڪول يا سکيا جو مرڪز کولي ڏئي. جنهن سان ڳوٺ جون نينگريون علم پرائڻ سان گڏ هنر به سکن. علم جي روشنيءَ کان سواءِ ڪا به قوم ترقي ڪري ڪانه سگهندي. قومن جو عروج تعليم ۽ تحقيق ۾ آهي، جن قومن علم ۽ تحقيق جي فن کي حاصل ڪيو، انهن پوري دنيا تي راڄ ڪيو. سنڌو ماٿري ته ”موئن جي دڙي“ جي تهذيب جي مالڪ آهي جيڪا ساڍا پنج هزار سال اڳ هڪ سڌريل قوم هئي، دنيا مان سياح هن تهذيب کي ڏسڻ لاءِ ٿا اچن. اسان صرف موئن جي دڙي تي فخر ڪندا رهنداسين. اسان پاڻ کي دنيا آڏو مڃرايون. هر ميدن ۾ اڳتي اچون.

ڇا؟ پريمي جوڙا هنن سوالن جا جواب ڏيڻ جي زحمت ڪندا. مان پريمي جوڙن کان پڇنديس ته ڇا ڪورٽ جي چانئٺ ٽپي پرستارن جي گلن جي ورکا ڪرڻ کان بهتر ناهي ته اباڻن جو اڱڻ اورانگهي بزرگن جون دعائون وٺي رخصت ٿجي، جيڪي عمر ڀر گڏ هلن. ڇا اهي سڀ ڳالهيون اسان کي زيب ڏين ٿيون؟ پر حقيقت سان ان جو ڪو به تعلق نه آهي. دنيا ۾ محبت جا قصا پريمي جوڙن جا نه پر روحاني پيار ڪرڻ وارن جا مشهور ٿيا آهن. روحاني پيار ڪندڙن کي ڌرتي به پنهنجو سينو کولي ساهه ۾ سانڍيندي آهي. جنهن جو مثال سسئي پنهونءَ جي قصي ۾ ملي ٿو. پيار جو پتو ته پتنگن کان پڇو جيڪو شمع تي ڇڪن ٿي جيون جي جوت جلائي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آهن. چاهت ته چڪور کان سکو جيڪي چنڊ جي چاهت ۾ عرش تي اُڏامي اچي پٽ پوندو آهي، جنهن سان محبت ڪيو ٿا ان جي عزت ڪرڻ به ته سکو. والدين کي گذارش آهي ته جڏهن اوهان پنهنجي اولاد جي زندگين جو فيصلو ڪريو ته انهن جي خوشين جو به خيال رکو. پنهنجي سوچ کي دنيا مطابق بدلايو. دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، اوهان ذات پات جي زنجيرن ۾ پاڻ کي جڪڙي رکيو آهي. انا جا ڪوٽ ڪيرائي پنهنجي ٻچڙن کي ڏاڍائيءَ جي ڪات سان نه ڪهو! اولاد ته الله پاڪ جي طرفان هڪ تحفو آهي. پٽ نعمت ۽ ڌيءَ رحمت، قيامت جي ڏينهن اوهان کان نعمت بابت پڇا ڪئي ويندي. پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته شاديءَ ڪرڻ وقت عورت جو راضپو ضروري آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان راضي ڪيو ويندو ته اُهو وڏو گناهه آهي.“

عورت جي آواز تي پهرو، ريت پراڻي آ،
روز ٿئي ٿي نياڻي ڪاري، ريت پراڻي آ.

امداد حسيني

ماڻڪ موتي لال

[1] ساڌو واسواڻي، قليچ ۽ دادي ليلا

2003/10/11 تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ”قليچ رنگ“ پروگرام ڪيو ويو، جيڪو رنگ نثار حسينيءَ رچايو هو، جيڪو هاڻ اسان ۾ ناهي (ڌڻي مرهيس). اهو ”قليچ رنگ“ تڏهن وڌيڪ گهرو ۽ نمايان ٿي ويو، جڏهن دادي ليلا منچ تي آئي ۽ هن ٻڌايو ته:

”گُرو ساڌو واسواڻيءَ جي هڪ سڀا ۾ مون ڪجهه شبد چيا. قليچ منهنجي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چيو ”توکي سنڌي اچي ٿي؟“ مون چيو، ”ها! سنڌي منهنجي مادري ٻولي آهي.“ پوءِ مون ساڌو هيرانند واسواڻيءَ، پنهنجي گروءَ جا سنڌي ٻول/شبد ٻڌايا - ۽ مرزا قليچ بيگ وري به منهنجي مٿي تي هٿ رکي شآباس ڏني.“ دادي ليلا ان ”قليچ رنگ“ ۾ اهو به رنگ ڀريو ته ”لطيف اسان جو گُرو آهي. ان کان پوءِ قليچ اسان جو گُرو آهي.“

[2] ”ٻانهي ٻاروچل دي“ ڪلام جو خالق

هڪڙو ڀيرو ڀٽ شاهه تي مخدوم طالب الموليٰ جي ڪچهريءَ ۾ ويٺل هجون پکن جي ٺهيل لانڍيءَ ۾. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اُتي مخدوم صاحب سان ملڻ لاءِ آيل هو. مخدوم صاحب، ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو ”ڊاڪٽر صاحب، توهان اهو ڪلام بي زر برابر مين هان، ٻانهي ٻاروچل دي، ٻانهي ٻاروچل دي، گولي خاص پنهل دي! ضرور ٻڌو هوندو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com