سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 7/ 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 7/ 2006ع

گلبدن جاويد

سوچ ويچار

هي هڪ ڪائناتي سچ آهي ته ڪا شڪتي ڪا قوت اهڙي آهي جيڪا جهان کي جوڙيون بيٺي آهي! آڪاش جي اوچائي، سمنڊ جي گهرائي. ڌرتيءَ جي وسعت، هوائن جي آزادگي، چنڊ جي چانڊاڻ، تارن جي جهرمر، گلڙن جي خوشبو، پاڻيءَ جي ٿڌاڻ تي ويهي سوچجي ته جيڪر عقل دنگ رهجي وڃي. انهيءَ پس منظر ۾ مرشد لطيف اسان جي رهنمائي ڪندي فرمائي ٿو:

جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجَهه به اوڏيائي مڱانءِ،

رِءَ ٿنڀين، رءَ ٿوڻيِين، تُون ڇپَرُ، تُون ڇانءَ،

ڪَڄارو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلوُم سَڀڪا.

۽ سائنسي سچ اهو آهي ته هوا به وزن رکي ٿي يعني فطرت ۾ برابري آهي ۽ انسان جيڪو ڌرتيءَ جي سموري مخلوق ۾ شرف وارو ۽ افضل آهي. اهو ڪيترو برابريءَ جو قائل آهي اها هڪ الڳ بحث طلب ڳالهه آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته ڌرتيءَ تي جيترو ظلم انسان سان انسان ڪيو آهي. اوترو ظلم ته ڪنهن خطرناڪ جانور به ناهي ڪيو. سماج ۾ جڏهن ظالماڻي سوچ رکندڙ انسانن جي گهڻائي طاقت ۾ اچي ٿي ته اهي سماج لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو اسان جو سماج ڏينهون ڏينهن ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. هڪ پاسي قبائلي جهيڙا آهن ته ٻئي پاسي ڪاروڪاري جو ممڻ متل آهي ته وري ٽئين پاسي سکڻي انا ۽ هوڏ ۾ هرڪو وَر کنيو هڪٻئي سان دشمني پاڙڻ ۾ پورو آهي. ديس ۽ ديس وارن جي ڏکن دردن، سورن، اهنجن ايذائن جو ڪنهن کي به فڪر ناهي. بس هرڪو پاڻ پڏائي رهيو آهي ته جيڪر مان نه هجان ته دنيا جو چرخو بيهي وڃي!

عظيم انسان اُهي آهن جن پنهنجي قومن جي رکوالي ڪئي انهن جي آواز کي سگهه ڏني، انهن کي عزت ۽ جرئت سان جيئڻ سيکاريو. ڏاڍ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حوصلو ڏنو. اسان جو سماج تهذيب تمدن، ثقافت ۽ سڀيتا جي لحاظ کان نهايت اوچو ۽ تمام سڌريل سماج رهيوآهي. عورت کي وڏي مڃتا مليل هندي هئي. نياڻين جي ميڙ تي خون معاف ڪيا ويندا هئا. نياڻي ست قرآن آهي ان جو مان ۽ مرتبو مٿانهون آهي، دشمن جي نياڻي به در لنگهي ايندي هئي ته ان کي سام ڪري ويهاريندا هئا ۽ سندس وار ونگو ٿيڻ نه ڏيندا هئا. اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ ماڻهن تي انهيءَ لاءِ ظلم ڪيو وڃي ٿو ته، ڏسو نه اکيون ٻوٽي هلو. سچي ڳالهه ٻڌڻ وقت ڪن بند ڪري ڇڏيو. سوال جواب نه ڪريو. بس ائين هلو جيئن نار ۾ ڍڳو! ٽهڪ ڏئي نه کلو، چپن تي مُرڪ نه آڻيو. اڳي چئبو هو ته سُور پي وڃو، پر هاڻي چيووڃي ٿو ته ٽهڪ پي وڃو! محمود درويش لکيو آهي ته پرائي ڌرتيءَ تي جلاوطن ٿي رهڻ کان پنهنجي ڌرتيءَ تي جلاوطن ٿي رهڻ وڌيڪ اذيتناڪ آهي. تنهنڪري زندگيءَ ۾ جيڪي مسئلا اچن انهن جو همت ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪجي. سچ جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ زندگي جي به پرواهه نه ڪجي.

”سرتيون“ جولاءِ 2006ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اهو اوهان پڙهندڙن/ لکندڙن جي سهڻي ساٿ ۽ سهڪار جو نتيجو آهي. جو پرچو وقت سر شايع ٿئي ٿو. اوهان جا خط ۽ ٽيليفون اسان جو حوصلو وڌائيندا رهن ٿا. وڌيڪ اميد ڪجي ٿي ته اوهان جو ساٿ ۽ سهڪار سرتيون سان سدائين قائم رهندو، پرچو ڪيئن آهي؟ ان باري ۾ اوهان جي صلاحن، تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.

پڙهندڙن جا خط

السلام عليڪم

توهان جو موڪليل ”سرتيون“ رسالو مليو جنهن لاءِ مهرباني ۽ پڻ ان ڳالهه جو ٿورائتو آهيان، جو توهان منهنجي مضمون سان گڏ تصويرون پڻ ڏنيون آهن ۽ سٺي نموني پيش ڪيو آهي.

هن سان گڏ هڪ CD موڪلي رهيو آهيان جنهن ۾ ڪجهه جهازن جون تصويرون پڻ آهن، جن مان ڪا به تصوير توهان کي مضمون ۽ رسالي جي مناسبت سان Suitable لڳي ته سرتيون يا گل ڦل رسالي ۾ ڏئي سگهو ٿا.  ڪجهه منهنجون ۽ منهنجي فئمليءَ (زال: مستوران ۽ ٻارن: مريم جيجل ۽ مارئي) جون ننڍپڻ جون جهاز تي آهن يا وري سنڌ جي مشهور اديبن: فهميده حسين، سلطانه وقاصي، ماهتاب راشدي، تنوير جوڻيجو، پروين راڄپر وغيره سان آهن.

ڪجهه تصويرون ٻارن جون به آهن جن ۾ منهنجي ڏُهٽن، آفرين ۽ ابيان جون به تصويرون آهن. هنن مان ٿي سگهي ٿو ڪا گل ڦل لاءِ ڪارآمد ثابت ٿئي.

سرتيون لاءِ انشاءَ الله هر دفعي مضمون موڪليندو رهندس.

دعاگو

الطاف شيخ

2/11, 8th gizri Lane، Phase-IV

DHA, Karachi 75500, Pakistan

Tel. 5894090, 0300-9241666

ايڊيٽر سرتيون

سرتيون جونِ 2006ع جو رسالو منهنجي نظر مان گذريو.

هي منهنجو توهان ڏانهن پهريون خط آهي، اميد ته شامل ڪنديون!

ادي، فهميده حسين جو انٽرويو تعريف جوڳو آهي. اسان جي ڀينرن کي گهرجي ته هو نئين سج نيون ڳالهيون لکن ته بهتر ٿيندو. شاعريءَ ۾ ادا نذير قاضي جو لکيل نظم ۽ امداد حسينيءَ جي شاعري تمام بهتر آهي. ٻيا به مضمون، ڪهاڻيون، شاعري بهترين انداز ۾ لکيل آهن.

رسالي جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن اسان جا غريب ڀائر ۽ ڀينرون خريد ڪري سگهجن.

ٻيو ته آءٌ ٻهراڙيءَ ۾ رهان ٿي انڪري رسالو ريگيولر نه ٿو ملي.

ان لاءِ آءٌ چاچا عاجز منگيءَ کي ميار ڏينديس ته هو اسان تائين ريگيولر رسالو پهچائي ته سندن مهرباني ٿيندي.

آخر ۾ آءٌ جس ڏيان ٿي سرتيون رسالي جي سٿ کي جن تمام گهڻين ڪوششن ۽ ڪاوشن سان رسالو اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي.

جيئن جيئن ڀڄي رات،

تيئن تيئن تاڻي پنڌ،

ڀوري ٻي نه تات،

جيڪا سا جتن جي. (شاهه).

نسيم ڏاهري

معرفت: امان الله ڏاهري وايه شاهپور چاڪر،

پوسٽ ڪوڊ: 68201، فون: 846215 - 0235

ايڊيٽر سرتيون

گذارش ته گهڻين شڪايتن سان ٿورو ڪجهه لکان پئي. اميد ته منهنجي هن شڪايتي خط کي ضرور شايع ڪندا. جيئن ته ڪجهه عرصو اڳ ”سرتيون“ رسالو ڪنهن دوست کان مليو. پڙهيوسين سٺو لڳو ڇاڪاڻ ته هن رسالي ۾ عورت جي ڀرپور پٺڀرائي ڪئي وئي آهي ۽ انهي جذبي جي تحت ڪجهه لکيو به هئم، جيڪو شايع به ٿيو هو، پر جيئن ته اسان ڊسٽرڪٽ ٽنڊوالهيار جي هڪ ننڍي شهر ۾ رهون ٿا تنهن ڪري هتي رسالو نه ٿو پهچي. سو حيدرآباد مان گهرائڻ به هڪ مسئلو آهي تنهنڪري اسان ساليانو چندو جمع ڪرايوسين ۽ رسيد وصول ڪئي سين. رسيد جي تاريخ موجب اسين 05/8 کان 06/7 تائين رسالا حاصل ڪري سگهياسين ٿي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان کي صرف چار رسالا ملي سگهيا. مارچ 2006ع واري رسالي ۾ ادي اياز سومرو جي هڪ مختصر چٺي به ملي جنهن ۾ لکيو هو ته اسان جو ساليانو چندو مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي ٻيهر چندو جمع ڪرائي رسالا گهرائي سگهو ٿا. اسان فون تي به چار پنج دفعا رابطو ڪيوسين ۽ اها شڪايت ڪئي سين، موٽ ۾ جواب مليو ته توهان تائين رسالا پهچي ويندا، پر ائين نه ٿيو. اسان هتي نموني طور مئنيجر جي موڪليل رسيد ۽ ادي اياز جي هينڊ رائيٽنگ ۾ لکيل چٺي جون فوٽوڪاپيون موڪليون پيا. اميد ته توهان ايڊيٽر هجڻ جي ناتي پنهنجا سمورا انتظام سهڻي نموني سنڀاليندا. ڇو ته اسان جا شڪايتي خط اوهان ڏانهن ئي ايندا، جي اسان جي ادبي ڪتاب گهر جا اهي حال رهيا ته پوءِ ادب جو خدا ئي حافظ آهي. اميد ته سٺي موٽ ڏيندا.

نسيم لغاري (مسڻ وڏي)

ڀيڻ: اوهان کي شڪايت ڪرڻ جو پورو حق آهي، رسالو اوهان تائين نٿو پهچي ان لاءِ معذرت خواهه آهيون ڇو ته نه صرف اوهان پر اهڙي شڪايت گهڻين ئي ڀينرن ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان مئنيجر ڪتاب گهر سان رابطو ڪيو آهي. اميد ته جلد ئي اوهان کي رسالو ملي ويندو.

ايڊيٽر

سد زيدي/ترجمو: ولي رام ولڀ

ڀينرون

اڱر ٿي چڪيون آهيون

ڀينرن چيو واريءَ ۾ پُورجندي

ڍڪي ڇڏيو هاڻي اسان کي چاهي اسان ترسون ٿيون هتي تون وڃ

ڀينرون ڏينهن جو چهرا مٽائي اينديون رهيون

تپ چڙهيل هو اسان تي سانجهين جو

اسان جي ٻرندڙ اکين کي اڃا وڌيڪ گرم ڪندڙ ڀينرون

سراپ وانگر اينديون هيون

اسان جي ڄڃ جهڙين زندگين ۾ ڀينرون ٽريفڪ ڀريل سڙڪن تي

مصيبت بنجي سِرن مٿان لامارا ڏينديون هيون

ڀينرون ڪڏهن سڪون حاصل ڪري ويهي رهنديون هيون

اسان جي زالن جي گرڀ ۾، ڀينرون پهرو ڏينديون رهيون

 

چلهه جي پويان اونداهيءَ ۾ بصر چورائي جيڪي اسان کي حيران ڪندا آهن

انهي چورن کي پٽِينديون هيون ڀينرون

خوش ٿيون ڀينرون اسان جي ٺيڪ ٺاڪ هلندڙ نوڪرين ۾ ڀريل

اميدون ڏسي

ڀينرون ٻارن کي پرين درويشن جا قصا ٻڌائينديون هيون

سندن تخيل ۾ جهنگلي جانور ڀينرون آڻينديون هيون

ڀينرن جيڪي نه ڏٺو ان کي وڌيڪ وڌايو

پنهنجي اڳيان جي پونجي ميڙيندي ميڙيندي

 

اها ڪاٺي نه ٻرندي

ڪنهن جيڪڏهن ايئن چيو ته اسان ناراض ٿينديونسين

ڇا لاءِ آخر اسان ٿيون آهيون ڇوڪريون

ڪاٺيون ٻرنديون آهن جيئن اسان ٻرون ٿيون، توکي ڄاڻ آهي ڪاٺيون آهيون اسان ڇوڪريون

جيستائين آليون آهيون دونهون ڇڏينديونسين

پر اِن ۾ اسان جو ڪهڙو وس؟

اسان ديڳڙيون آهيون تنهنجي گهر جون ڀاءُ، بابا

امان ڏسو اسان ديڳڙيون آهيون

اسان جي ڪا رٺ ڌوپي ويندي، نه ڌوتو ويو اسان کي ته

اسان ڪارٺ بڻجي وڌنديون رهنديونسين

۽ اڳڙيون ڀرينديون رهنديونسين سرير ۾

جيستائين آهي آلاڻ ۽ سواد

اسان سُڪنديونسين پنهنجي رفتار سان

اسان سُڪي وينديونسين

اسان کڙ کڙائينديونسين هن ڌرتيءَ تي سناٽي ۾

چلهين تي ٻپهريءَ جو

پنهنجو ڪٽورو وڄائينديونسين

اسان جو ڪٽورو ڀري ڏجان

مورين تي پاڻي ملي ٿو وڃي ڪٽنب وارؤ

پر اناج نٿو ملي

اسان جو ڪٽورو ڀري ڏجو.

”اسان تنهنجي دنيا ۾ ڪوريئڙي جيتريون هونديونسين

اسان هونديونسين ڪوريئڙا

گهرجي ڪنهن وساريل ڪنڊ ۾ ڄار تاڻي پيو هونديونسين

اسان هونديونسين ڪوڙيئڙا ڌوڙ ڀريل ڪنڊن جون

اسان هونديونسين ڌوڙ

اسان هونديونسين اڏوهيون طاقن جي چيرن ۾

پيتيءَ جي هيٺان رهي وينديونسين

اسان رات جو تڏين وانگر ڳالهائينديونسين

ڪٽنب جي ننڊ کي سهارو ڏيندڙ اسان هونديونسين تڏيون

 

اڱر تي چڪيون آهيون اسان

ڀينرن چيو واريءَ ۾ پُورجندي

اڱر ٿي ويون آهيون

چيوسين جوتن سان مار کائيندي

اڱر

سڏڪندي

ڀينرون سڏڪن ٿيون: رک آهيون اسان

رک آهيون اسان

دز اڏامي ويهي رهندي سڀنيءَ جي مٿي تي

سڪي ويندا تنهنجي اکين ۾ سُستيءَ جا چاپوڙا

ڳچيءَ تي تيل جو تهه ڄمي ويندو ڏسج!

ڀينر مير بنجي وينديون هڪ ڏينهن

هڪ ڏينهن صابڻ سان نڪري وينديون يادن مان

گوڏن ۽ ٺونٺين کي ڇڏي

مرن نٿيون پر اهي ويٺيون رهنديون آهن صدين تائين گهرن ۾

ڀينرن کي دٻائيندي دنيا گذرندي وڃي پئي

جيون جي چيڪاٽ ڪندڙ پل مٿان

خاندانن جي دانهيندڙ لائوڊ اسپيڪر کي جيئن تيئن دٻائيندي

ڪنڌ جهڪائي پنهنجن ڦلوڪڻن کي ڏسندي

 

هڪ ڏينهن رستي ۾ جڏهن اسان جي نڪ مان رت وهي رهيو هوندو

مٽيءَ ۾ ملي رهيو هوندو

زمين جي گهنجن ۾ وڃايل ڀينرن جا کارا جسم جاڳي پوندا

پورهئي جي گپ ۾ لٿڙيل پنهنجين پوتين جي پلاندن سان

اسان کي گهيرڻ اينديون ڀينرون

بچائي وٺڻ  چاهينديون ان کي پنهنجي رکن هٿن سان

گهڻا ورهيه گذري ويندا

ايترا جو اسان بچي نه سگهنداسين

هندي (ڀارت)

انٽرويو: گلبدن جاويد

استاد، شاعره ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ جاکوڙيندڙ ريحانه چنڙ سان ڳالهه ٻولهه

سرتيون: اوهين ”سرتيون“ جي پڙهندڙن سان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو- منهنجو مقصد آهي ڄمڻ جو هنڌ، پرائمري تعليم وغيره؟

ريحانه: منهنجو جنم 1970/03/18 (نائين محرم) تي ڪاري موري، حيدرآباد ۾ ٿيو. منهنجا شروعاتي سال اتي گذريا، ان کان پوءِ بابا جي بدلي نوابشاهه ٿي ويئي ۽ اسان سڀ نوابشاهه ۾ رهڻ لڳاسين. اسان سڀني ڀائرن، ڀينرن جي پرائمري کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم نوابشاهه جي گورنمينٽ ادارن مان حاصل ڪيل آهي. هونئن مون کي ننڍي هوندي پڙهڻ جو شوق بلڪل نه هوندو هو. رلڻ گهمڻ جو جام شوق هوندو هو (جيڪو اڃا آهي) بهرحال مائٽن اسڪول ۾ داخل ڪرايو (ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟) ۽ مجبورن اتي دل لڳائڻي پئي. اسان جي پرائمري اسڪول سان گڏوگڏ قبرستان هوندو هو (جيڪو اڃا تائين آهي) ۽ اڪثر ڪري رسيس ۾ راند ڪندي اسان جو بال قبرستان ۾ وڃي ڪرندو هو ۽ اسان بغير ڪنهن خوف جي قبرون لتاڙي وڃي بال کڻي ايندا هئاسين، پر ڪڏهن به ڪنهن جن ڀوت يا ڏائڻ کي نه ڏٺوسين، انڪري خوف تڏهن کان ئي ذهن مان نڪري ويو.

پرائمري اسڪول ۾ منهنجي پهرين استادِ آپا مشرف ٻگهيو هئي. آپا جو پڙهائڻ ته مون کي ياد ناهي پر ان جا ڊگها وار مون کي ڏاڍا وڻندا هئا. اسان جي هيڊ مسٽريس آپا مهرالنساءَ جنهن کي اسان سڀ آپا وڏي ڪوٺيندا هئاسين ان اسان کي رياضي پڙهائي. آپا وڏي انتهائي سخت قسم جي استاد هئي، ڪلاس ۾ جيڪڏهن ڪو گوڙ ڪندو هو ته مانيٽر ان کي ڊيڄاريندي هئي ته توکي آپا وڏي ڏي ٿا وٺي هلون. مون کي ياد آ ته آپا شڪايت ملڻ تي ان ٻار کي چماٽ هڻندي هئي هڪ ابتي ۽ هڪ سبتي. پر آپا جو پڙهائڻ تمام بهترين هوندو هو. پڙهائڻ مهل بلڪل به دڙڪا نه ڏيندي هئي. مون کي ياد آ، اسان جو ڪلاس ورانڊي ۾ هوندو هو، انڪري صبح کان وٺي موڪل ٿيڻ تائين جيڪا به استادِ ڀلي پنهنجي ڪم سان لنگهي اسان سڀ ٻار اٿي بيهي چوندا هئاسين آپا ”السلام عليڪم“ (ڪورس جي انداز ۾) خاص طور تي صبح جو ماسترياڻيون هڪٻئي پٺيان اينديون هيون ۽ ائين اسان جا لاهه نڪري ويندا هئا سلام ڪري ڪري.

پاڻيءَ جو هڪ نلڪو هوندو هو جنهن جي اڪثر ڪلي نڪتل هوندي هئي، اسڪول کي ڪو به پٽيوالو، جمعدار مليل ڪونه هو (اهي جايون اڪثر اسڪولن ۾ اڃا به ڪونهن) انڪري ڪلاسن جي صفائي اسان شاگردياڻين کي پاڻ ڪرڻي پوندي هئي. انڪري اڪثر گرمين جي موڪلن کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اسان اسڪول نه ويندا هئاسين. گل، ڳالهيون ته کوڙ آهن، ائين سڄو انترويو رڳو پرائمري اسڪول جي يادگيرين ٻڌائڻ ۾ پورو ٿي ويندو. بهرحال مون کي پنهنجي پرائمري ۽ ان کان پوءِ يونيورسٽي وارو دَور ياد آهي ۽ اُهي يادون سندر ۽ سٺيو لڳنديون آهن.

سرتيون: پنهنجي ڪٽنب بابت ڪجهه ٻڌايو؟

ريحانه: اسان پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ڀيڻون آهيون. هڪ مون کان وڏي ڀيڻ ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ جيڪا شاعر به آهي ۽ هڪ ننڍي ڀيڻ غزالا جا سول انجنيئر آهي، واٽر مئنيجمينٽ ۾ نوڪري ڪري رهي آهي پر هوءَ اڃا مطمئن ناهي، اڃا ڪجهه ٻيو ڪرڻ چاهي ٿي. هڪ ڀاءُ عبدالرحمان Maths جو استاد آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن کي مختلف ملڪن جا سڪا، ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو شوق آ، آرٽ فلمن جي ڄاڻ رکڻ، ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ الطاف شيخ کي پڙهڻ جو شوق هن جو خاص شوق آ، هڪ ننڍو ڀاءُ عزيزالرحمان F.C. P.S-II يعني وڏي ڊاڪٽريءَ جي ٻئي سال ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com