سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

 

 

معصوم رونجهو

غزل

رهين ٿو تون نقابن ۾،

سندم دلڙي عذابن ۾،

ڪري واعدا نه ڪيئه پورا،

رکيو ڇا هي حسابن ۾،

سندءِ نيڻن سان پياري وڃ،

سڪون ڪونهي شرابن ۾،

حسين ٿيو چنڊ کان ويتر،

صنم منهنجو گلابن ۾،

سر محفل ملي وڃ اڄ،

ڀلا ڇاهي حجابن ۾.

چئين معصوم ملنداسين،

ڪهاڻين ۽ ڪتابن ۾.

 

هيپي برٿ ڊي

رفيق بلوچ

 

هوءَ گذريل اڍائي ڪلاڪن کان بي حد بي چين هئي. ديوارن ڏانهن ور ور ڪري پيئي نهاريائين، ڄڻ ڪنهن شيءِ جي هن کي شدت سان ضرورت هجي. پوڙهي ماءُ ۽ پيءُ هوندي به هوءَ گهر ۾ ڄڻ اڪيلي هئي. گهر جون رونقون ختم ٿي ويون هيون ۽ بي رونق گهر هن جي ذهن کي اذيت ڏيئي رهيو هو. اها خبر نه پئي پيئي ته هوءَ ڪنهن جو انتظار پئي ڪري. پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ميڻ بتيون جيئن جو تيئن ٽيبل تي پيل هيون ۽ ٽيبل جي هيٺان ويٺل پپلي نهايت عجيب و غريب نظرن سان هن اداس ۽ ڀيانڪ ماحول کي گهوري رهي هئي. دراصل هن کي به خبر نه پي پئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڇو جو ڪافي دير کان مالڪه هن سان به نه ڳالهايو هو ۽ نه ئي ڪجهه کارايو هو. پپلي هن جي اداسيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو هو. هن وري ٽائيم پيس ڏانهن ڏٺو. ائين بي چينيءَ واري حالت ۾ هن کي ٻه ڪلاڪ 45 منٽ گذري ويا هئا. "هن گهر جي بربادي جو ذميوار ڪير آهي." هن درد وچان چيو. پيشانيءَ تي گرمي پيدا ڪندڙ وارن هن کي بيزار ڪري وڌو. کاٻي هٿ سان وار پوئتي هٽايائين. هڪ ڀيري وري ديوار تي لڳل آئيني ڏانهن وڌي وئي. وارن ۽  ڪنن تي لٽڪندڙ جهالر تي  هڪ نظر وڌائين.

“ڪريم به صفا بي ڪار آهي، دُٻا دُٻا ٿي هڪ هنڌ بيهي ٿي وڃي." هـُـن رومال سان کاٻي ڳل کي مهٽيو، ۽ جلدي ۾ قبول ڪري ورتائين ته ڏوهه ڪريم جو نه بلڪه هن جو آهي جو گهڻي استعمال ڪئي هئائين. پيشانيءَ تائين تاڻجي آيل وارن کي پوئتي هٽائيندي، دل ئي دل ۾ وارن جي هن نئين فيشن کي به رد قرار ڏيئي ويٺي.” وار کليل ته رهندا پر انهن کي هاڻي ڪنهن نئين فئشن کان آشنا نه ڪبو." هـُـن فيصلو ڪري ورتو ۽ پوءِ آئيني کان پري هٽي وئي. پپلي تي نظر پيس پر ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيائين. پپلي سان ننڍپڻ کان دوستي نه هئس، بس ٻه سال کن ٿيا هئس جو پپلي سان دل وندرائڻ لڳي هئي. پپلي به هن جي هر اشاري کان آشنا ٿي وئي هئي. پپلي ئي هئي جنهن سان بي چيني ۽ اداسيءَ ۾ ڏک شيئر ڪندي هئي. حالانڪه پپلي هن سان ڳالهائيندي نه هئي، تڏهن به هوءَ آسيس وٺڻ ۾ ڪامياب ويندي هئي ته پپلي ڄڻ ته ڳالهائي رهي آهي ۽ هن جي ڏک ۾ ڏکوئجي رهي آهي، هن کي پپلي نالي چونڊڻ ۾ به ڪافي وقت لڳو هو. ڪافي ڏينهن تائين هـُـن جو چهرو ۽ جسم ڏسڻ بجاءِ هـُـن جي سڀاءَ کي پرکيو هئائين. ان بنياد تي پپلي نالو چونڊيو هئائين. اڄ هن جي دل ۾ ڪافي تڪليف هئي. پر پپلي کي پنهنجي انهيءَ تڪليف کان نجات لاءِ ڪافي نه پئي سمجهيائين. هن محسوس ڪيو هن جي درد کان نجات لاءِ ٽيبل ڀرسان ويٺل سوني رنگ واري بي زبان پپلي نه، بلڪه ڪنهن انسان جي ضرورت آهي. هـُـن شديد نفرت وچان پپلي ڏانهن نهاريو. ٽائيم پيس جي گهنٽيءَ هن کي ديوار ڏانهن نهارڻ لاءِ متوجه ڪيو. سمجهي ورتائين، هن کي انتظاآر واري حالت ۾ ٽي ڪلاڪ مڪمل ٿي چڪا آهن. هڪ گهور ڪپڙن جي پهريل نئين جوڙي تي وڌائين ۽ پوءِ نيل پالش لڳل ننهن تڪيائين، بي چيني ۾ ويتر اضافو ٿي ويس.

ويهڻ بجاءِ پير هيڏانهن هوڏانهن سوريائين، ماضيءَ جي ڪٿا ذهن ۾ چڙهي ويس. منهنجو رويو نهايت ڏکوئيندڙ هو، هوءَ پڇتائيندي چپن ۾ ئي ڀڻڪي، اکين ۾ اذيت ڀرجي آيس. "منهنجي ڪري ئي گهر ويران ٿي ويو." ٽيبل جي خانن ۾ منهن لڪائڻ چاهيائين پر هيانوَ ۾ ڏک ۽ تڪليف جا انبار کڙا ٿي پيس. گذريل سال واري وارتا هن جي ذهن ۾ تري آئي. اکين ۾ سيون چڀندي محسوس ٿيس، "مان ذميوار آهيان تباهيءَ جي..." نيٺ هن هن جون اکيون ڀڄي پيون. گذريل واردات هن کي پڇتاءُ جو احساس ڏياريو هو، جيئن ئي گهر کان ٻاهر نڪرندي هئي پرستار هن کي پنهنجو پنهنجو پيار محسوس ڪرائڻ ۾ لڳي ويندا هئا پرستارن جي اضافي لاءِ هن اوورميڪ- اپ جو سهارو ورتو هو. جڏهن به نڪرندي هئي اوور ميڪ- اپ ٿيل هوندو هئس. بلڪل ڳاڙها چپ جديد فئشن جا ڪپڙا، بوٽن جي ٽاپ ٽاپ، هر ٻڍي توڙي جوان کي متوجه پئي ڪيو. ان عرصي دؤران هڪ نوجوان هن جي بلڪل به قريب اچڻ لڳو هو، حالانڪه هن کي به ان نوجوان لاءِ ٿوري گهڻي اٽرئڪشن هئي، پر پوءِ به نوجوان کي ڪجهه به محسوس ڪرائڻ کان قاصر رکندي پئي  آئي. سالگرهه جي ڏينهن هوءَ آفيس کان ڪجهه جلدي واپس آئي هئي، جو سهيلين جو آڌر ڀاءُ ڪري سگهي. ڇوڪرين جي اچڻ کان پهرين هن  ٽيبل جي اڌ تي چار پونڊن جي ڪيڪ رکيو ۽ ان مٿان ميڻ بتيون رکي ڇڏيائين، ميڪ اپ کي اڃا به اوور ڪرڻ لاءِ هوءَ ڊريسنگ روم داخل ٿيڻ واري هئي جو دروازي جو کڙڪو ٿيو. هن وڃي لاڪ ۾ هٿ وڌو. فخر وچان ڳاٽ اوچو ٿي ويس جو پهرين سرتي ٽائيم کان چار ڪلاڪ اڳ ۾ آئي هئي. دروازو کوليائين، ڏٺائين اهو ئي نوجوان هٿ ۾ رابيل جا گل جهليو بيٺو هو جيڪو هر روز رستي ۾ هن سان گڏجندو هو. هـُـن کي ان ڳالهه تي ڪجهه تعجب به لڳو ۽ ڪجهه ڪاوڙ به آئي، ڇو جو هن کان پهرين هن سان ملندڙ نوجوان يا ته مغرور هئا يا لالچي. هوءَ آيل هن نئين نوجوان کي ٻنهي مان ڪو به لقب نه پئي ڏيئي سگهي، ڇو جو هن جي لفظن ۾ نهايت شائستگي ۽ نهٺائي هئي. نوجوان سان محبت هوندي به هن نهايت غير واجب لهجي ۾ ڳالهايو هو ۽ نيٺ نوجوان رابيل جي خوشبوءَ کڻي واپس هليو ويو هو ۽ وري نظر نه آيو هو.

گذريل هفتي هوءَ عزيز شاپنگ سينٽر  مان خريداري ڪري جيئن ئي ڏاڪڻ مان هيٺ لهڻ واري هئي ته نظر ان نوجوان تي پئجي وئي هئس، اهو سوچي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئائين ته نوجوان ضرور اچي هن سان ڳالهائيندو، ڇو جو گذريل سالگرهه کان پوءِ جڏهن هٺيلن نوجوانن محسوس ڪيو ته هوءَ خود پرست آهي تڏهن سڀني واقف ڪارن هن ڏانهن نهارڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هن به محسوس ڪري ورتو هو ته نوجوانن مان هن ڏانهن نهارڻ واري تڙپ ختم ٿيڻ واري آهي، تڏهن احساس ٿيو هئس ته هوءَ گهڻو ڪجهه وڃائي ويٺي آهي. اهو احساس هن جي من ۾ شدت سان تڏهن اڀريو جڏهن هن جون ڪجهه سهيليون پنهنجن پريمين سان پرڻيون ۽ مڙسن جي پريم ۾ وڃائجي هن کي به وڃائي ويٺيون هيون، تڏهن هن کي به شدت سان اهو نوجوان ياد اچڻ لڳو هو، جيڪو اونهاري جي نٽهڻ اُس ۾ بيهي هن جي واپسي جو انتظار ڪندو هو. هن کان وڌيڪ ته هن جي ماءُ، پيءُ کي سهاري جي ضرورت هئي ۽ اهو نوجوان هڪ سال جي وڇوٽي کان پوءِ هن جي سامهون هو. هن ڏٺو هڪ عورت نوجوان ڏانهن اچي چيو "ڊارلنگ هلون" ميڪ - اپ کي اڄ هن نئون ماسڪ چاڙهيو هو. گذريل ٽن ڪلاڪن کان بيچينيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهي هئي. منهنجي امان جو ڇا ٿيندو... بابا جو ڇا ٿيندو هن گهر جو ڇا ٿيندو.... هن ٿڌو شوڪارو ڀريو، هن سوچيو هو، هن جي سرتين کي هن جو جنم ڏڻ ياد هوندو پر هن جي سوچ غلط نڪتي. سالگرهه ٽائيم کان ٽي ڪلاڪ وڌيڪ گذري ويا هئا پر ڪا به سهيلي نه آئي هئي. هن شديد بيچيني وچان ٽائيم پيس ڏانهن ڏٺو ۽ ماضيءَ ۾ وري جهاتي پاتائين. هن نوجوان ڏانهن ڏٺو، هـُـن جي اکين ۽ چپ کي تڪيائين ۽ جيئن ئي ٻانهون کولي هن کي گهيري ۾ آڻڻ چاهيائين. تڏهن خبر پيس ته هوءَ سپنا پئي ڏسي. ڪاش هن پر مسرت موقعي ۾ ڪوئي منهنجي ڳلن کي چمي ارپي ها. هن کي شديد درد محسوس ٿيو، خالي گهر ۽ برباديءَ جي ذميوار مان آاهيان.“  هن سوچيو  ٽيبل تي پيل ڪيڪ ۽ ڇريءَ ڏانهن ڏٺائين. پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ مان ميڻ بتيون ڪڍي ڪيڪ جي چوڌاري ٽيبل تي رکيائين ۽ پوءِ آئيني ڏانهن ڏٺائين.... آئون اڪيلي ڪيڪ ڪٽينديس...هيپي برٿ ڊي چوڻ وارو به ڪوئي ناهي..." هن جون اکيون ڀڄي پيون. ميڻ بتيون کڻي هڪ هڪ ڪري فرش تي اڇليائين. ڪيڪ هيٺ اڇلايائين، جيئن ئي ڇري هيٺ اڇليائين هن کان هيبتناڪ رڙ نڪري وئي، ڏٺائين بي زبان پپلي جو رت ۾ وهنتل جسم فرش تي ڦٿڪي رهيو آهي.

*

 

ساگر ڀٽي

نظم

جوڀن ۾ پير پائڻ سان ئي،

تو مون کي پيار ڏنو آهي،

سچ ٿو چوان مان، توکانسواءِ،

هن دل ۾ ڪو ٻيو ناهي.

مون کي توتي وشواس آهي،

تون صرف منهنجو آهين،

اوپرو آهي سارو جڳ تو لئه،

تون بي ڪنهن جو ناهين.

روشني ٿي آ، تنهنجي اچڻ سان،

انڌيرن ۾ اڳ رهندو هئس،

شايد تولئه مان او سپرين،

جاڳي رات جو لکندو هئس.

دل ٿي چاهي، سارو جيون مان،

پوڄا تنهنجي ۾ گهاري ڇڏيان،

تنهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ اچي،

لوڪ سارو وساري ڇڏيان.

 

ناول                              قسط....9

جنين ڪاڻ مياس

فقير شهمير خان

 

دروازي کي زور سان ڌڪو ڏيئي، پريشانيءَ ۾ اندر داخل ٿي ويس. عجيب منظر هو، چلهه جي ڀرسان حسنا منهن تي پوتيءَ جو پلئه رکي زارو قطار روئي رهي هئي ۽ منهنجو ڀيڻيوو حسنا جي مٿي تي هٿ رکي، کيس پرچائي رهيو هو. مون کي ڏسندي علي محمد ٻڌايو، ته منهنجو سهرو، اسان جون راهون تڪيندي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. منهنجي لاءِ اها خبر ڌماڪي کان گهٽ نه هئي، ان دؤران حسنا به پنهنجي اندر جو غبار هلڪو ڪري چڪي هئي ۽ پوتيءَ جي پلئه سان ڳوڙها اگهندي، ارمان کي پنهنجي ڪڇ تي کڻندي، ستت ڳوٺ هلڻ لاءِ چيو:

"پاڻ ته هليا ٿا هلون، پر مينهن جو ڇا ٿيندو؟ مون حسنا کي منهِن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو.

"مينهن جي تون چنتا نه ڪر، ان جو مون اڳواٽ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي!" حسنا چيو.

حسنا جي ان انڪشاف تي، مان حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳس ۽ نيٺ پڇي ويٺس ته "اهو ڀلا ڪيئن؟"

"پاڻ جڏهن هتان هلنداسين، ته رستي ۾ ماسي ڦاپوءَ جو گهر اچي ٿو، ٽانگي واري کي اتي ٻه- ٽي منٽ بيهارينداسون ان وچ ۾ مان کيس گهر جون چاٻيون ڏيئي، مينهن ۽ گهر جي پارت ڪري، بيٺي پير واپس موٽي ايندس."

"اها ماسي ڦاپو وري ڪير آهي؟" مون ويتر حيرانيءَ مان چيومانس.

"ڀلا تنهنجو ماين سان ڪهڙو واسطو! تنهنجا به ڪي يار دوست هوندا، مان به توکان پڇندي آهيان ته فلاڻو ڪير آهي؟ هينئر وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هلڻو هجئي ته هل، نه ته مان ادي علي محمد سان هلي ٿي وڃان!"

مون کي حسنا جي ان جواب تي چڙ ته ڏاڍي آئي، پر پوءِ سور پي، برداشت ڪري ويس، ۽ هلڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته مون ارمان لاءِ دوا فقط هڪڙي ڏينهن لاءِ ورتي هئي. جڏهن ته مون کي ٽي ڏينهن تڏي تي رهڻو هو.

حسنا ضرور ٽپڙ ٽاڙي کڻي هلڻ لاءِ تيار ٿي چڪي هئي، مان به ڊاڪٽر کان وڌيڪ ٻن ڏينهن جي دوا وٺي، ٽانگي واري کي ساڻ ڪري دروازي تي پهتس. حسنا ۽ علي محمد اڳي ئي گهر کي تالو هڻي ٻاهر بيٺا هئا، صرف ٽانگي ۾ ويهڻ جي دير هئي. ٽانگي وارو جڏهن جيل روڊ وٽ پهتو ته حسنا ٽانگي واري کي ترسڻ لاءِ چيو، ۽ بي نيازي سان هيٺ لهي ليڊيز ڪلب ۾ داخل ٿي ويئي.

حسنا جي وڃڻ کانپوءِ منهنجي اندر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ طغياني اچي ويئي هئي ۽ مان حسنا جي باري ۾ سوچيندي سوچيندي ان ۾ غوطا کائڻ لڳو هوس. دراصل حسنا مون کي پاڻ سان گڏ گمراهي جي اوڙاهه ۾ غرق ڪري ڇڏيو هو، شايد ان مان نڪرڻ هاڻي ناممڪن هو.

حسنا کي وئي، ڳچ دير ٿي وئي منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿيندو پي ويو، ۽ پوءِ چڙ مان اچي جيئن ٽانگي تان هيٺ لٿس ته سامهون ليڊيز ڪلب جي جبل جيڏي وڏي گيٽ منجهان حسنا منهن ڪڍيو ۽ مان به چڙ کي ضبط ڪري وري اچي ٽانگي ۾ ويٺس. ٽانگي واري کي جلد بس اسٽينڊ تي پهچڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته مون کي بس جو ٽائيم ساريو پيو هو. ڪوچوان گهوڙي جون رئنون ڍليون ڪندي، گهوڙي کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو ۽ بس اسٽارٽ ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي اتي پهچائي ڇڏيائين. مون ڪو چوان جو قدر ڪندي، کيس ٻوليل ڀاڙي کان ڏهه روپيا وڌيڪ ڏنا، جيڪي اُن ٿوراتين نظرن سان قبول ڪيا.

بهرحال بس پنهنجي تيز رفتاريءَ سان اسان کي پنهنجي ماڳ پهچايو، جتان ٿورو فاصلو پنڌ ڪري اچي گهر پهتاسون، جتي منهنجي سس سوڳوار حالت ۾ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون هيون، پر حسنا کي ڏسندي، وري پار ڪڍي اوڇنگارون ڏيئي حسنا کي چنبڙي ويئي. اسان جي پهچڻ کان اڳ ڪفن دفن جو ڳوٺ وارن اهتمام ڪري، مامي بچل کي سينگاري رکيو هو، جيئن اسان آخري ديدار ڪري سگهون. حسنا پنهنجي پيءَ جو مڙهه ڏسي، مٿان ٿي ڪرڻ تي هئي، ته مون کيس سهارو ڏيئي سنڀالي ورتو. هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي هئي، ميت کي ڪلمه شهادت چئي، قبرستان نيڻ لاءِ مون شروعات ڪئي ۽ پوءِ ڳچ پنڌ ميت سان گڏ وڃڻ کانپوءِ مان موٽي آيس، ڇاڪاڻ ته ناٺيءَ جي حيثيت ۾ مون کي ڪانڌپي جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻو هو.

ڪانڌي موٽي آيا هئا، فاتحه کانپوءِ مون ۽ منهنجي ڀيڻيوئي انهن کي ماني کارائي ماني کائي سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويو هو، تڏي تي هاڻي فقط مان ۽ منهنجو ڀيڻويو رهجي ويا هئاسين. ٽئين ڏينهن تڏو به کڻڻو هو ۽ مامي جي ختمي جي ماني به ڪرڻي هئي، جنهن لاءِ اسان ٻنهي صلاح و مشورو ڪري، معاملو طئه ڪيو.

رات ڪافي گذري چڪي هئي، مگر مون کي ننڊ نه پئي آئي، جڏهن ته علي محمد گهڻي ٿڪ سبب کونگهرا هڻي رهيو هو. مون کي رکي رکي آرزوءَ جو خيال اچي رهيو هو. شايد ان سبب ڪري، ننڊ مون کان رسي وئي هئي، يا شايد ڪو ٻيو سبب هو، جنهن کي مان سمجهي نه پئي سگهيس. اوچتو حسنا نروار ٿي ۽ ڪلهي تي کنيل ارمان کي سمهارڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، مون يڪدم اٿي ارمان کي حسنا کان وٺي پنهنجي ڪلهي تي کنيو، جيڪو روئي روئي ساڻو ٿي پيو هو.

"ڇا وري طبيعت خراب ٿي ويئي اٿس؟" مون حسنا کان ارمان جي باري ۾ سوال ڪيو.

"نه، طبيعت ته ٺيڪ اٿس، پر ننڊ نٿو ڪري، رڳو پيو روئي،" حسنا برجستو جواب ڏنو.

"پر مون کي ته حيراني آهي، جو ارمان کي پنهنجي گهر ۾ جهٽ ننڊ اچي ويندي هئي، آخر هتي ڪهڙو اسرار آهي." مون منجهندي حسنا کي چيو.

"الائجي ڇو!" حسنا مختصر جواب ڏنو.

 

سروي ڪندڙ: گلبدن جاويد ۽ رخسانه ظهير

سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول جي سروي رپورٽ

سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد جي وائيس پرنسپل سان انتظامي معاملن تي ٽيچرس سان ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت بابت گفتگو ڪئي ويئي، جيڪا پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿي.

Sartyoon: When this School was founded?

Sir Barti: It was founded in 1938.

Sartyoon: I think the age requirment for the Nursery I Class is 4 to 5 Years?

Sir Barti: Yes.

Sartyoon: What is your opinion about thesyllabus of the students. Is it heavier than the mental approach of a Student? Now a days parents talking about this.

Sir Barti: In this regard please ask the govt. we have strictly followed govt instructions.

Sartyoon: I am much impressed by the discipline of the School، one thing. in recess parents Comes to give break fast to their children، but those students whose parents not came in recess they feel it. Will it be possible to make arrangement to take care of these Students only in nursery.

Sir Barti: No... too many sutdents. Besides we would not like to take the responsibility.

Sartyoon: The English Book of Class 1 is too hard for the Students and I think they even not under stand it، what you think of it.

Sir Barti: Follow up of the nursery.

Sartyoon: in others schools they start this book from class2.

Sir Barti: We don't have to follow what others do.

Sartyoon: for a job what qualification you want?

Sir Barti: At least intermediate and workable knowledge of the English language.

Sartyoon: What salary you give to  a teacher's?

Sir Barti: According to their ability as a teacher Minimum 2000 Rs p.m.

Sartyoon: Do you give promotion to teacher's on any basis?

Sir Barti: yes: on the proficiency of a teacher.

مسز ثمر والٽيئر M.A.B.Ed. انچارج نرسري سيڪشن

سرتيون: جيئن ته اوهان وٽ تمام ننڍڙا ٻارڙا اچن ٿا، اوهان انهن کي ڪيئن Deal ڪنديون آهيو ۽ لکڻ پڙهڻ ڪيئن سيکارينديون آهيو؟

مسز ثمر: پهرين ته اسان هنن کي تمام گهڻي پيار سان پاڻ ڏانهن راغب ڪندا آهيون ته جيئن اهي ڪلاس ۾ ويهي سگهن، پوءِ اسين آهستي آهستي Singing  سان، Sports سان، ليڪچررز سان، ڪلرز سان ۽ ڪتابن سان لکڻ پڙهڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهيون. اسين انهن کي اهي سڀ شيون ڏيندا آهيون ته اهي پاڻ به ڪن ۽ ٻار واقعي به پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري خوش ٿيندا آهن. ان ڪري ٻارن تي اعتماد هئڻ گهرجي ۽ انهن کي موقعا ڏيڻ گهرجن ته هو هر ڪم پنهنجو پاڻ ڪن.

سرتيون: Dish Antina and V.C.R جو ٻارن تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟

مسز ثمر: انهن شين سان اسان جن ٻارن تي تمام گهڻو Negative اثر پيو آهي. ٻار رات جو دير تائين جاڳن ٿا، جنهن ڪري سندن Health خراب ٿي پوي ٿي. ٻارن جون صلاحيتون ضايع ٿين ٿيون. جيڪڏهن ٻار جي صحت سٺي هوندي ته هو تعليم ۾ به دلچسپي وٺندو.

سرتيون: ڪي ٻار اسڪول وڃڻ نه چاهيندا آهن- ڇو؟

مسز ثمر: ڪجهه ماءُ، پيءُ ٻار کي غير ضروري پاڻ سان اٽيچ ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري ٻار Dependent ٿي پوندو آهي، ۽ اهو گهر ۾ ئي رهڻ چاهيندو آهي. ٻار جي تربيت ڪرڻ وقت تمام گهڻي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. ٻيو ته ٻار جي آرام جو خيال رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻار جي ننڊ پوري نه ٿيندي، تڏهن به هو چڙچڙو ٿي پوندو ۽ اسڪول وڃڻ نه چاهيندو.

مسز ٿريزا: B.A.C.T. Training نرسري

سرتيون: ماءُ کي ٻار جي تربيت ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟

مسز ٿريزسا: ماءُ کي گهرجي ته ٻار کي هر ڄاڻ ڏئي، هر ڳالهه ٻڌائي. ٻارن جو ٽائيم ٽيبل ٺاهڻ گهرجي ۽ انهن کي ٻڌائجي ته هن وقت توهان جي هيءَ ڊيوٽي آهي، منهنجو مطلب آهي ته ٻار کي کاڌو وقت تي ڏجي، ننڊ وقت تي ڪرائجي، ۽ پڙهائي جو وقت به مقرر ڪجي. ان سان ٻار ۾ Discipline پيدا ٿيندو.

سرتيون: ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٽيچرس ٻارن کي توجهه سان نٿيون پڙهائين؟

مسز ٿريزا: نه. ائين ناهي ته ڪو ٽيچرس ٻارن کي ڌيان سان نٿيون پڙهائين، پر ڪلاسن ۾ تمام گهڻي رش آهي.

هڪ ٽيچر وٽ ڪافي ٻار آهن، پوءِ ظاهر آهي ته هر هڪ ٻار کي ايترو توجهه ڏئي نٿو سگهجي، ان ڪري ضروري آهي ته ماءُ کي به ٻار جي پڙهائي تي نظر رکڻ گهرجي.

رخسانه ظهير (M.A. Sociology Activties Teacher)

سرتيون: گهڻي ڀاڱي عورتون ٽيچنگ جي شعبي ۾ ڇو اچڻ چاهين ٿيون؟

رخسانه ظهيري ان ڪري جو اسان جي معاشري ۾ عورت جي لحاظ سان ٽيچنگ هڪ معزز پيشو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ گهر مان آسانيءَ سان اجازت ملي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو عورت گهڻي ڀاڱي ٽيچنگ کي اهميت ڏئي ٿي. ٻيو ته گهر ۽ ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۽ انهن کي تربيت سيکارڻ، عورت جي ذمي آهي. مرد پڙهائي ته سگهي ٿو، پر ٻار جي ذهن کي ايترو سمجهي نٿو سگهي. ذهني نشو نما جيئن عورت ڪري سگهي ٿي تيئن مرد نٿو ڪري سگهي.

سرتيون: ٻار اسڪول کان ڇو ڀڄندا آهن؟

رخسانه ظهير: سڀ کان پهرين اهو ڏسڻ کپي ته ٻار ائين ڇو ٿو ڪري؟ پڙهائي کان ڀڄڻ اسڪول جي ناپسندگي آهي، ٽيچرز جو اڻ سهائتو ورتاءَ آهي يا سندس بي آرامي. ڇو ته اڄڪلهه جا ماءُ، پيءُ روزانو دير تائين، ڊش ۽ وي سي. آر ڏسڻ به هڪ فرض ٿا سمجهن.

سرتيون: ٻار لکڻ پڙهڻ کان ڇو لهرائيندا آهن؟

رخسانه ظهير: لکڻ پڙهڻ وڏن لاءِ ئي هڪ خشڪ شيءِ هوندي آهي. اسڪرين تي ڏيکارڻ يا اورل سمجهائڻ سان ٻار جلدي ذهن نشين ڪري ٿو ۽ ان شيءِ کي دلچسي سان ياد ڪري ٿو.

سرتيون: حڪومت عورتن لاءِ جيڪي ڪوششون وٺي رهي آهي، اوهان انهن کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

رخسانه ظهير: حڪومت کڻي پنهنجي طرفان ڪيتري به ڪوشش ڪري، پر جيڪي به گهرن ۾ مسئلا آهن اهي ته بهرحال عورتن لاءِ آهن، جن کي ڪا به حڪومت حل ڪري نٿي سگهي. باقي ترقي ٿي آهي عورتون مختلف شعبن ۾ آيون آهن، جيڪا وڏي ڳالهه آهي.

سرتيون: موجوده تعليمي معيار کان ڪيترو مطمئن آهيو؟

رخسانه ظهير: اسان جي ٻارن تي ڪورس جو ڪافي برڊن آهي، ان ڪري ٻار ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

مس جبين، انٽر. نرسري

سرتيون: تيچنگ جي شعبي ۾ پنهنجي مرضيءَ سان اچڻ ٿيو؟

جبين: گهر مان پرميشن ئي صرف ٽيچنگ لاءِ ملي ٿي.

سرتيون: ٻارن کي ڪيئن Deal ڪنديون آهيو؟

جبين: گهڻي پيار  ۽ محبت سان هنن کي سمجهائيندا آهيون.

سرتيون: جيڪي ٻار پڙهڻ ۾ دلچسپي ناهن وٺندا ته انهن کي اوهين ڪيئن ڊيل ڪنديون آهيو؟

جبين: انهن تي خاص توجهه ڏيندا آهيون ۽ اهي سبب ڳوليندا آهيون ته هو ڇا جي ڪري دلچسپي نٿا وٺن.

سرتيون: هتي ٻار فيل به ٿيندا آهن؟

جبين: ها، جن ٻارن جي مائٽ عمر وڌائي لکرائيندا آهن، اهي ٻار فيل ٿي پوندا آهن.

ماريا ساجد، انٽر. نرسري

سرتيون: ٽيچنگ جي شعبي ۾ ڇوڪريون وڌيڪ ڇو اچڻ چاهين ٿيون؟

ماريا ساجد: پنهنجي پنهنجي دلچسپيءَ جي ڳالهه آهي. ٻيو ته عورت ٻار جي نفسيات پڙهي سگهي ٿي، ان ڪري بهتر آهي ته ٻار کي عورت ئي تعليم ڏئي. عورت نالو ئي آهي، شفقت جو، ترتيب جو ۽ تربيت جو.

سرتيون: جيڪڏهن ٻار اسڪول نه اچڻ چاهي ته ان وقت ماءُ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ماريه ساجد: ماءُ کي گهرجي ته ٻار کي پيار سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن هروڀرو ٻار نٿو سمجهي ته پوءِ ٻار کي اسڪول ۾ ڇڏڻ گهرجي ته اسين (ٽيچرز) پاڻهي ٻار کي سمجهائينديون سين.

سرتيون: ته اوهين ڪيئن ٻار کي ڊيل ڪنديون؟

ماريه ساجد: اسين ٻار کي محبت ۽ پيار سان ڊيل ڪنديون سين ڇو ته سختي ڪرڻ سان، ٻار ڊسٽرب ٿئي ٿو، ان ڪري اسين هن تي سختي نه ڪندا آهيون ۽ اهي سبب ڳوليندا آهيون، جن جي ڪري ٻار اسڪول اچڻ کان لنوائيندو آهي.

سرتيون: حڪومت عورتن جي ترقي لاءِ جيڪي اپاءَ وٺي رهي آهي، اوهين انهن کان مطمئن آهيو؟

ماريه ساجد: ها، ڪنهن حد تائين مطمئن آهيون، جو هينئر ڪيترن ئي شعبن ۾ عورتون ڪم ڪري رهيون آهن، جيئن بئنڪنگ، پوليس ۽ ٻيون ڪيتريون نيون فيلڊس عورتن لاءِ قائم ڪيون ويون آهن پر آئون هڪ ڳالهه ڏانهن حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ چاهينديس جيئن: حڪومت نرسنگ جي شعبي ۾ وظيفو ڏيئي ٽريننگ ڪرائي ٿي، تيئن ايجوڪيشن لاءِ به وظيفو مقرر ڪري ٽريننگ ڪرائي وڃي.

لبنا گل. B.A نرسري

سرتيون: گهڻي ڀاڱي عورتون ٽيچنگ جي شعبي ۾ ڇو ٿيون اچن؟

لبنا گل: ڇاڪاڻ ته ماءُ، پيءُ انهيءَ شعبي ۾ اچڻ جي اجازت ڏين ٿا، معاشرو به هن کي سٺو ٿو سمجهي ۽ گهر سنڀالڻ لاءِ ٽائيم به ملي ٿو وڃي.

سرتيون: ڪي ٻار اسڪول اچڻ نه چاهيندا آهن، ان لاءِ مائٽن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

لبنا گل: ها، مائٽن کي اڪثر پهريون ٻار اسڪول اچڻ تي پريشان ڪندو آهي، پر ٻيو يا ٽيون نمبر ٻار ايترو ضد نه ڪندا آهن، ڇو ته اهي وڏي ٻار کي اسڪول ويندي ڏسندا آهن، ته کين به پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي. اهي سڀ پريشانيون ٿورو وقت رهنديون آهن، آهستي آهستي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو آهي. ماءُ کي حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي.

سرتيون: ٻار پڙهائي ۾ دلچسپي نه وٺي ته اوهين ڇا ڪنديون؟

لبنا گل: ڪجهه ٻار شروع کان ئي دلچسپي وٺندا آهن ۽ ڪجهه نه وٺندا آهن، ان صورت ۾ ٻارن کي ڇڏي ڏيڻ نه گهرجي، پر خاص توجهه ڏيئي ڪلاس ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.

سرتيون: ڇا ڪجهه ٻار فيل به ٿيندا آهن؟

لبنا گل: گهڻي ڀاڱي ته ٻار پاس ٿي ويندا آهن، باقي تمام ٿورڙا ٻار جيڪي يا ته صفا ننڍڙا هوندا يا وري نيچرلي ان- فٽ هوندا آهن، سي فيل ٿي پوندا آهن.

سرتيون: تعليمي معيار جي ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟

لبنا گل: منهنجي خيال ۾ تعليم جي معيار ڪرڻ جو وڏو سبب رشوت ۽ سورس آهي، جن ماڻهن وٽ پئسو آهي سي پئسي سان سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو ذهين شاگرد رهجي وڃن ٿا.

روبينا اعظم B.A نرسري

سرتيون: عورت گهڻو ڪري ٽيچنگ لائين ۾ ڇو ٿي اچي؟

روبينا اعظم: ان ڪري جو ٽيچنگ لاءِ آسانيءَ سان اجازت ملي وڃي ٿي.

سرتيون: ٻارن کي پڙهڻ لاءِ چاهه ڪيئن پيدا ڪنديون آهيو؟

روبينا اعظم: اسين هنن کي هر ڳالهه عملي طرح ڪري ڏيکاريون ٿا ۽ اهي تصويرن ۽ ڪلرز جي مدد سان بورڊ تي ٺاهي ڏيکاريون ٿا. ٻار سمجهي وڃن ٿا ۽ منجهن لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو.

سرتيون: ڪي ٻار مسسل فيل ڇو ٿيند ا آهن؟

روبينا اعظم: انهيءَ جا مختلف سبب ٿين ٿا، مثال والدين جو ٻارن ڏانهن سختي وارو رويو يا لاپرواهي يا گهرو مسئلن جي ڪري به ٻار ڊسٽرپ ٿين ٿا.

سرتيون: حڪومت عورتن جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهي آهي، اوهين انهن کان مطمئن آهيو؟

روبينا اعظم: ها، ان سان عورتن ۾ اعتماد پيدا ٿيو آهي.

سرتيون: موجوده تعليمي معيار کان مطمئن آهيو؟

روبينا: هن اسڪول (سينٽ بوناوينچر) جو معيار ته بهتر آهي، باقي ٻين لاءِ آئون ڪجهه چئي نٿي سگهان.

فوزيا انٽر سائنس. نرسري

سرتيون: گهڻو ڪري تعليم جي شعبي ۾ عورتون اچن ٿيون- ڇو؟

فوزيه: ڇو ته عورتن لاءِ ٽيچنگ بهترين جاب آهي.

سرتيون: ٻارڙن ۾ پڙهڻ ڪيئن پيدا ڪجي؟

فوزيه: واقعي به ننڍڙن ٻارڙن پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي پر جيڪڏهن ٽيچرس سمجهدار ۽ ذهني طور رليڪس آهي ته پوءِ اها سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. مثال پهرين ٽيچر کي گهرجي ته هو ٻارن کي پنهنجائپ وارو ۽ رليڪس ماحول ڏئي ته جيئن ٻار سندس موجودگيءَ مان بور نه ٿئي ۽ نه ئي ڊپ محسوس ڪري. ٻارن جي ڊسٽربن ۽ بي چيني دور ڪرڻ لاءِ ساڻن جوڪس ڪجن ۽ ڏسجي ته هاڻي سندن طبيعت بلڪل رليڪس ۽ خوشگوار ٿي وئي آهي ته پوءِ انهن کي پڙهائجي. جيڪڏهن اڃا به دلچسپي نه وٺن ته پوءِ کين اهو چئجي ته اوهان هي ڪم ڪري ڏيکاريو ته اوهان کي Stars ڏينداسين ته ٻار ضرور دلچسپي وٺندا، باقي معصوم گلڙن جهڙن ٻارڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه مار ڏجي، نه سندن بي عزتي ڪجي ۽ نه کين Ignore ڪجي، ڇو ته ان سان ٻارن ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي، ان ڪري هر ٽيچر اهو پاڻ تي فرض سمجهي ته ڪنهن به صورت ۾ هنن معصومن کي ٺاهڻو آهي. ان لاءِ ٽيچرز کي گهرجي ته هو ٻارن جي نفسيات سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انهن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪن.

سرتيون: ٻار فيل ڇو ٿيندا آهن؟

فوزيه: اها ئي ڳالهه ٿي ته ٻار جيڪڏهن ڪنهن به طرف کان مطمئن ناهي ته پوءِ پڙهڻ ۾ دلچسپي نٿو وٺي.

جولينا چارلس: ايم. اي ايڊيوڪيشن (پرائمري)

سرتيون: اڄڪلهه جي تعليمي معيار کان مطمئن آهيو.

جولينا چارلس: تعليمي معيار کان مطمئن نه آهيان، ڇو ته ٻارن تي ڪتابن جو گهڻو برڊن وڌو وڃي ٿو. اسان وٽ Quantity کي ڏٺو وڃي ٿو، Quality جو خيال نٿو رکيو وڃي. ٻيو ته ڪلاسن ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، تنهن ڪري ٽيچر ٻارن کي گهڻو ٽائيم نٿي ڏيئي سگهي. ڪلاس ۾ رش ايتري هوندي آهي، جو چاهڻ جي باوجود به هڪ لائين کان ٻي لائين تائين پهچي ناهي سگهبو. منهنجي خيال ۾ هڪ ڪلاس ۾ وڌ ۾ وڌ 50 ٻار هئڻ گهرجن.

سرتيون: ٻارن جي فيل ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟

جولينا چارلس: هڪ ته ڪي ٻار Naturallyun- fit هوندا آهن، جيڪي ڪا به ڳالهه انڊر اسٽينڊ نه ڪري سگهندا آهن، ليڪن اهڙا ٻار تمام ٿوري تعداد ۾ هوندا آهن. ڪي ٻار وري ايڏا شرارتي هوندا آهن، جو پنهنجو سڄو ٽائيم شرارتن ۾ پورو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ امتحان جي تياري ڪري ناهن سگهندا، پر ڪي ٻار اهڙا هوندا آهن، جيڪي ذهين ته هوندا آهن، پر ڪن گهريلو مونجهارن سبب، والدين ۽ ٽيچرز جي پراپر توجهه نه هئڻ سبب رهجي ويندا آهن.

سرتيون: ته ان صورت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جولينا چارلس: پهرين ته ڪلاس ۾ ٻار گهٽ هجن، ڪورس گهٽ هجي، Parents مڪمل توجهه ڏين، ٽيچرز کي ٻارن جي نفسيات سمجهڻ جي اهليت هجي ۽ اهو پاڻ تي فرض سمجهن ته ٻارن کي ڪامياب بنائڻو آهي.

شاهده نعيم

سرتيون: اڄڪلهه جي تعليمي معيار کان ڪيترو مطمئن آهيو؟

شاهده نعيم: جيستائين هن اسڪول (سينٽ بوناوينچر) جي معيار جي ڳالهه آهي ته آئون سمجهان ٿي ته حيدرآباد ۾ جيترا به اسڪول آهن، انهن ۾ پهرين يا ٻئي نمبر تي آهي. هت ٻارن تي تمام گهڻي محنت ڪئي وڃي ٿي.

سرتيون: اوهان چيو ته هن اسڪول ۾ ٻارن تي تمام گهڻي محنت ڪئي وڃي ٿي، پر ڏٺو ويو آهي ته پوءِ به ڪي ٻار فيل ٿين ٿا- ڇو؟

شاهده نعيم: ان ۾ وڏو هٿ ٻارن جي مائٽن جو آهي، ان کانپوءِ ٽيچرز جو به قصور آهي. پر ماءُ،پيءُ کان وڌيڪ ڪير به ٻار جو مسئلو سمجهي نٿو سگهي ۽ ٽيچرز کي ڪوشش ڪري، ٻارن جا ذهني مونجهارا حل ڪرڻ گهرجن.

سرتيون: Dish Antina ۽ وي سي. آر اسان جن ٻارڙن تي ڪهڙا منفي اثر ڇڏيا آهن؟

شاهده نعيم: مان سمجهان ٿي ته ڊش اينٽينا ۽ وي سي آر ٻارن تي تمام گهڻا خراب اثر ڇڏيا آهن، ٻارن کان معصوميت کسجي وئي آهي، ٻارن جون ذهني گهرجون سندن عمر کان وڌي ويون آهن.

فوزيه صديق ايم. اي ايڊيوڪيشن

سرتيون: ڊش اينٽينا ۽ وي. سي. آر جا ٻارن تي ڪهڙا اثر پيا آهن؟

فوزيا صديق: انهن شين ٻارن جي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ادب ۽ اخلاق ۾ فرق آيو آهي. ڪردار ۾ فرق آيو آهي. بغير تربيت جي تعليم مڪمل نٿي ٿي سگهي پر معاشري ۾ ڏيکاءُ جي ڪري، ماءُ جي تربيت ۾ فرق آيو آهي. اسان وٽ اڍائن سالن جي ٻار کي گهر مان ڪڍي نرسري/ڪي جي سينٽرس ۾ ڏنو ٿو وڃي. هر هڪ ٻار جي خدا عمر بنائي آهي، خدا ڪنهن به نبيءَ تي چاليهن سالن جي عمر کان پهرين وحي نازل نه ڪئي پر ڪمرشل Parents اها ڳالهه نٿا سمجهن. ٻار جي داخلا جي صحيح عمر ساڍا چار سال آهي.

ٻيو ته سڀ کان وڌيڪ مون کي شڪايت آهي ماءُ جي نوڪري ڪرڻ کان، ماءُ نوڪري ڀلي ڪري، پر جتي سروس ڪري، اتي هڪ نرسري سينٽر به هجي، جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ آهي پر اسان وٽ وڏي ناانصافي آهي عورتن سان، نه سندن عزت ڪئي وڃي ٿي، نه کين جاب سيڪيورٽي آهي، گهر جون الڳ ذميواريون کٽڻ جون ناهن. هينئر اسانجن ڇوڪرين سان شاديءَ جو مسئلو آهي. نوي فيصد ڇوڪرين سان اهو مسئلو آهي، جن جي وري شادي ٿئي ٿي ته انهن کي ساهرا پڇن ٿا ته هيترو وقت سروس ۾ رهي آهين اهو بئنڪ بيلنس ڪٿي آهي، ان ڪري ٻار کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عورت کي رليڪس رکيو وڃي. ان جي عزت ڪئي وڃي.

ارم جارج- ٽيچر

سرتيون: ڊش اينٽينا ۽ وي. سي. آر جا ٻارن تي منفي اثر؟

ارم جارج: انهيءَ سان ٻارن تي خراب اثر پيا آهن، ٻارن کي Violence جي ڄاڻ ملي آهي، هٿيارن جا نالا اچي ويا اٿن، سگريٽ پيئڻ ڄاڻن ٿا. مطلب ته ٻار حاصل گهٽ ڪيو آهي، وڃايو گهڻو آهي.

شميم مرزا ايم. اي اردو ڊپلوما، عربي ڊپلوما

سرتيون: ڊش اينٽينا وي. سي. آر جا ٻارن تي ڪهڙا منفي اثر پيا آهن؟

شميم مرزا: سٺا اثر ناهن پيا. ٻار مار ۽ تشدد ڪرڻ کان واقف ٿي ويو آهي، اسموڪنگ سکي پيو آهي. ٻار سوچي ٿو ته زندگيءَ جا اهي ئي رستا آهن. اڳي ماءُ، پيءَ ٻارن کي انهن شين کان پري رکندا هئا، ٻارن کي ڪهاڻين ۽ نظمن جي صورت ۾ اخلاقي سبق ڏيندا هئا، پر اڄ جا Parents 24 ڪلاڪ گهر ۾ ڊش هلائين ٿا، ۽ ٻار سندن صحبت ۽ ڪمپنيءَ کان محروم ٿي ويا آهن، ۽ اهڙيون بي حيائي جون ڳالهيون سکي پيا آهن، جيڪي اسان جي معاشري لاءِ هاڃيڪار آهن. ٻارن کي فلمون ۽ پروگرام ڏيکارجن پر سندن عمر جي حساب سان. باقي ننڍي عمر ۾ ٻار سٺيون ڳالهيون گهٽ ۽ Nagative ڳالهيون وڌيڪ سکن ٿا.

ليلا- Nursery- M.Ed

سرتيون: اوهان ٻارن کي پڙهڻ ڏانهن ڪيئن راغب ڪنديون آهيو؟

ليلا: اسين ٻارڙن کي پيار سان سمجهائيندا آهيون، اڃان به گهڻن ٻارن جي ڪري، اسين هر هڪ ٻار کي ايترو ٽائيم نٿا ڏئي سگهون پر پوءِ به اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته ٻار پرفيڪٽ ٿئي.

سرتيون: جيڪڏهن ڪو ٻار پڙهڻ ۾ انٽريسٽ نه وٺندو آهي ته اوهين ڇا ڪنديون آهيو؟

ليلا: اسين اهي سبب ڳوليندا آهيون ته هي ڇا جي ڪري دلچسپي نٿو وٺي، پر جي اڃا به معاملو منجهي پوندو آهي ته پوءِ ٻار جي پيرينٽس کي گهرائي، انهن سان ڊسڪس ڪندا آهيون، مطلب لاپرواهي ناهيون ڪندا.

سرتيون: گهڻي ڀاڱي عورتون ٽيچنگ لائين ۾ ڇو ٿيون اچڻ چاهين؟

ليلا: ڇاڪاڻ ته هن جاب ۾ موڪلون گهڻيون ٿين ٿيون، جنهن ڪري عورت گهر ۽ ٻارن کي ٽائيم ڏيئي سگهي ٿي.

پريم روز، Nursery F.A

سرتيون: اوهين ٻارن کي پڙهڻ ڏانهن ڪيئن راغب ڪنديون آهيو؟

پريم روز: اسان وٽ تمام ننڍڙا ٻار اچن ٿا، ان ڪري اسين هنن کي تمام گهڻي توجهه ۽ پيار سان پڙهائيندا آهيون، ڇو ته جيڪا ڳالهه ٻار کي پيار سان ٻڌائبي ته هو غور سان ٻڌندو، باقي ٻارن کي مارڻ يا دڙڪا ڏيڻ سان ڪجهه هڙ حاصل ڪو نه ٿيندو.

سرتيون: ڊش. وي. سي. آر جا ٻارن تي ڪهڙا اثر ٿا پون؟

پريم روز: اهي شيون ٻارن کي نه ڏيکارڻ گهرجن. ڇو ته انهن سان هنن جوٽائيم خراب ٿئي ٿو ۽ ڪلاس ۾ به انهن پروگرامن تي بحث ڪن ٿا.

ڪلثوم: Nursery- B.Ed

سرتيون: اوهين ٻارڙن کي ڪيئن Deal ڪنديون آهيو؟

ڪلثوم: اسين ٻارڙن کي تمام گهڻي پيار، نرمي ۽ تحمل سان پڙهائي ڏانهن راغب ڪندا آهيون.

سرتيون: ڊش اينٽينا ۽ V.C.R جا ٻارڙن تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

ڪلثوم:. وي سي آر ۽ ڊش اينٽينا ٻارن لاءِ بلڪل به ضروري ناهن. ها، ٻارن کي ٻاراڻا پروگرام ڏيکارڻ گهرجن، ٻاراڻيون فلمون ڏيکارڻ گهرجن، باقي هيئن هر وقت عجيب و غريب پروگرام ڏيکارڻ ٻارن لاءِ صحيح ناهي.

رخسانه ڀٽي: انٽر. نرسري

سرتيون: ٻارڙن کي ڪيئن ڊيل ڪنديون آهيو؟

رخسانه ڀٽي: ٻارڙن کي تمام گهڻي پاٻوهه، قرب ۽ توجهه سان پڙهائيندا آهيون، ڇو ته تمام ننڍڙا ٻار آهن، ڀلا هنن کي دڙڪا يا مار ڏيئي ڪهڙي علمي قابليت سيکاربي، ان ڪري اسين مارڻ يا دڙڪا ڏيڻ جو سوچيندا به ناهيون، هنن کي هٿ مان وٺي لکڻ سيکاريون ٿا.

سرتيون: وي. سي. آر. ڊش اينٽينا ٻارن لاءِ ڪيتري ضروري آهي؟

رخسانه ڀٽي: ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي، انهن شين جي ڪري ٻار پڙهائيءَ کان هٽي ٿو وڃي، سڄو ڏينهن فلمن ۽ ايڪٽرز متعلق ڳالهائين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com