سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون آڪٽوبر 1996ع

گلبدن جاويد

حبيب الله صديقي

اچو ته ڊائري لکون

ماڻهن ليکي شاعر آهيان،

بحر وزن جو ماهر آهيان.

مون ته ڪڏهن ڪو شعر نه ٺاهيو،

راز ڪندو مان ظاهر آهيان.

حسن علامت خالق جي آ،

مان ته اُنهيءَ جو ناشر آهيان.

ٿورا مون تي ٿورا ناهن،

مان به سراپا شاعر آهيان.

دل جي ڳالهه ڪريان ٿو ليڪن،

دل تي نه ڪڏهن قادر آهيان.

حال حبيبان پيش پرين جي،

پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان.

تنهنجي پنهنجي خصلت آهي،

مان به نمونو نادر آهيان.

مهاڻي چوان يا سڏيان راڄ راڻي،

تماچيءَ نوازي جا نوري نماڻي.

سسئي جا هئي عقل واري،

رُلي ڪيئن رڻن ۾ سياڻي وياڻي.

مليا روح روحن سان جنهن دم ته چئبو،

ڪئي وقت آخر وڃي اڄ پڄاڻي.

وريو گول ڦرندو ڪري ڪار ساڳي،

زماني جي عادت اُهائي پراڻي.

رکي سنڌ لوئيءَ جي لـڄ آ سدائين،

عمر مارئيءَ جي سچي آ ڪهاڻي.

حقيقت خيالن کان ڪجهه اور نڪتي،

حبيب مون اجايو پئي خاڪ ڇاڻي.

 

ايڊيٽوريل

غربت ۽ سنڌي عورت

17- آڪٽوبر 1996ع کي اقوام متحده غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو. هن موضوع تي سڄي دنيا ۾ ڪيترائي سيمينار ۽ پروگرام ڪيا ويا. غربت ٽين دنيا جي ملڪن جو وڏو مسئلو آهي، پر اسان جي ملڪ، خاص ڪري سنڌي سماج ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪا مرد جي ذهني غربت، ذهني بک ۽ ذهني پسماندگي نظر آئي آهي. انهيءَ به معاشي غربت کي وڏي هٿي ڏني آهي. مرد جي ذهني غربت سڌو سنئون عورت جي عزت، وقار ۽ اهميت کي ڇيهو رسايو آهي ۽ پوءِ اها ڏتڙيل ۽ مات کاڌل عورت، نه جنهن جسماني سک ڏٺو آهي نه وري ذهني آسودگي، سا هن سماج جي مرد، جيڪو سندس ئي گود ۽ هٿن مان پلجي نڪتو آهي، ان جي تربيت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو گهڻي ڀاڱي مرد جو غلط رويو آهي ۽ مرد جي اها ذهني غربت ۽ بک هڪ جنريشن کان ٻي جنريشن ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي ۽ گهڻو اڳتي تائين به ان جي ختم ٿيڻ يا سڌرڻ جي ڪا اُميد نظر نٿي اچي.

هي سماج ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب، ڏکيو، بکيو ۽ سڃو ٿيندو وڃي ٿو پر جي عورت کي عزت، وقار، مان مرتبو ۽ سندس سمورا واجب حق ڏنا وڃن ته جيڪر حالتون گهڻو بهتر ٿي وڃن.

جن گهرن ۾ عورتن کي سندن حق پلئه پيا آهن انهن گهرن جي صورت گهڻي بهتر نظر ايندي. پر اهڙا گهر اسان جي سماج ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. جيڪڏهن اوهان (مرد) واقعي به چاهيو ٿا ته 21 صديءَ ۾ عزت ۽ مرتبي سان داخل ٿيون ته اوهان کي ان لاءِ اڄ کان عملي قدم کڻڻو پوندو- اوهان سوچيندا ته ڪهڙو عملي قدم؟ ته آئون اوهان کي ٻڌايان ٿي ته اڄ کان وٺي پنهنجن روين ۽ ڪارنامن تي نظر وجهو ۽ ڏسو ته ڪٿي ڪٿي اوهان عورت جي حقن کي شعوري ۽ لاشعوري طور پائمال ڪندا رهيا آهيو.

مان يقين سان چوان ٿي ته ڪو به پڙهيل/اڻ پڙهيل مرد، جيڪڏهن گهر کان ٻاهر يعني ڌاري عورت جي عزت نٿو ڪري ته انهيءَ ڪڏهن به پنهنجي عورت (ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءُ) جي عزت نه ڪئي هوندي. ڇو ته جيڪي مرد پنهنجي گهر جي عورتن جي عزت نٿا ڪن ته اهي ڪيترو به پنهنجو مائينڊواش ڪن يا پاڻ کي پارسا سمجهن، پر اهي ٿوري عرصي ۾ وائکا ٿي پون ٿا.

ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پڙهيل/اڻ پڙهيل يا ننڍين وڏين نوڪرين وارا مرد، صبح جو گهر کان نڪرن ٿا ته وري رات جو پيا گهر ورن. انهيءَ وچ ۾ عورتن سان گهر ۾ ڪيئي مسئلا ۽ مونجهارا پيش ايندا هوندا، پر هي لاپرواهه ٿيا، ڪن  تي پٽڪو رکيو گهمندا وتن. شاباس آهي اهڙين عورتن کي جيڪي اهڙن مردن کي ٿيون برداشت ڪن!

هينئر وقت جي تقاضا اها آهي ته عورت به ٿوري بهادري ڏيکاري. اسان جي هڪ ليکڪه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عورت پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪري ته هوءَ پنهنجا سڀئي حق وٺي سگهي ٿي. عورت پاڻ تي ايترو اعتماد رکي، جو انڌي کي چوي ته انڌو آهين. ڪاڻي کي چوي ته ڪاڻو آهين. ڪاري کي چوي ته ڪارو آهين ۽ منهنجي به اها خواهش آهي ته عورت معاشري کي سڌارڻ لاءِ پنهنجي گهر کان شروعات ڪري، پهرين پنهنجي مرد (پيءُ، ڀاءُ، مڙس ۽ پٽ) کي سڌاري. انهيءَ ڪم لاءِ ڪنهن يونيورسٽي جي ڊگريءَ جي ضرورت ناهي، پر ٿورڙي همت ۽ ذهانت جي ضرورت آهي. مرد جي گندي سوچ ۽ ڪنڌ ذهنيءَ کي ڪجهه پنهنجي عورت پالش ڪري، وڌيڪ پالش ٻاهرين عورت، يعني پڙهندڙ يا نوڪري ڪندڙ عورت ڪري وٺندي. جيڪڏهن اسان مرد جي رويي کي سڌارڻ ۽ سندس ذهني غربت ۽ بک کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پوءِ معاشي غربت خودبخود ختم ٿي ويندي.

- گلبدن جاويد

 

 

 

 

انٽرويو ڪندڙ: گلبدن جاويد

پاڻ تي رحم نه کائو، پاڻ سان هروڀرو همدردي نه ڪيو

جيڪڏهن محبت جو وجود نه هجي ته جيڪر هر ماڻهو آپگهات ڪري ڇڏي

شاعري انهن جذبن جو نالو آهي، جيڪي ماڻهو جي اندر مان ڦٽي نڪرن ٿا

ذهين صحافي، ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره

تسليم زئونر جو انٽرويو

سرتيون: اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائينديون؟

تسليم: هن وقت بي ايس سي پارٽ II ۾ پڙهي رهي آهيان، صحافت جي شعبي سان وابسته آهيان، ان کانسواءِ ڪهاڻيون لکندي آهيان ۽ شاعري به ڪندي آهيان.

سرتيون: لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟

تسليم: 1993ع ۾ مون پهريون نظم لکيو هو، جنهن کانپوءِ لکڻ جو سلسلو جاري ٿيو.

سرتيون: ڪهڙين ڳالهين کان متاثر ٿي اوهان لکڻ کي اظهار جو ذريعو بڻايو؟

تسليم: بيٺل پاڻي جهڙي زندگيءَ ۾ جڏهن شعور ۽ لاشعوري جي ويڙهاند کانپوءِ احساسن جو پهريون پٿر ڪرندو آهي، ته پاڻي تي گول دائري جي روپ ۾، جيڪي لڪيرون اڀرنديون آهن، اُهي ئي اظهار جي مختلف طريقن کي جنم ڏينديون آهن، مصور ڪوري ڪينواس تي مختلف رنگن ۾ زندگيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سنگتراش پٿرن ۾ آجپو تلاش ڪندو آهي، موسيقار سازن کي جيون ارپيندو آهي ۽ ليکڪ لفظن ۾ ساهه وجهندو آهي. جڏهن جڏهن انسان جذبن سان واڪ آئوٽ ناهي ڪري سگهيو، تڏهن هـُـن ظاهر ٿي ڪا نه ڪا واٽ ڳولي لڌي آهي.

سرتيون: هڪ سٺي ليکڪ ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟

تسليم: ڏسو! سڀ کان پهرين ته ليکڪ انسان آهي، آسماني مخلوق ناهي، تنهن ڪري منجهانئس فقط خوبين جي توقع ڪرڻ غلط آهي، باقي لکڻين جي لحاظ کان جيڪڏهن پڇو ٿا ته هڪ سٺي لکڻي يا هڪ خوبصورت سٽ به پنهنجي سونهن جي شاهد پاڻ هوندي آهي، اُهو خوبصورت جملو، اُها وڻندڙ سٽ، جيڪا اندر ۾ اونهائين تائين لهي، پنهنجي سچ هجڻ جو يقين ڏياري ۽ اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري، اُها ئي هڪ سٺي ليکڪ جي خوبي آهي ۽ سندس سڀ کان وڏي مڃتا پڻ.

سرتيون: اوهان جا پسنديده ڪتاب؟

تسليم: هر ڪتاب پڙهندڙ تي ڪو نه ڪو اثر ڇڏڻ جي صلاحيت رکندو آهي، پوءِ اُهي اثر مثبت به ٿي سگهن ٿا ۽ منفي به. هر ڪتاب ماڻهو جي اندر ڪجهه جوڙيندو آهي ۽ هر ڪتاب ماڻهو جي اندر ڪجهه ٽوڙيندو آهي. هر ڪتاب مان اسين ڪجهه نه ڪجهه Observe ڪندا آهيون، انهيءَ ڪري هر ڪتاب جي اهميت مختلف هجڻ سان گڏوگڏ، ڌار ڌار حيثيت جو تعين پڻ هوندي آهي. باقي رهي منهنجي وڻڻ يا نه وڻڻ جي ڳالهه ته انهيءَ تي مون کي مارڪ ٽوئن جي هڪ چوڻي ياد پئي اچي، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻندي آهي." ڪافي ماڻهو ڪتابن جي انهن حصن ڪري پريشان ٿيندا آهن، جيڪي کين سمجهه ۾ نه ايندا آهن ۽ آئون انهن حصن جي ڪري پريشان ٿي ويندو آهيان، جيڪي مون کي سمجهه ۾ اچن يا منهنجي جذبن جي ترجماني ڪن، مون کي گهڻو متاثر ڪندا آهن.

سرتيون: اوهان جا پسنديده ليکڪ/شاعر؟

تسليم: ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل ۽ مظهرالسلام. شاعرن ۾ شاهه، شيخ اياز، گلزار ۽ مظهر لغاري پسند اٿم.

سرتيون: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

تسليم: اُهي شيون جن جو ظاهر يا ٻاهريون ڏيک ممڪن هجي، پر انهن جي حقيقت ڄاڻي نه سگهجي انهن کي فلسفي جي ٻوليءَ ۾ اگنان واد چيو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ زندگي به اگنان واد Agnosticism (نه ڄاڻي سگهڻ جهڙي ڳالهه) آهي. زندگي جي پرولي کي ڀڃڻ لاءِ مختلف نظريا پيش ٿيندا رهيا آهن پر زندگي ڇا آهي؟ وارو سوال اڄ تائين سوال ئي بڻيل آهي، پنهنجو جواب ناهي ماڻي سگهيو.

سرتيون: اوهان محنت تي يقين رکو ٿيون يا توڪل تي؟

تسليم: توڪل تي منهنجو يقين 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، باقي محنت تي آئون نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ يقين رکڻ جي قائل آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ تقدير به گهڻي ڀاڱي تدبير جي محتاج هوندي آهي. ها، باقي اهي سٽون چوڻ وقت آئون اهو شعور به رکان ٿي ته ڪنهن ڪنهن جاءِ تي تدبير جي حصي ۾ به نراسائي ايندي آهي، پر ان کي آئون فقط تقدير جو نالو ناهيان ڏيندي. وقت، حالتون، مصلحتون ۽ اسان جون ڪجهه ڪوتاهيون، اهي سڀ گڏجي تدبير جي واٽ تي رڪاوٽون وجهنديون آهن، انهيءَ ڪري محسوس ٿيندو آهي ته ڪجهه آهي ضرور جنهن آڏو اسين بيوس ٿي پيا آهيون، ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي، تنهنڪري پنهنجي بيوس ٿي پوڻ لاءِ ڪنهن سگهاري ڪارڻ جو ڳولائو هوندو آهي ۽ تقدير کي وزنائتو قرار ڏيئي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهندو آهي. مان سمجهان ٿي وقت ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به جاکوڙ ضروري آهي، انهيءَ ڪري محنت تي گهڻو ويساهه رکندي آهيان.

سرتيون: اوهان جي ذهن ۾ شاعري لاءِ ڪهڙو تصور آهي؟

تسليم: اصل ۾ شاعري اظهار جو سڀ کان خوبصورت ذريعو آهي. شاعري انهن جذبن جو نالو آهي، جيڪي ماڻهو جي اندر مان ڦٽي نڪرن ٿا. شاعري پنهنجي رک مان جنميل اُهو پکي آهي، جنهن آڏو مندن جي مٽاسٽا به ٿڪجي پوندي آهي، پر سندس اُڏام جي سگهه قائم رهندي آهي.

سرتيون: اڄڪلهه بحث هلي رهيو آهي ته شاعري مقدار جي لحاظ کان ته گهڻي ٿي رهي آهي، پر ايتري معياري ناهي، اوهان پنهنجي راءِ ڏيو؟

تسليم: ڏسو! ڪنهن به تخيلقار جي ڪا بنهه ڀلي تخليق نئين يا پراڻي دؤر جي محتاج ناهي. ها، باقي شاعري مقدار جي لحاظ کان واقعي به گهڻي ٿي رهي آهي ۽ جنهن کي سچ پچ شاعري چئي سگهجي ٿي اُها گهٽ آهي پر جيتري به آهي پنهنجي مڃتا ماڻڻ جو فن رکي ٿي.

سرتيون: اوهان ڪهاڻيڪاره به آهيو، شاعره ۽ ڪالم نگار پڻ آهيو، اوهان پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي صنف ۾ بهتر ٿيون سمجهو؟

تسليم: آءُ  گهڻي ڀاڱي پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ موجود هوندي آهيان، يا منهنجي ئي احساسن جو اظهار هوندو آهي، انهيءَ ڪري شايد فيصلو ڪرڻ ڏکيو هجي پر جيڪڏهن باقاعده Self Criticism تحت پنهنجو احتساب ڪريان ته شاعره بهتر آهيان.

سرتيون: دوستي اوهان جي نظر ۾؟

تسليم: دوستي هڪ بي لوث جذبو آهي، جيڪڏهن ڪو بي لوث دوست ملي وڃي ته اُها ماڻهو جي قسمت آهي، باقي سوڪالڊس دوستن جي دعويٰ کي مان دوستي ناهيان سمجهندي.

سرتيون: محبت جي باري ۾ اوهان جي راءِ؟

تسليم: محبت زندگي آهي، محبت ماڻهو جي جيئڻ جو ڪارڻ آهي. ماڻهوءَ وٽ جيترا ويڳاڻپ جا ڪارڻ آهن ته جيڪڏهن محبت جو وجود نه هجي ته جيڪر هر ماڻهو آپگهات ڪري ڇڏي. محبت ته انسان کي اڏي ٿي، محبت پاڻ تي ويساهه ڪرڻ سيکاري ٿي، ۽ ماڻهو پاڻ ڏانهن موٽي ٿو، پنهنجو آواز ٻڌي ٿو ۽ اُن تي يقين ڪري ٿو. محبت سڀني ٻنڌڻن کان آزاد آهي، محبت جي سرڪس ۾ ماڻهو اهڙي رسي تي سائيڪل هلائي ٿو، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي باهه لڳل آهي پر ماڻهو ڪري نٿو.

سرتيون: اڄڪلهه جيڪي ميگزين نڪرن پيا اُهي ڪيتري قدر ڪارائتا آهن؟

تسليم: رسالن وغيره جو ادب کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو هٿ هوندو آهي پر انهن لاءِ مواد جي سهيڙ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، اهو ئي سبب آهي جو جن رسالن ۾ مواد جي سهيڙ بهتر ناهي، انهن ۾ اُڻايون رهجيو وڃن، تنهن هوندي به هينئر ڪيترائي ميگزين بهتر نڪرن پيا جن ۾ "مهراڻ"، "سرتيون" ۽ "ساڃاهه" شامل آهن.

سرتيون: خوشي کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪريو؟

تسليم: هر اُها خوشي جيڪا مون کي پنهنجي هجڻ جو يقين ڏياري، مون کي ڏاڍو خوش ڪندي آهي.

سرتيون: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

تسليم: پاڻ تي رحم نه کائو، پاڻ سان هروڀرو همدردي نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي شيون ئي ڏک جي ڪارڻن کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، خوش رهڻ سکو، ۽ ٻين لاءِ خوشين جون واٽون جوڙيو.

 

لفظن جي پاتال ۾ ٻڏل ڪويتا

استاد نظاماڻي

مان پنهنجي لائبريري ۾ ويٺو هيس. منهنجي سامهون ٽيبل تي اخبارون، ڪتاب ۽ ڪاغذ وکـِـريا پيا هئا. مان لکڻ لاءِ سوچي رهيو هيس، سوچن کي ڪاغذن تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هيس ته ان ويلي اسان جي پاڙي جي سترنهن سالن جي نوجوان ڇوڪري ڪڇ تي ٻار کنيو دروازي کان داخل ٿي، جڏهن مون هـُـن کي غور سان ڏٺو ته هو پنهنجي عمر کان گهڻو وڏي پئي لڳي.

"ڇا پيو لکين؟"

مون کان پڇڻ لڳي.

سندس ائين اچڻ مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. سوچڻ لڳس ته هن جو ائين سوال پڇڻ جو ڪو ته مقصد هوندو. هو منهنجي سامهون سوال بڻيو بيٺي هـُـئي. سندس اکين ۾ ڪا به چمڪ ڪا نه هئي. هـُـن جو حـُـسن ڪنهن ڦٽل پينٽنگ جيان پئي لڳو. هـُـن کي ڏسڻ سان ئي ائين لڳو ڄڻ مصور، خوبصورت ناري جو پورٽريٽ ٺاهي، ان ۾ رنگ ڀرڻ وساري ويٺو هجي.

“تو منهنجي سوال جو جواب ڪو نه ڏنو؟"

ايتري ۾ هـُـن ٻيو سوال ڪيو.

مان ڪهڙو جواب ڏيان؟

"مان هـُـن کي ڇا ٻڌايان ته ڇا پيو لکان؟"

ڪويتا ٽي سال اڳ منهنجي پاڙيسري جهوني حاڪم سان پرڻجي آئي هئي:، جڏهن هـُـن جي شادي ٿي هئي ته عمر فقط 14 سال هيس، ۽ سندس وَر حاڪم جي عمر 63 ٽيهٺ سال هئي. هو بلڪل گلاب جو گل پئي لڳندي هئي، انهن ڏينهن ۾، ۽ اڄ هـُـوءَ وڻ تي لٽڪيل پيلي پن جيان پئي لڳي، جيڪو ڪنهن به وقت ڌرتي تي ڪري هوائن تي هيڏانهن هوڏانهن اُڏامي سگهيو ٿي.

پوڙهو حاڪم جيڪو اڪثر بيمار رهندو هو. بيماري جي ڪري طبيعت ۾ به چڙ ڀريل هيس. جڏهن ڪاوڙ مان پنهنجي ڪنوار کي ڪـُـٽيندو هو ته ان جي رڙين جي گونج منهنجي لائبريري جي ديوارن مان پئي ايندي هئي. جڏهن هـُـن جون رڙيون ٻڌندو هيس ته مان نه لکي سگهندو هيس ۽ نه ئي پڙهي سگهندو هيس. اها عورت جنهن جو پيءُ ننڍي هوندي مري ويو هو. پيءُ جي مرڻ بعد سندس ماءُ حالتن کان مجبور ٿي حاڪم کي سڱ ڏنو. شادي کانپوءِ پوڙهو حاڪم ٽي سال مس جي سگهيو. هاڻ اِها نوجوان بيواهه عورت هئي ۽ سندس ڪڇ تي پوڙهي وَر جي نشاني معصوم مريم. خبر ناهي ڪهڙن گناهن جي سزا ٿي ملي اِن عورت کي!

"ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ مون کي خبر آهي، تون ڪو نه ڳالهائيندي. آخر تون منهنجو آهين به ڇا؟؟" جملي ۾ طنز ۽ طعنو هو.

مون سوچيو پئي هـُـن سان ڇا ڳالهايان؟ هـُـن دکي پاڙيسري عورت کي ڪهڙي آٿت ڏيان. هـُـو جيڪا ست درجا پڙهيل به هئي، اڪثر پاڙيسري هئڻ جو فائدو وٺي، منهنجن افسانن جا ڪتاب کڻي وڃي پڙهندي هئي. هن پاڳل کي اِها به خبر ڪا نه هئي ته هوءَ، ڪنهن افسانوي ڪردار کان گهٽ ڪانهي. هن پوڙهو ورَ قبول ڪيو. بس نياڻي نماڻي! هـُـو به ان سماج جو حصو هئي، جتي اڃان تائين عورت بغاوت ڪرڻ نه سکي هئي. هن هڪ دفعي کل ڀوڳ ڪندي مون کان پڇيو هو.

"تون شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟ پوڙهو  ٿي پوءِ شادي ڪندي ڇا؟ مون طنزيه سوال جو ڪو به جواب ڪو نه ڏنو هو. منهنجي عمر 28 سال هئي، تڏهن به مون اڃا شادي نه ڪئي هئي. مان اڃا تائين گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪتابن جي دنيا مان نڪري نه سگهيو هيس.

هـُـن مون کي خاموش ڏسي چيو. "ٺيڪ آهي نه ٿو ڳالهائين ته نه ڳالهاءُ، مون کي پنج روپيا ڏي، ننڍڙي لاءِ کير وٺڻوآهي."

مون معصوم مريم ڏانهن ڏٺو، جيڪا ٻن سالن جي ٻارڙي هڏن جـي مـُـٺ پئي لڳي. الائي ڪيئن ساهه پئي کنيائين.

"ڪويتا" (هن جو نالو ساران هو) گهڻي دير کان پوءِ مون ڳالهايو.

هـُـو منهنجي ڳالهائڻ تي خوش ٿيڻ لڳي.

"ڪويتا ڏس، تنهنجي وَر جي موت کي اڃا چاليهه ڏينهن به نه ٿيا آهن، ۽ تون هت؟؟" مون پنج روپيا کيسي مان ڪڍندي چيو.

منهنجو هن دنيا ۾ آهي به ڪير؟ پيءُ مري ويو، ماءُ انڌي، نه اٿي سگهي نه ويهي سگهي، پوڙهو مڙس سو به ويو، خبر اٿئي پِن تي وقت پئي گذاريان."

مون کي سندس انهيءَ مجبوريءَ تي ڏک ٿيو.

“ٻي شادي ڪري ڇڏ؟؟"

"ڪندين؟؟"

مان ڪجهه دير لاءِ سوچن ۾ ٻڏي ويس. مون کي اها توقع نه هئي ته ڪويتا (ساران) ائين سوال ڪندي.

"ڪويتائون لکڻ ته تمام سولو آهي سائين، پر ڪنهن ڪويتا سان ساٿ نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي." انهيءَ جملي ۾ ڏک به هو ته بي پناهه محبت به.

هو هلي وئي پر منهنجي لاءِ ڪيئي سوال ڇڏي وئي. مون کان لکڻ وسري ويو. ڪتاب پڙهڻ تي دل نه پئي چيو.

ڪيترا ڏينهن گذري ويا، هو وري نه آئي. بس، اِها خبر پوندي هيم ته کيس گهر ۾ ڪير به ڪو نه ٿو ڀانئين. سندس ساهيڙي (پهاج) حاڪم جي پهرين گهر واري، جيڪا هـُـئي ته پوڙهي، پر ڏاڍي جهيڙاڪ. هن کي صفا نه سهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي مار به ڏيندي هيس.

ڪجهه ڏينهن بعد معصوم مريم جو جنازو به کنيو ويو. معصوم مريم جي موت جو ڏاڍو ڏک ٿيو پر تعزيت تي نه ويس. عورت سان تعزيت ڪرڻ اسان جي رسم ڪانهي.

هڪ ڏينهن ڪويتا آئي. "منهنجي معصوم مريم گذاري وئي ۽ تون تعزيت تي به ڪو نه آئين؟"

هو روئي رهي هئي.

ڏس ڪويتا: "مون کي تنهنجي معصوم ڌيءَ جي موت جو ڏک ٿيو، پر مان ڪنهن سان تعزيت ڪيان ها. هو جيڪي تڏي تي ويٺا هئا، اهي ته تنهنجي معصوم جا قاتل هئا، ۽ قاتلن سان تعزيت نه ڪبي آهي."

هو روئڻ ۾ ٻڏي وئي. سوچيم اڳتي وڌي کيس سهارو ڏيان. پر هو منهنجي ڇا ٿيندي هئي....؟

ڪويتا کي ڏک منجهان چيم.

"تون هت نه ايندي ڪر. مون کي ته زماني جي پرواهه ڪانهي، پر تنهنجي لاءِ ماڻهو مسئلا پيدا ڪندا."

ڪيڏانهن وڃان؟ ڪير به ته ڪونهي منهنجو؟ تون ئي ته آهين جيڪو منهنجا درد ٻڌندو آهين، توکي ئي ته راز...؟!"

هو وڌيڪ ڪڇي ڪا نه سگهي. وقت گذرندو رهيو، ڪويتا جيڪا اڪثر منهنجي مطالعي دؤران ايندي هئي، سا ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به ڪا نه آئي. هڪ ڏينهن امان ٻڌايو، "ڪويتا کي ڪاري ڪري مارڻ جو پيا سوچين، ڇو جو هـُـن کي پيٽ ٿي ويو آهي؟!" امان جي ڳالهه تي مان حيران ٿي ويس.

"هـُـن کي پيٽ ڪيئن ٿيو؟"

"خبر ناهي پـُـٽ."

"هوءَ اهڙي آهي ته ڪا نه؟"

"امان، توکي هن سان همدردي ڪانهي- آخر هو به ته عورت آهي."

امان، مون کي پيار ۽ مامتا ڀريل نظرن سان ڏٺو.

"ڏس پٽ، پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون."

"امان مان شآدي ٿو ڪرڻ چاهيان هـُـن سان." سنئون سڌو اظهار ڪيم.

امان حيران ٿي وئي. "نه پٽ نه، ائين سوچ به نه، ۽ اهڙي عورت سان جنهن جي پيٽ ۾ حرام جو حمل آهي. ماڻهو ته اڳي ئي توتي شڪ پيا ڪن، ويتر شادي لاءِ چوندين ته، پڪ ٿي ويندن." امڙ جي رويي ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت اچي وئي.

"امان ته پوءِ ڇا ٿي پوندو.“نه پٽ ائين قربانيون ناٽڪن ۽ ڪهاڻين ۾ ٿي سگهن ٿيون، پر توکي مان پرائي باهه ۾ گهڙڻ نه ڏيندس." امان هلي وئي.

مان ڪجهه ڏينهن کان ڪويتا جو انتظار ڪرڻ لڳس. خبر ناهي هو ڇو ڪا نه پئي آئي.

آخر هڪ شام هو آئي. سندس ڳلڙن جا هڏا ٻاهر نڪري آيا هئا، ڪمزوري ڪري چهري مان پيلاڻ پئي بکي. اکيون اندر ٿي ويون هيس. ڪافي بيمار پئي لڳي.

"سائين.... تون مون تي ڪهاڻي ڪو نه ٿو لکين؟"

“توتي....!"

"ها- مان به هڪ ڪردار آهيان ڪهاڻي جو."

“ڪويتا، تون هڪ اهڙو ڪردار آهين، جنهن تي آئون چاهيندي به ڪجهه لکي نه ٿو سگهان."

هوءَ روئي پئي.

“مان توسان وري ملي نه سگهنديس."

ڇو ڪويتا؟ "مان هن جي ويجهو اچي بيٺس. ايترو ويجهو جو هن جي ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌي پئي سگهيس."

"زندگي تي ڪو به ڀروسو ڪونهي سائين!"

"مايوس نه ٿي ڪويتا."

ڪجهه دير خاموش رهڻ بعد هن جي پيٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيم.

"هي توسان ڪنهن ظلم ڪيو آهي."

"منهنجي مڙس جي پٽ سجاول! بي غيرت ماءُ کي به ڪو نه ڇڏيائين."

"تو رڙيون ڇو ڪو نه ڪيون. احتجاج ڪرين ها!"

"هتي عورتن جون دانهون ٻڌڻ لاءِ ڪنهن کي ڪن آهن! عورتن لاءِ ته ڄڻ هي سموري دنيا گونگي آهي."

"ڪويتا! مان توکي پناهه ڏيندس. پنهنجي ٻانهن ۾."

مان اڳتي وڌيس ته هـُـو ڇرڪي پوئتي موٽي وئي.

“نه سائين نه. وهندڙ گٽر مان ڪير به ڍڪ نه ڀريندو آهي."

"ڪويتا! تون ته پاڪ پوتر آهين،  سنڌوءَ جيان."

"سائين رڻ ۾ ڪڏهن به گل نه ڦٽندا آهن. ٻڏندڙ ٻيڙي کي ملاح به ڇڏي ڏيندا آهن.... صدين کان سڪل وڻ ۾ پکي به آکيرو نه ٺاهيندا آهن. سائين! تون چاهيندي به مون سان شادي نه ٿو ڪري سگهين."

هو هلي وئي. هو ڇا وئي مون کي اڪيلائين جي سمنڊ ۾ ٻوڙي وئي. مان افسانه لکندڙ خود افسانو بڻجي پيس.

ٻي ڏينهن مان پنهنجي لائبريري ۾ ويٺو هيس ته، دروازي تي آواز ٿيو، سوچيم ڪويتا هوندي، جڏهن مون سامهون ڏٺو ته اَمان بيٺي هئي.

"توکي ڪا خبر پئي؟"

"ڇا جي؟"

ڪويتا (ساران) فصلن وارو ڪيميڪل پي مري وئي.

منهنجو ذهن چڪرائجي ويو. پاڙي ۾ موت ٿي ويو هو پر ڪو روڄ راڙو ڪو نه ٿيو هو. هـُـو...ائين ڪيئن ٿي مري سگهي- مان تڪڙو تڪڙو ڪويتا جي گهر ڏانهن ويس. اتي ڪجهه مرد ويٺا هئا. هـُـو مون کي ڏسڻ لڳا. مون ڪڏهن به ڪنهن خوشي غمي ۾ ڪٿي به شرڪت نه ڪئي هئي. اهي سڀ جوابداريون بابا نڀائيندو هو. پر اڄ ائين لڳو، ڄڻ منهنجي مان هليو آيس. ويٺلن جي اکين ۾ ڪو به لڙڪ ڪو نه هو. ڪا به مايوسي ڪا نه هئي. ائين لڳو ڄڻ خزان ۾، ڪنهن وڻ تان، ڪو پن ڇڻي هوائن ۾ اُڏامي ويو.

مان پنهنجي لائبريري ۾ اچي ويٺس.

شام جا پاڇا پنهنجي ڇانو وڃائيندا ٿي ويا. سج خاموشي سان لهي ويو.

اڪثر ان وقت ڪويتا اچي نڪرندي هئي.

سوچيم اِها خودڪشي هئي يا قتل.

"تون مون تي ڪهاڻي ڪو نه لکندي؟"

مون دروازي ڏانهن ڏٺو ڪير به ڪو نه هو. هن جو ڪيل سوال منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو.

سوچيم "ڇا لکان؟؟.... ڪهڙي ڪهاڻي لکان؟ ڀلا هن گونگي- بي درد دنيا ۾ ڇا ٿيندو. ڪهڙي ڪويتا لکي تنهنجو قرض لاهيان ڪويتا! اُها جيڪا دنيا وارن لاءِ ساران هئي ۽ منهنجي ڪويتا....!؟

پنو کڻي لکڻ ويٺس، پر ڇا لکان، درد هئا منهنجي اندر جا، جيڪي ڳوڙهن جي صورت ۾ پني تي ڪرندا لفظ ٺهندا ٿي ويا.

 

 

گيلارڊ جي شام

ترجمو: غلام مصطفيٰ سولنگي

گيلارڊ هڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ ريسٽورنٽ هو، جتي محبت جا ماريل نوجوان دلين کي ڌڙڪائيندڙ ۽ من ۾ پيهي ويندڙ، خوبصورت چهرا هن ريسٽورنٽ ۾ ايندا رهندا هئا. جڏهن گيتا مين دروازي کان هال ۾ اندر داخل ٿي ته سندس نظرون غير ارادي طور تي هال جي ساڄي پاسي واري ڪنڊ ڏانهن کڄي ويون، ۽ انهيءَ نوجوان کي پنهنجي مخصوص ٿيل جڳهه تي ويهندو ڏسي هن جي اکين ۾ حيا جي ڳاڙهاڻ ترڻ لڳي. سندس چهرو گلاب جي گل وانگي ٽڙي پيو. هن جي دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي.

اڄ هن گهر کان گيلارڊ تائين ايندي، دل ئي دل ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ان نوجوان سان ضرور فيصلو ڪنديس، پر پوءِ خبر ناهي ڇو هن کي پنهنجي مضبوط ارادي جون پڪيون ۽ مضبوط ديوارون ڊهندي محسوس ٿيڻ لڳيون. هوءَ بلڪل گهٻرائجي وئي هئي، پر پوءِ پنهنجو پاڻ سنڀاليندي، آهستي آهستي قدم کڻندي، ان نوجوان جي ويجهو اچي بيهي رهي. هن جي دل ان وقت تمام تيز ڌڙڪي رهي هئي، هن پنهنجي حواسن کي سنڀاليندي، ميز جي ڀر ۾ پيل ٻئي ڪرسي تي پنهنجو هٿ رکندي چيو، "ڇا، مان هتي، منهنجو مطلب آهي تنهنجي ڀر ۾ ويهي سگهان ٿي؟"

نوجوان ان ڏانهن ڏسي رهيو هو. نوجوان پهريان ته هال جو جائزو ورتو ۽ ٻين ميزن جي چوڌاري پيل خالي ڪرسيون ڏسي، سندس اکيون حيرت سان ڀرجي ويون، پوءِ مسڪرائيندي نرمائي ۽ آهستگيءَ سان چيو ڀلي ويهو. گيتا هڪ دفعو وري ان نوجوان کي پيار سان ڏٺو، گيتا کي نوجوان جي ڪارين ڪجلين ڪڪوريل اکين ۾ پنهنجائپ ۽ چمڪ نظر آئي هئي. گيتا کي ائين محسوس ٿيو ته ٻئي ننڍڙيون اکين جون نديون، سج جي روشني سان چمڪي رهيون هجن. ان جي گهنديدار وارن جي هڪ چڳ ان جي پيشآنيءَ تي اچي پئي هئي، جنهن سندس سونهن ۾ وڌيڪ رنگ ڀري ڇڏيا هئا، ۽ چنڊ جهڙو روشن مک مهڪي اٿيو هوس.

"توهان ڇا پسند ڪندؤ؟" اوچتو نوجوان پڇيس، گيتا ڇرڪجي پيئي. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ نوجوان هن کي قبول ڪري ڇڏيو هجي. پوءِ نوجوان ڏانهن پيار ۽ پنهنجائپ مان ڏسندي چيائين، مان صرف چانهه پيئنديس. نوجوان جي مک تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳنڀيرتا ڇانئجي وئي. پوءِ بيري سان مخاطب ٿيندي چيائين، "ٻڌ ميم صاحب لاءِ ۽ منهنجي لاءِ سينڊوچ ۽ ڪافي کڻي اچ." ۽ "ها، ڪافيءَ سان گڏ ملائي به کڻي اچڻ نه وسارجان."

گيتا نوجوان ڏانهن حيرت ڀرين نظرن سان نهاريو ۽ ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر نوجوان کي مسڪرائيندو ڏسي هن جي ڳالهه چپن ۾ دٻجي وئي، ۽ ڳالهه اڌوري ڇڏي ڏنائين. اها مسڪراهٽ ئي ته هئي جنهن گيتا کي نوجوان سان نينهن جو ناتو ڳنڍڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. هڪ هفتو اڳ وارو واقعو ڪنهن فلم جيان گيتا جي ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳو، هن کي اها حسين شام ياد اچي وئي، جڏهن هوءَ پنهنجي پياري سهيلي نتاشا سان گڏ، هن ريسٽورنٽ ۾ آئي هئي، ان نوجوان تي نظر پوڻ سان ئي هوءَ پنهنجا حواس ڪجهه گهڙين لاءِ وڃائي ويٺي هئي، هن کي ائين محسوس ٿيو هو، جيئن هوءَ ان کي صدين کان سڃاڻندي هجي. اهو ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اهو ته هوءَ پاڻ به ڄاڻي نه سگهي هئي. هن کي پنهنجي ذهن جو ساٿ ڏيڻ جو هوش ئي ڪٿي هو. هوءَ ان جي خوبصورت چهري، ڪارين ڪجلين اکين ۽ دلڪش ڪارن گهنڊيدار وارن جي انداز ۾ گم ٿي وئي هئي. سندس سهيلي نتاشا کيس اهڙي حالت ۾ ڏسي پنهنجي آڱر ڳاڙهن ڳلن تي هڻي ڪڍي هئي، ۽ مذاق ڪندي چيو هئائين، "گيتي ائين نه ڏس منهنجي جان تنهنجي نظر ڪمزور نه ٿي وڃي." گيتا کي ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳايو هجي. بيرو ڪافي ۽ سينڊوچ رکي هليو ويو ته نوجوان ڪافي ٺاهي گيتا جي اڳيان رکندي، سينڊوچ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، کائو. "گيتا جو چهرو گلاب جي گل جيان ٽڙي پيو، ۽ هٿ اڳيان وڌائي سينڊوچ کنيائين. کن پل لاءِ هوءَ خاموش رهي. هوءَ سوچي رهي هئي ته ڳالهه  ڪٿان کان شروع ڪيان. ان کان اڳ ڪڏهن هوءَ ڪنهن مرد کان ايترو متاثر نه ٿي هئي. هينئر جذبن جي اظهار ڪرڻ لاءِ هن کي لفظ ئي نه ملي رهيا هئا. حالانڪه سونهن ۾ هوءَ پاڻ به ڪنهن کان گهٽ ڪا نه هئي. لکن ۾ هڪ هئي، ۽ بيشمار نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن هئي. ان جي باوجود هن ڪڏهن به اهو ڪو نه سوچيو ته هو ته هن کي به ڪنهن جي محبت گهايل ڪري وجهندي.

محبت جي موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻين سان بحث ڪندي هئي، ۽ ٻين کي سمجهائيندي هئي. ٻين کي سمجهائڻ واري گيتا پاڻ ڪنهن جي چاهت ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين ڦاسي پوندي، پر اهو ٿي چڪو هو. آخر هن خاموشي کي ٽوڙيو ۽ چيائين، ته توهان حيران ته ضرور ٿيا هوندؤ ته مان توهان جي ڀر ۾ اچي ڇو ويٺي آهيان. هڪ ڇوڪري ٿي ڪري به ڇوڪرن جهڙي همٿ ڪئي اٿم.

منهنجو مطلب آهي ته هال ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪرسيون خالي پيون هيون ۽ ايتري جڳهه هئڻ جي باوجود به مان توهان جي ايتري قدر ويجهو اچي ويهي رهي آهيان. ڪڏهن توهان انهيءَ تي سوچيو آهي ته مان توهان کي ائين ٽڪ ٻڌي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گهوري گهوري ڇو ڏسندي آهيان. کن پل لاءِ گيتا پنهنجي ڳالهين جو ردعمل نوجوان جي منهن تي ڏسڻ لاءِ بيهي رهي. نوجوان جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ ڇوڪرين وانگي هن جي اکين ۾ شرم ۽ حيا اچي ويو.

گيتا جي دل نه ڄاڻ ڇو خوشيءَ مان جهومڻ لڳي هئي. گيتا ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، مان توهان کي هڪ هفتي کان وٺي برابر ڏسي رهي آهيان، پهرين ڏينهن جڏهن مان توهان کي ڏٺو هو ته مون کي ائين محسوس ٿيو هو جيئن پهريان به مون اوهان کي ڪٿي ڏٺو هجي، پر ڪٿي، اهو منهنجي ذهن ۾ نٿو اچي." اهو چئي گيتا شرم وچان پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون." نوجوان ان وقت سندس منهن کي غور سان ڏسي رهيو هو، وري گيتا چيو، جڏهن به مان توهان جي سامهون ويهندي آهيان، تڏهن توهان جي چهري جي دلڪشي ۽ رعنائي کي ڏسندي رهندي آهيان. توهان جهڙو سهڻو حسين و جميل ۽ خوبرو نوجوان اڄ تائين منهنجي نظرن اڳيان نه گذريو آهي. مان توهان کي ڏسندي رهيس، پر توهان هڪ دفعو به نظرون کڻي مون ڏانهن نه ڏٺو. مان توهان کي ڏسندي رهيس ۽ دل ئي دل ۾ چاهيندي رهيس. ڪاش، اهي پل، اهي گهڙيون ائين ئي بيهي رهن، هميشه لاءِ ائين مان توکي ڏسندي رهان ۽ سڄي حياتي ائين گذري وڃي. هن جو رنگ سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. هن ۾ نظرون کڻي نهارڻ جو تاب به نه رهيو هو. هوءَ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي وئي، ۽ پوءِ هن پنهنجن حواسن کي سنڀاليندي، پنهنجين نماڻين اکين سان نوجوان ڏانهن نهاريو، هو ان وقت پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي، پنهني چپن جي وچ ۾ ڦاسائي رهيو هو. ائين گيتا به هن وٽ سگريٽ جيان ڦاٿي هئي. گيتا پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ نوجوان لائيٽر سان سگريٽ دکائي هڪ وڏ ڪش هنيو ۽ گيتا سان مخاطب ٿيندي چيائين، "توهان جي ڪافي ٺري رهي آهي." سندس لهجي ۾ عجيب نهٺائي سمايل هئي. گيتا ڪافيءَ جو ڪوپ کڻندي، پنهنجن چپڙن سان ملائي ڇڏيو. هن ڏٺو هاڻي نوجوان باقاعده هن کي گهوري رهيو آهي. هو من موهيندڙ اکڙين سان ان جو پورو جائزو وٺي رهيو هو. گيتا جا نرم ۽ نازڪ چپڙا ڦڙڪڻ لڳا هئا. دل جي ڌڙڪن پهرين کان تيز ٿي وئي هئي ۽ نوجوان ٽڪ ٻڌي کيس ڏسي رهيو هو. ان جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ هئي، هڪ حجاب هو، هڪ دل کي ڌڙڪائيندڙ مرڪ هئي. گيتا جي دل خوشي وچان جهومڻ لڳي ۽ منهن سرنهن جي ڦولار جيان ٽڙي پيو. هن جي من چاهيو هو ته هوءَ پنهنجون آڱريون نوجوان جي چمڪندڙ اکين جي چراغن تي رکي ڇڏي، ۽ پنهنجن آڱرين تي پوندڙ پنبڙين کي زندگي جو سرمايو بنائي، هميشه هميشه جي لاءِ پنهنجي من ۾ لڪائي ڇڏي. هن پنهنجون بيباڪ نظرون نوجوان جي روشن اکين ۾ ڄمائي ڇڏيون ۽ ان جي حيرت جي ڪا به انتها نه رهي. جڏهن ان ڏٺو ته نوجوان شرمائي پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. گيتا ان جي هن دلڪش ادا تي مسڪرائي ڏنو. ان کان اڳ هن کي اهڙو خوشگوار تجربو نه ٿيو هو . هن چيو "ڪمال آهي، توهان ته بلڪل ڇوڪرين وانگي شرمائي ٿا وڃو!" نوجوان جو ڪنڌ جهڪيل رهيو ۽ ان گيتا جي ڳالهه جو ڪو به جواب نه ڏنو. گيتا کي ائين لڳو ڄڻ هو ڪجهه سوچي رهيو هجي، سوچ جي گهري خيال ۾ ٻڏل هجي. کن پل کانپوءِ نوجوان هڪ ٻيو سگريٽ جو ڪش هنيو ۽ گيتا ڏانهن اداس اداس ۽ شرمائيندڙ اکين سان ڏٺو. گيتا کي کل اچي وئي. هڪ اهڙي کل جنهن ۾ پيار ڪرڻ واري لڪل دٻيل خواهش ظاهر ٿي رهي هجي. هن جي مرڪ ۾ سونهن سان گڏوگڏ، هڪ خاص انداز جي دل کي وڻندڙ ادا به شامل هئي، پوءِ گيتا پنهنجي ڳالهه ٻيهر شروع ڪئي، ته اڄ هوءَ سڀ ڪجهه ان کي چئي ڇڏڻ جو هڪ مضبوط ارادو ڪري گهر کان ٻاهر نڪتي هئي، هن سوچي ڇڏيو هو ته اڄ کانپوءِ شايد هوءَ ڪڏهن به پنهنجي دل جو راز ظاهر ڪري نه سگهي.

هن وڌيڪ ڳالهايو، "اڄ مان هال ۾ داخل ٿي هيس ته توهان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ارداو ترڪ ٿي ويو هو نه ڄاڻ ڇو توهان تي نظر پونديئي مان پنهنجا حواس وڃائي ويهان ٿي ۽ هڪ توهان آهيو جو مون ڏي نظر کڻي ڏسڻ به پسند نٿا ڪريو، ۽ مان توهان سان متعارف ٿيڻ لاءِ ڪنهن افساني، ڊرامي يا ناول جي ڪردار وانگي هال جون سڀئي ڪرسيون خالي ڇڏي، تنهنجي سامهون ويهڻ جي اجازت وٺان ٿي. پر مون کي افسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مان توهان جي فطري شرم حيا کي توهان جي بي رخي تصور ڪري ڇڏيان ها، ۽ انهن سنهري گهڙين سان، جيڪي ان وقت مون کي اچي دلڪشي، رفاقت ۽ ٽڙندڙ قربتون نصيب ٿينديون به الائي نه! يا هميشه جي لاءِ محروم ٿي وينديس. گيتا جي دل خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي، ۽ منهن سورج مکيءَ جيان ٽڙي پيس، دل چاهيس ته پنهنجون آڱريون نوجوان جي چپڙن تي رکي ڇڏي، ۽ سندس نرم چپڙن جي ڇهاءُ کي هيشه جي لاءِ دل ۾ سمائي ڇڏي. هوءَ نه ڄاڻ ڇا ڇا چئي رهي هئي، ۽ نوجوان هن کي ڏسندو رهيو هو.

هوءَ چوڻ لڳي، اهڙي طرح توسان ڳالهيون ڪرڻ ۽ تنهنجو ويجهو اچڻ جو خيال مون کي هڪ هفتو اڳ ئي آيو هو. ها هڪ هفتو اڳ ۾ مون هڪ دلڪش ۽ حسين خواب ڏٺو هو ته مان هڪ تمام وڏي ۽ خوفناڪ برپٽ ۾ تنها بيٺي آهيان ۽ تون تمام پري بلڪل تمام پري بيٺو آهين ۽ مان تو ڏانهن ڊوڙندي رهي هيس. اوچتو منهنجي اک کلي وئي هئي. شايد ان ڏينهن مان توکي پهرين دفعو ڏسي رهي هيس، ان ڪري تنهنجي صورت منهنجين نظرن ۾ سمائجي وئي هئي. رات جي اونداهي ڇانئجي تنهنجي چنڊ جهڙي روشن مک، من کي موهيندڙ پياريون ڪاريون اکيون منهنجي دل ۽ دماغ ۾ ڇانئجي ويون هيون. منهنجي من چاهيو هو ۽ اکڙين اسرار ڪيو هو ته توکي ڏسان ۽ بار بار ڏسان. توسان ملان، توسان ڳالهيون ڪيان. گيتا ٿورو ترسي، ڏٺو ته نوجوان ٻئي هٿ ميز تي رکي هٿن جي ترين سان پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيو هو ۽ ان جي آڱرين ۾ سگريٽن جو دونهون ور وڪڙ کائيندو هوا ۾ گهمندو رهيو هو. گيتا جي اهڙي نهار سان نوجوان جي اکين ۾ هڪ دفعو ٻيهر گهٻراهٽ پيدا ٿي وئي هئي ۽ ان جو منهن جيئن پوءِ تيئن ڳاڙهو ٿيندو ٿي ويو. گيتا کي ائين لڳو ڄڻ هو ان کي ڪجهه چوڻ وارو هجي، ۽ ڪجهه چوڻ لاءِ بيچين هجي. گيتا ڪجهه گهڙين لاءِ انتظآر ڪيو، ۽ پوءِ هوءَ مسڪرائيندي چوڻ لڳي، ننڍپڻ کان وٺي منهنجي ذهن ۽ دل جي خانن ۾ هڪ سدا سهڻي ڳڀرو نوجوان جي تصوير سمايل هوندي هئي، ۽ مان اڪثر پنهنجو پاڻ کان پڇا ڪندي رهندي هيس، هي ڪير آهي؟ يقينن منهنجي دل اهڙن سوالن جا جواب ڏئي نه سگهندي هئي. ننڍپڻ ۾ اها تصوير ڌنڌلي ڌنڌلي هئي، پر جوان ٿيندي ئي ان تصوير جا نقش چٽا ۽ صاف ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ ان تصوير جا رنگ وڌيڪ روشن ۽ وڌندڙ لڳا. پوءِ اُهي نقش حقيقتن جي حدن کان اڳتي گذري ويا. توکي ٻڌي حيرت ضرور ٿيندي هوندي ته اها تصوير ٻئي ڪنهن جي نه هجي! پر اها تصوير تنهنجي هئي. مون توکي پهريان پهريان پنهنجي دل ۾ ڏٺو هو، ۽ محسوس ڪيو هو، پوءِ توکي چاهڻ لڳيس، ۽ پوڄا ڪرڻ لڳيس. توکي ڏسي ڪري مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي دل جي مورتي ۾ روح پئجي ويو آهي، ڄڻ ان تصوير يا مورتي کي زندگي ملي وئي آهي، جيئن پوڄاريءَ کي مورتيءَ ۾ ڀڳوان نظر اچي ٿو، ۽ هو پوڄا ڪرڻ لاءِ پنهنجو سر ان جي قدمن ۾ رکي ٿو ڇڏي تيئن مون به پنهنجي دل تنهنجي پيرن ۾ رکي ڇڏي آهي. اهو چئي گيتا خاموش ٿي وئي، ان پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. هوءَ پنهنجي دل ۾ لڪل سڀني ڳالهين، پنهنجين چاهتن پنهنجين بي پناهه محبتن جو اقرار ڪري چڪي هئي. ان کان وڌيڪ چوڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه رهيو به ڪو نه هو. ان نوجوان گيتا جي انهن سڀني ڳالهين جو اڃان تائين ڪو به جواب نه ڏنو هو. هو اڃان تائين ڇوڪرين جيان شرمائي رهيو هو، ۽ ان جي خوبصورت اکين ۾ نه ڄاڻ ڇو الجهيل اثر نظر اچي رهيا هئا. گيتا وٽ ته هاڻي وڌيڪ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو هو. هن ته پنهنجي دل کولي ان جي سامهون رکي ڇڏي هئي. ڇا، هو ٻئي ڪنهن سان محبت ڪري ٿو! ڇا ان جي دل ۾ پهريان ئي ڪنهن ٻي محبت جي شمع روشن آهي! گيتا جي دل ۾ طرحين طرحين جا وسوسا جنم وٺڻ لڳا. شڪ جا تمام گهڻا سايا ان ڏانهن اچڻ لڳا. پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، ۽ بلڪل پٿر جو بت بڻجي وئي هئي، ۽ ان جو سڄو وجود نوجوان جي چپن چرڻ جي انتظار ۾ هو. گيتا پنهنجي اکين جي ڇپرن کي مٿي ڪندي ڏٺو، هو پنهنجو سگريٽ ايش ٽري ۾ مروڙي رهيو هو. پوءِ ڀرپور نظرن سان گيتا ڏانهن ڏٺو. بيري کي اشاري سان گهرايائين، ۽ بيري جي ٽري ۾ ڏهن ڏهن جا ٻه نوٽ رکندي چيائين، باقي تون رکي ڇڏ. گيتا تي عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. هوءَ هن جي واتان ڪجهه ٻڌڻ لاءِ بيچين ۽ بيقرار هئي. ان جي بي قراري هر گذرندڙ لمحي سان گڏوگڏ وڌندي ٿي وئي. ان جو من چاهي رهيو هو ته نوجوان کي جيڪي ڪجهه به چوڻو آهي، سو جلدي چئي. جيئن انتظار واري مصيبت مان جان ڇڏائي سگهي. ها يقينن مناسب لفظ ڳولي رهيو هوندو. گيتا خوشفهمي مان سوچيو پوءِ ان کي پنهنجي جلد بازيءَ تي افسوس ٿيڻ لڳو. ان کي ياد آيو ته بزرگ سچ چيو آهي، انسان کي ائين آسانيءَ سان پنهنجو راز ٻڌائڻ نه گهرجي. اهڙي طرح ان جي ڳالهه جي قدر قيمت گهٽ ٿي وڃي ٿي. جيئن موتيءَ جو قدر سڀ ڪنهن جي اندر هوندو آهي. ظاهر ٿيندي ئي ان موتيءَ جي قيمت ختم ٿي ويندي آهي. هاڻيءَ هوءَ سوچي رهي هئي ته تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي. گيتا سوچيو اها ڳالهه مون کي اڳ سوچڻ کپندي هئي، نوجوان هاڻي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو، جيئن ان تي گيتا جي ڳالهين جو ڪو به اثر نه ٿيو هجي. هو بي خبر ۽ سخت دل نظر اچي رهيو هو. هو مطمئن انداز ۾ اٿيو ۽ پنهنجو سگريٽن جو پاڪيٽ ميز تان کنيو، پوءِ ان پنهنجو ساڄو هٿ ميز تي رکيل گيتا جي نرم، ٿڌي ۽ ڏڪندڙ هٿ مٿان رکي جهڪيو ۽ گيتا جي منهن کي ويجهو اچي منهن تي دلڪش مرڪ سجائي چيائين، "توهان جي قربت ۾ سٺو وقت گذري ويو، چڱو وري ٻيهر ملاقات ٿيندي." هو پوءِ فرش مٿان وڇايل قالين سان گڏوگڏ، گيتا جي دل کي به لتاڙيندو گيلارڊ کان ٻاهر نڪري ويو. گيتا جو سمورو جسم هڪ دفعو ٻيهر شرمندگي، افسوس ۽ شڪست جي احساس سان ڏڪي ويو، نه ڄاڻ ڪيڏي مهل ان جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. سندس من چاهيو رڙيون ڪري، زور زور سان روئي. هن وڏي مشڪل سان پنهنجن ڳوڙهن تي ڪنٽرول ڪيو.

بيرو ميز تان ڪافي جا ٿانو کڻندي کلي رهيو هو. گيتا بيري ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريو، ڪنهن چوٽ کاڌل نانگڻ جيئان ڪاوڙ ۾ ڏمرجي پئي ۽ منهن موڙي چيائينس، "توکي شرم نه ٿو اچي جو مون تي کلي رهيو آهين." بيرو ويچارو هيسجي ويو. بيري گيتا ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين، "جي نه ميم صاحبه! توهان کي غلط فهمي ٿي آهي، مان توهان تي نه، پر قدرت جي ستم ظريقي تي کلي رهيو آهيان.

مان توهان کان معافي ٿو گهران ته توهان جن ڳالهين مان ڪجهه ڳالهيون مون به ٻڌيون آهن. مون کي ائين لڳي رهيو هو ته جيئن پوڄاري پنهنجي ديوتا جي سامهون پنهنجي دل جي ڳالهه چئي رهيو هجي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اوهان پوڄا ۾ ڪا ڪثر ڇڏي هجي ۽ دل کولي ان جي اڳيان رکي ڇڏي. ٿورو سوچيو پٿر ڀلا ڪڏهن ڪنهن جي ٻڌندا آهن، پٿرن کي ڪن ڪٿي هوندا آهن. گيتا بيري جون ڳالهيون ٻڌي هيڪاري پريشان ٿي وئي ۽ الجهيل نظرن سان ڏٺائين، گيتا ان جي ڳالهين جو مطلب چڱيءَ طرح سمجهي نه سگهي هئي. بيري ميز تي ڪپڙو رکندي چيو، مون کي افسوس آهي، بلڪ تمام گهڻو افسوس، ان ڳالهه جو ذاتي طرح سان مون کي تمام گهڻو ڏک ٿئي ٿو، جو مان توهان کي ڪا سٺي ڳالهه ٻڌائي نه رهيو آهيان. هي نوجوان گذريل سالن کان وٺي هت اچي رهيو آهي، ان دؤران ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن جي خوبصورتي کان متاثر ٿي، هن ڏانهن وڌيون آهن، پر سڀ جون سڀ ناسڪام رهيون آهن. سبب صرف اهو آهي ته هي نوجوان ٻنهي ڪنن کان بلڪل ٻوڙو آهي. هن جي ٻڌڻ جا حواس بلڪل ختم آهن، هو ڪجهه به ٻڌي ناهي سگهيو.

بيرو ڪائونٽر ڏانهن هليو ويو. گيتا کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ گيلارڊ جو سمورو هال ڦري رهيو هجي. هن جي سڄي وجود ۾ هلچل مچي وئي. هن جي اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي وئي. ان پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کي ائين لڳو ڄڻ هن جي هوش ۽ حواس جو دامن هٿن مان ڇڏائجي رهيو هجي. ان پنهنجو ڪنڌ ميز مٿان رکي ڇڏيو ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ نوجوان ان جي سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. پنهنجي گول گول اکين سان کيس نهاري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڏسي سگهي پيو، ڳالهائي سگهي پيو، پر ٻڌي نه پيو سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com