سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :4

فهميده سحرش

ماسي جنت

جنت پنهنجو مٽ پاڻ هئي. اڇو رنگ، ننڍڙو قد، سنهڙي سڪل، ننڍڙي منهن تي وقت لڪيرن جو ڄار ٺاهي ڇڏيو هوس، ٻه ٽي اڇا وار هيس، جن کي ايترو ته ڇڪي ٻڌندي هئي جو چوٽي سونٽي وانگر سيٽيل هوندي هيس. سدائين شلوار ۽ ڪرتو پيل هوندو هوس. اڪثر ڪري شٽل ڪاڪ جو برقعو پائي پاڙي جي گهرن ۾ جهاتيون پئي پائيندي هئي. هو عجيب حرڪتون ڪندي رهندي هئي، ڪڏهن ڪرتو اُبتو پائيندي هئي ته ڪڏهن چولي جا بٽڻ هيٺ مٿي لڳل هوندا هئس. ڳچيءَ ۾ هر وقت ڪاري ڌاڳي ۾ تعويذ، صرف اٺ ڏهه ڏند بچيل هئس، جن جي پٺيان به ڊاڪٽر پيل هئا، پر ماسي اهي ڪڍرائڻ لاءِ تيار نه هئي، هڪ ڏينهن گهر آئي ته پيرن ۾ مختلف رنگن جا جوتا پيل هيس. منهنجي هڪ دوست پڇيس، ماسي هي نئون فيشن نڪتو آهي ڇا؟ نه امان، مون کي تڪڙ ۾ خبر ئي نه پئي. خير اسان پوڙهين کي ڪير ٿو ڏسي، ائي ڪنوار ڇوڪريون ڪٿي آهن؟ ڪمري ۾ هونديون، ڪمري ۾ ڇا پيون ڪن؟ ماسي تنهنجي ڇا مرضي آهي ته انهن کي صوفن ۽ کٽن تي ويهاري ڇڏيان، صوفن تي ڇو ويهاريندين، انهن کي ڪم ڪار ۾ لڳاءُ ڪو ماني ٻوڙ، ڪو ڀرت، ڪا سلائي سيکارين ته ڪوا ڳيان هلي ڪم اچين.

هڪ ڏينهن امان ڪپڙن لاءِ سڏايس. هوءَ صبح جو ئي اچي نڪتي، سياري جا ڏينهن هئا. اسان سوڙ مان منهن ڪڍي ڏٺو. ابتو برقعو پائي ماسي وڏي شان سان بيٺي هئي. برقعي جي ٽوپيءَ جو استر، تاج وانگر مٿي بيٺو هوس. اسان کي جو بستري تي ستل ڏٺائين ته چيائين: ڏينهن ته ڏسو ڪيڏو چڙهي آيو آهي ۽ توهين اڃا ستيون پيون آهيو، ائي ڇوڪري اٿي مون کي چانهن ٺاهي ڏي، سيءُ پيو لڳي.

ايترو جلدي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي سج ته نڪرڻ ڏين ها! چڱو برقعو ته لاهه. امان چيس. هاڻي سيءَ ۾ لاهيان. بس ائين ئي ٺيڪ آهي. ماسي چيو. ماسي تو ابتو برقعو پاتو آهي. مون چيومانس. ائي امان مان به چوان ته گهٽيءَ جا ڇوڪرا صبح ساڻ ڇو پيا کلن. پٽ تي ويهندي رنڀ ڪيائين: امان ڇري ته کڻي اچ. ڳچي ڪٽيان. يا الله خير، ڪنهن جي ڳچي ڪٽيندينءَ ماسي. امان حيرت مان پڇيس.قميص جي. ٻيو ڪنهن جي. ڇوريءَ سان ڪٽيندينءَ امان چيس. چڱو ڪينچي ئي ڏي، پر جلدي ڪر، مون کي ٻيا به سوين ڪم آهن. هن ڳوٿري مان ڏاڏي آدم جي زماني واري عينڪ ڪڍي، جنهنجا شيشا ڌنڌلا ۽ ڪمانون ٽيڏيون هيون. ماسي ان کي وارن ۾ ڦاسايو. بابا جو ناشتو ڪرڻ آيو، ته ان کي ڪوبه سڃاتائين. چشمي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس. ٿوري ئي وقت ۾ سندس غائب دماغي ۽ ٻرڙاڻ ۾ اضافو ٿيندو ويو. آئون ماسي کي وٺي ڀيڻ شاهده جي گهر ويس. شاهده اسان کي کيڪاري رڌڻي ۾ ويئي. ٿوري دير کان پوءِ چوڻ لڳي، جلدي هل، مون کي شاهده جي گهر وڃڻو آهي.

هڪ دفعي ائين ٿيو جوماسي ڪافي ڏينهن کان پوءِ اسان جي گهر آئي، امان حجت ڪري چيس ته: اهڙي به ڪهڙي بي مورتي، جو مُڙي خبر به نه ورتي اٿئي. عيد جو چنڊ ٿي ويئي آهين ڇا؟

ائي ڪنوار ڇا ٻڌايائين، ننهن سان ڳوٺ ملڻ ويئي هيس. واپسيءَ ۾ ڏهٽي کي به وٺيو آيس. رستي ۾ ايترو ستايائين جو ڏينهن ۾ تارا نظر اچي ويم. ڳوٺ کان اڃا ٿورو ئي اڳڀرو ٿياسين ته بس ۾ ڇوڪري کي اچي پيشاب لڳو. ننڍڙو ٻار ڀلا ڪيترو روڪي سگهي ۽ ٻيو ته بس کي ڪير روڪڻ لاءِ چوي. ڇوڪري جون اکيون ٻوٽجي ويون. هڪ ٻه دفعو پاسي وارين کي چيم به پر اسان جي حال تي ڪنهن کي به رحم نه آيو. ڪا واٽ نه ڏسي ڇوڪري کي دري کولي ڏنم، ته جيئن ٻاهرئين پاسي پيشاب ڪري. بس، جيئن ئي ماڻهن تي ڇنڊا پيا. هنگامو شروع ٿي ويو. مون سان اهڙو حشر ڪيائون جو پڇو ئي نه. هڪ چيو پوڙهي ڇا پئي ڪرين! چري ته نه ٿي آهين، ڇنڊا پيا منهن۽ ڪپڙن تي پون. ٻئي رڙ ڪئي: ستياناس ٿئي تنهنجو، سڄا ڪپڙا پليت ڪري ڇڏيئي. ٽئين رڙ ڪئي: هي انسان جو ٻار آهي يا ڀولڙي جو ٻار آهي. راڻي باغ مان کڻي آئي آهين؟ امان ڪنهن کي جواب ڏيئي ڪنهن کي ڏيان. ماٺ ڪري ويٺي رُنيس ۽ روئي روئي اچي گهر پهتيس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر ۾ ميلاد شريف ڪرايائين ته سڀني کي دعوت ڏنائين. امان ۽ اسان به وياسين. امان کي ڏاڍي راز سان چيائين: ”اڄ آئون پنهنجن هٿن سان کيرڻي ٺاهينديس. تنهنجي ماسڙ کي ڏاڍي وڻندي هئي.

”ماسي کيرڻي جو کٽراڳ ڇو ٿي ڪرين؟“

ڪنوار کٽراڳ وري ڇا جو؟ هي ڇوڪريون گهڻي وقت کان فرمائش پيون ڪن ته ماسي پنهنجن هٿن سان کيرڻي رڌي کاراءِ. اڄ موقعو آهي. سڀ موجود به آهن، ان ڪري ٿي کيرڻي رڌيان. ٿڌو ساهه ڀري وري چيائين: هجي ها هٿن پيرن ۾ طاقت ته روز روز هنن جي فرمائش پوري ڪريان ها. بابل! پنهنجن کي کارائڻ جو مزو ئي ڪجهه ٻيو آهي، توکي ياد آهي ته تنهنجي ماسڙ جي زندگيءَ ۾ دسترخوان تي جيستائين ٻه ٽي مهمان نه هوندا هئا، هو خوش ڪونه ٿيندو هو ۽ جمعي جي ڏينهن ته هو خاص ڪري مسجد مان پرديسي مسافرن کي گهر وٺي کاڌو کارائيندو هو. ميلاد شريف پڙهي پورو ڪيوسين ۽ پوءِ سڀئي ڄڻا کيرڻي کائڻ لاءِ گلم تي اچي ويٺا. بس پوءِ ته صرف هڪ چمچو وات ۾ وجهڻ جي دير هئي ۽ کلن جا ڪوڪريا پئجي ويا. ماسي جنت کي کيرڻيءَ ۾ جيتري کنڊ وجهڻي هئي، اوترو لوڻ وجهي ڇڏيو هئائين، پر ماسيءَ جي انهيءَ حالت تي ڪوبه ناراض ڪونه ٿيو.

گذريل جمعي تي اسين سڀ ماسي جنت جي گهر وياسين، سڄي گهر ۾ اڇيون چادرون وڇايون پيون هيون، پاسي کان ننڍڙي ميز تي اگربتيون ٻري رهوين هيون، اگربتين جي خوشبوءِ سان ڪمرو ٻهڪي رهيو هو. رڌڻي ۾ کيرڻيءَ جو ديڳڙو تيار هو. هر شيءِ تمام سٺي سليقي سان رکيل هئي. ماسيءَ جي گهر آيل سمورا مهمان قرآن شريف جا سيپارا پڙهي رهيا هئا. اڄوڪي کيرڻي ڏاڍي مٺي رڌل هئي. سڀ ڪوکائي به رهيو هو، پر سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، ڇاڪاڻ جو اڄ ماسي جنت جو ٽيجهو هو.

پريم پتافي

 

فرزانه ڪنول بلوچ جي

شاعريءَ جو اڀياس

شاعر کي پنهنجي مخصوص لفطن جي دنيا هوندي آهي ۽ هو لفظن وسيلي پنهنجي سوچن، خيالن ۽ جذبن کي ڪتب آڻي، ڪو نئون خيال، ڪو انوکو تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ڪڏهن اظهار لاءِ لفظ بي معنيٰ ٿي پوندا آهن ته ڪڏهن وري اظهار ڪنهن ڪويءَ جي لفظن جو محتاج ٿي پوندو آهي. شبنم گل ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿي ته ”جيڪڏهن ڪنهن وٽ لفظن کي خوبصورتيءَ سان استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ آهي ته اظهار جي سگهه ڏات لاءِ ڪيئي نوان رستا کولي ڇڏيندي آهي.“

فرزانه ڪنول بلوچ اهڙن شاعرن مان هڪ آهي، جنهن وٽ لفظن کي استعمال ڪرڻ جو خوبصورت ڏانءُ آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو وٽس اظهار جي سگهه مڪمل آهي. سندس غزل جا ڪجهه بند جن ۾ اظهار جي سگهه مڪمل سمايل آهي.

تنها ميز تي سارا خط،

ڪن ٿا ڄڻ اشارا خط

*

سالن کان ائين ئي تنها،

ڪيڏا هِن ويچارا خط.

*

جذبا جن ۾ جرڪن ڪين،

هوندا سي ته ڪسارا خط.

ازرا پائونڊ جو قول آهي ته ”شاعري جا دفتر ڀرڻ کان بهتر آهي ته ڪو بهترين عڪس چٽجي.“ فرزانه جي سڄي شاعريءَ کي اٿلائي ڏسبو ته سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت عڪس استعمال ٿيل آهن.

جذبا جن ۾ جرڪن ڪين،

هوندا سي ته ڪسارا خط.

مٿين سٽن ۾ ذائقي واري عڪس جو خوبصورت استعمال آهي يا وري وائيءَ جي هيٺين سٽن ۾ متحرڪ عڪس ۽ بصري عڪس جو استعمال نهايت سهڻي نموني سان ٿيل آهي.

بکين کاڌو ڀڙڪو

سانت پڌر ۾،

هلچل مچي وئي.

عڪسن جو سڌو سنئون واسطو انسان جي حواسن سان آهي، ڪنهن منظر، ڪنهن شيءِ، ڪنهن واقعي کي ڏسي، ٻُڌي ذهن_ ڪئميرا مان پاس ڪري لفظن جي مدد سان ڪو نئون عڪس چٽڻ شاعراڻو ڪمال آهي. شاعر لفظن جا مصور هوندا آهن. شاعريءَ جي ڪينواس تي لفظن جو رنگ هاري ڪنهن واقعي، منظر يا شيءِ جي اهڙي عڪاسي ڪندا آهن، جو لفظ ڳالهائڻ لڳندا آهن ۽ ڪيترائي خوبصورت عڪس چٽجي ويندا آهن. فرزانه شاعريءَ جي ڪينواس تي عڪسن جو رنگ هاري، لفظن جي بُرش سان مصوري ڪئي آهي.

بوسنيا جي ڌرتيءَ جا

سارا خواب

گولين سان اُڏايا ويا

مهندي رتا هٿ سڀ رَت ۾ ٻڏل آهن.

ڍاکيون خوابن کان ڇنل آهن

مائرن جا ٽهڪ سارا

تابوتن ۾ بند آهن

در تي بيٺل ونيءَ جا اوسيئڙا

اَڌ رستي تي ڦٿڪن ٿا

ڀٽڪن ٿا

ڇو ته سامهون ميلاپ کي

گولين سان ڇلني ڪيو ويو

پکي به آرام ۾ ناهي

هاري، مزدورن جون زالون

ورن لاءِ آسائتيون آهن

ٻارن جي اکين ۾ خواب ٿيون ڳولن

۽ رڳو آواز آهن گولين جا

رڳو انهن خواب گولين ۾

۽ بوسنيا جي ڌرتي تي

رت جو سمنڊ آهي

۽ ڊگهو اوسيئڙو آهي

۽ جيڪو اڃا تائين بس اوسيئڙو آهي.

فرزانه جي مٿين نظم ۾ گهڻ پارا عڪس چٽيل آهن. يعني رنگين عڪس، بصري عڪس، متحرڪ عڪس، غير متحرڪ عڪس ۽ انتقالي مشاهدي وارو عڪس چٽيل آهي.

شاعر انسانيت جا پرچارڪ هوندا آهن. شاعرن جو قلم سدائين ڏاڍ، ظلم ۽ بربريت خلاف تحرڪ ۾ رهيو آهي. بنگلاديش جي عظيم شاعر ٽئگور ٻي عالمگير جنگ جي زماني ۾ جپان جي فاشي شاعر ناگوچيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”سچي اديب لاءِ فرار ناممڪن آهي اهو سچو اديب ئي نه آهي جو ظلم جي دور ۾ ڪنهن اوچي مناري تي چرهي وڃي لکي“، فرزانه جي شاعريءَ سڄي انسانذات جي شاعري اهي، سنڌ هُجي يا فلسطين، بوسنيا هجي يا آفريڪا جنهن جاءِ تي، جتي به ظلم ٿي رهيو آهي، فرزانه جي قلم ان ظلم کي ننديو آهي. اهوئي هڪ سچي اديب جو ڪردار آهي. سندس هڪ نظم آهي

فلسطينين لاءِ

فلسطينين جا هٿ وڍجي پيا آهن

ڳرن پٿرن ۾

فلسطينين جا سُک

جهلجي پيا هن

پنهنجن ئي شهرن ۾

فلسطيني هڪ ماءُ

پُٽ جي شاديءَ جي

ڪاڄ ۾

شرناءِ جي آواز سان

مرثيا ٿي ڳائي

۽ فلسطينين جي ڌرتي

ٻُڏل آ مرثين ۾.

ان کان علاوه فرزانه جا ٻيا نظم، ”بوسنيا جي ڌرتي جا خواب“، ”آفريڪي شاعر بينجمن مولائس کي هڪ نظم“ انسان دوستي جو چٽو ثبوت آهن.

سنڌي شاعريءَ جي وڏي نقاد سڳن آهوجا، مها ڪوي نارائڻ شيام جي ڪتاب ”روشن ڇانوري“ جي مهاڳ ۾ اظهار جي ڊڪشن (Diction) لاءِ هيٺين چار ڳالهين جو هئڻ ضروري ڄاڻايو آهي.

ٻوليءَ جو درست استعمال

مرڪب لفظن جو واهپو

غير شاعراڻي لفظن جي پوڄ

سنڌي ترڪيبن جو استعمال.

فرزانه جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو استعمال نهايت سهڻي نموني سان ٿيل آهي. حالانڪ وڏن وڏن شاعرن کان ڪٿي ڪٿي ٻوليءَ جو استعمال غلط ٿي ويو آهي، پر فرزانه جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون غلطيون تمام گهٽ نظر اچن ٿيون. سندس نظم ”فلسطينين لاءِ“ يا مٿي آيل ”بوسنيا“ تي نظم جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال تمام خوبصورت ٿيل آهي. سندس هيٺيون نظم جنهن ۾ ٻوليءَ جو خوبصورت استعمال ٿيل آهي.

”آفريڪي شاعر بينجمن مولائس کي نظم“

جنوبي آفريڪا جو

ڪارو جوان شاعر

بينجمن مولائس جي

اڳڪٿي سچ ثابت ٿي

هن چيو هو

”دنيا کي ٻڌايو ته

هڪ ڏينهن ڪارا ماڻهو ئي

حڪمران ٿيندا....“

اي بينجمن مولائس

توکي ڦاسي ڏني وئي

آءُ، اڄ

جنوبي آفريڪا ۾

تنهنجي حڪومت آ

۽ نيلسن منڊيلا

تنهنجو ئي هڪ آواز آ.

شاهوڪار ٻولين جا شاعر ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ ملائي نوان لفظ ايجاد ڪري لغت ۾ اضافو ڪندا آهن. فرزانه جي شاعري ۾ به مرڪب لفظن جو واهپو عام جام آهي.

پکين کاڌو ڀڙڪو

سانت پڌر ۾

هلچل مچي وئي.

پيار ۾ لکيل

پريم_ پرن کي

آڳ لڳائي ويئي.

روزانو عام ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ غير مانوس لفظ کڻي شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ هڪ شاعراڻو ڪمال آهي. فرزانه پنهنجي شاعريءَ ۾ عام ٻوليءَ ۾ ڪتب ايندڙ غير شاعراڻي لفظن کي فنائتي رچاءُ سان استعمال ڪيو آهي.

نه ڄاڻين تون ”ڪٺورتا“

پيار جي رشتي ۾،

اُڃ سدائين ٿي رهي.

*

”توقع جي جهان ۾،

لمحا فاصلن جا،

سڏڪي پيا آهن.

*

خوابن تي ڪا پابندي آ،

خوابن جي آ ٿوري ”ڪوٽا“.

*

مٿين سٽن ۾ لفظ ”ڪٺورتا“، توقع ۽ ڪوٽا غير شاعراڻا لفظ آهن، جن کي فرزانه نهايت فنائتي رچاءَ سان استعمال ڪري خوبصورت سٽون سرجيون آهن.

اهو بحث ته هاڻي گهڻو پراڻو ٿي چڪو آهي ته ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي هجي. ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن شاعرن ادب کي زندگي سان ڪميٽڊ (Committed) سمجهي لکيو آهي. اديب ۽ شاعر جو سڌوسنئون واسطو سماج سان آهي، تنهنڪري هر اديب ۽ شاعر تي اهو فرض آهي ته اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍاين کي پنهنجي شاعري وسيلي وائکو ڪري. فرزانه شاعري سان گڏ هڪ عورت پڻ آهي ۽ هوءَ عورت جي مسئلن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿي. اسان جي هن معاشري ۾ جيترو ظلم عورت تي ٿي رهيو آهي.ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. عورت هر دور ۾ مرد جي عتاب جو شڪار رهي آهي. فرزانه ماءُ جي مجبورين ۽ خوشين، ڀيڻ جي مجبورين ۽ خوشين کان چڱي ريت واقف آهي. فرزانه جي شاعريءَ عورت سان ٿيندڙ ظلم خلاف هڪ مضبوط آواز آهي. سندس هڪ نظم آهي.

”ماءُ“

هڪ ماءُ جي اکين ۾

اوجاڳو

سدائين رهي ٿو

تڏهن به جڏهن هو

ٻار کي پالي

نپائي وڏوڪري ٿي.

دُک سُک ۾ ٻار لاءِ جاڳي ٿي

وڏي هجڻ تائين

۽

شايد مرڻ بعد به

قبر ۾

ماءُ جون اکيون

جاڳن ٿيون ٻارن لاءِ

يا وري هڪ ٻيو نظم، جنهن مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هتي پيش ڪيان ٿو، جنهن ۾ ممتا جي مجبوري ظاهر ٿئي ٿي.

”هڪ جوان ماءُ جي خودڪشي تي“

خودڪشيءَ جو عمل ڪيڏو نه ڏکيو آهي،

پر

هن خودڪشي ڪئي....

.....

اُهي پل ڪو سوچي سگهندو

جڏهن اُن ماءُ پنهنجي معصوم ٻار کي

آخري دفعو چُميو هوندو

۽ ممتا مجبورين جي رسي تي

لٽڪي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي هوندي.

ته اُن ماءُ جو چهرو

ڪيڏن نه اڻ چيل لفظن سان ڀرجي ويو هوندو.....

۽ ان مهل زندگي

منهن لڪائي رُني ضرور هوندي.

فرزانه ڪنول بلوچ جي شاعريءَ ۾ خارجي ڪيفيتن سان گڏ داخلي ڪيفيتن جو اظهار به ڀرپور انداز سان آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي اهڙا نظم آهن جن ۾ داخلي ڪيفيتن جو عنصر وڌيڪ آهي. سندس ”هر موسم بي رنگ آهي.“ ”تضاد“، ”ٻه عڪس“، ”رانگ نمبر“، ”اجازت“، اهڙا نظم آهن جن ۾ داخلي جذبن جو ڀرپور اظهار آهي. فرزانه وٽ اظهار جي سگهه جي قوت ڀرپور آهي.

هُوءَ چري ڇوڪري

اوسيئڙي جي اوٽ ۾

نه موٽندڙ لاءِ

ميلاپ جي آس اُڻي ٿي

يا سندس ٻيو نظم آهي.

هڪ ڇوڪريءَ

پنهنجو پاڻ لاءِ

زندگي جي حسين شام

وڃائي ڇڏي آهي

ان دُک ۾

هن کان هر شام

وڃائجي ٿي وڃي.

هر ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعر اديب جيان ۽ هر محب وطن سنڌي جيان فرزانه به پنهنجو سڀ ڪجهه پنهنجي ديس سنڌ تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايتري تائين جو پنهنجي پيار کي به سنڌ جي درد مٿان قربان ڪري ٿي.

دل جي اُداس ڳلين ۾

اڃا تائين

درد تنهنجو...!!؟

درد تنهنجو ته

ڪڏهوڪو پرين

ويو

اندر ۾ مَري ۽ ٺري

مَن منهنجو اُداس آ

ڌرتيءَ جي درد ۾

مان دل جي اُداس ڳلين ۾

ڌرتيءَ لاءِ اُداس آهيان.

مهر خادم جي ڪتاب ”منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو“ جي مهاڳ ۾ نئين ٽهيءَ جي سرواڻ شاعر ادل سومري لکيو آهي ته ”شاعر لاءِ اهو ضروري ناهي ته هو هر صنف ۾ اظهار ڪري، جنهن صنف ۾ وڌيڪ بهتر انداز سان خيال بيان ڪري سگهجن ان کي چونڊجي.“

فرزانه ڪنول بلوچ بيت، غزل، نظم ۽ وايون لکيون آهن، پر سندس نظم، بيت ۽ وايون ڪافي سگهاريون آهن. ادل سومري جي مٿيئن راءِ جي روشنيءَ ۾ مان فرزانه کي اها گذارش ضرور ڪندس ته هو نظم، بيت ۽ وائي ۾ ڀرپور نموني سان اظهار ڪري سگهي ٿي، تنهنڪري بهتر اهو آهي ته انهن ئي صنفن تي لکي. توڙي جو واين ۾ ڪٿي فني غلطيون رهجي ويون آهن، پر فڪري حوالي کان سندس وايون تمام سگهاريون آهن. بهرحال اها منهنجي ننڍڙي گذارش هئي نه ئي مان فرزانه کي بائونڊ ڪندس ته هو ٻين صنفن تي نه لکي.

 

خط

خطن سان ايڊيٽر جو متفق هئڻ ضروري ناهي

 

* محترمه ايڊيٽر

خدا پاڪ جتي ڪٿي خير ڪري؛ آمين،

اڄ، پنهنجي شاگرد جي هٿ ۾ ”سرتيون“ (فيبروري 1996ع) ڏٺم. منجهنس ”ڏاڏي حوا“ بابت مضمون شايع ٿيل هو. وڏيون ڀلايون اوهان جون.

”سرتيون“، ڏينهون_ ڏينهن وڃي ٿو پنهنجي افاديت، اهميت ۽ علميت وڌائيندو. تفريحي ادب سان گڏ مجلسي مواد به مهيا ڪرڻ سان، رسالي جي پسند پياري بڻجندي وڃي ٿي. مضمونن جو سلسلو به آهي، پر ان ۾ واڌارو ٿيڻ گهرجي.

خاص طور تي ’ثقافت‘ جو خانو آڳانڍو رکو، ته بهتر ٿيندو.

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، لاڙڪاڻو

 

* ايڊيٽر صاحبه

”سرتيون“ جو نئون پرچو اڳ جيان بهتر ۽ جدت ڀريو لڳو.

پرچو سڄو ئي علمي ۽ ادبي مواد سان گڏ تفريحي پڻ آهي، جنهن ڪري اهو گهرن ۾ پڙهڻ جي ڏانوَ جهڙو آهي. اوهان پرچي لاءِ ايتري محنت ٿيون ڪيو، ان مان اوهان اسان کي جاکوڙي ٿيون لڳو. ٿي سگهي ته ان ۾ عام وندر جي ٻين زياده صفحن کي به شروع ڪيو.

ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جي چونڊ سٺي ٿي ڪئي وڃي. ٿي سگهي ته ٻين ٻولين جي ڪهاڻين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڇپجڻ کي اوليت ڏيو. جيئن ٻي زبان جي ادبي ماحول جي خبر پئجي سگهي. تحقيقي مواد ساراهڻ جوڳو هو.

ممتاز عباسي، لاڙڪاڻو

* ايڊيٽر صاحبه

فيبروري جي ”سرتيون“ ۾ ڇپيل مواد پڙهندڙن جي پسند وٽان هو.

شايع ٿيل مواد مان ”ڏاڏي حوا“ ڪلاسڪ ڇا آهي؟ تمام معلوماتي ۽ بهترين مواد هيو، ان سان گڏ استاد سعيد نفيسي جي شخصيت تي شايع ٿيل، تحرير هندي ادب مان کنيل ڪهاڻي ”شينهن شير خدا جو.“ مظلوم قاتل_ عورت_ مائي مٺل ۽ زري ۽ ٻيو مواد به ”سرتيون“ جي جان هو. رسالي ۾ ڇپيل سموري شاعري ۾ شاعرن جنهن ۾ ڀينرون ۽ ڀائر، شامل آهن، تن پڻ خوب ملهايو آهي.

اياز اشرفاڻي

 

* ايڊيٽر صاحبه

پهريون دفعو ”سرتيون“ پڙهيم، ڏاڍو وڻيو. ان متعلق تفصيل سان پوءِ خط لکنديس. اميد اٿم محنت جدوجهد جاري رکندا، جيئن سنڌي عورت ايڪيهين صدي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪجهه تياري ڪري سگهي.

زينب زيب

* محترمه ايڊيٽر

جيئن ته اوهان جو ادبي رسالو”سرتيون“ هڪ من موهيندر رسالو آهي، جنهن ۾ مواد هر لحاظ کان بهتر ۽ موضوعن شايع ٿيندو رهي ٿو. انشاءَ الله اڳتي به هن پرچي کي بهترين ڪاوشن سميت اسان جي هٿن تائين پهچائيندؤ.

اقبال کوکر، سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه

 

* ايڊيٽر صاحبه

”سرتيون“ پڙهيم ڏاڍي خوشي ٿي، اوهان رسالي ۾ جيڪو مواد ڏيو ٿا، اهو بهترين آهي، اميد ته اهو سلسلو جاري رکندا.

سيد ممتاز علي شاهه، هيڊماستر

گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٺ تعلقو روهڙي

 

* محترمه ايڊيٽر

”سرتيون“ جو تازو شمارو مليو، رسالي ۾ شگفته شاهه جي ڪهاڻي ”مائي مٺل ۽ زري“، استاد نظاماڻي جي ڪهاڻي ”ڀڳل دلو“، صنوبر زرين ابڙو جو مضمون ”حُر جي ذات“ کان سواءِ ثريا ڏيپلائي، راهي چنا، بختاور بلوچ جي شاعري معياري هئي، جڏهن ته فقير شهمير چانڊيو جو سلسليوار ناول ”جنين ڪاڻ مياس“ به بهترين سلسلو آهي.

 

اصغر علي سنڌي

ڳوٺ احمد خان کوسو جهڏو

 

* محترمه ايڊيٽر

”سرتيون“ جو فيبروري وارو شمارو دير سان مليو، جنهن جو ڏک آهي، مهرباني ڪري رسالو وقت تي بُڪ اسٽالن تي پهچائڻ جو جوڳو انتظام ڪندا.

گل محمد خاصخيلي جهڏو

 

* ايڊيٽر صاحبه

تازو ”سرتيون“ هٿن ۾ آهي. هن ڀيري ”سرتيون“ اڳ جيان سينگاريل هيو. نيون نڪرو ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهڻ لئه ملي وئي.

”سرتيون“ جيئن ته سرتين جو آهي، پر افسوس جو اسان وٽ کوڙ ”سرتيون“ ڏات ۽ ڏانوَ هوندي خانداني ريتن رسمن جي زنجينر ۾ قيد پنهنجي احساس جا اظهار سيني اندر سانڍي ٿيون جيئن پر انهن منجهان ”ڪنول“ اهڙي عورت آهي جا هاڻ لڇي پڇي ٿي ۽ سندس اهڙين ڪيفيتن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ آهي جا پنهنجي شاعري سان گڏ موڳلي رهيو آهيان، اميد ته کيس جاءِ ملندي.

ممتاز لوهر نصيرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com