سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

 

نصرت پنهور

 

پڇتــــاءُ

زندگي جي اڪيلي سفر ۾ اوچتو هن سان ملاقات زندگيءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو هو. هوءَ هن سان ڏاڍي خوش هئي. زندگي پنهنجو سفر پورو ڪندي پنهنجي منزل تي پهچڻ واري هئي، ته اوچتو هن جي ملاقات پنهنجي هڪ پياري دوست رابيه سان ٿي. هي ٻئي ڪلاس فيلو هيون ۽ ڪيتري وقت کان پوءِ هنن جي ملاقات ڪاليج ۾ ٿي هئي. هو ڪيتريون ئي ڳالهيون، ڏک سک هڪ ٻئي کي ٻڌائينديون رهيون، پر خوشبوءَ رابيه کي هڪ ڳالهه نه ٻڌائي ته هن جي مڱڻي ٿيڻ واري آهي. رابيه خوشبو کان ڪجهه نوٽ بڪ ورتا، جنهن ۾ ڪجهه تصويرون رکيل هيون، خوشبو کان اهي تصويرون ڪڍڻ وسري ويون، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رابيه خوشبو جي گهر آئي ۽ سندس ڪتاب واپس ڪيا ۽ انهن تصويرن جي باري ۾ پڇيو. خوشبو مرڪي هن کي چيو تــــ في الحال ان باري ۾ نه پڇ. جلدئي مان توکي ان جي باري ۾ ٻڌائيندس. خوشبو رابيه کي سرپرائيز ڏيڻ ٿي چاهيو. رابيه خوشبو کان سندس ان جو نالو پڇي ٿي.

خوشبو مسڪرائيندي چوي ٿي دانش_ اوچتو خوشبو اٿندي چوڻ لڳي، مون کي ته خيال ئي نه رهيو، تون هتي ويهي ڪتاب ڏس، مان تنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي ٿي اچان. خوشبو چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪچن ۾ وڃي ٿي ۽ رابيه ڪتاب ڏسڻ لڳي ٿي، ائين هن جي نظر خوشبو جي ڊائريءَ تي پوي ٿي، جنهن مان هو دانش جو فون نمبر ڏسي ٿي ۽ خوشبو چانهه سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي.

چانهه رکندي هو رابيه کان سوال ٿي ڪري، رابيه مون تنهنجي شادي جو ٻڌو هو، ڇا ٿيو!

اڃا ته ڪجهه نه ٿيو آهي، چڱو خوشبو مان هاڻ هالان ٿي، هو جلدي ۾ وڃڻ لڳي ٿي. رابيه ويهه چانهه ته پوري ڪر. وري ڪڏهن اينديس هاڻ اجازت ڏي، چڱو جيڪا تنهنجي مرضي.

پوءِ رابيه دانش جي فون نمبر تي هن سان رابطو ڪري ٿي ۽ اهو رابطو ملاقاتن تائين وڃي پهچي ٿو. رابيه هجي ڪا خوشبو کان گهڻي خوبصورت ته نه هئي، پر مردن کي هٿ ۾ رکڻ هن جو معمول هو، هنن جون ملاقاتون ان حد تائين پهچي چڪيون هيون، جنهن ۾ وصال جي ڪا ضرورت نه هئي، خوشبو کي ان ڳالهه جي خبر تڏهن پئي جڏهن هن انهن کي شهر ۾ شاپنگ ڪندي ڏٺو هو. هن کي ان وقت پنهنجو وجود هڪ ناڪاره لاش جيان لڳي رهيو هو. خوشبو جلدي گهر موٽي آئي. سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي سوچي ٿي ته ڇا هي حقيقت هئي يا ڊيڄاريندڙ خواب. وري هن جي ذهن ۾ سوال ٿو اڀري ڇا رشتا ايتري قدر ڪمزور هوندا آهن. ڇا دانش ائين ڪري سگهي ٿو. اهي وعده اهي قسمون سڀ وقتي طرح هيون هو ڏند ڀڪوڙيندي چوي ٿي نه نه هي سڀ بڪواس آهي، دانش ائين نٿو ڪري سگهي.

ڪنهن فيصلي تي پهچڻ کان پهرين هوءَ دانش کي فون ڪري ٿي ۽ دانش کان ان جي باري ۾ پڇي ٿي ۽ دانش به ان کي اهو ئي جواب ڏي ٿو ته اهو سچ آهي، مونکي رابيه سان محبت آهي. رابيه توکان ڪيترا دفعا وڌيڪ ٽيلينٽڊ آهي. هوءَ مون سان هن سوسائٽيءَ ۾ گڏ هلي سگهي ٿي. خوشبو دانش جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ رسيور رکي ٿي ۽ ننڊ جون گوريون کائي خودڪشي ڪري ٿي. دانش جنهن رابيه جي ڪري خوشبو جو ساٿ ڇڏيو ۽ رابيه جنهن کي دنش سان نه پر دانش جي دولت سان پيار هو هوءَ هن کي ڪنگال بنائي ان جي زندگي مان نڪري وئي ۽ دانش کي احساس ٿئي ٿو ته اها خوشبو جي ئي هستي هئي جنهن ان کي ايتري محبت جو لائق سمجهيو هو، پر هاڻي ڇا ٿي سگهيو ٿي، هو احساسن ۽ پڇتاءُ جي سمنڊ ۾ ٻڏي سوچيندو رهي ٿو، واهه ڙي عورت تنهنجا رنگ!!

 

مريم جروار

 

عشق ناهي راند

اڄ منهنجو اندر آتش فشان جبل جيئان ٻري رهيو هو. اڄ منهنجي اکين اهو ڪجهه ڏٺو هو، جيڪو ڪجهه اڳ مون ٻڌو هو، مون کي جيڪو ڪجهه زينب ٻڌائيندي هئي، اهو سڀ ڪجهه سچ هو، پر آءٌ زينب جي ڳالهين تي يقين نه ڪندي هيس.

پر اڄ مون کي يقين ٿي ويو ته آءٌ غلط هيس. زينب جيڪو ڪجهه چوندي هئي، سو سچ هو. زينب هميشه اهو چوندي هئي ته مرد بي وفا هوندا آهن. هو هن ڌرتيءَ جي ڌيئرن سان نه پر اُنهن ماڻهن جي ڌيرئن سان وفا ڪندا آهن جن اسان کي ۽ اسان جي ڌرتيءَ کي ڪاريهر نانگ جيان هميشه پئي ڏنگيو آهي.

اڄ منهنجي اندر ۾ هزارين سوال هئا ۽ منهنجي اکين ۾ نفرت هئي. آءٌ سڀ ڪجهه ڏسندي به خاموش هيس. مون کي ائين لڳو ڄڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. ڌرتي ڦاٽي وئي آهي، آسمان ٽٽي چڪو آهي، پر! اهو محض منهنجو خيال هو، نه زمين ڦاٽي هئي، ۽ نه وري آسمان ٽٽو هو. ها ڪجهه ضرور ٽٽو هو، منهنجو اندر ڀور ڀور ٿي ويو، منهنجا سچا جذبا ٽٽا هئا. منهنجن، سچائين ۽ وفائن سان کيڏيو ويو هو، منهنجي اندر جي سچائي کي رسوا ڪيو ويو هو. وڄ جيئان اندر ۾ ڪڙڪاٽ ٿيڻ لڳا هئا.

اڄ جڏهن مون طاهر کي پنهنجي ڪلاس فيلو جي دوست نيرين اکين واريءَ سان گڏ ڏٺو ته مون کي اهو ڏينهن ياد اچڻ لڳو، جڏهن طاهر منهنجي ان ڪلاس فيلو جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ مون جڏهن هن کي چيو ته مون کي لائبريري وڃڻو آهي، تڏهن هن بهانو ڪيو ۽ پوءِ هوءَ آئي ته هڪدم چيائين ته، اچو اچو سچ مون کي اوهان جو ئي انتظار هو. سٺو ٿيو توهان اچي ويو.

اڄ جڏهن مون طاهر کي نيرين اکين واريءَ سان ڏٺو ته مون کي زينب جا چيل لفظ ياد اچڻ لڳا! هوءَ چوندي هئي ته تون طاهر جي ڪنهن به ڳالهه تي يقين نه ڪجانءِ. تون ان کي نه ٿي سڃاڻين. هن وٽ ظاهري خوبصورتيءَ جي اهميت آهي، پر جذبن جي ڪابه اهميت ناهي. اهڙا ماڻهو فقط وقت گذارڻ چاهيندا آهن ۽ پنهنجن ٻين دوستن کي ڏيکارڻ چاهيندا آهن ته ڏسو فلاڻي مون تي مري ٿي. اهي بي مروت هوندا آهن، اهي پنهنجن کي درد ڏيئي ڌارين سان نينهن نڀائيندا آهن.

بس ڪر زينب بس ڪر، توکي ڌرتي جو واسطو آهي، توکي واسطو منهنجي دوستي جو.

پرهه تنهنجو ڏوهه ڪونهي، هن ڌرتي جي ڌيئرن هميشه سچائي ۽ وفائن ۾ مار کاڌي آهي. تنهنجو ڏوهه ڪونهي. تو وٽ ڏيکاءُ ڪونهي. تنهنجا ۽ منهنجا مائٽ ان نسل جا ناهن جيڪي ڌيئرن کي چوندا آهن، جيڪو پسند اچي ان کي وٺي اچو.

ان ڪري ئي اسان جا پنهنجا پنهنجن سان واعدا ته ڪندا، پر وفا ناهن ڪندا. تڏهن زينب شاهه جي هي سِٽ مون کي ٻڌائڻ لڳي.

”عشق ناهي راند جي ٿا کيڏن ڳڀرو“.

ها زينب لطيف سائين سچ چيو آهي، هي نيرين اکين تي مرڻ وارا ڇوڪرا هن ڌرتيءَ جي ڄائي کي انسان ناهن سمجهندا. اهي ڇا عشق ڪندا، عشق ۽ وفا ته هن ڌرتيءَ جي ڌيئرن کي سونهي. قرباني هن ڌرتيءَ جي ڄائين کي سونهي.

 

 

 

 

 

صنم ولي

 

حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلا رهياسين

يادون هميشه يادون هونديون آهن، يادون ته ڪڏهن به نه وسرنديون آهن، ڪي گهڙيون، ڪي يادون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي هميشه دل تي نقش ٿي وينديون آهن.

مون وٽ به تنهنجون صرف يادون آهن، جيڪي هر گهڙي تڙپائينديون رهن ٿيون. توکي الائجي ياد آهي يا نه، پر مون کي ياد آهي؛ مارچ جي اها سرمائي شام، جڏهن آءٌ توسان پهريون ڀيرو ملي هيس ۽ تون ڀيڻ چئي مون سان مخاطب ٿيو هئين. تنهنجي آواز ۾ ڪيڏو نه درد سمايل هو ۽ مان ان پنهنجائپ واري انداز کان ايتري متاثر ٿيس، جو توکي پنهنجو سڳو ڀاءُ ڄاڻي، توسان روح جا رشتا جوڙي ويٺس. ان کان اڳ توکي فقط سپنن ۾ ڏٺو هيم، ۽ اهو سپنو اڳ تنهنجي روپ ۾ حقيقت جو روپ بڻجي سامهون آيو هو.

هاڻي تون منهنجو ڀاءُ بڻجي چڪو هئين. تون مون کي ڪڏهن ڀيڻ ته ڪڏهن ڌيءُ چوندو هئين. آءٌ روز توسان ملندي هيس ۽ توکي ڏاڍو تنگ ڪندي هيس ۽ تون وڏي ڀاءُ جي ناتي سان سڀ ڪجهه برداشت ڪري مون سان پيار ڪندو هئين. مان ننڍپڻ کان ئي ڏک ڏسي ڏسي، زندگيءَ کان بيزار ٿي پئي هيس، پر تو جيئڻ جو حوصلو ڏنو هو. امڙ جي ممتا، پيءَ جي شفقت ته ڪڏهن ملي ڪانه هيم. هن سڄي دنيا ۾ ڪير به ته پنهنجو ڪونه هو.

پر تو سڀني رشتن جو پورائو ڪري ڪا ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني هي. تنهنجي پيار منهنجا سمورا ڏک مٽائي ڇڏيا هئا.

مان رسندي هيس ته تون پرچائيندو هئين، پر جڏهن تون رسندو هئين ته توکي پرچائڻ مشڪل ٿي پوندو هو.

پر اهو رسڻ به ڪيڏو نه وڻندڙ هو.

مان تنهنجو پيار ڪڏهن به وساري نٿي سگهان.

مون کي ياد آهي هڪ ڏينهن مون توسان  سپنن جو ذڪر ڪيو هو، تڏهن تو هلڪي مرڪ چپن تي آڻي چيو هو. ”روز سپنن ۾ ڪچهريون ٿي ڪرين ۽ مون تنهنجن چپن تي هٿ رکي چيو ائين نه چئو ادا، ماڻهو ٻڌندا ته ڇا چوندا؟ تو وري مسڪرائيندي پڇيو هو، ڇو ڪاڪي تون مون کان ڊڄين ٿي ڇا؟ چيم نه ادا، توکان ڀلا ڇو ڊڄنديس، تون ته منهنجو جاني ڀاءُ آهين، پر مان هن سماج کان ڊڄان ٿي. ڇو ته ادا، هيءُ سماج قربن جو قاتل آهي.

تو ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”ها ڀيڻ تون سچ ٿي چوين، هي سماج واقعي قرب جوويري آهي.“ چيم ادا پوءِ تون ماڻهن جي ڳالهين تي جدا ته نه ٿيندين؟

تو چيو، نه تون منهنجي ڀيڻ آهين، مان ڀلا توکان ڪيئن جدا ٿينديس.

چيم، سچ ادا!

”ها ڀيڻ“.

ڀاءُ توهان ڪيڏا نه سٺا آهيون، تڏهن خوشي مان منهنجين اکين مان لڙڪ اٿل کائي ٻاهر نڪتا هئا.

مون کي پرچائيندي چيو هو، ”افشان ڀيڻ تنهنجن اکين ۾ ڳوڙها!“ چيم ها ادا، هي خوشي جا ڳوڙها آهن.“

هڪ ڏينهن تو چيو ڀيڻ مان نوڪريءَ سانگي ٻئي شهر وڃي رهيوآهيان.

تڏهن مان بيچين ٿي وئي هيس تو دلاسو ڏيندي چيو ڏس ڀيڻ تون ايتري پريشان نه ٿيءُ، هاڻي منهنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعا ڪجانءَ، مون اکين ۾ تري آيل لڙڪ لڪائي چيو، پر ادا مون ته توکان جدا ٿيڻ جو ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هو، تنهنجا ته شفقت ڀريا هٿ مون لئه ڇپر ۽ ڇانوَ هئا.

پوءِ مون روئيندي روئيندي نه ڄاڻ ڪيترين دعائن سان توکي رخصت ڪيو هو. تون مون کي وڇوڙي جا ويراڳ ۽ سرن جي سوغات ڏئي هليو وئين. هاڻي مون وٽ فقط تنهنجون يادون آهن، جيڪي هر پل هر گهڙي مون کي تڙپائينديون رهن ٿيون، توسان گذاريل گهڙيون مون کي ڏاڍو روئاڙين ٿيون، پر ادا هتي ته ڳوڙهن اگهڻ وارو به ڪونهي! هتي سڀ تماشائي آهن. منهنجي معصوم دل تي ستم ڪرڻ وارا آهن، ادا مان پنهنجي بدنصيبيءَ تي روئان ٿي، ڀلا سور سليان ته ڪنهن سان، حال اوريان ته ڪنهن کي، مان هن سڄي دنيا ۾ اڪيلي رهجي وئي آهيان ها بلڪل تنها تڏهن ته چوندي پئي وتان ته!

”نه گڏجي کلياسين، نه گڏجي رناسين،

حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلا رهياسين.

 

احمد خان مدهوش

نعتيه ڪافي

جهڙي تهڙي جاني

بيوس، عاجز، ٻانهي، تنهنجي آهيان مان.

ڏاڍي آءُ ڏوهاري،

اڻ کٽ عيبن واري،

ڪوجهي، توڙي ڪاري، تنهنجي آهيان مان.

گهر گهر منجهه گلاري،

ڏيرن جي به ڏکاري،

سورن، دردن، ماري، تنهنجي آهيان مان.

کوڙ ملامت خواري،

چوڌاري ٿم چاري،

پاڙج پرديداري، تنهنجي آهيان مان.

تنهنجي ذات نياري،

حاڪم هاڪَ هزاري،

بيڪاري، ويچاري، تنهنجي آهيان مان.

چئي مدهوش مَياري،

منهنجي توبهه زاري،

سهڻا ڪر ستاري، تنهنجي آهيان مان.

 

 

امير بخاري

انا الحق

چون ٿا.

”اسان ئي،

هلايون ٿا جڳ کي،

اسان جي سهاري،

هلي پيئي دنيا،

اسان کان سواءِ هت،

نه ڪو رنگ هجي ها،

نه ڪا بو هجي ها،

نه جي هتڙي ڪُڏندي،

اناالحق چئون ها،

نه هت حق هجي ها،

نه ئي ڪا حقيقت،

اجاگر ٿئي ها....“

اها ڳالهه،

ڏاڍي سٺي سيبتي پر،

انا الحق

منصور وارو ڪٿي آ...؟؟

 

 

 

 

 

سلميٰ پنهور

غزل

ڪو دانا هو، ديوانو هو،

ڇو شهر سڄو بيگانو هو.

مان خواب هئس، هو ساڀيان هو،

هي به ته ڪو افسانو هو.

خوشي به ٿي نم جهڙي ڪڙي،

زندگيءَ جو هي نذرانو هو.

ڪالهه جيڪو شخص سڃاڻو هو،

سو ڪيئن ڀلا مستانو هو.

هر غم ويو گم ٿي مون ۾،

ڇا ذهن منهنجو تهه خانو هو.

 

ايس مارئي

آزاد نظم

جيئن جيئن،

رات گهري ٿيندي ٿي وڃي

تيئن تيئن

خوفناڪ پاڇولا

۽ ڀيانڪ موت جا آواز ويجهو ٿيندا ٿا وڃن،

شدت سان محسوس ٿئي ٿي.

بي نام وحشت

جيڪا حياتي جي رڃ ۾ تاريڪي احساس اُڀاري ٿي.

جيوت هوندي به

پل پل موت جو ذائقو چکڻو پوي ٿو..

نڙيءَ اندر بي سڪوني جو زهر اوتڻو پوي ٿو.

چپن تي ٽهڪ ايندي

نيڻن منجهان لڙڪن جو احساس اڀري ٿو

۽ پوءِ

ٽهڪ پنهنجا هوندي به، اوپرا ۽ ڌاريا محسوس ٿين ٿا.

سوچيان ويٺي ته

هت هر ساهه، ڳرو ۽ حيرت زده ڇو بڻجي پيو آهي.

حياتي جو باغ

اسان مالتن کي صرف هڪڙو دفعو مليو آهي نه

پوءِ سرءُ جي مند جيان

سڪل پتا ۽ ڪنڊا ڇو وکريل وک وک تي

ناڪام ۽ مايوس خون جي قطرن منجهه،

روحاني طور، اسان ٻڏل ڇو؟

اسان جو جيوت ايترو، حيران ڪن، ۽ سڏڪن جو احساس،

هت خوشين هوندي ماتم جو احساس،

هر ڪنهن کي ايڏو مايوسي جو شڪار ٿيندي ڏسي

”مارئي“

منهنجي گهايل روح جا زخم تازا ٿي پون ٿا....

انسانن جي بي وقتائو موتن تي

اکين ۾ لڙڪن بدران

تڙپ، مايوسي، نفرت ۽ انيڪ احساسن جي خوف جي

قطرن جون قطارون لڙي پون ٿيون..

ڪاش اسان انسان عذرائيل بدران، فرشتا بڻجي پئون،

ڪاش ائين ٿي پوي گهايل روح گلاب جيان ٽڙي پوي.

 

پروين شاڪر/ ساگر ڀٽي

عيادت

پن ڇڻ جي موسم ۾ توکي،

ڪهڙي گل جو تحفو موڪليان

منهنجو اڱڻ خالي آهي

پر منهنجي اکين ۾

نيڪ دعائن جي ماڪ آهي

ماڪ جو هر ڦڙو

تنهنجي آنچل کي چئي ٿو

خوشبو، گيت، هوا، پاڻي ۽ رنگن کي چاهڻ واري ڇوڪري

جلدي ٺيڪ ٿي وڃ

بهار جي صبح جون اکيون ڪڏهن کان

تنهنجي نرم هستي جو رستو

ڏسي رهيون آهن.

 

مونکي ايترو ٻڌائي

 

اُهي اکيون ڪهڙيون اکيون آهن

جنهن کي هاڻ تون چاهين ٿو!

تون چوندو هئين

منهنجيون اکيون ”ايتريون سچيون ايتريون سٺيون“ آهن

ڇا تون انهن اکين کي ڏسي به

تون فيض جو بند پڙهين ٿو

تون چوندو هئين

منهنجي اکين جي نيراڻ ايتري گهري آهي

منهنجي روح ۾ جيڪڏهن هڪ ڀيرو لهي وڃي ته ان جو

ذرو ذرو نيلم ٿي وڃي

مونکي ايترو ٻڌائي

اڄ تنهنجي روح جو لباس ڪهڙو آهي.

 

ڪلثوم جوڻيجو

وائي

هن من جي ويرانين کي،

ڪاش تون ڄاڻين ها.

جيڪي تو لئه سجايا،

تن سندر سپنن کي،

ڪاش تون ڄاڻين ها.

تنهنجي ڌار ٿيڻ پوءِ،

دل جي بي چينين کي،

ڪاش تون ڄاڻين ها.

تنها يادن ۾ تڙپڻ،

گهور تنهائين کي،

ڪاش تون ڄاڻين ها.

پاڻ ڪيئن چوان ها مان،

پيار ڀرين اکين کي،

ڪاش تون ڄاڻين ها.

 

سعيد سومرو

گيت

اچڻو آهين، اچ تون هاڻي،

جوڀن ٿو ڪومائي ساجن.

جوڀن ٿو ڪومائي ساجن.

بسريون تن سان کائين ويٺيون،

سرتيون سهرا ڳائين ويٺيون،

هرڪا ويٺي پائي ساجن،

تو بن من ڪيئن ڳائي ساجن.

چانڊوڪيون جي گذريون توسان،

سي ڪين اڃا، وسريون مون کان،

پيرن_ ميندي لائي ساجن،

ماضي ڏي موٽائي ساجن.

ڌنڌلا رستا آهن ميرا،

ڳوليان ڪاٿي تنهنجا پيرا،

ديدون مان ڊوڙائي ساجن،

ويٺس من ڇرڪائي ساجن.

اچڻو آهين، اچ تون هاڻي،

جوڀن ٿو ڪومائي ساجن.

 

 

 

شبنم ڪمن مهيسر

نظم

اچ ته

پراڻي دور جي

ريتن رسمن کي ٽوڙيون

اچ ته علم جي روشني سان

ڪاري رات کي ڀڄايون

اچ ته مردن سان

ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلون

اچ ته

ايڪويهين صديءَ ڏانهن هلون.

 

ربنواز ناريجو

غزل

اڄ سانول ڪيڏو نه سيءَ پوي ٿو،

جهانگين سندو جيءَ جهري ٿو.

ريءَ اوڇڻ منهنجا مارو،

من ۾ ڏاڍو مچ ٻري ٿو.

هيٽر،ڪمبل ۽ لويون،

بنگلي ۾ صاحب پوءِ به ڏڪي ٿو.

ناريون نماڻيون پيرين اگهاڙيون،

جهوپن منجهه جاني پارو وسي ٿو.

ڪري پار پتڻ هلڻو آهي ”ربن“،

پرين پار پنهنجو يار رهي ٿو.

توکي خبر ڪهڙي اسان جي اندر جي،

هر پل پنهنجو هينئڙو ڳري ٿو.

 

حبيب ساجد

توکان سواءِ

جيئن

هڪ خواب ڏسن _ ٻه سانوريون اکڙيون

۽ جيئن

هڪ بادل _ ٽمي پئي اوچتو

۽ جيئن

شام روئي پئي راتِ جي هنجَ ۾

۽ جيئن

شاعري کي باهه وٺي وڃي هڪ بي رُخيءَ جي شعلي سان

۽ جيئن

زندگي صليب ٿي وڃي ۽ ان تي ٽنگجي وڃي هڪڙو

بيگناهه

۽ جيئن

تون ديوي بڻجي وڃين

۽ مندر جا سڀ دروازا بند ڪيا وڃن

ائين مان _ اڄ ڪلهه رهان ٿو

منهنجا محبوب

تو کان سواءِ.

 

عالم خان جکرو

غزل

تون نه آئين پرين هوش ڀُلندو رهيو،

درد دکندو رهيو جيءُ جهرندو رهيو.

مان اڪيلو هتي تون الائي ڪٿي،

راهه رلندو رهيس لوڪ پڇندو رهيو.

نانءُ تنهنجو کڻي رات تارن پڇو،

ننڊ ويندي رهي پيار لڇندو رهيو.

ترس عالم اڃان پاڻ ايندو پرين،

چنڊ چوندو رهيو ساک کڻندو رهيو.

 

بلقيس جلباڻي

آزاد نظم

يادن جي پاڇولي ۾

ٽٽل خوابن جيان

توکي ياد ڪيان

هي ڇا ٿي ويو تعبيرن جيان

تعبيرون به عذابن جيان

ٽٽل زنجيرن جيان

توکي ياد ڪيان

هر پل تنهنجو منظر

ڏسان دل جي اندر

ٽٽل آئيني جيان

توکي يا دڪيان

هر پل ڪري توکي ياد

ڪري ٿو ماضي مونکي برباد

ٽُٽل ستارن جيان

توکي ياد ڪيان

يادن جي پاڇولي ۾

 

ريحانه سومرو

غزل

وقت ڏکيو هي گذري ويندو،

نيٺ ته هر ڏک وسري ويندو.

ڪيئن ڪيان مان ڪاڏي وڃان،

هو ته هوا آ اڏري ويندو.

جيئن گڏ گهارڻ چاهيندي هان!

تيئن ظالم آ وڇڙي ويندو.

خوشبو آهي هوءَ هٿن کان،

هوريان هوريان نڪري ويندو.

منهنجو من آ هيڪل تو بن،

سو ته خزان جيان اجري ويندو.

”ريحانه“ هڪ ديد پسڻ سان،

من ۾ آهي اڪري ويندو.

 

 

 

 

ايوب کوسو

غزل

اکيون هي اسان جون اڃان پيون جَلن،

اڙي عشق تنهنجا ئي ٿورا اٿن.

نه نظرون مليون ۽ نه نظرون کليون،

رڙيون ريت جي رات ۾ خواب ڪَن!

اِهو ڪير ڪافر هتان آ لنگهيو!

سڀئي گس گهٽيون پيون گلن جيئن ٽِڙن.

ڪچي حسرتن جي ڪري ڪاڪ پيئي،

ويهي هاڻ ڪنهن ساڻ ماڻا ڪجن!؟

نه ايڏو کِلي ٽهڪ ڏي او سکيءَ،

ڪري ريس تارا پيا توڏي تڪن.

سُڪا محتبن جي پلاندن جا گُل،

پيا نفرتن ۾ ڪيئن ماڻهو جيئن!

ٻي منزل لئه سوچڻ پرين ڪُفر آ،

اوهان جي ئي وارن تي پنڌ ٿا کُٽن.

 

ننگر چنا

غزل

اڄ جي توکان دور پرين هون!

پل پل هڪڙو پور پرين هون!

ڪابه گهڙي ڪو چين ته ڪونهي،

ساعت ساعت سور پرين هون!

مَنُ ته گهري ٿو پيار تنهنجو،

ماڻهن کان مجبور پرين هون!

زخمي هن احساس سمورا،

گهايل گهايل گهور پرين هون!

اڄ ڀي دعويٰ، ’تنهنجا آهيون‘،

توڙي چڪنا چور پرين هون!

 

شهمير سومرو

غزل

پرُ نه آئين، هيل اچجانءِ،

ڪاٽي ڪجهه پنڌ، ميل اچجانءِ.

توڏي مرڪون موڪليون مون،

تون کڻي رابيل اچجانءِ.

جو پهر توکي پسند آ،

تون کڻي ان، ويل اچجانءِ.

جيترو ڀي ٿي سگهئي،

او پرين، سويل اچجانءِ.

ٽوڙي سڀ ”شهمير“ ڏي تون،

رسمن جا، نيل اچجان.

 

رجب سومرو

وائي

تو بن ڪهڙا پل،

آئون هيڪلو پرينء!

يادن جي موسم ۾ آ،

سورن ڪڍيا سلَ،

آئون هيڪلو پرينء!

هوءِ جا ويئي به هَلي،

ڪنهن نه ڪئي جهل،

آئون هيڪلو پرينء!

درد اسان ٿا ڀوڳيون،

ڪنهن کي ڪهڙي ڪَل،

آئون هيڪلو پرينء!

گل سڀ ڪومائجي ويا،

ويران ٿي وئي وَل،

آئون هيڪلو پرينء!

 

پرويز شمس ڪَلوڙُ

ٽه سٽه

برسات ۾ اڪيلي

آلن ڪپڙن ۾

هُو وڃي پئي.

 

ڇوليون مهراڻ جون

اڃا ياد آهن

گڏ گذاريل گهڙيون.

 

ڪنول محمد يوسف

غزل

جتي به مون ڪا غزل لکي هوندي،

تنهن ۾ ٿوري گهڻي ڳالهه ڪنول تنهنجي هوندي.

جي موهيو هوندو ڪنهن مهڪ منهنجي من کي،

سا پڪ سان پوکيل فصل تنهنجي هوندي.

مون ڪنهن ڪچهري ۾ ڪجهه چيو هوندو،

اها نانءَ ٿيل محفل تنهنجي هوندي.

تو بنا يوسف لکيل هجي ٿي نٿو سگهي،

ڪنهن ڪئي ڪپري جي نقل هوندي.

 

وفا نياز حسين گوپانگ

غزل

اَڙي چنڊ تون ٻڏل سورج جي خبر ڏي،

سمنڊ کي کپي روشني مونکي تون گهر ڏي.

رنگ نه روپ کپي ڪوئي ته ٻهروپ کپي،

سڪون دل جو ڏي سوچ ڪا اَمر ڏي.

جتي نه هجي افلاس نه ڪا شڪسته آرزو،

زندان نه هجن جتي اهڙو تون شهر ڏي.

جنهن ۾ نه مؤت هجي اهڙي ڪا زندگي،

ڏي ڪجهه ته ڏي کڻي پوءِ زهر ڏي.

راز پِنهان ٿين سڀ افشان مون تي،

ڄمي نه ڪٿي جا، اهڙي ڪا نظر ڏي.

 

اسير اسحاق چنا

غزل

زماني ۾ مونکي وفا نه ملي آ،

اڄ تائين ڪنهن نه ڳالهايو کِلي آ.

مطلب جا ماڻهو ۽ مطلب جون ڳالهيون،

رهيو ڪين هتڙي ڪو دوست دلي آ.

مان تنهنجي اچڻ جون ٿو باسيان سُکائون،

مگر تو نه منهنجي ڪا دعوت جهلي آ.

مندون موٽي آيون، موٽيا ماڳ مارون،

هاڻي تون ڀي سانول مون ڏي هلي آ.

ننڍي عمر ۾ عشق ويو آ وڪوڙي،

هاڻي جند ڇُٽڻ جي نه ڪائي ڳلي آ.

ڪنڌيءَ جي وٿين کان ٿو هر هر نهارين،

هوڏانهن چوين ٿو ته دل مان پلي آ.

”اسير“ هيڏي، هوڏي وڃڻ ڪم ڪهڙو،

تنهنجي در جي ٻين کان غلامي ڀلي آ.

 

 

 

امر اوڏ

غزل

توبن جيون ٿر جي واريءَ جيان،

آهي ٽٽل ڪنهن ٽاريءَ جيان!

ڪوڙين رسمن جي ور چڙهيل،

مجبور بي وس ڪنهن ناريءَ جيان!

تنهنجا درد به پيارا لڳن ٿا،

چانڊوڪيءَ رات سونهاريءَ جيان!

توکان پري هي منهنجي حياتي،

آهي بس رات انڌاريءَ جيان!

تنهنجي پوڄا ڪندو آهيان،

ها! مان ڪنهن پوڄاريءَ جيان!

توسان جيون آهي امر جو،

گلن جي مٺي ٻاريءَ جيان!

 

ممتاز لوهار

وائي

ڪنهن جي لاءِ او سکي!

تارا ٿا چمڪن؟

تنهنجي اکڙين ۾.

ڪاوا تنهنجي گج جا،

سارا ٿا چمڪن،

تنهنجي اکڙين ۾.

چاهتن جا ڪي نوان،

چارا ٿي چمڪن،

تنهنجي اکڙين ۾.

”مندون گڏ گذارجن“،

نعرا ٿا چمڪن،

تنهنجي اکڙين ۾.

ڪنهن جي لئه ديپ جان،

جارا ٿا چمڪن،

تنهنجي اکڙين ۾.

 

 

روشن گهانگهرو

ترائيل

 

هت خوشيءَ جا پرين!

ساز وڄندا ڪڏهن؟

زندگيءَ جـــا پرين!

هت خوشيءَ جا پرين!

رنگ رچندا ڪڏهن؟

هت خوشيءَ جا پرين!

ساز وڄندا ڪڏهن؟

 

 

غالب حسين شاهه

ڳوڙها

ڏک جو اظهار ڳوڙها،

اک جو سينگار ڳوڙها.

ڪِٿ انهن جو مان مٿانهون،

ڪٿ آهن بيڪار ڳوڙها.

ائٽمي طاقت کان وڌ هِن،

مڪر جا ٻه چار ڳوڙها.

جنهن جو ڪو دنيا ۾ ناهي،

تنهنجا آهن غمخوار ڳوڙها.

”غالب“ تنهنجي موت کان پوءِ،

تنهنجي ڪندا پرچار ڳوڙها.

 

آغا سجاد زائر

هاري

هي سامهون جيڪو هاري آ،

ڇو ان جي قسمت ڪاري آ.

هي داڻو ان جي ڪارڻ هو،

جو کاڌو دنيا ساري آ.

پر سندس گهر ۾ اي يارو!

لَپَ چانور جي لاچاري آ.

ڏينهن نه اڄوڪو هي سارو،

ڪا ڇيئو ڪاٺي ٻاري آ.

ٿي چاندي وارا وارَ ڳڻي،

هن جي ڌيءَ ڪنواري آ.

غربت جا دل ۾ گهاوَ الڳ،

۽ پُٽ سندس جُواري آ.

رات پيو روئي غربت تي،

ڏينهن جو گڏ پاڃاري آ.

ڪيڏو نه وڏيرو ظالم آ،

منهنجي توبه زاري آ.

روئندي، روئندي زائر،

ويچاري عمر گذاري آ.

 

انجم قاضي

غزل

پل ڀي راس نه آيو هيل،

ساجن! موٽي آءُ سويل.

منهنجي آڳنڌ تي آئي،

ڏات ڪري آ تيل ڦليل.

سارَ پرينءَ جي مهڪي پئي،

برکا رت ۾ جيئن رابيل.

جيسين هيءَ حياتي آ،

آشائن سان ٿيندا ميل.

تنهائيءَ ۾ جاڳن پور،

اڪثر چانڊوڪيءَ جي ويل.

مينهن وُٺو جيئن پئي ٿر تي،

جهومي، مهڪي، ٽهڪي ڊيل،

تنهنجي ياد نه ڏسندي آ،

انجم! ڪائي ويل او ويل.

 

شوڪت علي ڌماچ

غزل

پاڇن پويان ڊوڙي ڊوڙي نيٺ ٿڪو آهي،

تڏهن ته تنهنجي شاعر تو وٽ ساهه پٽيو آهي.

وارن جي! جي ڇانو ڪرين تو پل کن ڪو ترسان،

نٽهڻ اس ۽ لوءَ مٿان ڪيڏو نه سٽيو آهي.

آسائتين اکڙين ۾ هن عڪس اڃا تنهنجا،

هيڏي ساري جيون ۾ ڇا هاڻ رکيو آهي.

درد ڏئي تون هاڻ پڇين ٿو ڪيئن ڀلا آهن؟

ڇا ڏسيان مان تنهنجي دردن ڇا ته ڇڏيو آهي.

مون ته مسيحا سمجهو توکي تون ڇا نڪري پئين.

مرهم بدلي هر هر مونکي گهاؤ مليو آهي.

عمر سڄي جو سرمايو هن تنهنجون ڪجهه يادون،

هيڏي ساري جيون ۾ ڇا هاڻ رهيو آهي.

ڳوڙها، پيڙا، سوچون صدمان، الڪا ۽ آهون،

او چريا شوڪت چاهت جو انت اهو آهي.

 

شاهه خالد

او ٿاريلي!

او ٿاريلي!

تنهنجي ڇاتي ڄڻ ڪا ڇولي

سنڌوءَ ڇولي!

ڇولي ڇولي ۾ هڪ ٻولي

تنهنجي گج جا رنگ سمورا

سندرتا ۽ سونهن سراسر....

جن کي ڪائي مات نه آهي.

رات نه آهي.

تنهنجي مُک جي ڳالهه ڪجي ڇا!

سڀ تشبيهون تنهن کان گهٽ هِن!

سڀ تعريفون تنهن کان گهٽ هِن!

ڪارن ڪارن

تنهنجن وارن جي وارن آ ماري ڇڏيو

او ٿاريلي!

تون ڪو ڦوڳ جو ٻوٽو آهين.....

جنهن کي ڪوئي آگم گهر جي.....

مست هوا جو جهؤنڪو گهرجي.....

ڪوئي سندر سپنو گهرجي....

جل ٿل ڪوئي جذبو گهرجي....

توکي ڪوئي پنهنجو گهرجي.

او ٿاريلي!

اوهيڙن جو اوسيئڙو ڪر،

جيڪي آخر ايندا ايندا،

ڪوهيرن جي ڪاڪ نه پئجانءِ!

پنهنجي مُک جي گل تي،

ماڪ جي لالي رکجانءِ!

او ٿاريلي!

او ٿاريلي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com