سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جُولاءِ 2005ع

 

صفحو :4

  

شاعري

ڪنول سميجو

حمد

هر پل پڪاريو اُن کي

راتيون جاڳي ڳوليو ان کي.

ڏک رسائي ٿي دنيا

سک رسائي ٿو رب

آساني سان نه ٿو نصيب ٿئي ان جو ديدار

نفس کي مار من کي جيار

دنيا کي وسار رب کي ياد رک

رب فرمائي ٿو ته تون مون کي

ياد رک مان توکي ياد رکان

محبت جي اها ي تقاضا آهي

دنيا فاني ٿي ويندي پر نالو

رهندو صرف رب جو.......

  

ڪنول سميجو

دعا

اي جهانن جي جوڙڻ وارا،

اي مالڪ ساري جهان جا

تون پنهنجو ڪرم ڪر انسانن تي

جن جو سهارو تو سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي

مريضن کي ڏي شفا محمد ﷺجي صدقي

اي منهنجا ملڪ

جيڪي ظالم مظلومن تي ظلم ڪري

رهيا آهن انهن تي ڪر پنهنجو ڪرم

اي منهنجا مالڪ

جيڪي نياڻيون بي گناهه ڪاريون ڪري

قتل ڪيون پيون وڃن تون رحم ڪر

انهن نياڻين تي

صدقي محمد ﷺجي

تون آل انسانن جي دلين جا مونجهارا لاهي

صدقي محمد ﷺجي

تون آل انسانن کي براين کا بچاءِ

نيڪيءَ جي راهه تي هلڻ جي توفيق ڏي

هر انهيءَ غلط ڪم کان بچاءِ جيڪو تنهنجي نظر ۾ غلط آهي. (آمين)

 

  پارس راڻي

نثري نظم

هر شهر ۾،

هر رات ۾،

ڪنهن ڳليءَ ۾

ڪنهن ڪنڊ ۾

لڳل آهي گوشت بازار

گلابي گلابي ماس اڳيان

تازي پاروٿي وٿي ماس اڳيان

بيٺل آهي ڪتن جي قطار.

اچو اچو

چيريو ڦاڙيو،

کائو چٻاڙيو

سستي سستي آهي بازار،

روز اچن ٿا

نوان ۽ پراڻا خريدار

انسان جي انسانيت کي سلام،

ماڻهو ڪري ٿو ماڻهو نيلام.

 

نينا علي

برسات

آيا آيا ڪڪر آيا،

مينهن کڻي پاڻ سان آيا،

ڪارا ڪارا ڪڪر آسمان تي،

خوشيءَ جا گيت ڳائيندا آيا.

بوند بوند بهار جي،

کڻي اهي گيت پيار جا آيا.

فصل فصل سر سبز ٿيا،

نچندا نچندا هاري آيا.

نيرو نيرو هو آسمان،

ڪارا ڪارا اجهي ڪڪر آيا.

بار ڪارا ڪارا ڪڪر ڏسي،

آيو مينهن آيو ڳائيندا آيا!

 

گلشن لغاري

وائي

آيل ڙي! آءٌ اڪيلي وو!

هت گهايل، آءٌ اڪيلي وو!

آ پنڌ پهاڙن جو ۽،

آءٌ اوکي تيس اَويلي وو!

آيل ڙي! آءٌ اڪيلي وو!

ٿيا پير پٿون آهن،

اُس سر تي ساڙيلي وو!

آيل ڙي! آءٌ اڪيلي وو!

ڏک جا ڏيج ڏنئه،

ڪونهيم ٻانهن ٻيلي وو!

آيل ڙي! آءٌ اڪيلي وو!

ڪونهي سڻن وارو ڪو،

دانهن سندم درديلي وو!

آيل ڙي! آءٌ اڪيلي وو!

 

شهزادي انجم ڪيريو

نظم

توکي پنهنجي مون دنيا سمجهيو،

ڏک سک جو مون ساٿي سمجهيو.

چنڊ جي شايد مون چاهت رکي هئي،

اونداهين جي توکي مون چانڊاڻ سمجهو.

خوابن جي دنيا ۾ هيس مان شايد،

سپنن جو توکي مون سالار سمجهيو.

بي معنيٰ هئي هن جي ساري محبت،

تنهن کي مون حقيقت ٿي سمجهيو.

موسم جيان هئي هن جي محبت شايد،

خزان کي مون بهار ٿي سمجهيو.

اڄ به تنهنجو ئي انتظار آهي انجم،

تپش ۾ توکي مون ڇانورو ٿي سمجهيو.

 

 

جيئڻ ڪارڻ جيڏيون

 

(مائي امينا شورو جي ڪهاڻي)

گلبدن جاويد

سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ڪا اهڙي مڻيا آهي، جيڪا هر دور ۾ عظيم انسان پيدا ڪندي رهي ٿي. سنڌ ڌرتي ولين، بزرگن، عالمن، عاشقن، شاعرن، صوفين، درويشن، سورمين، سورهين ۽ سرويچن جي سرزمين آهي. هن ڌرتيءَ جي هڪ الڳ حيثيت ”سنڌ ڄاين“ جي حوالي سان پڻ آهي. جنهن جو لافاني مثال شاهه سائينءَ جو رسالو آهي. جنهن ۾ هڪ ئي وقت ستن سورمين کي اهڙو ته سينگاري سنواري پيش ڪيو اٿس، جو انهن نڌر نماڻين جي ڪردارن کي قيامت تائين امرتا ملي وئي آهي. ان کانسواءِ ”سر ڪاپائتي“، ”سر سامونڊي“ ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي عام عورت کي مان ۽ شان ڏئي وڏي مڃتا ڏني اٿس. اهو سنڌي عورت جو نصيب آهي، ڀاڳ آهي، سڀاڳ آهي يا سهاڳ! تاريخ جي هر دور ۾ سنڌي عورت عظيم رهي آهي. هُن چکيا تي چڙهڻ پسند ڪيو آهي، پر مهڻي هاب ٿيڻ پسند ناهي ڪيو. هوءَ سدائين کان ”ڀلي بک ڀرم جي، شال م وڃي شان“ جهڙن نظرين تي عمل پيرا ٿيندي نظر اچي ٿي. اڄ به اسان جي سماج جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ عورت اشراف، اڏول ۽ سگهاري آهي. بس رڳو ڏسڻ واري اک هجي ته اهڙا ڪيترائي ڪردار اسان جي آسپاس سچ جو سندرو ٻڌيون سماج ۾ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان ڳاٽ اوچو ڪريون پيا هلن.

اهڙو ئي هڪ اڏول ڪردار مائي امينا شورو جو آهي. ٻه _ ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن تتل ڪاڙهي جو مائي امينا سٽڪ سٽڪ ڪندي منهنجي آفيس آئي. وڏي رعب ۽ حجت سان ڪڙڪيدار آواز م چيائين ته ”جلدي ڪريو مون کي پيسا ڏيو ته مان ڳوٺ وڃان.“ مون سان گڏ سرتيون ثمينه ميمڻ ۽ نجمه پنهور به ويٺيون هيون، اسان ٽنهي هڪٻئي کي حيرت مان ڏٺو ته وري چوڻ لڳي، ”ڏسو وري ڇا ٿيون؟ ڏيوم پيسا ته ڳوٺ وڃان.“ ”پيسا هجن ها ته اسين وري هت ويٺيون هجون ها ڇا؟“ ثمينه ڀوڳ ڪندي چيو (انهن ڏينهن ۾ اسان جا پگهار بند هئا)، جي هجني اهي پاڻ اسان کي ڏيو وڃ، جو سڀاڻي هڙتال ڪنديون سين، بينر وغيره ٺهرائڻا آهن.“ نجمه ڀوڳ ڪندي چيو ”هتان کان پوءِ ڪٿي ويندينءَ، اسان کي پاڻ سان وٺيو هل“

مون کي کيس چيو.

”ائي توهين آفيسرياڻيون، وري مون سان ڪٿي هلنديون! هاڻي تنگ نه ڪريوم، پيسا ڏيوم ته ڳوٺ وڃان.“ اسان کان جيترو پڄي سگهيو، اوتري رقم هن کي ڏنيسين. ڪاريڊور ۾ مون جاويد کي ايندي ڏٺو. آهستي چيومانس سامهون وڏيرو پيو اچئي. انهيءَ کان وڃي گهر ۽ پريان ٻيا به کوڙ ڪمدار ۽ ڪاراوا ويٺا اٿئي، پوءِ ته بورڊ جا ملازم ۽ مائي امينا، اهو منظر ڏسڻ وٽان هو. کل جا ڪوڪرا پئجي ويا، پيسا وٺندي مردن کي ست سُريون ٻڌائيندي پئي وئي، ڪنهن کي فقرو، ڪنهن کي گار ته ڪنهن کي محاورو هڻندي وري اسان وٽ آئي. چيائين ”توهان سٺي صلاح ڏني، منهنجو ٻٽن ڏينهن جو خرچ نڪري پيو. پر اڃا سامهون واري آفيس ۾ ڪانه وئي آهيان.“ چيومانس: ”ايڏانهن وڃجانءِ به نه، اسان جو آفيسر ڏاڍو ڏنگو اٿئي.“ منهن کي موڙو ڏيندي چيائين، ”ڏنگو هجي پنهنجي زال لاءِ مون کي ڪجهه چئي ته ڏسي.“ اسان منٿون ڪري ماٺ ڪرايس. ايتري ۾ اسان جي وڃڻ جو ٽائيم ٿي ويو ته اٿيونسين. اسان چيس، ”هاڻي ڪيڏانهن ويندينءَ؟“

چيائين، ”شهر وڃڻو اٿم، اتان ڳوٺ جي بس پڪڙينديس.“ مون چيو مانس ته پوءِ اسان سان هل، اسٽاف جي گاڏيءَ ۾. ڪانءَ جي ٿي اک نڪري وري ڪٿي وڃي رُلندينءَ!“

گاڏيءَ ۾ ويهڻ ئي اچي اسٽاف کي سڱن تي کنيائين. ڪٿان پئي آئي ته ڪٿان پئي وئي آخر ۾ ڊرائيور کي چيائين ته ”گاڏي روڪ نه ته ڏاڙهي ٺڪر سا ڪوڙيندي سانءِ. اسان جي اسٽاف جا اڪثر آفيسر بردبار، بااخلاق ۽ خوش خلق آهن، انڪري ڪنهن کي به هن درويشاڻيءَ جي گارين ۽ جملن تي چڙ نه آئي. مون کيس چيو ته ڀلي هر مهيني ڀيرو ڪندي ڪر. هاڻي ته سندس معمول ٿي ويو آهي جو ٻئي ٽئين مهيني ايندي آهي. سندس اچڻ جو اسين انتظار ڪنديون آهيون. ويجهڙائيءَ جي ڳالهه آهي ته هيءَ آفيس آئي. اسان کي نه ڏسي پريشان ٿي، نيٺ پٽيوالي ٻڌايس ته اندر ميٽنگ ٿي هلي، اتي ويٺيون آهن. هيءَ فقيرياڻي ڇا ڄاڻي انتظار مان، سو ڌو ڪري آئي آفيس ۾، اسين ٽيئي ڄڻيون هڪٻئي کي ڏسڻ لڳيونسين، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين. اڙي ”ڪڍو ڇوڪرين کي ٻاهر“. سندس انداز اهڙو هو جو سڀئي ماڻهو کلڻ لڳا ۽ ڪنهن کي به سندس اچڻ خراب نه لڳو. پنهنجي لاءِ ڇوڪريون لفظ ٻڌي اسان کي به کل آئي. اهڙي نموني سالن کان مائي امينا ايندي رهي ٿي ۽ هن جو ظاهري ڏيک اهڙو آهي جو اڄ جي ڪا فيشنيبل عورت جيڪر کيس پاسي ۾ به ويهڻ نه ڏي. پر هن جي اندر جي  اجرائپ، اسان ڏسي ورتي آهي. هوءَ جيتري ٻاهران سخت ۽ ڪڙڪيدار لهجي واري آهي، اوتري اندر ۾ ڪُوڻيءَ وانگر ڪونئري آهي. هُن ڏکن جي ڏونگرن کي ڏوريون آهي. کيس ڏسي شاهه سائين جو هي بيت ذهن تي تري ايندو آهي ته: ”آڏو تڪر ٽر، مٿان روهه رتيون ٿيئين!“

مائي امينا پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته ”جڏهن اٺن سالن جي هيس ته ماءُ، هيءَ مري ويا. منهنجو پيءَ زميندار هو، زمين تي پنهنجي واڙي پوکرائي هئائين، گدرن ۽ ڇانهين جون ٽرڪون ڀرائي ڪراچيءَ ويندو هو، اتي هڪ حادثي ۾ گذاري ويو ۽ امان سندس صدمي ۾ گذاري وئي. پوءِ مون کي ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کي ماسيءَ پاليو، ماسيءَ، اسان جي گهر ۽ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ اسان سان ڏاڍي خراب هلت ڪرڻ لڳي. ننڍي لاڪر ئي اسان کان سخت پورهيو ڪرائيندي هئي. جڏهن جوان ٿيونسين ته ماسيءَ گهر ۾ ويري وجهي اسان ٻنهي ڀيڻن کي الڳ ڪري ڇڏيو. سندس پٽن جو راض هو ته اسان سان شاديون ڪن، پر ماسي پڙ ڪڍي بيهي رهي ته ”هي ڇوريون ڇنيون، نڀاڳيون منهنجون ننهر ڇو ٿين؟“اسين ٻيئي ڀيڻون جوانيءَ ۾ کل کان پيون ڦاٽنديون هيونسين، ماسيءَ پٽ وڃي ڌارين مان پرڻايا ۽ اسان جو خرچ پکو به بند ڪري ڇڏيائين. اسين ٻئي ڀينر ڏک وچان جهُري پيونسين، پر پوءِ پيٽ گذران لاءِ پورهيو ڪنديون هيونسين، ڀرت ڀرڻ، ڪپڙا سبڻ، رليون ٺاهڻ، ائين سڄو ڏينهن ماين جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي ۽ اسين به ڪم ڪار ۾ وندريون ويٺيون هونديون هيونسين. اتي اسان جي ڳوٺ جهرڪن کان اورتي ”نيون باران بوتو مڪان ۾ ”انڙ ذات جا ڏاڍا ڀلا ماڻهو رهندا هئا، اهي اسان کي ايترو ته پيسو ڏيندا هئا، جو گذر سفر سٺو ٿي ويندو هو، پر پوءِ انهن کي اسان جي ماسيءَ روڪي ڇڏيو، منهنجي ڀيڻ ڏکن جو بار سهي نه سگهي، پاڻ چيلهه کان مغذور ٿي وئي. حال سارو دوا درمل ڪرايم، پر هوءَ چڱي ڀلي ٿي نه سگهي.

پنهنجي حياتيءَ جي ٻوجهي سان گڏ هن جو بار به سر تي اٿم. توڙي جو منهجي عمر 50 سال آهي، پر سُورن هيڪاري جهوري وڌو اٿم جو سَو سالن جي پئي نظر اچان. هجي ها ڪو ڀاءُ ڀرجهلو ته هيئن ڏونگر ڏورڻا نه پون ها! دنيا ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا اٿم، لنگهڻ ڪاثيا اٿم. ٽي ٽي ڏينهن چلهه وسانيل هوندي آهي. اسن ٻنهي ڀيڻن جا وار وڏا چوٽآ هوندا هئا. منهن مهانڊا به ڀلا هوندا هئا. ڪيئي مائٽيون آيون، پر ماسيءَ سڀ موٽائي ڇڏيون. الله قبر کي باهه لائيس جو اسان جون جوانيون جلائي، وڻن ۾ رُلائي هلي وئي. چوندا آهن ته ”ماسي نه ٿئي ماءُ، چاچو نه ٿئي بيءُ!“ سو مائٽ هئا ڪونه جو سنڀالين ها. وهي واريءَ جيا هٿن مان وهي وئي! اڄ اُن ڳالهه جو صدمو اٿم. گهر ۾ اڪيلي آهيان. ڪير ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارو ڪونهي! ڀيڻ به ن مئلن ۾ نه جيئرن ۾! اڪيلي ڪنهن سان ڳالهايان؟ ڪنهن سان سُور سليان! اڪيلي سر ويهي وقت ڪاٽيو اٿم. جوانيءَ ۾ پاڻ پچائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بس الله سائينءَ لڄ رکي!

ڀلا اڳ ۾ ته توهين ڀرت ڀري ۽ سلايون ڪري گذر سفر ڪنديون هيون، پوءِ هيءَ نوبت ڪيئن آئي؟ نجمه کائنس پڇيو.

امينا: رات ڏينهن ڀرت ڀرڻ ڪري منهنجي هڪڙي اک خراب ٿي پيئي آهي. گردن جي بيماري الڳ اٿم، انڪري ويهڪ جو پورهيو نه ٿي ڪي سگهان. شروع ۾ جيئن مون ٻڌايو ته انڙ اسان کي واٽ الله جي گهڻو ڪجهه ڏيندا هئا، پر پوءِ انهن ڏيڻ وٺڻ ڇڏي ڏنو ته ٻين شهرن جو رخ ڪيم. موليٰ جو ملڪ آهي، جتي پڪي، تتي کاڌي. جتي پئي تتي وهاڻي. ساڳئي وقت هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. ها، سڄي اهو ٻڌائيندي هلان ته گهڻن سالن کان پوءِ اهي ماڻهو (انڙ) مون وٽ زڪوات کڻي آيا هئا، پر مون کين موٽائي ڇڏيو ته هاڻي اسان کي ضرورت ناهي، جن کي ضرورت هجي انهن کي وڃي ڏيو. مُنهن ڀيلڙا ڪري موٽي هليا ويا. مان سڌيون ٻڌائڻ واري آهيان.

”ڀلا، تون جڏهن به ايندي آهين ته مينهن واچ ڪندي ڇو ايندي آهين. نجمه پڇيو.

امينا: جن جي دلين کي ڄَرُ لڳل هوندي ته ڇا اُهي وهاڻو سيراندي ڪري سمهي رهندا؟!“

”ڀلا اهڙي ڪا غلطي جنهن تي توکي پڇتاءُ هجي؟“ مون کانئس پڇيو.

امينا: ”انسان خطا جو پتلو آهي پر جهڙي نموني پنهنجي زندگيءَ ۾ (جيڪا ”ڪجهه گذري آ، ڪجهه گذري ويندي!“) ڪڏهن ڪڌو ڪم نه ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته جيڪي ماڻهو مون سان شادي ڪرڻ چاهين پيا، انهن مان ڪنهن سان پرڻو ڪري گهر ڇو نه وسايم! پر وري سوچيندي آهيان ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو اڱر کڻن ها! چڱو ٿيو جو ائين نه ڪيم.“

”ڀلا ڪا اهڙي ڳالهه / نيڪي جنهن تي توکي فخر هجي.“

امينا: آءٌ پنهنجي ڳوٺ راڄ ۾ عزت ۽ غيرت واري مائي مشهور آهيان. امينا جهڙي اشراف زال ڳولي ڪانه لڀندي! اها مون لاءِ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي.“

”امان، جيڪي مون ڏک ڏٺا آهن، اهي ڪنهن ڄائيءَ ڪونه ڏٺا هوندا. الله ڪنهن کي به ننڍپڻ ۾ يتيم نه ڪري. هينئر جيڪو ڪجهه خير خيرات، زڪوات ملندي اٿم، انهيءَ مان پاڻ کان وڌيڪ ضرورتمند ماڻهن کي ڏيندي آهيان. مائي امينا وڌيڪ ٻڌائيندي چيو، اڳ ماڻهو ڌيئر ڪونه پڙهائيندا هئا، انڪري آءٌ پڙهيل ڪونه آهيان، پر وقت ۽ حالتن جي هٿان ڪڙهيل ضرور آهيان.

هيءُ ڇوڪرو ڇا لڳي تنهنجو؟ مون پڇيو؟

امينا: هي ڇوڪرو ٻنڌڻن ۾ هو جو مون هن کي تاتي پالي وڏو ڪيو پر جيئن ئي سمجهه سان ٿيو ته پنهنجي مائٽن ڏي ڀڄي ويو. ڀلا پرڄاوا پنهنجا ٿين ها ته پوءِ پنهنجن کي ڪير پڇي ها. الاهي ڏينهن کان پوءِ اڄ آيو آهي.

آخر ۾ سرتيو رسالي لاءِ ڪو پيغام؟

امينا: رسالو ته مان ڪونه پڙهي سگهندي آهيان، باقي توهان کي ڏسي توهان سان ملي اهو پتو پيو اٿم ته علم واقعي به انسان کي اَڏيندو آهي، ڇو ته اڳ چيو ويندو هو ته پڙهيل ڳڙهيل مايون، ڊاڪٽرياڻيون، آفيسرياڻيون ڪنهن عام عورت کي کنگهن به ڪونه! پرتوهين اخلاق واريون ۽ رحمدل آهيو، توهين جيڪو پورهيو ڪريو ٿيون، سو يقينن مانائتو ۽ شانائتو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com