سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ 2005ع

 

صفحو :7

 صحت

مُدي جو بخار  (Typhoid Fever)

 

ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو

 

هيءُ هڪ بخار جو قسم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مُدي جو تپ (وڏو تپ) انگريزيءَ ۾ Typhoid Fever ۽ اردوءَ ۾ ميعادي بخار چئجي ٿو. هيءٌ بخار هڪ خاص قسم جي جيوڙي جي ڪري ٿيندو آهي. جنهن کي سالمنيال ٽائفي ۽ پيرا ٽائفي Salmanea Typie, Paratyphy  چئجي ٿو. هي بخار سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ گهڻو ڪري گندگيءَ، ڪني پاڻيءَ ۽ ڪني ۽ کاڌي جي واپرائڻ سبب ٿئي ٿو. هن بيماريءَ کي پکيڙڻ ۾ مکين جو ڪردار سڀ کان اهم آهي.

جيڪڏهن هٿ ڌوئڻ بنا ماني کائجي يا فروٽ (ميوات) بنا ڌوئڻ جي کاڌو وڃي، تڏهن به هيءَ بيماري ڦهلجي سگهي ٿي.

هن بيماريءَ جا جيوڙا گهڻو ڪري پتي يا ننڍي آنڊي ۾ رهائش اختيار ڪندا آهن ۽ پائخاني جي ذريعي خارج ٿيندا آهن.

جڏهن هي جيوڙا آنڊي ۾ داخل ٿيندا آهن ته ڏهن يا پندرهن ڏينهن کان پوءِ بيماريءَ جو اثر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. جيوڙن جي اندر داخل ٿيڻ ۽ بيماريءَ جو اثر شروع ٿيڻ جي وچ واري عرصي کي Incubation Period چئبو آهي.

بيماريءَ جو اثر آهستي آهستي شروع ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري مريض کي بخار ٿيندو آهي، جيڪو آهستي آهستي تيز ٿي ويندو آهي. بخار ڏينهن جي مقابلي ۾ رات جو وڌيڪ تيز ٿي ويندو آهي، مريض سُسُتي محسوس ڪندو آهي، هر وقت غنودگي طاري ٿيندي آهي، جسم ۾ ۽ ٽنگن ۾ سور ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کنگهه به ٿيندي آهي ۽ نڪ مان رت به وهندو آهي جنهن کي Epistais  چئبو آهي. مريض کي پيٽ ۾ سور به ٿيندو آهي قبضي (anstipation)  يا دست به ٿيندا آهن، دل ڪچي پڻ ٿيندي آهي.

جيتوڻيڪ بخار تيز ٿيندو آهي پر نبض جي رفتار گهٽ ٿي ويندي آهي. هڪ هفتي کان پوءِ پيٽ ۾ پُٺيءَ تي ڪجهه ڳاڙهي رنگ جا داغ ظاهر ٿيندا آهن، انهن داغن کي جيڪڏهن آڱر سان دٻائجي ته آهي ڪجهه دير لا3 هلڪا ٿي ويندا آهن. ٻن يا تن ڏينهن کان پوءِ اُهي داغ ختم ٿي ويندا آهن. بيماريءَ جي ستين يا اٺين ڏينهن تي تري پڻ وڌڻ شروع ٿي ويندي آهي جيڪا پيٽ جي مٿئين حصي کي دٻائڻ سان محسوس ٿيندي آهي، پيٽ به فوڪجڻ شروع ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ساهه جي تڪليف پڻ ٿيندي آهي. ٻئي هفتي جي آخر تائين مريض جي حالت ڪافي خراب ٿي ويندي آهي. تئين هفتي جي آخر تائين بخار تمام تيز ٿي ويندو آهي ۽ مريض بيهوش پڻ ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن مريض جو علاج نه ٿيندو ته اهو مري به سگهي ٿو. پر پروقت علاج ڪرائڻ سان مريض ٺيڪ ٿي ويندو آهي.

هن بيماريءَ کي سڃاڻڻ لاءِ رت، پيشاب ۽ پائخاني کي چڪاس ڪيو ويندو آهي. بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ رت جون ڪجهه خاص ٽيسٽون پڻ ڪيون وينديون آهن. مٽلاً Widal test   ۽ Typhidot test وغيره.

بيماريءَ جي دوران مريض کي مڪمل آرام ڪرڻ کپي، مريض جي ڪپڙن، هنڌ، بستري کي به صاف رکجي.

هن بيماريءَ جو علاج مختلف Antibiotics سان ٿي سگهي ٿو. مثلاً Ampicillin, Chloraphenicol, Septran, Augumentine  وغيره، پر اهي دوائون ڪنهن ڊاڪٽر جي مشوري سان ئي استعمال ڪجن ۽ مريضن جي خوراڪ ۾ هر قسم جي جوس (رَسُ) جو استعمال وڌايو وڃي.

 

زنانيون بيماريون

حڪيم نذير احمد شيخ

 

جواني پاڻ سان گڏ گهڻيون آسون ۽ اميدون کڻي ايندي آهي. بلوغت کان جلد پوءِ جو زمانو اهڙو هوندو آهي جنهن ۾ انسان جي دلچسپيءَ جو محور هن جو جسم ۽ چهرو، حسن شباب برقرار رکڻ هوندو آهي. فطري طرح هن جي خواهش هوندي آهي ته مان حسين ۽ خوبصورت نظر اچان ۽ پسند ڪيو وڃان. ان سڄي سلسلي ۾ ننڍي عمر جون نياڻيون اڳڀريون هونديون آهن. ان قسم جي خواهش هنن جي ضرورت بڻجي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته قدرت عورتن جي مزاج ۾ ٺَهي ٺُڪي خوبصورت انداز ۾ رهڻ ۽ هلڻ جي عادت شامل ڪري ڇڏي آهي. ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ جي چهري تي هڪ ٻه تر يا نشان يا موهيڙا ٿي پون ته هوءَ، ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿيو وڃي يا اکين هيٺان ڪارا نشان ٿي پون تڏهن به پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. هن حقيقت کي اڳتي وڌائيندي لکندس ته نوجوان نياڻين ۾ جيڪڏهن ڪنهن به سبب ماهواريءَ جي بي قاعدگي، نرن ۽ جسم ۾ سور، ليڪوريا (پاڻي اچڻ) يا ان سلسلي جي ٻي ڪا تڪليف ٿي پوندي آهي ته پنهنجي فطري حيا ۽ ازلي شرم سبب اڪثر ڪري پنهنجي والده سان به اهڙي قسم جي شڪايت جو ذڪر ڪرڻ پسند نه ڪنديون آهن ۽ اهو مسئلو بروقت صحيح علاج نه هئڻ سبب وڌندو ۽ پيچيده ٿيندو رهندو آهي. شرم ۽ حيا تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ان کي ايتري حد تائين نه کڻي وڃجي جو علاج جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري، اڳتي هلي ان تڪليف جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ردعمل جيڪو لازمي منفي هوندو آهي نياڻيءَ جي ذهن تي خوف، ڀؤ ۽ احساس ڪمتريءَ جو حملو ٿيندو آهي. والده يا ڀيڻ جو رويو محبت ۽ دوستيءَ وارو آهي ته پوءِ حال حقيقت چپن مان چري انهن جي ڪنن تائين پهچي ٿو. درحقيقت اصل مرض ايترو نقصان نه ٿو پهچائي جيترو احساس ڪمتريءَ جو ذهن تي پيل اثر نقصان پهچائي ٿو. عورت کي ڪنهن خاص عمر تائين پهچندي هر مهني حيض جو اچڻ قدرتي عمل آهي، جيڪو سلسلو ۽ مرحلو هر عورت لاءِ آهي. حمل يعني اميدوار ٿيڻ جي صورت ۾ ڊليوريءَ تائين مهيني اچڻ وارو سلسلو بند ٿي وڃي ٿو، چاليهه سال عمر گذرڻ بعد پنجاهه سال عمر کان اڳ مهيني اچن واري سلسلي ۾ گهٽ وڌائي ۽ بي قاعدگي ٿي آخر اچڻ بند ٿي وڃي ٿو. ان صورتحال کي menopause period  چئبو آهي. ان بعد جسم تي سوڄ، وزن، ڳراڻ، سستي، چڙ، غصو، سور ۽ ننڊ نه اچڻ جي شڪايت اڪثر ٿئي ٿي، ڪن حالتن ۾ قبضي ۽ هاضمي جي خرابي پڻ ٿئي ٿي.

عورتن ۾ مردن کي الله پاڪ بعض مختلف ۽ جدا جسماني مردن ۽ عورتن جون بيماريون به مختلف آهن. اهڙي قسم جي بيمارين جي نوعيت ۽ علاج به جنس جي حوالي سان الڳ هوندو آهي، جنهن لاءِ علاج ڪندڙ جي معلومات به مڪمل هئڻ ضروري آهي. جيستائين عورتن جي علاج جو تعلق آهي ته ان لاءِ ليڊي ڊاڪٽر ۽ مستند دائي صحيح طريقي سان چيڪ ڪري دائي صحيح طريقي سان چيڪ ڪري علاج ڪري سگهي ٿي، جنهن لاءِ مٿن جي صفائي، هينڊ گلوز ۽ جيوڙن کان پاڪ اوزارن جو استعمال ضروري آهي. اڪثر ٻهراڙين ۾ پراڻي رواج مطابق دايون ويم ۽ ٻين بيمارين جو علاج ڪرڻ وقت صفائيءَ جو خيال نه ٿيون رکن. جيڪو نقصانڪار آهي. هي شعور ۽ سمجهداريءَ جو دور آهي. علاج ۾ ڪم ايندڙ شيون ۽ معالج جي سلسلي ۾ مرد معالج به سٺي طريقي سان علاج ڪري سگهن ٿا. پيٿالوجي ٽيسٽ ۽ الٽرا سائونڊ رپورٽ ڏسڻ جي صورت ۾ يوناني علاج جو طريقو به ڪارائتو آهي، بلڪه صحيح علاج ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ننڍي عمر جي نياڻين ۾ گهڻو ڪري جيڪي نسواني شڪايتون رهن ٿيون اهي آهن ماهواريءَ جي بيقاعدگي، چيلهه ۽ نرن ۾ سور، چهري ۽ چمڙي يا جسم تي داغ / نشان ٿيڻ، ويسر ۽ جسماني دماغي، ڪمزوري محسوس ٿيڻ، هسٽريا جا دورا پوڻ، سستي، ڪاهلي، ڪنهن ڪم ۾ دل نه لڳڻ. هاضمي جي خرابي ۽ قبضي رهڻ وغيره جهڙيون شڪايتون عام آهن، جيڪي باقاعدي صحيح علاج ڪرڻ جي صورت ۾ ختم ٿي سگهن ٿيون. اهڙي قسم جي شڪايتن جو تعلق عام صحت سان آهي. لحميات (پروٽين) حياتين (وٽامن) ۽ معدني جزا (منرلز) جي گهٽتائيءَ سبب اِهي سڀ تڪليفون ۽ شڪايتون ٿين ٿيون. دراصل نياڻيون جڏهن جوانيءَ جي عمر ۾ پير پائن ٿيون ، اڪثر ڪري غذا جي قلت جو شڪار ٿين ٿيون. کاڌي جو مقدار گهٽ يا نه کائڻ ۽ اڻ پورو کائڻ ۽ مختلف غذائن جي اهميت کان بي خبعي، تلهي موٽي ٿيڻ جو ڊپ ڀؤ، ٻين لفظن ۾ ڊائٽنگ جو فيشن ۽ سور، ڪمزوري ٿيڻ جي سبب ۾ شمار ٿئي ٿو. ان عمر ۾ جسم تيزيءَ سان وڌڻ شروع ڪندو آهي ۽ جسم ۽ ذهن ۾ جوش ۽ ولولو برپا هوندو آهي. ان عمر ۾ ئي ماھواري شروع ٿيندي آهي، جنهن سبب رت جي اضافي جو مرحلو هوندو آهي. اهڙي وقت ۽ صورتحال ۾ غذا ۽ صحت متعلق توجهه ۽ خيال نه رکوي ويو ته جسماني واڌ ويجهه ۽ مستقبل ۾ ايندڙ زندگيءَ جي مرحلن کي متاثر ٿيڻو پوندو آهي. جسماني حسن ظاهر نه ٿيڻ جو بنيادي سبب غذائي اڻپورائي ۽ قلت آهي. چپن جي رنگ ۾ ڦڪاڻ، اکين ۾ اڇاڻ، ماهواريءَ ۾ گهٽ واڌائي، هٿن پيرن جو ٿڌو رهڻ، ٿڪاوٽ يا تيز هلڻ سان سهڪو ۽ طبعيت ۾ چڙ ۽ رت جي گهٽتائي واضح طور نظر ايندي آهي، هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته چمڙيءَ جو رنگ ته قدرتي هوندو آهي، ڪنهن جو اڇو ڳورو، ڪنهن جو ڪڻڪائون ۽ ڪنهن جو ڪارو وغيره ليڪن  چمڙيءَ جي حسن، تازگي، ۽ نگار جاذبيت جو دارومدار رت جي مناسب مقدار جي موجودگيءَ تي هوندو آهي ۽ رت جسم ۾ صحيح طريقي سان گردش ڪندو هجي. رت جي گهٽتائيAnemia ، چمڙيءَ کي بي رنگ ۽ سڙباٽيل بڻائي ڇڏيندي آهي. رت جي کوٽ ۽ گهٽتائيءَ سبب چمڙيءَ جي اڇي رنگ هئڻ باوجود جسم ۽ چهري ۾ اُها دلڪشي ۽ حسن نظر نه ايندو جيڪو ڀلي ڪڻڪ رنگو پر رت جي مناسب مقدار سبب اک کي سٺو لڳندو آهي. ليڪوريا جنهن کي پاڻي اچڻ چئبو آهي عورتن لاءِ خاص طور نوجوان نيانين لاءِ نهايت تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي، جنهن جو بنيادي سبب رت جي کوٽ ۽ غذا جي ڪمي آهي. ٻچيدانيءَ اندر سوڄ ۽ ورم سبب پڻ پاڻي اچڻ جي شڪايت ٿيندي آهي. ڪن عورتن جي هارمونز جي بي قائدگيءَ سبب ليڪوريا جي شڪايت سان گڏ ماهوراريءَ جي ترتيب بگڙي ويندي آهي. رت جي کوٽ سبب چيلهه ۽ نرن ۾ سور ۽ اکين هيٺان ڪارا هلڪا نشان نظر ايندا آهن. هر وقت پاڻيءَ جي اچڻ سبب ناپاڪائيءَ جو احساس به ذهن تي بار وجهندو آهي. ڪن تڪليف محسوس ٿيندي ٻار جي پيدائش ۾ به رڪاوٽ سبب ڪري ئي ٿيندي آهي. پاڻيءَ جي شڪايت ڪڏهن ڪڏهن ٿئي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. کاڌ، خوراڪ ۽ غذا طرف ڌيان ڏجي. گوشت، مڇي، بيضا، کير، ڀاڄيون، فورٽ، سلاد وغيره کائيندو رهجي. آچار کٽيون شيون ۽ بازاري چهريون شيون کائڻ کان پرهيز ڪجي. ماهواري رڪجي اچي ۽ کُلي نه اچي ته هي نسخو هر مهيني مقرر تاريخ کان هفتو اڳ استعمال ڪجي. هوالشافي _ مڪو نخم خيارين سونف، ڪاسني هر هڪ 6_6 گرام، اڌ ڪلو پاڻيءَ ۾ ايترو جوش ڏجي جو پاڻي اڌ بچي، ڇاڻي مناسب کنڊ وجهي پيئجي. گهڻي شڪايت جي صورت ۾ ٻه دفعا پيئڻ گهرجي، نه ته هڪ دفعو صبح جو روزانو پيئڻ گهرجي. ماهواري چالو ٿيڻ جي صورت ۾ بند ڪري ڇڏجي. ان سان گڏ شربت بروري معتدل جا ٻه چمچا پڻ شام جو پيئجن. جيڪڏهن ماهواري گهڻي مقدار ۾ ايندڙ هجي ته رات جو سمهڻ وقت هيءُ نسخو وٺجي. هو الشافي، حُب آلاس بيخ انجبار _ مازو _ گ ارمي هرهڪ 6_6 گرام. مٿئين طريقي سان جوشاندو تيار ڪري صبح شام پيئڻ گهرجي. شربت انجبار ٻه ٻه چمچا توري پاڻيءَ ۾ صبح شام پيئڻ گهرجي. گهڻي خون اچڻ جي حالت ۾ قرص ڪهربان هڪ گوري صبح شام پاڻيءَ سان کائجي. دماغي ڪمزوري ۽ رت جي کوٽ لاءِ نذير جواهر مهرو هڪ وزن روزانه پندرهن ڏينهن کائجي. معجون شفاءِ خميرو ابريشم هڪ هڪ چمچو صبح شام پاڻيءَ سان کائجي. قبضي ٿيڻ هرگز نه ڏجي، ان لاءِ رات جو کير پيئڻ ضروري آهي. ليڪوريا يعني پاڻي اچڻ لاءِ معجون سپاري پاڪ ياحب سپاري پاڪ حسب ترڪيب استعمال ڪن. شربت فولاد ۽ شربت مئگا پليڪس اي آر ليبارٽري هر هڪ مان ٻه ٻه چمچا توري پاڻيءَ ۾ صبح شام پيئڻ گهرجي ڀينرن کي گذارش آهي ته خط مختصر بامقصد احوال لکي ڪو به صحت متعلق مسئلو هجي ته رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿيون، ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط سان جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلجي.

عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان جواب حاصل ڪري سگهجي ٿو.

·

رابطي لاءِ فون: 2610633-263467

E-mail: info@nazirherbals.com

Web: nazirherbals.com

 

گهريلو ڏس

نسرين طاهر وفائي

 

پنهنجي ٽوٿ برش کي جراثيمن کان محفوظ رکڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو لوڻ مليل گرم پاڻيءَ سان ڌوئو.

جيڪڏهن ڏينڀو ڏنگي وجهي ته ان جاءِ کي زور سان دٻائي ڏنگ ڪڍجي. پوءِ ڊٽول مليل پاڻيءَ سان ۽ صابڻ سان ڌوئي ڪائي ڪريم هڻو.

جيڪڏهن گرم کاڌو کائو ته پوءِ تمام ٿڌو پاڻي نه پيئڻ گهرجي، ان سان ڏند ڪمزور ٿي ويندا آهن.

کاڌو کائي هڪدم پاڻي نه پيئڻ گهرجي. ٻه ڪلاڪ رکي پوءِ پاڻي پيئجي.

بصر، هاءِ بلڊپريشر ۾ نقصان وارا ۽ لو بلڊپريشر ۾ فائدي وارا آهن.

اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ناسپاتي نه کائڻ گهرجي.

چانهه کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ زهر يعني  نڪوٽين جو مقدار وڌي ويندو آهي.

جيڪڏن ٻار هنڌ ۾ پيشاب ڪندا هجن ته سمهڻ وقت انهن کي هڪ چانهن وارو چمچو ماکي کارايو.

ليمي جو آچار ٿولهه گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

نارنگي جو استعمال دل جي مريضن لاءِ مفيد آهي.

گجرون دل جي مرضن ۾ مفيد آهي ۽ معدي جي تيزابيت ۽ ساڙو ختم ڪنديون آهن.

جيڪڏهن وار وقت کان اڳ ۾ اڇا ٿي رهيا هجن ته سمهڻ کان پهرين هڪ پاءُ کير ۾ ٻه ٽي ڦڙا بادام روغن ۽ پسند جي مطابق کنڊ ملائي پيئو. (روزانو)

بجليءَ جو ڪم ڪرڻ وقت پيرن ۾ رٻڙ جي چپل ۽ هٿن ۾ رٻڙ جا دستانا ضرور پايو.

بجليءَ جي ڪم ۾ پڪڙ استعمال ڪرڻ وقت اهو ضرور ڏسو ته پڪڙ تي پڙهيل رٻڙ ڪٿان به لٿل يا ڦاٽل ته ڪونهي.

جيڪڏهن بجليءَ جي ڪا تار ڪري پئي ته ان کي هٿ سان نه کڻو پر ڪنهن خشڪ ڪاٺيءَ سان مٿي ڪريو.

کاڌو کائڻ جي ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهڻ گهرجي.

 

شاعري

 

هڪ ڪوتا

لوهه جي عورت ڪيئن

ڪچ جي گُڏي بڻجي وئي!

ساجن سج سوجهرو سدا

رخ، گل مهر بڻجي وئي!

تنهنجي شهر ۾ ايندي ايمي،

دل غم جي نهار بڻجي وئي.

 خالي ٻُڪَ تي اکيون اٽڪيون

صدا اڻ ٻڌي دعا بڻجي ويئي.

تو ٿڌڻ کان پوءِ سانوري،

ٺوڪرن ۾ آيل پٿر بڻجي وئي.

جڏهن آيو پيار جو پيچرو

دل جي ڌڙڪ پير بڻجي وئي.

سج جي توتي اڏري وڃي

محبت به ماڪ بڻجي وئي.

ڀروسي جي ڀت جوڙڻ واري

پاڻ ئي دغا جو گهر بڻجي وئي.

 

 

 

پارس راڻي

.....

تون آهين ته جهان آهي.

تون سواءِ دنيا ۾ رکيو ڇاهي.

تنهنجي قربت جي تپش آ،

باقي جسم ۾ رکيو ڇاهي؟

جيڏانهن نهاريان تون آهين،

باقي نظرن ۾ رکيو ڇاهي؟

تون قرار تون بهار آهين،

باقي مندن ۾ رکيو ڇاهي؟

توکي خدا موڪليو آ هتي.

باقي جنت ۾ رکيو ڇاهي،

تولاءِ ساهه، تولاءِ پساهه آ،

باقي زندگيءَ ۾ رکيو ڇاهي.

وهين ٿو رڳن ۾ لهوءَ جيان،

باقي جسم ۾ رکيو ڇاهي.

مون منجهه روح جيان موجود آن،

باقي مون ۾ رکيو ڇاهي.

 

 واسديو موهي

غزل

 

ساههَ ۾ پيو ساههُ تنهنجي گود ۾،

سانت ٿيو ڀٽڪاءُ تنهنجي گود ۾،

وَڻَ جو پَنُ پَنُ، گُلَ جي هِڪَ هِڪَپنکڙي،

مرڪ، آڌرڀاءُ تنهنجي گود ۾،

وڻ جي هيٺان کٽ لڪڻ پايي اڳيان،

ننڊ مُرڪي ماءُ، تنهنجي گود ۾،

پينگهه جي هر لوڏ سان کل کل وڄي،

سونهن جو پڙلاءُ، تنهنجي گود ۾،

ڀُڻڪندو، چپ ۾ وڃي پيو مال سان،

ڪو ڦُري ويو گاهه، تنهنجي گود ۾،

سُومرو، جويو، رکيل، امداد، گُل،

هر ڪو ڀانيم ڀاءُ تنهنجي گود ۾.

جُهور هَڏَڙَن تي پسيني جي چَمَڪَ،

ڪوهرن جو پاءُ، تنهنجي گود ۾.

نِم جي ٽارين کي ملايو پئي هوا.

نينهه جو مهڪاءُ تنهنجي گود ۾،

ڪيترا يُگه گَذري ويا اڄ ٿو اچين،

ڪَنَ تي پيو ورجاءُ، تنهنجي گود ۾.  

 

 

پارس عباسي

تنوير

دردن جي ڪڪرن ۾ گم ٿي وڃون ٿا

هوائن، هڳائن سڀن کي ڇڏيون ٿا.

اسان ٻيٽ ۾ ڄڻ ۽ چوڦير پاڻي،

نه اڳتي وڌون ٿا، نه پٺتي پئون ٿا.

اوهان ٿا نهاريو، اسان پنڊ پاهڻ،

جي ٿا مسڪرايو، غزل پو لکون ٿا.

اوهان تاءِ پهچڻ جو رستو نه ڪوئي،

گهُري خواب دل ۾، اسان پو سمهون ٿا.

يادن جي آنڌيءَ ۾ لرزون ٿا ڪيڏو،

جڏهن شعر تنوير، تنهنجو پڙهون ٿا.

 

نسيم لغاري

 

”مان جيڪا ازل کان اڃاري هئس“

مان جيڪا ازل کان اڃاري هئس صحرا جيان...

تنهنجا لکيل سمورا لفظ

ڄڻ درياءَ جو جو تيز وهڪرو

جنهن منهنجي سموري وجود کي

سيراب ڪري ڇڏيو

مان جيڪا ازل کان اڃاري هئس

صحرا جيان.....

۽ منهنجي اکين جي ايوانن ۾

جيڪي خواب صدين کان

ساڀيائن جي اوسيئڙي ۾

تڙپيا هئا ڦٿڪيا هئا

سي تنهنجي لفظن جي مهڪ سان

ساڀيائن جو گلابي ويس پهري

ڪنهن جهرڻي هيٺان رقص ڪرڻ لڳا

تنهنجي لکيل سمورن لفطن

منهنجي بي رنگ خوابن کي

انڊلٺي رنگن سان سيراب ڪري ڇڏيو

مان جيڪا ازل کان اڃاري هئس

صحرا جيان.....

منهنجا درد سور ۽ ڪيئي سندر سندر پُور

جيڪي من جي اجاڙ رستن تي

صدين کان ڀٽڪيا هئا

جيڪي خاموشي چپن ۾

اظهار لاءِ ڦٿڪيا هئا

تن کي تنهنجي لفظن جي سگهه سان

ڄڻ ڪا شڪتي ملي وئي

۽ اڻ اظهاريل لفطن کي اهي گس مليا

جتي ڪيئي گلاب ٽڙيل هئا

۽ انهن گلابن جي مهڪ سان

منهنجي اڻ اظهاريل لفظن کي

ڪيئي معنائون ملي ويون

معنائون جن منهنجي بي معنيٰ وجود کي

سيراب ڪري ڇڏيو

مان جيڪا ازل کان اڃاري هئس

صحرا جيان......

آزاد نظم

هوءَ به ڪنهن جي ڀيڻ هئي

معصوم ۽ مظلوم به هئي

جيڪا ناحق قتل ڪئي وئي

پهريون ته سام حويليءَ ۾ هئي

پوڙهي سان وئي پرنائي هئي

حق گهرڻ تي ٿي وئي ڪاري

جيڪا ناحق قتل ڪئي وئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com