سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :21

مير غلام علي خان ٽالپر، مرحوم.

 

هيءَ خبر وحشت اثرملڪ و ملت لاءِ دلي ڏک جو سبب ٿي آهي ته سنڌ جو ممتاز ۽ پراڻو سياستدان ۽ قومي ليڊر، مير غلام علي خان ٽالپر، 19- آڪٽوبر 1963ع تي، منجهند جو، داعي اجل کي لبيڪ چوندي، دارالبقاء ڏانهن راهي ٿي ويو__ انا لله وانا اليہ راجعون.

مرحوم مير غلام علي خان ٽالپر جي ذات سنڌ جي مشهور حڪمران خاندان جي آخري نشاني هئي. مير صاحب پنهنجي بزرگن جي خاندان روايتن ۽ تهذيبي حيثيتن جو آخري وارث هو. سندس طبع ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي، ۽ بلنديءَ سان گڏ درويشيءَ جهڙا آثار موجود هئا. سندس وفات نه صرف سنڌ لاءِ، پر سڄي پاڪستان لاءِ هڪ ناقابل تلافي سانحي جي حيثيت رکي ٿي. مير صاحب جي انتقال سبب سنڌ هڪ محب وطن، فياض،  سير چشم، سخي ۽ غريبن ۽ يتيمن جي پشت پناهه کان محروم ٿي ويئي آهي؛ پاڪستان هڪ بااصول ۽ ديانتدار سياستدان کان خالي رهجي ويو آهي.

مير صاحب مرحوم نه فقط هڪ اعليٰ خاندان جي تهذيبي روايتن جو مجسمو هو، پر ان سان گڏ هڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ ۽ اڻورچ سماجي ڪارڪن به هو. مرحوم جون سياسي خدمتون سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهبيون. مير صاحب مرحوم جي سياسي اعتدال واري روش، مرنج_مرنجهان طبيعت، غريبن ۽ يتيمن جي سار سنڀال لهڻ واري عادت، پنهنجن ۽ پروان سان مروت، سياست جي پيچ و خم ۾ ميانه روي ۽ اعتدال پسنديءَ جي ڪري، سنڌ کي مٿس فخر ڪرڻ جو حق آهي.

مير صاحب پنهنجي ذاتي اخلاق ۽ ڪردار جي حيثيت سان موجوده دۇر جي سياستدانن، ليڊرن ۽ وڏن ماڻهن لاءِ هڪ مثالي انسان ڪري شمار ڪيو ويندو هو. مير صاحب جي سياسي مشرب ۽ مسلڪ سان بعض ماڻهن کي اختلاف جو حق حاصل آهي، پر جيستائين سندس شخصيت جو تعلق آهي، اها ته هر ڪنهن وٽ احترام جي لائق رهندي آئي آهي. سندس سخت ترين مخالف به سندس نالو عزت ۽ محبت سان وٺي رهيا آهن، ۽ عوام سندس لاءِ هنجون هاري رهيو آهي. سندس تر جا ماڻهو، هاري ناري، زميندار ۽ واپاري، اديب ۽ عالم، سياستدان، قومي ورڪر، ايڊيٽر ۽ صحافي، سڀ کيس خراج عقيدت پيش ڪري چڪا آهن. مير صاحب مرحوم جي هر دلعزيز ۽ پياريءَ شخصيت لاءِ ائين چوڻ ڪافي آهي ته سندس خدمتن کي ملڪ جي سڀني ليڊرن، صدر مملڪت کان وٺي مختلف سياسي ۽ قومي پارٽين تائين، متفقه طور ساراهيو آهي.

مير صاحب جي سياسي زندگي سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ سان اهڙي ته ڳنڍيل آهي جو ٻنهي کي جدا ڪري نٿو سگهجي. صرف مارشل_لا کان پوءِ ڪجهه عرصو گوشه گير ٿي رهيو، پر پوءِ پابندين لهڻ شرط دوباره ميدان سياست ۾ آيو ۽ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ جي تحريڪ ۾ پڻ مير صاحب گهڻي جدوجهد ڪئي، ۽ ان وقت جي مشهور قومي اڳواڻن سان دوش بدوش ان عظيم جدوجهد ۾ حصو وٺندو رهيو.

1937ع ۾ مير صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو، ۽ پوءِ ستت ئي پارليامينٽري سيڪريٽري ڪيو ويو.  ڇهن سالن کان پوءِ، مير صاحب مرحوم سنڌ جو وزير داخله ٿيو. پاڻ اهو دۇر نهايت امن ۽ مروت، صلح ۽ محبت سان هلايائين، ۽ ڪنهن به شخصيت يا ڪنهن به گروهه کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنائين.

پاڪستان جي جدوجهد ۾، سنڌ جي سڀني اعتماد جوڳن ليڊرن ۾ سڀني کان پيش پيش رهيو. سندس ڪارڪردگيءَ ۽ اخلاص ۽ ايثار جو اعتراف خود قائد اعظم ۽ قائد ملت کي به هو. ان سلسلي ۾ مير صاحب مرحوم پاڪستان ٺاهيندڙن جي صف اول ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ۽ کيس قائد اعظم ۽ قائد ملت جي معتمد احبابن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.

پاڪستان جي قيام کان پوءِ، مرحوم مير صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ روينيو وزير ٿي رهيو. 1954_56ع ۾ مير صاحب مرحوم کي مرڪزي وزارت ۾ وزير اطلاعات ۽ وزير داخله بنايو ويو.

مير صاحب مرحوم هميشہ مسلم ليگ سان وابسته رهيو، ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو پڻ ڪافي وقت تائين سرگرم ميمبر ٿي رهيو. مسلم ليگ جي اهم فيصلن ۾ مير صاحب مرحوم ڪافي  بهرو ورتو. سندس انهن خدمتن جو اعتراف مسلم ليگ جا برسرآورده ليڊر اڄ به ڪري رهيا آهن.

مير صاحب مرحوم جيتوڻيڪ هڪ وڏي امير ۽ متمول خاندان ۾ پيدا ٿيو، مگر سندس دروازا غريبن، يتيمن، سائلن ۽ مصيبت زده ماڻهن لاءِ هر وقت کليا رهيا. مير صاحب هڪ نيڪ طبيعت، شريف النفس، خوشخلق، همدرد خلائق، سخي ۽ ديندار ماڻهو هو.

علم و ادب سان به سندس گهري دلچسپي هئي. ان سلسلي ۾ مسٽر غلام محمد شاهواڻي  مرحوم جو ڪتاب ’علمي خزانو‘ موجود آهي، جو مير صاحب جي چوڻ تي لکيو ويو. اهو ڪتاب مثنوي روم جو نثر ۾ ترجمو آهي، ۽ ان جا فقط ٽي جلد تيار ٿي سگهيا. مير صاحب وٽ هميشه سنڌي موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ سنڌ جا مشهور ڳائڻا ايندا هئا ۽ انعام اڪرام حاصل ڪندا هئا. مير صاحب، ڪڏهن ڪڏهن ڦليليءَ تي، چانڊوڪين ۾، ٻيڙين ۾ محفلون ڪرائيندو هو، جن ۾ ڪيئي اديب ۽ فنڪار شريڪ ٿيندا هئا.

سندس سياسي  نقطه نظر ۾ هميشہ عوام ۽ ملڪ جي ڀلائي سمايل هوندي هئي. سندس سياست ۾ نڪا سازش هوندي هئي، ۽ نڪا دل آزاري. هو ان سياست جو علمبردار هو، جنهن جو بنياد ديانت تي هوندو هو.

مير صاحب مرحوم شڪار جو به  شوقين هو. شڪار سندس خاندان جي گويا دائمي روايت هئي، جنهن کي مير صاحب مرحوم ان ئي شان سان برقرار رکندو آيو. ان سلسلي ۾ وٽس پاڪستان جي صدرن ۽ گورنرن  کان وٺي، ٻاهران آيل شاهي خاندان جا مهمان، يورپ جا سفير،  بادشاهه ۽ شهزادا ايندا ويندا هئا. موجوده صدر مملڪت به ڪئين ڀيرا ان سلسلي ۾ مير صاحب مرحوم جو مهمان خصوصي ٿي آيو، ۽ مير صاحب جي مهمان نوازيءَ ۽ عظيم شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو.

سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمتن کان سواءِ، پنهنجي تڪ، ٽنڊي ڊويزن، لاءِ به سندس سماجي ۽ تعليمي، علمي  ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. سندس توجهات سان ڪئين ڪارخانا کليا ۽ درسگاهون قائم ٿيون آهن. ان طرح، ڪئين عوامي ادارا سندس دم قدم سان قائم ٿيا، جي اڄ به  ان تڪ جي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.

مير صاحب جو دسترخوان هميشه ڪشادو رهيو. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان ڪي اهڙا ٿورا ملندا، جن جا دسترخوان پنهنجن توڙي پراون لاءِ هميشه ڪشادا رهيا هجن!

مير صاحب مرحوم صوم و صلوات جو پابند هو، ۽ زيارت حرمين شريفين کان به فائز رهيو. مسجدن جي خدمت، عالمن ۽ طالب العلمن جي امداد  لاءِ سندس هٿ هميشہ ڪشادو رهيو.

مير صاحب مرحوم ٻن_چئن  سالن کان دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو. افسوس جو هڪ ٻن ڏينهن جي دوري کان پوءِ، ويهن منٽن اندر، پنهنجن عزيزن قريبن کي دائمي مفارقت ڏيئي، عالم ارواح ڏانهن راهي ٿيو. ميرصاحب نهايت خوش وضع، هشاش بشاش ۽ کلڻو ملڻو هو. سندس عمر 55 سال کن هئي.

هن سانحي ۾ اسين مرحوم جي پسماندن، سندس ڀاءُ مير علي نواز خان ۽ سندس فرزند مير اعجاز علي خان، ۽ سندس ٻين عزيزن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي، بارگاهه ايزديءَ ۾ دست بدعا آهيون ته رب ڪريم، مرحوم کي مرهي ۽ سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي، ۽ قوم کي سندس صحيح ۽ صالح نعم البدل عطا فرمائي.

مير صاحب جي تعزيت جي سلسلي ۾، سنڌ ۽ پاڪستان جي ليڊرن، عالمن ۽ اديبن ڪيئي پيغام ارسال ڪيا، جن ۾ سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي. ان طرح، سنڌ ۽ پاڪستان جي موقرجريدن، ايڊيٽوريل لکي، کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ صدر مملڪت محمد ايوب خان، مير اعجاز علي خان ٽالپر ڏانهن موڪليل پيغام ۾ چيو آهي: ”مون کي مير غلام علي خان جي وفات جو ٻڌي وڏو صدمو رسيو آهي. اها هڪ وڏي ۾ وڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“ ان طرح، قوم اسيمبليءَ جي ڊاڪا واري گذريل اجلاس (نومبر، 60ع) ۾ پڻ تعزيت جو ٺهراءُ پاس ڪري، مير صاحب جي سياسي ۽ ملڪي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن پڻ قطع تاريخ لکي، مير صاحب جي شخصيت ۽ مقبول عام حيثيت کي قلمبند ڪيو آهي. سنڌ جي مشهور عوامي شاعر، مولانا حاجي احمد صاحب ملاح، سنڌيءَ ۾ هيٺيون قطعو لکيو آهي:

 

آهه ويئي دوستن جي جان جلي،

ويو گذاري گوهر غلام علي.

مير صاحب ميون ڪريم لقب،

سنڌ جي سونهن، منجهه صفات ولي.

عدل ۾، فضل ۾، فضيلت ۾،

ڳُڻ سندس ڳائجن ڳلي بڳلي.

بوالفضولي کان ساڻ فضل خدا،

جان پنهنجي جوانمرد پَلي.

بلبلون باغ جي بجا بر ۾،

گل گلابي ويو چمن مان چلي.

متقي، پائبند صوم صلوات،

روز شب ذڪر ۾ خفي جلي.

رحمته الله، شال رب مرهيس،

ڏيس عليين ۾ مقام علي.

پٽ پوٽا سندس سنڀالن شال،

وير وارث سندن وڏي جي ولي.

پنهنجونجاهه عمر ۾ افسوس،

ٿئي جلوي سندس کان جاءِ ٺلي.

سن تيرهن سو ٿيا اسي هجري،

جاءِ جنات ۾ جناب جهلي.

روز اول، جمادي الاخر،

آخرت ڏي ويو حليم هلي.

ڏينهن ڇنڇر جي، وقت ساڍا ٽي،

موت آيو منجهند مهل مَلهي.

گهرُ ڌڻي پاڪ کان دعا، ’احمد‘،

جاءِ بخشيس منجهه بهشت ڀَلي.

 

فارسيءَ ۾ مولانا حاجي احمد ملاح هن طرح قطعو لکيو آهي:

 

دريغا ڪہ ميرِ غلامِ علي،

امير و فقير و حليم و حلي!

بدرجِ وفا گوهرِ آبدار،

ببرجِ صفا نيرِ منجلي؛

بفضل خداوند حاصل نمود،

بدنيا و دين رتبئه معتلي؛

شب و روز مشغول بودش مدام

دل و جان بذڪرِ خفي وجلي،

درين دور پرشور و شر و شراب،

همه زندگي پاڪ همچو ولي؛

بشنبہ يڪم ماهه ثاني جماد،

بوقتِ زوالِ سرا جلي،

سن سيزده صد بهشتاد وسہ،

تنِ اوشد ز پاڪ جان منخلي؛

ز ’احمد ‘ دعا، رحمت الله عليہ،

”بعليين بادا مقامش علي“

(جمادي الثاني، سن 1383 هجري)

ان طرح مولانا محمد صاحب ٻني واري، هن طرح قطعو لکيو آهي:

 

بفرياد نالم ازين چرخِ پير،

بيفگند درپرده بدرِ منير؛

ڪريم الفضائل، ديانت پسند،

اميري نڪوراءِ، روشن ضمير،

اجل ناگهانش در آغوش ڪرد،

به هر نفس نوبه رسد ناگزير،

باخراج تاريخ سالِ وفات،

شد آوازِ هاتف بعالم شهير،

ڪہ ”عفو الاهي، غلامِ علي“،

خدايا، بجنت بود جائگير.

(1383هه)

آخر ۾ دعا آهي ته رب ڪريم کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ عطا ڪري! (غ.م.گ)

مرحوم سيد ميران محمد شاهه، ’مير‘

سنڌي ادب ۽ ان جي شائقين لاءِ هيءَ خبر وحشت اثر آهي ته سنڌ جو هڪ ممتاز سياستدان، اديب ۽ شاعر، الحاج سيد ميران محمد شاهه، 16- نومبر 1963ع تي، شام جي ساڍي چئين وڳي، پنهنجي حيدرآباد واريءَ رهائشگاهه ۾، لاڏاڻو ڪري، وڃي آخرت جو مڪين ٿيو_ انا لله و اِنا اِليہ راجعون.

مرحوم ميران محمد شاهه، پنهنجيءَ جامع حيثيت سان، هڪ تاريخي دۇر هو؛ هڪ مخصوص خطي جي ثقافت ۽ زبان، ادب ۽ تهذيب جو نمائنده دۇر هو؛ اهو اڄ پايه تڪميل تي پهتو. ٽکڙ، پنهنجي ثقافيت سرمايي کان تهي دست ٿي ويئي، ۽ سنڌي ادب هڪ خير خواهه کان تهي  دامن!

ٽکڙ جي مشهور سادات خاندان جي چشم و چراغ، مرحوم شاهه صاحب، وڪالت جي مرحلي کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. لوڪلبورڊ جي صدارت کان وٺي، سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ، سنڌ جي وزيريءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪريءَ تائين پهتو. آخري دۇر ۾ پاڪستان پاران اسپين ۾ سفير ٿي رهيو. سندس زندگي مسلسل جدوجهد ۽ ڪاوش آهي. علم و ادب، شعر و ثقافت، حڪومت ۽ سياست جي تاريخ ۾ شاهه صاحب مرحوم مغفور جو نالو تاريخي حيثيت حاصل ڪري چڪو  آهي. سندس سياسي ۽ ملڪي، علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو پڻ وسيع آهي. افسوس جو سندس وفات کان پوءِ، جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان جو ڀرجڻ مشڪل پيو نظر اچي.

سوانح حيات:  شاهه صاحب مرحوم، 19-مارچ 1898ع تي، ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. سندن والد سيد حاجي زين العابدين شاهه مرحوم هو. پاڻ  متعلوي سادات خاندان جو چشم و چراغ هو. سندن وڏن مان سيد امير علي شاهه، تيمور سان گڏ هت پهتو. شاهه صاحب جو خاندان، ٻارهين صدي هجريءَ جي ابتدا ڌاري، مٽيارين مان لڏي،  اچي ٽکڙ ۾ سڪونت پذير ٿيو.

شاهه صاحب جي وڏڙن ۾ سيد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ، طبيب ماهر ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه صاحب جو ڏاڏو، سيد ميران محمد شاهه، به پنهنجي دۇر جو لاثاني حڪيم ۽ اهل قلم ٿي گذريو آهي. سندس ڪتابن مان ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ”مفيدالصبيان“ نهايت لذيذ ڪتاب آهن. پهريون ڪتاب ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿي چڪو آهي. شاهه صاحب مرحوم جو والد، سيد زين العابدين شاهه، پڻ سخن سنج ۽ مجلسن جو مور هو.

شاهه صاحب مرحوم، ٽکڙ جهڙيءَ مردم خيز سرزمين ۾ ڄائو. هن  مردم خيز خطي ۾ هر قسم جي فن جا استاد گهڻي انداز ۾ موجود هئا. ادبي ۽ علمي محفلن جي بازار گرم هئي. محمد هاشم ’مخلص‘، علامه اسدالله شاهه ’فدا‘، خواجه محمد حسين جان سرهندي، حاجي محمد حافظ شاهه، حافظ محمد هارون ’دلگير‘ ۽ حافظ عبدالله ’بسمل‘، ساڳئي وقت ۾ موجود  هئا.  سندن محفلن ۽ مجلسن جي سخن گوئي ۽ سخن سنجي اڃا تائين ٽکڙ جي جهونن جي دلين تي نقش آهي. شاهه صاحب  انهن مان گهڻن بزرگن، خصوصاً علامه ’فدا‘ ۽ حافظ شاهه جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو ۽ فيضياب ٿيو. سندن ڪلام ۾ انهن بزرگن جو رنگ جابجا نظر اچي ٿو.

تعليم ۽ تربيت: مرحوم شاهه صاحب ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾، مُلامڪتب ۾، حافظ محمد يوسف ۽ حافظ محمد  هارون ’دلگير‘ وٽ ورتي، جتي سنڌي، پارسي ۽ قرآن پڙهيائين. پاڻ اڃا اٺن سالن جو هو ته سندس والده ماجده وفات ڪئي، ۽ انهيءَ نصف يتيميءَ  جي داغ کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هيڪاري وڌيڪ آماده ڪيو. ٻارهن سالن جي عمر ۾، سال 1910ع ۾، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، جتان  سال 1917ع ۾، بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪيائين. قانون پڙهڻ لاءِ بمبئي ويو، جتي 1923ع ۾، گورنمينٽ ڪاليج مان ايل.ايل.بي. جو امتحان پاس ڪري، 1924ع کان حيدرآباد سنڌ ۾ وڪالت شروع ڪيائين.

سياست: شاهه صاحب 1924ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سال 1926ع ۾، کيس ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو، ۽ 1929ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ شاهه صاحب ”سائمن ڪميشن“ ۽ ”ٽوئن ڪاميٽيءَ“ سان گڏ ڪم ڪيو، ۽ حيدرآباد ۾ ”سنڌ_جدا_ ڪانفرنس“ سڏائي، ماڻهن کي پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ۽  بيدار ڪيائين. اهي ڪوششون آخر سجايون ٿيون، ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري، خودمختيار صوبو بنايو ويو. 1937ع ۾، پهريون ڀيرو، سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. 1938ع ۾، اسيمبليءَ جو اسپيڪر بنيو، ۽ ڏهه سال انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. 1946ع وارين چونڊن ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي ويو، ۽ 1948ع کان 1950ع تائين سنڌ سرڪار جو وزير ٿي رهيو. اتان کيس اسپين ۾ پاڪستان سرڪار طرفان سفير ڪري موڪليو ويو. اسپين مان واپس سنڌ اچڻ بعد، 1954ع ۾، ڪراچي امپروومينٽ ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو، ۽ 1957ع ۾ انهيءَ عهدي تان سبڪدوش ٿيو. ان بعد هو ائگريڪلچرل بئنڪ آف پاڪستان جو چيئرمين بنيو.

ادبي خدمتون: ادبي ميدان ۾ شاهه صاحب ڪيتريون ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون. 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا ”سنڌي مسلم سوسائٽي“ قائم ٿي، شاهه صاحب ان جو منتظم ۽ پريزيڊنٽ هو. انهيءَ سوسائٽيءَ ڪيترا مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ کي زور وٺايو. انهيءَ ئي سوسائٽيءَ سنڌ ۾ پهريون زنانو مسلم هاءِ اسڪول کوليو، جو اڄ تائين حيدرآباد جي ميمڻ محلي ۾ ”مدرسة البنات“ جي نالي سان قائم آهي.

1941ع ۾، سنڌ سرڪار سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هڪ ”سنڌي مرڪزي بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن سنڌي لغت تيار ڪرڻ جي رٿ رٿي، ۽ پڻ لائق اديبن کي انعام ۽ معاوضا ڏيئي، کين معياري ڪتابن لکڻ لاءِ همٿايو. شاهه صاحب 1951ع تائين،  ڏهه سال، انهيءَ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. 1951ع ۾، اڳيون بورڊ بدلائي، نئون بورڊ وجود ۾ آندو ويو، جو هن  وقت تائين قائم آهي. شاهه صاحب انهيءَ هاڻوڪي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رهندو پئي آيو.

پنهنجي وزارت واري وقت ۾، مرحوم شاهه صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني ورسي ملهائڻ جي جيڪا شاندار روايت قائم ڪئي، سا سندس زندگيءَ جو هڪ جس جوڳو ۽ يادگار ڪارنامو آهي. ان وقت کان وٺي، هر سال، ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل“ جي اهتمام سان، ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف جي سالياني ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي. شاهه صاحب انهيءَ ڪائونسل جو چيئرمن هو. ’شاهه‘ جي ڪلام ذريعي  تصوف جي فلسفي کي فروغ ڏيڻ ۽ معقول بڻائڻ لاءِ هيءَ ’ڪائونسل‘ سنڌ اندر ڪافي ڪم ڪري چڪي آهي. ’ڪائونسل‘ سنڌي موسيقيءَ کي پڻ گهڻي قدر همٿايو آهي. هر سال، ورسيءَ جي موقعي تي، سڄيءَ سنڌ مان عالم،  اديب، شاعر ۽ فنڪار اچي ميڙو مچائيندا آهن، ۽ پنهنجو پنهنجو هنر ڪانفرنس ۾ پيش ڪري، داد ۽ انعام حاصل ڪندا آهن.

سياست ۽ ادب سان گڏوگڏ، شاهه صاحب تعليمي خدمتن ڏانهن پڻ متوجهه ۽ مائل ئي رهيو. سترهن سالن تائين بمبئي يونيورسٽي ۽ ان سان متعلق ادارن__ مثلاً: سنڌي تحقيقي بورڊ، وغيره__ جو ميمبر رهيو. سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب، ابتدائي ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت ۾، سنڌ گورنمينٽ کي هڪ مدلل رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي بيناد تي مختلف مرحلن بعد سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جڏهن سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي کلي، ته شاهه صاحب ان جي سينيٽ، سنڊيڪيٽ توڙي ائڪڊمڪ ڪائونسل تي ميمبر نامزد ڪيو ويو. شاهه صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”فئڪلٽي آف آرٽس“ جو ڪيترا سال ’ڊيِن‘ (Dean) به ٿي رهيو.

اها به سنڌي ادب جي خوش قسمتي چئجي، جو ان هڪ مصروف شخصيت کان به پنهنجو ’خراج‘ اڳاڙيو، جنهن زندگيءَ جي اوائلي دۇر وارا قائم ڪيل ادبي واسطا ۽ ناتا، سڳا ۽ ڌاڳا ٽوڙي، سياست ۽ رياست جي نظم و نسق، انتظام و انصرام لاءِ گويا پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي: جنهن جي سياسي انهماڪ ۽ اشتغال کي ڏسي، اهو اندازو نٿي ٿي سگهيو ته هي سياستدان ۽ قانوندان، سفير السلطنت ۽ دبيرالمملڪت، باوجود اهڙين خشڪ ۽ پريشان ڪُن مشغولين جي، سخن گوئيءَ ۽ نقطهء سنجيءَ جو اهڙو پاڪيزه ۽ سنجيده، سهڻو ۽ سلوڻو شعري ذوق به ساهه سان سانڍيندو پيو اچي، ۽ هي سياست ۽ رياست جا امور ۽ مسئلا سندس فطري ذوق ۽ طبعي رجحان جي آڏو درجہ ثانوي رکن ٿا. هي شاعرانه دل و دماغ، عالمانه فڪر و نظر ۽ عاشقانه طبع ۽ مزاج وارو ماڻهو، امور سلطنت ۽ رموزِ مملڪت کي پنهنجي زندگيءَ تي حاوي نٿو رکيو اچي، پر انهيءَ تي پنهنجي ذوق کي غالب ۽ حاوي رکيو ٿو اچي.

نقطهء نوازي ۽ سخن طرازي، ادبي ذوق ۽ شعري شوق، وجد انگيز ڪيفيات ۽ محبت  انگيز جذبات کي ايتريءَ مدت مديد تائين سانڍڻ ۽ سنوارڻ، دراصل ان مردم خيز خطي جي جاذبيت ۽ ڪرامت آهي، جنهن جي خاڪ مان بيعديل  عالم، فاضل، ڪاتب، شاعر، ايڊيٽر، سخن سنج ۽ سخن شناس، نقطهء نواز ۽ سخن طراز پيدا ٿيا، جنهن خاڪ مان محقق ۽ فقيهه، مفسر ۽ محدث، علاما ۽ فهاما  پيدا ٿيا. سچ پچ، ’ڪل شيءِ يرجع اِليٰ اصلہ‘ وانگر، مرحوم شاهه صاحب پنهنجي اصل ۽ روح جي لحاظ سان هڪ برگزيده صفات خاندان، علمي ۽ ادبي،  روحي ۽ اخلاقي اوصاف سان متصف گهر ۾ پيدا ٿيو. باوجود وڏي ڪشالي ۽ سفر ڪاٽڻ جي به سندن جذبات ۽ خيالات، طبعي رجحانات ۽ دلي ميلانات زماني جي حالات ۽ حادثات کان ايترو متاثر ۽ ملوث نه ٿيا، جن سان هوند شعري ۽ ادبي ذوق ختم ٿي وڃي ها.

شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ جي پوري جدوجهد ۽ جهاد کي مجاز قرار ڏنو. هو هميشہ حقيقت شناس رهندو آيو، ۽ اڳتي هلي پنهنجي بزرگن جي اصليت ۽ انهن جي علمي ۽ بزرگانه ورثي جو وارث بنجي چڪو. رب ڪريم شال ان خاندان جي ننڍن نوجوانن کي مت ڏئي ته هو ڪجهه عبرت ۽ موعظت حاصل ڪن، ڪجهه پروڙين ۽ پرائين، ڇا لاءِ  ته شاهه صاحب  مرحوم جهڙو بزرگ ۽ زمانه شناس ان خاندان مان پيدا ته وري مشڪل ٿيڻو آهي، پر جي پيدا ٿيو، ته به هن جهڙو نه ٿيندو ۽ جي ڪير ٿيو به، ته صدين کان پوءِ ٿي سگهي ٿو. سچ پچ، سائين ميران محمد شاهه ٽکڙ جي شرافت ۽ سيادت، قيادت ۽ شهامت جو آخري مثال هو. ان بزرگ تي تکڙ جو پورو دۇر ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. الا ماشاء الله!

”رهيا اٿيئي رات، صبح ويندءِ صابري،

سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي!“

جي مصداق، زمانو ڏاڍو تيزگام ۽ گرزپا آهي. ان جو قدر ۽ اندازئي پنهنجو آهي. اسان جي ماپ مجازي آهي. زماني جي رفتار نه فقط تيز ۽ تند آهي، پر بي نياز آهي. زماني جي بطن منجهان عجيب غريب حادثات ۽ واقعات پيا رونما ٿين، ۽ هي صبا_رفتار شهسوار پيو وڃي ۽ اڃا پيو وڃي، ۽  پيو ڪاهي ۽ تاڻي! انسان جي زندگي ڇا آهي؟ هڪ موجِ حباب ۽ ڪرشمئه سراب! طفلگي، جواني ديواني، پيري، هش ٻلي کيري! پوءِ دوري ۽ مهجوري، مجبوري ۽ معذوري.

اها ته ٿي شاعري، پر حقيقت پسندانه مادي نظر سان ڏسبو ته اهي چند منزلون آهن، پر عمر جو ڪاروان، ”تيز ترڪ گان زن، منزل ما دور نيست“ چئي، بقول اقبال، وڌندو ئي رهي ٿو. انسان جي ارتقا جي حد ئي نه آهي. بقول شاهه، ”نه ڪا ابتدا عبد جي، نه ڪا انتها!“ بيهي رهڻ، ماٺ ڪرڻ، جمود ۽ خمود، زندگيءَ لاءِ موت آهي. زندگي جهد للبقا جو جهاد آهي. رڳو هلڻو ۽ وڌڻو آهي، بيهڻ ۽ پوئتي نهارڻ موت آهي:

موت هي وه زندگي، جس مين نه هو انقلاب،

روحِ امم ڪي حيات، ڪشمڪشِ انقلاب.

هلڻ ۽ ڪري پوڻ، وري اٿڻ، وري هلڻ، ٿڪجڻ ۽ ساهه کڻڻ، وري هلڻ ۽ هلندو رهڻ آهي.

ايندم هلي هوت، پر آئون ڀي اڳڀري ٿيان!

اهو سڀڪجهه ’اڳڀرو ٿيڻ‘ آهي، ورنه هت منزل به خود منزل انداز جي استقبال لاءِ پئي وڌي ۽ قريب اچي. پر سوال ٿو اٿي ته انقلاب ۽ ان جي گردش، سانحا، حادثا، واقعا، واسطا، مسئلا ۽ معاملا، آهن ڇا؟ سمجهه ۾ ته ائين ٿو اچي ته هي سڀڪجهه آهي نمودِ حباب يا گردشِ حباب، چشمڪِ برق و شرر يا فروغِ شعلهء حسن! بس، اهو آهي قصهء حيات، ڪجهه منتشر ڪجهه مرتب. بقول خسرو:

’خسرو‘ ز تشنگيء بيابان هجر سوخت،

اي آبِ زندگي، تو بجوئي ڪہ ميروي.

بهرحال، ٽکڙ جي علمي سر زمين ۽ ان جي مشاهير جي شخصي محاسن ۽ علمي فضائل سان روشناس ٿيڻ جو تعلق ته تمام جهونو آهي. اها خبر ڪا نه هئي ته اهو تعلق ڪڏهن واقعي قرب ۽ محنت ۾ بدلجي ويندو، ۽زندگيءَ جون چار گهڙيون ’ٽکڙائي يارن‘ سان بسر ڪرڻيون   پونديون. انهن سان ملبو ۽ رهبو، ۽ انهن جي اوصاف جميله کان محفوظ ٿبو، ڪجهه ڏبو ۽ ڪجهه پرائبو.

آئون سائين ميران محمد شاهه مرحوم جي ادبي ۽ علمي تحريرن کان ايام طفلگي کان متعارف آهيان. شاهه صاحب جو مضمون ”دل جي طلب“ سنڌي ادب جو بهترين شاهڪار آهي. زبان جي رواني، ڪلام جي طولاني، فڪر جي جزالت، زبان جي پختگي ۽ سادگي، برجستگي ۽ بيساختگيءَ کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته اهو قلم ڪنهن شوخ پر سنجيده، حقيقت پسند پر مجازي طبع واري ماڻهوءَ جي هٿ ۾ آهي. ان دۇر کان پوءِ سنڌ جي آزادگيءَ متعلق سندن مضمون ”الوحيد“ جي آزاد نمبر ۾ مطالع ڪيو ويو. شاهه صاحب جو ڪمال آهي جو ٺيٺ خشڪ  سياسي ڇڪتاڻ کي روحي رهاڻ بنائي ڇڏيو اٿن. ور ور ڪري پڙهڻ تي پئي دل ڇڪي.

ان کان پوءِ سن ۾ سندس هڪ خط، سنڌ جي محبوب شخصيت، جي.ايم. سيد ڏانهن لکيل پڙهيم، جو يورپ مان لکيل هو. ان ۾ يورپ جا مشاهدات پيش ڪيل هئا، جنهن جي پڙهڻ سان دل ۽ دماغ کي طراوت ۽ فرحت نصيب ٿي ٿئي.

انهن سڀني  چيزن کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ، شاهه صاحب جي ادبي قدرن ۽ فڪري لاڙن جي خبر پئي ته هو هڪ زخم خورده پَرندو آهي، جو قيد ۾ پيو پَر هڻي؛ هو هڪ مستقل بغاوت آهي، جا قيد و بند جي سيخن سان پنهنجون قوتون ٽڪرائي رهي آهي؛ هو مارئيءَ وانگر پيو ملير کي ساري ۽ سنڀاري؛ هو عمر ڪوٽ جي مال مليدن، ٻانهن ۽ ٻانهين، چاشنين ۽ حلون کي تڇ ٿو سمجهي.

سچ پڇ ته سائين ميران محمد شاهه مرحوم  جي ضعيف ۽ نحيف جسم ۾ هڪ طوفان انگيز، جذبات خيز، متلاطم ۽ پرجوش، انقلاب انگيز ۽ بغاوت پسند روح هو، جو هر مرحلي تي ڪامياب رهيو. افسوس، اڄڪلهه جي نقطهء چين نظرن کي ان هنر ۽ حسن جو ڪو قدر ڪونه آهي.

سائين ميران محمد شاهه مرحوم تخليق ۽ تربيت موجب هڪ شاعر ۽ اديب هو، پر سياست ۾ رهڻ ڪري سياست جا پيچ داءُ به خوب استعمال  ڪيائين. سندس سياسي زندگي، بي اصول سياستدانن لاءِ ”سنها ڀانءِ مَ سَپَ، اٿئي وياءُ واسينگن جا“ وانگر هئي، پر ڪمال اهو آهي ته مغربي تهذيب جي مرڪزن ۾ رهي ڪري به مشرقي رند رهيو. پنهنجا مشرقي اطوار آخر تائين  نه ڇڏيائين. سچ پڇ ته سندس خوبيءَ ۽ حسن ۾ مشرقيت سمايل هئي. سندس اندازِ ڪلام، نقطهء سنجي، وقائع نگاري ۽ منظرڪشيءَ جو مثال ڪٿي ٿو ملي؟ اهڙو برجستو سحرطراز ورلي نظر ايندو، جو زبان جي وسيلي عالم جو سير ڪرائي؛ جنهن جي شسته ۽ شائسته انداز بيان ۾ فصاحت ۽ بلاغت جا عجيب غريب مثال پيا ڏسجن؛ جنهن جي ڪچهريءَ ۽ رهاڻ ۾ مغلن جي دربار واري طراوت ۽ لذت اچي. سچ پڇ ته سائين ميران محمد شاهه مرحوم مستقل طور هڪ فن، هڪ آرٽ، هڪ هنر ۽ هڪ حسن هو. الله شال کيس مرهي!

مرحوم سائين ميران محمد شاهه صاحب هن قحط الرجال جي دۇر ۾ اهو جهونو جوڳي هو، جو ’وِرهه ۽ ورونهن‘ جو دونهون دکايو ويٺو هو. علم و ادب تي، سير و سياحت تي، فن ۽ ثقافت تي، سندس دلپذير ۽ روح پرور ڪچهريون وسرن ئي نٿيون. سندس ’حيات‘ کي چراغ سحري سمجهي، سندس نوجوان صحبتي دوستن کي ٻه_چار ڀيرا عرض ڪيم ته ڪو طالب ۽ اهل ذوق، گوڏا ڀڃي، سندن مشاهدات ۽ تجربات کي قلمبند ڪندو رهي، جن جو مطالبو نه فقط معلومات افزا رهندو، پر نوخيز نوجوانن لاءِ تمام ضروري آهي؛ ڇالاءِ ته اهڙن وڏڙن جي رهاڻ، کي اڄڪلهه نه ڪي لکڻ وارا رهيا آهن  ۽ نه ڪي ٻڌڻ وارا ئي بچيا آهن. هونئن به، ٻڌڻ به ته صلاحيت سان آهي. اڄڪلهه اهي صلاحيتون ۽ پختگيون ڪٿي آهن، جي ههڙن جامع شخصن جي رهاڻ ۽ تجربي مان استفاد و ڪن، سکن، سمجهن، پروڙين ۽ هنئين سان هنڊائين. اسان جي قوم آهي مرده پرست، رڳو مرڻ کان پوءِ واويلا ڪري ڄاڻي يا ورسيون ملهائي ڄاڻي، ”جيئري سان جهيڙو ۽ مئي سان محبت“ وارو رنگ ۽ انگ آهي. بهرحال، منهنجي صدا صدابصحرا ئي رهجي ويئي! نه ڪنهن استفادو ڪيو ۽ نڪو ڪنهن قلم کڻي ويهي ڪجهه لکيو. نه معلوم ڇا ڇا سيني ۾ سانڍي کڻي ويو! رهي نام الله ڪا!

مون سندن ’ڪليات‘ جي تقريظ لکندي، اڳواٽ ئي چتاءُ ڏنو هو:

 

”سائين ميران محمد دشاهه هڪ فاضل، عالم، قانوندان، سياستدان، زمانه شناس، سياح، اديب، شاعر، وڪيل، سفير ۽ وزير جي حيثيت سان جنهن علم ۽ مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جو مالڪ آهي، هينئر سرزمينِ سنڌ ۾ اهڙا تمام ٿورا وڃي بچيا آهن، ميران محمد شاهه هڪ دۇر آهي، هڪ تاريخ آهي، ۽ هڪ عهدِ زرين آهي، جو اڄ اسان لاءِ چراغِ سحري آهي. افسوس، سيني ۾ ڇاڇا نه کنيو ويندو! منهنجي راءِ آهي ته اهلِ علم حضراتِ خصوصاً ٽکڙ جا نوخيز اهلِ قلم، شاهه صاحب جيملفوظات ۽ مقالات کي لکن ۽ جمع ڪن. ائين نه ٿئي جو پوءِ حسرت جا هٿ مهٽڻا پون.“

 

شاهه صاحب جي علمي ۽ ثقافتي زندگيءَ لاءِ، شاهه لطيف جا ساليانا ميلا، هرهنڌ لطيف ڊي، لطيف يادگار ڪائونسل، لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌي ادبي بورڊ، مسلم ادبي سوسائٽي، مدرسة البنات حيدرآباد، شاهد آهن، جي زنده جاويد آهن ۽ جن جي نسبت سان علمي دنيا ۾ ميران محمد شاهه صاحب به زنده ۽ پاينده رهندو. جيئن تاريخ سندس خدمت ۽ ثقافتي يادگارن کي محو ڪري نٿي سگهي، تيئن سندس زنده جاويد شخصيت به تاريخي حيثيت سان بطور يادگار قائم ۽ دائم رهندي.

ميران محمد شاهه صاحب، خانداني لحاظ سان نهايت نجيب ۽ حسيب خاندان جو فرد وحيد هو. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف به متعلوي سادات آهن. اها فخر جهڙي ڳالهه آهي جو شاهه صاحب  ان بزرگ ۽ برگزيده خاندان مان هو. ان سڳوري ۽ سونهاري خاندان مان ٻيا به ڪيئي صالح ۽ برگزيده روزگار عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا آهن، پر جا شهرت ۽ مقبوليت هن دۇر ۾ ميران محمد شاهه صاحب کي حاصل ٿي آهي، اها تمام ٿورن کي نصيب ٿي هوندي.

سائين ميران محمد شاهه جي طبيعت ۾ اڃا جواني_ديواني واري سرمستي ۽ سرخوشي، رنگيني ۽ افتادگي موجود هئي. راڳ ۽ رنگ جي محفل ۾ سندس ڪيف آور نقل و حرڪت مان ثابت آهي ته عاشق مزاج شاعر، جوانيءَ جي دۇر لافانيءَ مان گذرڻ کان بعد ۾ به عشق جو دم ٿي  ڀريو. ان جون اکيون اڃا به پري وِش ۽ حور تمثال حسينن جي نظآره جمال کان خيره ٿي ٿيون. ان جي دل، لذتِ عشق کان اڃا تائين بيدار ۽ سرشار هئي. ”حافظ“ پوڙهپ ۾ شايد پنهنجي حقيقت بيان ڪئي آهي:

گرچه پيرم تو شبي تنگ در آغوشم گير،

تا سحر گہ ز ڪنارِ تو جوان برخيزم.

ميران محمد شاهه صاحب ۾ اڃا به ولولهء حيات موجود، جذبات موجود، ۽ زندگيءَ جا مخمور ڪُن ۽ محسور ڪُن لمحات موجود هئا. اهائي رندي، اهائي مستي، اهائي بيريائي، اهائي قلندري؛ نڪا شيخي نڪا مشائخي، نڪا پارسائي نڪا سيد پائي: ”سموري سرڪار، نيئي رکج نانهن ۾“ جي مصداق هو.

منهنجي هن طول ڪلاميءَ کي ڪي ناقد ڀلي ته ڇا جو ڇا سمجهن، آءٌ معافي جو خواستگار آهيان، پر سندم ضمير گواهه آهي ته آءٌ هڪ اهڙي شخص متعلق لکي رهيو آهيان، جو اسان وٽ چراغ سحري هو، جو بيشڪ هڪ انسان ۽ مرڪبِ خطا و نسيان هو. ان ۾ عيب به هئا، ۽ يقيناً هوندا؛ پر پنهنجي طبع حسن پسند ۽ هنر پسند آهي. نقطهء چينيءَ ۽ عيب چينيءَ جون مهلون ٻيون به گهڻيون آهن. هرڪو پرپٺ پيو ٻين جا عيب ٻولي ۽ ڦولهي. رب شال معاف فرمائي.

مون شاهه صاهب جو تفصيلي خاڪو ان ڪري ڇڪيو آهي، جيئن سندن شخصيت ۽ ان جي تصوير قارئين اڳيان هوبهو رهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سندس ڪلام جو مطالعو پڻ ڪري سگهجي. چوڻ واري سچ چيو آهي:

آورم پيشِ تو هر لحظه پيامِ دگران،

گويمت تا سخن،ِ خويش بنامِ دگران.

(قيصري تبريزي)

ڪلام پنهنجي صاحب الڪلام جي تصوير آهي، ان جو صحيح طور مطالعو شخصيت جي مطالعي کان پوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو.

سائين ميران محمد شاهه مرحوم ٽکڙ جي انهن شاعرن جو ساٿاري هو، جي پنهنجي فن ۾ يگانه روزگار رهيا. حامد، مخلص، دلگير، بسمل، فدا، حافظ شاهه، سنڌ جا بهترين شاعر تسليم ڪيا ويا آهن. انهن جي خوش بياني، رواني، زبان جي طرفگي، محاورات تي دسترسي، طرز ادا جي پختگي ڪٿان لڀي؟

جناب ميران محمد شاهه فطرتاً شاعر به  هو ۽ جمال پسند به هو. سندس شاعري هڪ عاشق ۽ صاحبِ درد شاعر جي شاعري آهي، جنهن جو توجهه شعر جي ٻاهرينءَ جوڙجڪ، مصنوعي ٺاهه ٺوهه،  عروضي ڀڇ_گهڙ ۽ لفظي ايچ پيچ کان مٿي، فقط شاعرانه خيال تي هو. بقول ’رومي‘:

 

من نه دانم فاعلاتن فاعلات،

شعر مي گويم، به از آبِ حيات.

 

سائين ميران محمد شاهه جو ڪلام ’فاعلات فاعلات‘ وارن کي نه به آئڙي، پر ڪلام جي روح ۽ ان جي رنگينين جي ڄاڻڻ لاءِ ته بهترين ۽ پرڪيف ڪلام آهي. ان ۾ سادگي ۽ برجستگي آهي، ان ۾ پختگي ۽ بيساختگي آهي، سونهن ۽ ورونهن آهي. ڪيتريون ڪافيون وجد انگيز آهن، ۽ ڪيترا غزل معياري نظر آيا.

هڪ وزير مملڪت ۽ سفيرالسلطنت، سياستدان ۽ قانوندان کان، غنيمت آهي ته هن اديبن ۽ شاعرن جي ساٿ ۾ اچڻ ۽ رهڻ ۾ به فخر ٿي سمجهيو. اگر هڪ اڌ غزل يا هڪ اڌ ڪافي ئي سنڌي ادب کي سائين ميران محمد شاهه مرحوم ڏئي  وڃي ها، ته اها به غنيمت هئي.

اڄ سائين ميران محمد شاهه مرحوم اسان وٽ موجود نه آهي، پر سندس مرڪندڙ مُنهن مان نڪتل ڳالهيون ۽ سندس روح پرور رهاڻيون ته ڪڏهن به وسري نٿيون سگهن.

آخر ۾ دعا آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس پسماندگان مان سندن ڀاءُ سيد قاسم علي شاهه، سندس هوئڻهار ڀائٽي سيد قمرالزمان شاهه ۽ سندس عزيزن، حافظ شاهه ’حافظ‘، اسد الله شاهه ’بيخود‘، امداد حسيني، شبير ’هاتف‘، سوز ٽکڙائي، روشن علي شاهه وڪيل، غلام محمد شاهه، عبدالهادي شاهه، اڪرم شاهه ۽ اشرف شاهه وغيره کي صبر جميل ۽ اجر جزيل عطا فرمائي!   (غ.م.گ.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com