سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (3-4)

 

صفحو :17

پوين ٽن شعرن ۾ ٻڌايو ويو ته همراهه پينشن تي ويو آهي ۽ گادي ٽوڊين کي ڏئي ويو آهي. اهي سندس سچا شاگرد ۽ تربيت يافته کٿابي ته آهن، پر مڪر ۽ فريب ۾ ارسطوي دوران آهن، جو ڪن وقتن تي استاد به ڪن وڍايو پيو موٽي!

الغرض، مرحوم بلبل پنهنجي دۇر ۾ مغرب زده نقالن ۽ ٽوڊين جي عادات ۽ اطوار، اخلاق ۽ خيالات جي چڱيءَ  طرح کل لاٿي آهي. ان دۇر جي تعليم ۽ نصاب کان وٺي، آفيسرن جي گشت، ڪامورا شاهيءَ جي رعيت آزار روش، اجائي ٽنڊ ٽانءِ، دين کان بيزاري، دنيا پرستي، مذهب ۽ اخلاق کان برگشتگي، مشرقي اخلاق کان دوري، انگريزن جي تهذيب جي بيروح نقاليءَ تائين، زندگيءَ جو ڪوبه پهلو نه ڇڏيو آهي. ان دۇر ۾ عوام ڪالانعام جن غلط معاشرتي اصولن ۾ ڦاٿل هو، انهن کي به نه ڇڏيو اٿس. سندس نثر ۽ نظم جو سارو ذخيرو ان قسم جي مزاحيه ۽ طنزيه تنقيد سان ڀريو پيو آهي، ڇالاءِ ته هن دۇر جا قدر ۽ معيار به اهي ئي آهن. اهائي دين کان دوري، ماده پرستي، دنيا طلبي، بيروح نقالي ۽ بيرنگ زندگي.

سنڌي ملسمانن جي حالت:

ڏسو قوم پنهنجيءَ جوهاڻي نمط،  اول تان پڙهو بسم الله برغلط.

افيسر جي مس مس ٿيا چار پنج، اهي  ٿيا اسان لئي غنيمت ۽ گنج.

انهن کان سوا ٻي ڪريون هاڻ ڌوڻ، مسلمان منشي ته اٽيّ ۾ لوڻ.

جو هڪڙا عمر تائين اميدوار، نهايت ته ڍڪ بند يا تپدّار.

جو هڪڙن کي ليسن عريضي نويس، ته ٻيا لاسٽ منشي، سپاهي پليس.

جو هڪڙا ته سائس يا پٽّيوال، بهشتي، ببرچي، حمال و مشال.

جو هڪڙا حولدار نائڪ نڪار، ته هڪڙا خلاصي ٿيا ڪوٽوار.

انهن ۾ به هندو ٿيا ڀائيوار،  جي ڳڻبو ته تن جو زياده شمار.

وريو واه هندن جو وارو ڏسو، پنهنجي قوم جو اڻسڌارو ڏسو.

نه ڪا تن کي همت ۽ غيرت ٿئي، ته پوءِ ڌوڙ حاصل هي نعمت ٿئي.

هي آهي انگريزن جي اوائلي دۇر ۾ ملازمتن جو حال.

     انگريزن جي پوليٽيڪل چال هر صوبي ۾ جدا هئي. هو هر هنڌ اقليت کي نوازيندا  هئا، جيئن اڪثريت هميشہ ڪمزور رهي. هندستان ۾ جتي هندو اڪثريت ۾ هئا، اتي ڳاڻ ڳڻين مسلمانن تي نوازش رهي، ۽ هندو پٽيندا رهيا. ان طرح سنڌ ۾ مسلم اڪثريت کي نظرانداز ڪري هندو اقليت کي ترجيح ڏيڻ، انگريزن جي سياسي پاليسيءَ موجب هئي. ان جو بروقت نوٽيس ’بلبل‘ ورتو ۽ انگريزن جي مداحن ۽ معتقدن جي اڳيان انگ اکر رکي ۽ ثابت ڪيو ته انگريز اصل ۾مسلمانن کي ڪڏهن به چڙهڻ نٿو ڏئي . ٻئي طرف ٽوڊي ۽ نقال هئا، جي ڀڳڙن جي لپ ملڻ تي مداحون پڙهندا رهيا، ۽ انگريزن کي سلطان ظل الله ۽ سلطان عادل سڏيندا رهيا. مسدس اٻوجهي ۽ انگريزن جي مدح ۾ جو ڪجهه لکيو ويو ان جو ٽوڙ ’بلبل‘ مرحوم پيدا ڪيو.

 

هندن جي ملازمتن جو تفصيل هن طرح بيان ڪيائين:

 

ڪيو هاڻ سرويس بوڪ تي نظر، تفاوت ڪڍي قوم جوڪيو پڌر.

مسلمان ۽ هندن ۾ آڻيو تميز، ته ڪيئن پست هِي ٿيا ته ڪيئن هُو عزيز.

لقب واه ’ديوان صاحب‘ وڻيو،  ننڍو ۽ وڏو ’راءِ صاحب‘ بڻيو.

ڪيائون ترقي ته تعليم ۾،  پکڙجي ويا ساري اقليم ۾.

جو هڪڙا ته جج ۽ اسسٽنت ٿيا،  ڏسو هڪ ته بيريسٽر ائٽ لا.

جو هڪڙا ته ڊپٽي ۽ مختيارڪار،  ته هڪڙا ڪليڪٽر ڪي دفتر مدار.

جي هڪ هيڊ منشي ته ٻيا اوورسيَر، جي هڪ سپروائيزر ته ٻيا انجنيَر.

جي هڪ سڀ رجسٽر ته ٻيا فوجدار،  سول جا ڪي ناظر ته سررشتدار.

جي هڪ ماستر ته ٻيا ڊاڪٽر،  ته هڪڙا وري سب ّ انسپيڪٽر.

جي هڪڙا پليڊر ته ٻيا پبلشر، جي هڪڙا مئنيجر  ته ٻيا ايڊيٽر.

جي هڪڙا ڪلارڪ ته بابو ٻيا،  ته فارسٽ جا ٽيان آفيسر ٿيا

جي هڪ ڍڪ منشي ته ٻيا تپدار،  ته هڪڙا سليدار ٻيا ٿاڻيدار.

 

مڙيئي آفيسون ڄڻ انهن جون خريد،  ٿين ڪونه کاتو ۽ عهدو بعيد..

ان وچور پيش ڪرڻ کان پوءِ ’بلبل‘ مرحوم ان طبقي جي به ترديد ڪئي آهي، جن جو چوڻ هو ته اسان لاءِ ’دين‘ بس آهي، ’دنيا‘ ۽ ان جي ترقي مردار ڍونڍ وانگر آهي.

        ’مسدس اٻوجهه‘ جي صاحب، سنڌ جي مسلمانن کي دنيا جو ڀوت هن طرح بڇايو آهي. چي:

 

انهيءَ زال دنيا لکين گهر ڦٽايا،      هزارين لکين خاندان رلايا،

دلابي ڪئين رنّ رانجهو رلايا،      مٽن مائٽن ۾ بکيڙا وجهايا،

کسي دين ۽ ڌرم جو نقد سارو،

ڪري مڙس وٽ ٿي گهَڙيِ هڪ گذارو.

 

دنيا جي مذمت ۽ دين جي تحصيل متعلق خوش فهمين کي ڏسي، بلبل مرحوم صاف چئي ڏنو:

چون ٿا اسان لاءِ بس آهه دين،      اهو عذر تن جو ڪڏهن ٻڌبو ڪين،

رڳو دين ڀي ٿيو اسان کان پري،    اڌرڪي هوئي نا اُڌر ڪي رهي.

’بلبل‘ جي تبليغ جو مقصد اهو هو ته ’دين ۽ دنيا‘ ٻنهي کي حاصل ڪيو وڃي. رڳو ’ملو‘ بنجڻ به ڪمال نه آهي ۽ نه ڪو ٺلهو’مسٽر‘ بنجڻ ڪمال آهي. زندگي ايتري بيمقصد نه آهي، جنهن کي ملازمت ۾ گذاري ڇڏجي، يا ’دين‘ کي آڙ بنائي، زباني توڪل تي عمر ڳاري وڃي ماڻهو مٿي چڙهي.

 

بي مقصد حيات:

بيمقصد زندگي گذاريندڙن جون دليلبازيون ۽ دلي تمنائون هن طرح ٿو مرحوم بلبل بيان ڪري:

 

تون رک ڀروسو، پنهنجي دولت مٿي، حڪومت، نعم ناز، حشمت مٿي.

وڏا بنگلا ۽ بنائج تون باغ،  برفتار گفتار عالي دماغ.

اسان جو ٿئي فرّ، هي فوت ڇا،  اسان کي ته ماري ڪندو موت ڇا.

مُلن جا هي دڙڪا، خيالي خطر، جي حاصل حڪومت ته ڪهڙو حذر.

جي ڊڄبو ته ٿيندو نه هي ڪاربار،  خور و پوش يا عيش عشرت بهار.

ڪري وَٺ مَزا تون عجيب و غريب،  ’ڪه ديده شود‘ ٿيو مرڻ يا نصيب.

غرض خوب پنهنجي تون هلندي هلاءِ،  ڀلي ساڻ موجون، ڀلي خوش هنڊاءِ.

 

ان کان پوءِ اهڙن ماڻهن جي لسٽ ڏني وئي آهي:

گهڻائي ته صاحب بهادر بلي،  گهڻا راءِ صاحب، دلي بادلي.

گهڻائي ته ديوان اعظم عمل  گهڻا مستر و بابو ۽ داس، مَل.

گهڻا چند ۽ سنگ، سي-ايس، سر، گهڻا خان، مرزا، ميان، معتبر.

گهڻا ايم-اي، ايف-اي، ايل-ايل، گهڻائي ته بي-اي گهڻا ڊنگ ڊيل.

گهڻا آنريري، گهڻا سيڪٽري،  گهڻائي ته سوِلئن، گهڻا ملٽري.

گهڻا آنريبل ته جسٽس دي پيس، گهڻا سپرنٽيڊنٽ، ناظم پُليس.

گهڻا ريس، سردار، پير و فقير، زميندار، جاگيردار و امير.

وڄائن ٿا وارو نقارو هڻي،  مگر آهه بيٺي جي بازيءَ بڻي.

بيمقصد زندگي بسر ڪندڙ’نقالن‘ جي زندگيءَ جو نقش، امر بصورت نهي، هن طرح ٿو بيان ڪري:

رکج دل تون اولاد احباب سان،  رکج دل تون سامان اسباب سان.

رکج دل تون ناموس ۽ ننگ سان،  رکج دل تون هر راڳ ۽ رنگ سان.

رکج دل تون دولت سندي دام سان،  رکج دل تون سڀ عيش و آرام سان.

رکج دل تون ڀلي وهٽ ۽ مال سان، رکج دل تون صحبت سندي زال سان.

رکج دل تون خوراڪ، پوشاڪ سان، ته دنيا سندي سري املاڪ سان.

رکج دل تون مٿي عشق بازي ضرور، شراب و حقو، ڀنگ فسق و فجور.

رکج دل مٿي ننڊ غفلت مدام،  چڱي ۽ مَٺي کي نه ڏي تون سلام.

نه دنيا جي کٽ پٽ نه عقبيٰ جو ڏر،  سڌوئي سڌو کول دوزخ جو در

 

مرحوم’بلبل‘ جي فني مخلصانه حيثيت هيءَ آهي، جو انڪساريءَ وچان معاشري جي مختلف طبقن جا سڀ عيب پاڻ ۾ ٿو ڏسي ۽ پاڻ کي معاشري کان جدا نٿو تصور ڪري. چوي ٿو:

 

خدا يا هي جيڪو چيو ٿم تباهه،   ڪيو ٿم پنهنجو منهن ۽ ڪاغذ سياهه

ڏيکاريم جي اقوال، احوال سڀ، اهي خاص منهنجا ٿَئي اعمال سڀ.

قسم آهي تنهنجو ته ناهي ڪو شڪ، سڀئي عيب مون ۾ اٿئي يڪ بيڪ.

هئو حال جيڪو سو ظاهر ڪيم، مٿي عيب ماڻهن کي ماهر ڪيم.

رکي آهه چارج، ڏيان ٿو بچاءُ،  محمد وسيلو ۽ ان جو وپاءُ.

آخر ۾ سڀني لاءِ دعا ٿو گهري :

خدا يا تون سڀني کي بخشج تمام،     بحرمت محمد عليه السلام.

مزاحيه ڪلام جو انتخاب:

پيارج ڪو اڄ بير و ِسڪي جو پا، ڪريما به بخشائي برحال ما!

وڏا مان ڪيان ٿو ولايت تي وس،  نداريم غير از تو فرياد رس.

متان هي اسان کي منجهائن ملا،  نگهدار مارا ز راه خطا.

سگهو انگلنڊ ڏي ادا ٿي تيار، مڪن تڪيه بر عمر نا پائدار.

چڱو ڪوٽ پتلون گهڙيال ڌار، شود خلق دنيا ترا دوستدار.

ڪُتي پِستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور، نه باشي ز گلزار فردوس دور.

تون پيشاپ پنهنجي کي هلندي ۾ هار، ڪه جنت بود جاي پرهيزگار.

نه پيرن فقيرن جي ڪر پيروي، ڪه ناگهه گرفتار دوزخ شوي. خوشامد برامد جي کولج زبان،  شوي دوست اندر دل ِ دشمنان.

وڃي پهچ لاشڪ جو لنڊن جي حد، ز رنج وبلا رستگاري دهد.

يقين ڄاڻ توکي اها ييس نو،  ڪند در بهشت برين جاءِ تو.

جي ٻولي ڪرين پنهنجي تون ٽون ۽ ٽان، گرامي شوي پيش دلها چون جان.

اڳين چال پنهنجي ڪڏهن ڪيم ڪر،  ڪه روز ز دستش در آئي بسر.

سوا انگريزيءَ هجي جاهلي، ڪه بي علم بودن بود غافلي.

سليمي سنڌي مؤن نه ميڙيندين زر،  چرا مي ڪشي بار محنت چو خر.

نه ڪر نوڪري ۽ نه پوکج ٻني ،  خطا مي ڪني او خطا مي ڪني.

وڪالت جو ڏئي اچ سگهو امتحان، ڪه روشن زخورشيد باشد جهان.

وٺي پوءِ ڪي ڪيس ڪوڙا ٻه چار،  در اقليم دولت شوي شهريار.

سمهج پهر سج پير ڪعبي سوان، نه پيچند زين روئي دين پروران.

ڀؤ ڀول آخر دل تان وسار،  شود دولتت همدم و بختيار.

 

هي چند بند، سعديءَ جي ڪريما جي تتبع تي لکيل، نيچرل ڪريما تان ورتل آهن. ڪلام جي شوخي طنزيه پختگي مضمون آفريني ۽ معاملي بنديءَ مان صاف ظاهر آهي ته مرحوم بلبل کي ان فن تي ڪيترو استادانه ڪمال حاصل هو.

جنٽلمئن جي آرزو:

مذهبي مسلا پراڻا پائبند،     آءٌ ته آزاديءَ جي عادت ٿوگهران.

عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام،       دين ايمان پنهنجو غارت ٿو گهران.

ڀل ته مرتد هي چون ملا مگر،         مان ته انگريزن ۾ عزت ٿو گهران.

لائي چشمو چست چاڙهي بوٽ سوٽ،        مثل صاحبلوڪ صورت ٿو گهران.

گرچه ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ نانهه،       ٽوپلو پائي حماقت ٿو گهران.

 

گوري جو جواب::

گرچه آهي تنهنجو مون کان سينو صاف،      ڪاري ماڻهو سان ڪدو رت ٿوگهران.

آ لقب لائق ٿيو تنهنجو  ’ڊيم فول‘، مان ڏيڻ توکي نه عزت ٿو گهران.

 

نئين تعليم:

آهه نئين تعليم گڙ بڙ در جهان انداخته،

حرڪتون شيطان آڻي درجهان انداخته.

عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ ئي پوري ڪري،

اڄ هنر ۽ ڪسب کي گهر ۾ نهان انداخته.

علم انگلش جو ڏسي اڄ زور’بلبل‘ بيگمان،

عقل اهڙي وقت در تاب و توان انداخته

 

حال زار زمينداران:

جڏهانڪر پئي رسم سرساد جي،      نه باقي رهيس ڪوئي سامان رخت.

زميندار ٿي ويا زبون زار چٽ، چوَن ڄٽ ته ڪهڙو ٿيو آهه وخت.

رعايا جون آهون ۽ دانهون سدا،        مڙيون حاڪمن وٽ وڃي گرو تخت.

چوايو هي ’بلبل‘ انهن ڏي آ قول،

رعيّت چون بيخ ست سلطان درخت.

 

در بيان بسر اوقات:

بيروح ۽ بي مقصد زندگيءَ تي هن طرح تنقيد ڪئي اٿس:

نه خالص عبادت نه روزو نماز،  خور و خواب غفلت هوا حرص آز.

اسان جي حياتي حرام و وبال،  نڪو موت محشر جو خوف و خيال.

هي دنيا جا ڌندا جُثي پروري،  انهيءَ ۾ اسان جي بنڊي وئي ڳري.

ٻٽاڪون سٽاڪون گلائون پچار، ته مايا زنا جي محبت جي مار.

حلال و حرامن جو ڪهڙو پڇڻ، ڀرڻ پيٽ جي آهه جهوري جهڄڻ.

ڏسون ويٺا ماني سگهو شل اچي، پڪي آ الاجي ٿي هاڻي پچي.

خدا من ڪري ڪو هجي ٻوڙ جوڙ،  هڻون زنب دهرا، ڪيون خوب ٽوڙ.

سڄي رات سڪ گهوگهرن جو ٺڪاءُ، نڪا دين جي سڌ نه دنيا سماءُ.

ڀري پيٽ آڪڙجي سيڻهه جان ساهه، ڄڻ آهيون سڄي ملڪ جا بادشاهه.

اُٻاسيون ۽ آرس سڀئي سَنڌ سُور، اٿڻ سان پوي پائخانه جو پور.

ڇِڪيون چلم يا ناس چُڪڙو شراب، گناهن فسادن ۾ خانو خراب.

نه نالو ڌڻي جو توڪل نه توهه،  اهي پيٽ پٽڻا، اها پَٽ کوهه

سڄو ڏينهن هڻ هڻ، سڄو ڏينهن تاڻ، اهي چوڙا چَٽيون، اها خاڪ ڇاڻ.

گرفتار گهر ٻار جي گوڙ ۾، عيالن جي چيهوڙ پيهوڙ ۾.

ٿيو صبح شيطان جي گهنڊڻي وڳي، ننڍي ۽ وڏي کي آ پٽڻي لڳي.

لڳا جن کي پادر ويا سي پڙهڻ،  سويرو سڪولن جي چاڙهي چڙهڻ.

پڙهيا سي ته ڇا سڀ اجايا اکر،  لچائي ٺڳي ڪوڙ ريب و مڪر.

نڪو علم ديني نه فقهه و اصول،  نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول.

جي منشي ته ڪڇ ۾ قلمدان ڏس،  منجهن جعلسازي جو جولان ڏس.

جي نوڪر ته رشوت ۽ تغلب تمام، نه سنَڌو نه سيڙهو حلال و حرام.

ظلم زور يا حق تلفي غصب،  غريبن تي ڦُر مار غصو غضب.

مٿي ڪوڙَ ڪورٽ ۾ ڪيسن جو ڪم، اٺين آني شاهد، ڪسيري قسم.

زمينن ۾ بيبرڪتي  جو حساب، زميندار ڪڙمي جي نيتّ خراب.

کُلي ڪاڻ واپار بازار ڏس،  اتي ڀي ڪپت ڪوڙ جي ڪار ڏس

اهو پيٽ اهڙا ڀرائي ٿو ڀَن، ڌرم دين پنهنجو آ ايمان اَنّ.

پنائي، رلائي، ڦٽائي، پليد،  ڪيو شڪم شيطان زر زن- مريد.

جي زن آهه قبلو ته ڪعبو آ زر، انهن جي اطاعت ۾ ٻَڌجي ڪمر.

زمين و زن و زر اسان جي مراد، انهن لئه ئي جهڳڙا انهن لئه فساد.

حقيقت ۾ آهي ته زن راهزن، زر و مال اولاد ايمان شڪن.

اسان جو نڌر نفس ڀانڊي ڀڳو،  وهائي ڪيو جنهن آ پوٺِي ڍڳو.

سڄو ڏينهن پوڄا آهي پيٽ جي،  سياري اونهاري ڪَتي چيٽ جي.

ڍڳو ڍور ڍانڍو چَرند  و پَرند، سڀن تي سويرو ٿو ڪڙڪي ڪمند.

مَيا مال هڪڙا ڇڙيا جهنگ ۾،   ٻين کي هنيائون ٻڌي ٻنگ ۾.

ڪنهين تي سواري، ڪي ڍوئين بار، ڪنهين گِهل گهاڻي ڪنهين هر ۽ نار.

ڪهين ڪوس ڪارد ته ڪي دام بند، بندوقن ۽ بازن گزن جا گزند.

انهن تي به شامت اسان جي پئي،  پٽِيندي ڪُٽيندي حياتي وئي.

غرض آهه سڀني کي نفسن جو نيل،  جي ماڻهن کي پِٽڪو ته ڍورن کي ويل.

 

در باين سخاوت:

 

سخاوت ڪري ڪون دانا قبول، سخاوت ڪري آهه جو بوالفضول.

سخا ۾ ته هڪڙو خدا آهه بس،  ٻيو پاڻ کي ڪس نه اَلائي اوَس.

سخاوت ڪري ٿي سَون کي سڃو،  سخي آهه سدائين بُکيو ۽ اُڃو.

سخا سو ڪري آهه جو بادشاهه، ڪري ٻيو ته جهٽ ٿئيس خانو تباهه.

اڄوڪي سخا آهه چندا ۽ فنڊ، مقدمن ۾ رشوت، ڀَتا، فِي ۽ ڏنڊ.

وڏو وس ته ڏي ناچ  ۽ رنگ ۾، نهايت ته ناموس يا ننگ ۾

مناسب سخا جا ٿيا هي عمل،  لباس و زنا يا مڪان ۽ محل.

انهيءَ کان سوا خير خيرات ۾،

سخاوت شمار آهي بدِعات ۾.

 

در بيان بخيل:

 

هجي بخت جنهن کي ٿئي سو بخيل، بخيلي ڪري سو جو آهي عقيل.

بخيلي خزاني جي آ خيرخواهه، بخيلي گدا کي بڻائي ٿو شاهه.

بخيلي ته دولت جو آهي دليل، بخيلي بنا آهه ماڻهو ذليل.

بخيلي وڌائي زر و مال کي،  بخيلي نه هيڻو ڪري حال کي.

خدا کي نه پرواهه خيرات جي، نه حاجات زڪوات صدقات جي.

نه مهمان کي مورماني ڏجي،  مگر وات جي خوش زباني ڏجي.

بخيلن کي پُر مغز پئسي جو پور،  سخين کي سدائين سڃائيءَ جو سور.

 

در بيان تواضع:

تواضع ڪرڻ نيچ عادت خسيس،  تواضع  آهي ڪن جي سادا سليس،

تواضع غريبن فقيرن جو ڪم، تواضع  شريفن لئي آهي شرم.

 

در بيان تڪبر:

 

تڪبر هجي خانداني جي خُو، ته گل عهده داري جو خوش رنگ بُو.

تڪبر ته وڏ ماڻهپي جي ورونهن،  تڪبر هجي سروري جي ته سونهن.

تڪبر سان گڏ تندخو ترش رو،  اهي هرسه ٿيا نسخه ء آبرو.

برابر ڪو ويٺو ته ’اُٿ بي ادب‘،  ڪو پيرين پيو نا ته غصو غضب.

ملڻ جي ته بد رسم ڀاڪر وجهڻ،  وڏو وس ته گهرجي کڻي هٿ ڏيڻ.

خبرچار جي لانڍ  کيڪر وڏي،  اسان تان رجسٽر تان لاهي ڇڏي.

سلامن جي ورنديءَ ۾ آڱر کڻڻ، اشاري سان آڱر ڀِرُن تي رکڻ.

جي بهتر ته آهي تڪبر تمام،

نه ڪنهن سان ڪجي ڪو سلام و ڪلام.

 

وقت حال نئون سال:

 

هن اخبار کي سال مبارڪ،  گورن کي ناتال مبارڪ.

ڪارن کي ’يوم ڊيم بلڊ ّ  فول‘ لقب في الحال مبارڪ.

هارين کي هَرَ بَٺون بيگر،  ڪوڏر قحط  ۽ ڪال مبارڪ.

زور زميندارن تي ڏاڍا،  ضبطيون ظلم زوال مبارڪ.

هندن کي زر زور حڪومت،  عزت مال اقبال مبارڪ.

اهل اسلام جي لئي ڏک ڏاڍا،  ڳڻتيون آل عيال مبارڪ.

ڌڪا ڌوڻا سهڻا مهڻا،  قرض جا رنج ملال مبارڪ.

بي علمي ۽  جهيڙا جهٽا،  جام ٿيا جنجال مبارڪ.

انگلش مئن کي جاڪٽ پاڪٽ،  صابڻ برش ٽوال مبارڪ

ناچ تماشا، نچڻ ٽپڻ،  ڪرڪٽ ۽ فٽ بال مبارڪ.

افسر عالي کي ٿيو اڄڪلهه،  دورو ۽ پرتال مبارڪ.

مرغيون ماکيون مصريون ميوا،  بيضا ميدا  مال مبارڪ.

ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙا شاهد،  فتوا ٿي في الحال مبارڪ.

وه وڪيل ڪفيل لچن جا،   ڌوڌ دليل دلال مبارڪ.

ممتحنن جي موت معما،   سخت جواب سوال مبارڪ.

اخبارن جا ٺهڪا ڦهڪا،  تيز تعصب تال مبارڪ.

قومي جهڳڙا جهيڙا جهٽا،  چالاڪين جي چال مبارڪ.

حملاهوڏون طعنا تنڪا،  ڪوڙ بدوڙ ڪمال مبارڪ.

آهه رفارم جي ٿي رين رين، حال نه آهي قال مبارڪ.

ڪالج ڪلب مدرسا ميڙا، صدها سال بسال مبارڪ.

سروس لاءِ سدائين سوالي،  ٻاڪارن ٻر حال مبارڪ.

حاڪم ڪين پڇن ٿا تن کي، ڪن ٿا ٽالم ٽال مبارڪ.

خشڪ جواب دلاسا دلبا،  تَرڪٽ  تال پخال مبارڪ.

پروانا انعام عطائون،   لُنگيون پوتيون شال مبارڪ.

خاطن جي خوشخبري خاصي،  عمدا حال احوال مبارڪ.

ٽِنڊ ُو ٽوٻڻ لَنڊي ٻُوٽي،  شعر جو شغل اشغال مبارڪ.

حيف، زمانو آهه مقابل،  شينهن سان شاهه شغال مبارڪ.

محبوبن کي ناز ڪرشمو،  جلوو جوڙ جمال مبارڪ.

مشتاقن کي پِٽڪو کُٽڪو،  وائي هجر وصال مبارڪ.

آخوندن کي مسجد حجرو،   صوفي وجد ۽ حال مبارڪ.

”بلبل“ کي گل مضمون رنگين،

گل کي شاخ نهال مبارڪ.

نِيو فيشن:

 

ڪارن جي ٻُڌ ڪارگذاري –هِپ هِپ هُري، هِپ هِپ هُري،

جنٽلميني جلسا جاري- هپ هپ هري، هپ هپ هري.

جايون تن جون هال ۽ ٽاور، چشما فرش فروٽ فلاور،

لڪچر پڪچر، ڊنر بازي - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

ڪاڻ وداع سلوٽ سلامي، ٽوپي هٿ ۾ ٽامي ٽامي،

‘آءِ ايم ويري ساري‘ پياري- هپ هپ هري، هپ هپ هري.

باجو بينڊ بگل ۽ بڙگم، وايولن جي رين رين رم رم،

نچڪو ٽپڪو واري واري - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

ڪوٽ سبائن سارو ڪارو، ڊانس بوٽ ولايت وارو،

ٽوپي ڪاري سر تي کاري - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

ڏاڙهي ساڻ ڏهاڙي جهيڙو، مڇون گانگٽ وڇونءَ ويڙهو،

سيٽي لڪڙي چرخشماري - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

ڌرم ڪرم ڪي ايسي ويسي، عادت انگلش مئنن جيسي،

ديسين ڪا هي ڌاري نياري - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

گهر ۾ ’بلبل‘ گائون ڍڪائج، شام صبح جو واڪ وٺائج،

ٻانهن بغل ۾ منهن تي ڄاري - هپ هپ هري، هپ هپ هري.

 

نيِوفيشن:

هئي هئي مِسن اسان کي ته مستر بنايو آهه،

صد شڪر جو اڳي کان بهتر بنايو آهه.

دل کي ڏيکاري خوب نئين چال جا مزا،

پتلون ڪوٽ بوٽ جو خُوگر بنايو آهه.

خُرما ۽ پڻ ثواب سمبوسا شراب پڻ،

بسڪوٽ چانهه گهر ۾ ته چيمبر بنايو آهه.

دير و حرم ۾ شيخ برهمن جو ٿا رهن،

يارن ته پنهنجو لنڊن مندر بنايو آهه.

باجو وڄائي ناچ جوڪن ٿيون نشاط ۾،

صاحب کي ڏس بغل ۾ ڇا باندر بنايو آهه.

بي . اي جي پاس واري کي ڇا نوڪري جي ڪاڻ،

جت آيو جوڙ سان اتي ٿئيٽر بنايو آهه.

خط لکڻ عبارت بلڪل فضول بات،

ڇا مختصر هي نسخو’ڊيئر سر‘ بنايو آهه .

’بلبل‘ ملي ترقي ٿي تنهن کي پوليس ۾،

چالان ۾ جو پَرَ کي ڪبوتر بنايو آهه.

رنڊيءَ جو عشق:

يارن اڳيان تون روز رو، تازه بتازه نوبنو،

من ملئي ڪو ڦٽ بجو، تازه بتازه نوبنو،

ٽانڊي ۽ ٽوپي جي ٽهل، ڪر سڄڻ جي هر مهل،

نِوڙي پيو ٺاهه نڙ ۽ گو، تازه بتازه نوبنو،

روز گذار مار ۾، ٿُڪَ ٿڙاڪ گار ۾،

وٺ پيو موچڙن مزو، تازه بتازه نوبنو،

گهر زمين مال ضبط، ڇڏ نه راڳ رنگ ربط،

شوق تون رک شراب جو، تازه بتازه نوبنو،

جي نه رکين تون زور زر، برهه بزار ڪيم ڪر،

هت ته گهرجي روڪ ٿو، تازه بتازه نوبنو،

روزا ڳئين سندو سَٽيل، ڳنڍ جوڳوڙهو مت منجهيل،

شال اچي گراهڪ روڪ ٿو، تازه بتازه نوبنو،

جي نه اچن ڪي”بلبلان“ ڪئن ٿئن اِي گلگلان،

روز چمن ۾ چهچٽو، تازه بتازه نوبنو،

 

حقو:

مجلس جي سونهن سوڀ ۽ سينگار آهه حقو،

وحشت ۾ غمزدن جو غمخوار آهه حقو،

بُڙ بُڙ ڪريون پيو دل کي بهلائي سان باتين،

دانا ۽ دل جو دلبر دلدار آهه حقو.

ان جو تماڪ حسرت، مشڪ خط ختن آهه،

ٽانڊو تنهين جو غيرتِ گلنار آهه حقو.

هر وقت هو وضوءَ سان، آ غرق پڻ غسل ۾،

پاڻيءَ سان پاڪ پنهنجو هر بار آهه حقو.

محبوب جي ملڻ جو آهي وڏومسبب،

دلبر جي دوستيءَ لئه درڪار آهه حقو.

مجلس ۾ مَي پرستن جي مست ٿين مڙيئي،

باهوش تن ۾ بيشڪ بيدار آهه حقو.

جي تازگي آ تَن، ۾ نڙ گوءِ نبض جاري،

” بلبل“ سندو جي گويا گفتار آهه حقو.

 

گشت جي مصيبت:

تنگ سرساد ڪيو بار الاهي مددي،  بٺ بيگر مددي، سُوٽو ۽ گهوٽو مددي .

آهه ڪاموري سندي هوڙ حرامن ۾ تکي، انب گدرا مددي، ڀاڄي ۽ ڀَتو مددي.

خوب ٿا گشت ۾ ڪن ڀوڄن سرساد وٺي،  پُوري حلوو مددي، پستو ۽ ڦوٽو مددي.

گهر ۾ آهي نه رعيت جي ڪو پائي پئسو، لٺ لوٽو مددي، صافو ۽ سوٽو مددي.

هيل پاڻي به نه آهي جو سُڪن ٿا ٻيجا، سر برهنه مددي، صاف لنگوٽو مددي.

جو چوي سچ سو وڻي ڪين ٿو هرگز ”بلبل“،  ڌڪ باٺو مددي، گار ۽ گهُٽو مددي.

 

پوليس:

ڏسو پوليس جو تلبيس ملڪ الموت جان مارو،

مثال گرگ ڳاڙهو وات ، سر ۽ ٻيو بدن ڪارو.

روينيو يا ڪ سيول ڇا اچن تنهن جي مقابل ۾،

ڪٿي گربه ڪٿي آ گرگ ، فرق آ ڪيترو سارو.

هجي سوناري جو سؤ ڌڪ ته لوهر ٿو هڻي هڪڙو،

ڪٿي جهرڪيون ڪٿي ٿيو گرڙپک جو لهس لامارو.

رهن ٿا ديو هيبتناڪ جان ڪَرڙا ڪنسٽيبل،

ڏسو جو وارداتن تي لڳي ٿو تن سندو وارو.

ستمگر سنگدل ٿيا صاف صوبيدار صاحب جن،

رکن ٿا جور جمعدار جابر سي جفاڪارو.

هجن راڪس اهي رهزن سپاهي سڀ وڏا ننڍا،

انسپيڪٽر بهادر بَرڙباڪس جان رکن بارو.

ڀلي ڀاڳئي ڏنو اطلاع جي چوري چڪاريءَ جو،

اچي ٿيندو مٿي ان گند گارين ويڻ وسڪارو.

يڪي نقصان ِمايه ٻيو شماتت زار همسايه،

ٽيون پادر پُليسي پيواچي منجهه ويل ويچارو.

گهرن ٿا گاهه ۽ داڻو، آڻيو ڪاٺيون ڪڪڙ ڇيلا،

ڪرن ميڙي ڪٺا ماڻهو وجهن تن جي مٿان مارو.

ڪڍيوجي پئون پتو چوري سندو ڪوڪن زميندارن،

ته سڏبو ڪار ۾ هوشيار صوبيدار سوڀارو.

نه ملندو مال ساڳو يا سمورو جي نه تن کي پو،

ته ويڳو پاڻ ڀي پوري پٽائيندا اهو پارو.

ڀري چالان ڪوڙو ڪيس ڪورٽ ۾ ڪندا داخل،

وجهي ڪوڙا سچا شاهد رکي بهتان جو بارو.

رپوٽن ۾ ڪندا ريهون ته ٿيو بغداد آ بيحد،

هليو آ ڪيس ڪورٽ ۾ سڄو هر طرف هڪ پارو.

خدا شل ڏئي پنهه پوليس جي خوفن ۽ خطرن کان،

انهن جي دوستي آهي کڻڻ سر تي ڪُنو ڪارو.

معافي ٿو گهري”بلبل“ جي آهي هن ۾ گستاخي،

اگرچه مون لکيو آهي سچو احوال هي سارو.

 

ناس:

سودي سرور سرمد جي راس آهي ناس، ڪل عقل ۽ قياس جي اجناس آهه ناس.

مسهل ٿئي ٿي مغز جي خمسه حواس هل، نزله نزول خارج خناس آهه ناس.

چپٽي تنهين جي چاڙهي عرش عظيم تي، دافع بلاءِ نافع وسواس آهه ناس.

عقده ڪُشا حقائق اسرار غيب جي، عبرت نما عجائب منجهه ناس آهه ناس

سمجهي سخن سو منهنجو سالڪ فصيح ڪو،  ”بلبل“ هي ان بلاغت جي باس آهه ناس.

 

ڀنگ:

مردن موالين لئي معجون آهه ڀنگ،  عشرت ۽ عيش ڪارڻ افزون آهه ڀنگ.

شجرحيا ۽ شاخ نظاره نياز جي، منجهه سبز زارنرگس گلگون آهه ڀنگ.

ڪونڊو تنهين جو دائر هفت زمين جو،  ڏنڊو تنهين جو گردش گردون آهه ڀنگ.

صافو تنهين جي صافي باطن رهي مدام، مصري لئي ته ساڳي ذوالنّون آهه ڀنگ.

پنڪي تنهين جي منزل ملڪوت کي رسي،  خشڪي تنهين جي مقصد مجنون آهه ڀنگ.

پيرولي تنهن جي ڪو ته پروڙي موالي مرد،   ”بلبل“ جو پرمعاني مضمون آهه ڀنگ.

 

زر جي زور بازي:

ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه،

ڪر موج روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

زر جي آ ڪامراني، جاني سڏي پيو جاني،

هر ڪائي ماسي ناني- زر آ ته عشق ٺهه پهه .

زر ساڻ ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾اهو اَگهاڻو،

چريو به ٿئي سياڻو-زر آ ته عشق ٺهه پهه .

زر ساڻ سڀڪو گَهَرو، چاچو ۽ ڀاءُ چَهَرو،

قربان سَسُ ۽ صهرو- زرآ ته عشق ٺهه پهه .

بازر ته جهنگ بازر، جو گهُر ٿئي سو حاضر،

بي زر شهر ۾ پادر – زر آ ته عشق ٺهه پهه .

زر ٿي وڌائي نالو، توڻي هجي رذالو،

صدقي ٿئي پيو سالو - زر آ ته عشق ٺهه پهه .

”بلبل“ ڀليا جي هن ۾، سي ئي رليا سخن ۾،

دنياجي گل چمن ۾- زر آ ته عشق ٺهه پهه .

 

        هن مختصر ۽ منتخب طنزيه ۽ مزاحيه ڪلام مان صاف ظاهر آهي ته ’بلبل‘ جي اڳيان هڪ مقصد هو. سندس فن، برائي فن نه، پر برائي حيات هو. زندگيءَ ۾ جا بيروح نقالي ۽ ’ٽُوڊيزم‘ پيدا ٿي رهي هئي، ان جي ازالي ۽ تلافيءَ لاءِ سندس فڪر و نظر  اضطراب  ۽ ڪاوش پيدا ٿي چڪا هئا. ان کان سواءِ سندس مخلصانه طبع، سندس فن کي دو آتشه ته ڇا ست آتشه بنائي ڇڏيو، جو: ديکنا تقرير ڪي لذت ڪه جو اس ني ڪها _ مين ني يه سمجها ڪه گويا يه ڀي ميري دل مين هي، جي مقام تي پهتو.

فارسي ڪلام تي ڪاميڊي

صفائي سر کي ڏئي پتلون پاتم،  بحمدلله نڪو ڪردارم امشب.

وڃي هڪ ڪلب ۾کاني تي ويٺس،  ڪه سر پوش از طبق بردارم امشب.

 

چيم دل ۾ ته ٿيندس عيسوي اڄ،  چو منصور ارڪعي بردارم امشب.

چيو هڪ ميم مون کي ’مي ڊيرسر‘،  رسيده  طالع ِ بيدارم  امشب.

چيم ان کي ته اي جانان جلدي، زڪواةِ حسن ده حقدارم امشب.

 

مامقيمان ِ ڪوئي دلداريم، صورت ِ بوزنه به رفتاريم.

اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو جو انگلش کان،  اوفتاده  جدا ز گلزاريم.

 

هاءِ هئي! اي مِس ِ ولايت پاڪ،   اي ز بهر ِ تو عالمي غمناڪ.

پئين ڇو نه تون شوق دل سان شراب،  مَڪن خانه ء زندگاني خراب.

 

وڃي هڪ شاپ تي ويهي برانڊيءَ کي ڪيون ها ها،

الا يا ايها الساقي، ادر ڪاساً و ناولها!

گهر جي شائق کي هڪ پيالو شراب،  الصبوح الصبوح يا اصحاب

هٿ کڻي آبروءَ ۽ مال اتان، پس بنوشيد دائما مئي ناب.

اٿي اڌ رات جو گُتي تي چئو، افتتح يا مفتح الابواب .

حيف تن کي هجي جو سانجهيءَ سان،  ڪه او بندند ميڪده به شتاب.

جي حياتيءَ کي تون حلال ڪرين،  مئي نوشين بخور به بانگ ِ رباب .

 

جي وس پڄي ڪو منهنجو ڪيان وات ساڻ وارا،

دردا ڪه راز پنهان خواهد شد آشڪا را.

وڪڻي هي مِلڪ ساري، ڪيان ترت مان تياري،

باشد ڪه باز بينم آن يار آشنا را.

ڏاڙهيءَ ۾ هٿ حبيبن، پادر پرين جا سر تي،

گر تو نمي پسندي، تغبير ڪن قضا را.

ميلي ۾ تون وڃين جي، مجرا ڏسين تنين جا،

در رقص حالت آرد ، پيران ِ پارسا را.

پٽڪو ڳچيءَ ۾پاتل، جي گهلبو ڏسين تون،

اي شيخ پاڪدامن، معذور دار ما را.

فارسيءَ کان پوءِ اردو آميز عبارت ۾، ’مينوش‘ جا ترڪتال ملاحظه فرمايو:

اري شاپ ڪيپر يوئر ڪم هئر، اِڍر لائو اِڪ خوب اِيزي چئر.

بلا برف لمليٽ، سوڊا يومن، اڍر لائو ٽالر،اڍر لائو وين.

برانڊي ڪي بوٽل ڪو ٽيبل پي لا،  اڀي ايڪ پائونڊ هم ڪو پلا.

سمجهٽا نهين هم ٽمارا ڊرام، نهين همٽو بچائو ڪچا ٽمام.

ڊکائو همين ايکشا کاس يُو،  ڪه ڊونون هو نمبر ڪي ون اينڊ ٽو.

چکائو تو شمپين شيرين شتاب،  مگر بير پوٽر ٽو وسڪي شراب.

اوهو هوگيا ڀول نوئي ڪا نام،  بهٽ لائو جلدي، اڇها اولٽام،

ڊزن ڪي ڊزن تم رکو آن ڪر،  يُو گو پيگ ان پيگ آعه پيگ سر.

همارا يه ڪهنا نه سمجهو گلٽ،  ابهي ٽوڙٽا هي ٽمارا ڪبٽ.

پلائو چروٽ اور کلائو فروٽ،  ڪه بڪسيس ڊيٽا هي هم ڪوٽ بوٽ.

ڪڊهر هي سرونٽ، جلڊي بَٽا،  ڪه بننا ڊِوانا هي هم مانگٽا.

سنبهالو همرا ٽواسٽيڪ ڪيپ،  بڇائو همارا بڇونا سليپ.

اڀي ڊيڪي آٽا هي مِس ڪو وزٽ، کبردار! لڙتا هي هم بال فٽ.

لڪر اوس بگرني ڊيا هي پلا،  نه معلوم بڪٽا هي شکٽا هي ڪيا.

 

مرحوم ’بلبل‘ جي فن جي اعتراف، سندس معاصرين به دل کولي ڪيو آهي.

مرحوم قاضي نورالدين صديقي، ميمبر سنڌ سروس ڪميشن، جي والد بزرگوار قاضي مخدوم محمد انور پاٽائيءَ، مرحوم ’بلبل‘ جي فن جي اعتراف ڪندي لکيو آهي:

”جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن، پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم ۾، جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن ’بلبل‘ جي ظرافت مقالن ۽ تضنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مذاق مطابق نه لکندا، تيسائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون. مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهي ٿو ته اهو ’بلبل‘ ئي آهي.“ (آفتاب 25- آپريل 1908ع)

ان طرح لاڙڪاڻي جو اڳوڻو ڪليڪٽر مسٽر حامد علي، جو حيدرآباد سنڌ ۾ لئنڊ رڪارڊ ۽ ائگريڪلچر جو سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو هو، سو لکي ٿو:

” سچ پچ ته اها خدا تعاليٰ جي وڏي بخشش چئبي، جو سنڌ جهڙي ريگستان ۾ بلبل جهڙا ٻيا هڪ- ٻه ’بلبل‘به هُو جيڪڏهن ڏياري موڪلي ها ته هوند هي ويرانو رشڪ عدن بنجي پوي ها“. (31- مارچ 1911ع)

مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم، پنهنجي خود نوشت سوانح حيات ۾ لکي ٿو:

 ”اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قٰلم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ هو، جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهتل هو. سندس قلم جو زور ضرب المثل هو. مرحوم ’بلبل‘ جي دلچسپ تصنيفات سنڌ ۾ پنهنجو سڪو ڄمائي چڪي هئي. مرحوم بلبل ’ پرگو ۽ بديهه گو‘، ظريف ۽ صاحب ذوق سليم شاعر هو. سندس قلم جون گلڪاريون ’ آفتاب‘ جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون. ظرافت نگاريءَ جو ته استاد هو. سندس ڪلام دلچسپ ۽ دلڪش هوندو هو.“

هي آهي مختصر طور بلبل جي مزاحيه فن جو تعارف.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com