سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :6

نــيــون طــرزون

هري ”دلگير“             (لَــلِــت پَــدَ)

شيش محل ۾ شير ڏٺوسين، جنهن جا روپ هزار،

پنهنجن پاڇن ساڻ لڙي پيو، گوڙ ڪري گجڪار.

 

شيش محل ۾ ٻالڪ هڪڙو، جنهن جا روپ هزار،

پنهنجا روپ پراوا سمجهي، ٻاڪاري پيو ٻار.

 

شيش محل ۾ پاڻ رهون ٿا، پنهنجا روپ هزار،

جت ڪٿ پنهنجا روپ پسون ٿا، خوش ٿيون بارؤن بار.

 

جڳ ۾ گهڻئي خوني آهن، خون ڪيو جن ناهه،

گهڻي باهه لڳائڻ وارا، جن نه لڳائي باهه.

 

جڳ ۾ گهڻئي زوراور ٿيا، جي نه هلائن زور،

گهڻئي، چوري جن نه ڪئي آ، پر سي آهن چور.

 

جڳ ۾ گهڻئي ڪوڙا آهن، مک جا صاف سچار،

گهڻئي نالي منجهه ديالو، ڪن ٿا اتياچار.

 

دمڙيءَ لاءِ ڏين دم جيڪي، گهڻئي اُهي امير،

دان ڏين ٿا جيڪي دل سان، سي ڀي ڏٺم فقير.

 

ڪي ڪي صاف پسن ٿا سڀڪجهه، توڙي نيڻ نه مور،

گهڻئي انڌا آهن، توڙي نيڻن ۾ ٿن نور.

 

پنهنجي پنهنجي دک سک سان سڀ، راجا، مير ، فقير،

رنگ برنگي ڪڙيون گهڻيون، پر هڪڙي زنجير.

 

جهڙو آ ماحول، ائين ئي هلندو آ انسان،

پر ڦيري ماحول سگهي جو، سو انسان سجان.

هن جيون جي جنگ لڙي ٿو، هر ڪوئي انسان،

پر تنهن ۾ ڪو پٺيان هلندڙ ۽ ڪوئي اڳوان.

 

تنهنجيءَ اک ۽ منهنجيءَ اک ۾، ڀيد اهو  آ مُول،

تون ڦولن سان خار پسين ٿو، مان خارن ۾ ڦول.

واسديو ”نرمل“                                        (هائيڪو)

ڪنهن سان اوريان حال؟

اک اک ۾ آنسو ٿيا،

۽ دل دل ۾ خال!

ٽانڊاڻي جي جوت:

ڄڻ شاعر جي ذهن ۾ ،

خيالن جي ڳڻ –ڳوت!

شفق سندي لالاڻ:

ڌرتي ۽ آڪاس جي،

وصال جو اهڃاڻٰ

تارا ناهن مور:

پڪ آهي، آڪاس جي،

سيني تي ناسور!

تارا ۽ مهتاب:

سهسين رابيلن سنئون،

کڙيو سفيد گلاب!

ڪونجن سندي قطار:

هوا اڏائيندي وڃي،

ڪنهن لئي ڦولن-هار!

پريت جي الٽي ريت:

جيت ۾ سمجهن هار،

۽ هار ۾ سمجهن جيت!

 

غــــــزل

شيخ ”اياز“

ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ جي وات هئي،

هيءَ ڪا ته سريلي آگ هئي، هيءَ ڪا ته ڀري برسات هئي!

هي آڌيءَ آيل سپنا ها، هي جاڳ –جلايل سپنا ها،

ڇا رم جهم رم جهم روپ هيا ! ڇا برکا رت جي رات هئي!

ڇا چڻنگون چڻنگون چنگ هيا، ڇا تن ۾ آگَ – اُمنگَ هيا،

ٿي ڇا ڇا جرڪا جيءَ ڪيا! ڇا تَوَ کي پنهنجي تات هئي،

ڪنهن ڪونه سڃاتو ڳاتي کي، هن ڌرتيءَ جي مڌ –ماتي کي!

هو ڪير هيو؟ ڪيڏانهن ويو؟ ڪا ڀيد ڀري هيءَ بات هئي!

جي دل جا داوَ سڃاڻين ها، تون ڄاڻين ها، تون ڄاڻين ها،

جا مات هئي سا جيت هئي، جا جيت هئي سا مات هئي،

تو هونءِ ته جهونا ساز ڏنا، پر ڇا نه نوان آواز ڏنا،

تو ڇا ڇا گيت ”اياز“ ڏنا، ڇا ڏاتر تنهنجي ڏات هئي!

شيخ ”اياز“

پوئين پهر پرينءَ جي چَڳّ،

ويڙهي ويئي سارا دڳّ،

مان ۽ منهنجي تند تنوار،

تو ۾ ڇا هي جُوٺا جڳ!

چارڻ سو، جو چنگ سوا،

لاهي سڀ لاڳاپا لڳ،

رم جهم رم جهم راتڙيون،

وارياسي تي آيا وڳ،

ڪونه ڇڏيندي ڪاري ننڊ،

ڪوڙو چنڊ، ستارا ٺڳ.

تنهن کي ڪهڙي ڪانڍ ”اياز“؟

نڪتي مُنڌ ڇڏي مارڳ!

نارائڻ شيام

مئلن ماڻهن جي هيءَ ڀومي، جت پٿر جا پتلا،

موت جي گهرائيءَ سان، جيرن تي هئن مشڪن بيٺا.

 

شهر جي چونڪن تي هي پتلا، ڏس ڪهڙين هستين جا،

جن تي سرڻون پاريهل ڪَن، ڪئن نه وِٺين جي ورکا.

 

دل تي  ڇا ٿيو؟ ڪير ٻڌائي، پنهنجي ڄڀ ڪترائي،

جنهن به ڪڇو، تنهن پاڳل وانگر، ڄڻ بڙ بڙ ته ڪئي ڪا.

 

جن جي ٻيڙي پرزا پرزا، ٿي پئي ساحل سان ٽڪرائي،

ڇو نه تباهيءَ پنهنجي ڪن، واڪا: ”دريا دريا!“

 

جسم ته آزاديءَ جو ليڪن، روح سندس مجبوري،

انهيءَ حياتيءَ مان ورندو ڇا، سرندا ڪارج ڪهڙا؟

 

تو ته دريءَ جي شيشي تي، سج جي تصوير لڳائي

 اس ڪيئن هاڻي اندر ايندي، تنهنجي چڱي ٿي شرڌا.

 

ڇا دريا جي پيشانيءَ جا گهنج، هيون هي لهرون،

غيرت وارا، ساحل تان ئي ڇو موٽيا هئن پياسا.

 

ڪنهن لئه جهاتي پاءِ اڙي اک، ڪونه ڪو جلوو پسندينءَ،

پردي وارا، صرف بهاني لئه، واجهائن ويٺا!

 

جيون ”شيام“ پهاڙ اتانهون، ڀاري ڀاري پٿر،

ڪو بت ساز هجي ته تراشي، هاڻ نئون ڪو دوارا.

مرزا فيض علي ”فيض“

نه آهه جنهن کي زبان ۾ اثر، دعا نه ڪري،

نه دل ۾ درد جنهين کي، سو التجا نه ڪري.

 

سخي سو آهه، نه آڻي زبان تي، جو ڏيئي،

غيور آهه جو، ڪنهن جي اڳيان صدا نه ڪري.

 

وڌي ٿو حد کان اگر درد، ٿي دوا ٿي پوي،

ڪو پنهنجي حد کان وڌيل درد جي دوا نه ڪري.

 

هي بيڪسي ٿي ڪري، پست حوصلا دل جا،

جهان ۾ ڪنهن کي به بي بال و پر، خدا نه ڪري.

 

هو ڇا به  چوندو رهي، ٻيا ٻڌي رهن خاموش،

سندس حضور ۾، پنهنجي زبان ڪو، وا نه ڪري.

 

ستم سهون ٿا سندس، تنهن ڪري ستائي ٿو،

ستم سهون نه سندس جي ته، پو، جفا نه ڪري.

 

جنهين به ڪم جي آهي انتها، ملال ۽ رنج،

سياڻو آهه جو، تنهن ڪم جي ابتدا نه ڪري.

 

کڻي سگهان نه قدم پنهنجا، شل خدا نه ڪري،

ضعيف مون کي فلڪ، صورت، عصا نه ڪري.

 

هزار حسن هجن کيس، ڀل هزار انداز،

سندم صنم نه بڻيو، جيسين ڪا جفا نه ڪري.

هلي ڪو ايئن، جو زمانو سندس ٿئي خير طلب،

جهان ۾ ڪو به پس، پشت، بددعا نه ڪري.

 

بشر مان آهيان، لڱايون چڱايون، ٿي فطرت،

نه آهه ”فيض“ فرشتو، ڪڏهن خطا نه ڪري.

”بردو“سنڌي

منهنجو ڪوئي ميت نه يار،

جڳ جا ڏکڙا، ڳل جو هار!

 

پنهنجا، پنهنجو ڪين چون،          ڌارين تي ڪا ناهه ميار!

 

روئـــڻ ســاڻ هـــري ويا نيڻ،     پل پل ڇم ڇم لڙڪ هزار!

سـهـڻـيءَ کـي وئي ننڊ کڻي،          منهنجو من ٿيو ميهار!

 

راهـه تـڪـيـنـدي رات کـٽـي،            پرهه ڦٽي وئي ڏسندي پار.

اڱـــڻ هــلــي اچ پـيــر ڀـــــري،    سهڻا سائين جيءَ-جيار.

 

خــوابـــن ۾ تـــون آءُ هـــلــــــي،    هڪڙي پل لئه هينئڙو ٺار.

تــــو بــن روح آ کــوهه ڦـٽـل،    آهه حياتي، دل تي بار!

”ذوالفقار“ راشدي

منهنجو ست سڪائي ويندا، سپنا ۽ تنهائي راتيون،

ڪير گذاريندو گڏ ويهي، ساوڻ جون سودائي راتيون!

 

منهنجو ساٿ نه ڏيئي سگهنديون، سک ڦٽائي اڏري وينديون،

ليڪن مون کي ياد ته رهنديون، هر ڌاتي، هر جائي راتيون.

 

نانءُ نڄاڻان، ٿانءُ نڄاڻان، رنگ نه پرکيم، روپ نه سمجهيم،

پوءِ به اکڙين اوسيئڙي ۾، ڪنهن لئه ننڊ ڦٽائي راتيون.

 

کيپ اکين ۾، بين چپن تي، خوابن جو مانڊاڻ مٿي ۾،

اڀ ۾ تارن جي جهرمر سان سينگاريل سرمائي راتيون.

 

طلسم جي آڪاس جا قيدي تارا سڀ سودائن ساڙيا،

سڀني ڪارنهن جي سيني ۾ سورن- راند رچائي راتيون.

 

هائو، ههڙيءَ ولهه ۾ ويٺا، ڪي ديوانا ڪاٺيون سورن،

وڏ - ڦڙي جي آڏو ڀي جن، من جي آگ جلائي، راتيون.

 

ماڳن جي مومل کي ماڻيو، ناتر تي ئي هرک نه هاريو،

جيڏن سرتن جي صحبت ۾ ، ڳالهه اهائي ڳائي راتيون.

عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي

ڪيا سانگ ساوڻ، وري ڙي، وري ڙي،

چڪيا چاڪ، ٿي دل، چري ڙي، چري ڙي!

 

پيون ياد گذريل گهڙيون پيار ڀريون،

اکين آب آيو، تري ڙي تري ڙي.

 

ڪيو سڏ ڪلالن، پروڪِي پيڻ لئه،

ملاري ۾ ڏسبو، مري ڙي مري ڙي.

 

نه آئي بهار ۽ نه مکڙي ٽڙي ڪا،

رهي آس دل ۾، ڌري ڙي، ڌري ڙي.

 

کلي سر ڏيڻ جي هڻي هام هاڻي،

هٽڻ ڳالهه آهي، ڳري ڙي، ڳري ڙي.

 

”ڪريم“ آهه و زاري ۾ گذري حياتي،

نه سک جي گهڙي ڪا، سري ڙي، سري ڙي!

حافظ محمد ”احسن“ چنا

گهڻي مدت کان پوءِ مون وٽ جڏهن هو منهنجو يار آيو،

ته منهنجي باغ اجڙيل ۾ وري جشن بهار آيو،

هزارين بار نااميّدين ۽ لن  تراني بعد،

بحمد الله ڪوهه طور تي هو جلوه بار آيو.

سون سالن کانپوءِ مون کي دلاسو وصل جو پهتو،

دل مضطر ۽ غمگين کي هينئر مس مس قرار آيو.

لهي سڀ درد ۽ غم ويا، مسرت منهن پسايو آهه،

زمانو هي وري ساڳيو ئي مون لئه خوشگوار آيو.

خطائون در گذر منهنجون، ڪيون محبوب سڀ هاڻي،

ٻڌي منهنجي علالت جو پڇڻ اڄ حال زار آيو.

ٻڌان ٿو تنهنجي در تان ڪو به خالي ڪونه واپس ٿيو،

تڏهن هيءُ سائل ديدار ٿي اميدوار آيو.

حياتي ختم ٿي ساري، محبت عشق جنهن جي ۾،

اهو محبوب مشفق نيٺ منهنجي بر مزار آيو،

اٿم اميد تا تنهنجي ٿئي قدمن تي دم پورو،

هي ”احسن“ آرزو دل ۾ رکي اڄ جان نثار آيو.

”عارف المولا“

زمين تي قدم آ، فلڪ تي نظر آ،

ستارن کان اڳتي اسان جو گذر آ!

عشاقن جي منزل نه هرگز قمر آ،    اسان جو ته روح الامين سان سفر آ.

 

زمان و مڪان جو آ وارث مجاهد،   مسخر ٿيو مومن سندو بحر و بر آ،

 

فــقيهــهِ جهان رمز جنهن کان نه واقف،  اها تنهنجي رندن کي ساري خبر آ،

 

ضـــرورت نــه سنگ در يــار آهي،    اتي ئي آ ڪعبو جتي منهنجو سر آ.

 

اي ملان تون ڇو ٿو پڙهين ڪنز قافيه،  پروڙين ته هڪڙو ئي ڪافي اکر آ.

 

اسان کي ته واعظ لئه عزت آ ليڪن،   چيو مست هڪ پئي ته :هي درد سر آ.

 

ڪلهن تي جڏهن ڪيس کولي هو آيو،   ته ڀانيم قمر تي ڪو ڪارو ڪڪر آ.

 

ڀلي تير نيڻن جا حاڪم هلايو،    هي سينو سپر آ، هي حاضر جگر آ.

 

هزارين لکن مان لڀي ڪونه اڪثر،    ڪروڙن منجهان ڪو ڪو اهل نظر آ.

 

اُٿي پنهنجي الله سان اور عارف، هي دنيا فنا آ، فقط رهگذر آ.

”خواب“ حيدرآبادي

پس، سحاب مبين، آفتاب ڪونه کپي،

حسين چهري تي، قيد، نقاب ڪونه کپي.

 

هي بزم، فيض آ ساقي، حجاب ڪونه کپي،

نگاهه جام فگن کڻ، شراب ڪونه کپي.

 

خلوص سان ئي ٿين طئي ٿا مرحلا دل جا،

طلب جي راهه ۾ ڪو اجتناب ڪونه کپي.

 

زهي نصيب، پيام، وفا، قبول پوي،

سلام، شوق آ مقصد، جواب ڪونه کپي.

 

ڀريان ٿو ساز، وفا ۾، خوديءَ جي سوز جو گيت،

جو بيخوديءَ ۾ وڄي سو رباب ڪونه کپي.

 

تخيلات جي عالم ۾ جي اچي ڦيرو،

تصورات سندو انقلاب ڪونه کپي.

 

ملي ٿو جوشِ نو سان، وفا جي دشت ۾ گل،

وفا جي ڏيک جو جعلي گلاب ڪونه کپي.

 

جو شعر لڙڪ مان پيدا ڪري نه مرڪ سگهي،

انهيءَ ڪلام سندو انتخاب ڪونه کپي.

 

سخن شناس ئي محفل جو مور ٿو سڏجي،

سخن جو قدر کپي، ڪو خطاب ڪونه کپي.

 

ديار، عشق ۾ رلندي اچي وئي پيري،

فريب زيست جو هاڻي شباب ڪونه کپي.

 

نصيب تن کي نه ٿيندي، حيات جي لذت،

فراق ، يار جو جن کي عذاب ڪونه کپي.

 

جتي نه جذبئه الفت جو درس ڏئي ملا،

انهيءَ اداري جو شرعا، ڪتاب ڪونه کپي.

 

فراق، يار ۾، دل کي قرار ٿيو حاصل،

خدا نباهه ڏئي شل، اضطراب ڪونه کپي.

 

اهو ئي شعر ٿو تعبير کان رهي محروم،

چوي ٿو جيڪو سجاڳيءَ جو ”خواب“ ڪونه کپي.

”محبوب“ سروري

تون نه اهڙو ستاءِ، ڪيئن چئجي،

ماٺ جي آهه جاءِ، ڪيئن چئجي!

پاڻ کي ئي ٿو بيوفا سڏيان،

هي لقب تنهنجي لاءِ ڪيئن چئجي!

 

توکي ظالم، فريبي، وعده شڪن،

تون ئي سهڻا سڻاءِ، ڪيئن چئجي !

مرڳو ناتي کان ٿين نه انڪاري،

”مون سان ناتو نڀاءِ“ ڪيئن چئجي!

 

تنهنجي قدمن جي ناهيان قابل،

پاڻ کي خاڪپاءِ، ڪيئن چئجي!

مون کي چوڻو ته ڪافي آهي پر:

ڇا چوان! هاءِ هاءِ، ڪيئن چئجي!

”تاج“ بلوچ

جيڪڏهن ڪجهه ڪڇان ته سودائي،

جي ڪيان ماٺ، ٻيڻي رسوائي.

 

ڪک چرڻ تي به دل ڏڪيو ٿو وڃي،

ڇا غضبناڪ آهه، تنهائي.

 

حسن ، در در ٿو عشق کي ڳولي

ظلم ٿي، عشق جي مهانگائي.

 

دل جا ويرانا، ٿي ويا آباد،

جنهن گهڙيءَ گلرخن جي ياد آئي.

 

غمزده دل کي جيئن سڪون ڪو ملي،

ڳائڻا! ڳاءِ، شاهه جي وائي!

 

مون کان، عهدِ وفا جو ڇا مطلب؟

”تاج“ تو جهڙو ناهي، هرجائي.

ڊاڪٽر لکميچند ”پريم“

اسين روز پئون مئي جا پيالا، اسين زهد عبادت ڇا ڄاڻون،

دنيا جي محبت ڇا ڄاڻون ۽ ڪنهن سان عداوت ڇا ڄاڻون!

 

اسين مستيءَ جي چادر تاڻي، شب روز رهون ٿا آرامي،

آ ننڊ تي ناز اسان کي ۽ جاڳڻ جي آفت ڇا ڄاڻون!

 

ڪو ڪيئن هلي، ڪو ڪيئن هلي، ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،

اسين واعظ بڻجي وعظ ڪرڻ، تنبيهه، هدايت ڇا ڄاڻون!

 

ڦولن کي رکون ٿا دامن ۾، ڪنڊن کي سجايون ٿا سر ۾،

هٿراڌو بڻايل ڪنڊن ۽ ڦولن جا تفاوت ڇا ڄاڻون:

 

اسان مالا ٽوڙي، داڻن کي فاقن ۾ چٻاڙي کاڌو آهه،

جپ جاپ اسان کان ٿي نه سگهيا، تقويٰ ۽ طاعت ڇا ڄاڻون!

 

هڪ سُرڪ ڪيو اهڙو ساڻو، هي هو به ويو، تون مان به وئي،

ان مستيءَ واري عالم ۾ اسين ”پريم“ بناوت ڇا ڄاڻون!     

سڳن آهوجا

حال ٻڌو يا حال ٻڌايو،

هئن به ستايو، هونءِ به ستايو!

     ڪوڙ ٻڌائڻ سان گڏ، يارو،

     ڪجهه گهٻرايو، ڪجهه شرمايو!

 

ٻـــاروتــڻ ڇــــا، جــوڀـــن ڇـــاهــي،

سک جي ڇايا، غم جو سايو!

     هر غلطيءَ تي پاڻ سان رسندي

     فخر ٿيو ۽ شرم به آيو!

 

ڪير ٿو ڪنهن جي سار لهي اڄ،

پاڻ کي پنهنجا، يار چوايو!

     حال پڇڻ جي لائق ناهيون،

     حال پڇي ٿا پاڻ لڄايو!

 

نيٺ وڃي مون پنهنجي ٻاري،

ٻئي جي ٻرنديءَ ، سيڪ نه آيو!

                        

ايم. ڪمل

دک تي راحت جي پڳ ٻڌي ٿي وڃي،

غم پرستيءَ جي لڄ رکي ٿي وڃي!

 

موت جي زور جا ٿيا سڀ قائل،

پو ڀي ساراهي، زندگي ٿي وڃي!

 

ڪوڙ چئجي ته هاءِ، دل ٿي دکي،

جي چوان سچ ته هاءِ دوستي ٿي وڃي!

 

ايڏي دل ۽ غمن سان منهنجي دل،

ڪٿ خوشين سان نه دشمني ٿي وڃي!

 

لاٽ ۾ ڪا ڪمي ته ناهي ”ڪمل“،

جهيڻي ٿيندي ڇو روشني ٿي وڃي!

ٽيڪچند ”مست“

کٽي کٽي ويئي ڏس رات،

هوءَ ڏس باک سندي پرڀات.

 

تنهنجي برهه ۾ رئندڙ نين،

بن موسم ڪن پيا برسات.

 

تنهنجي چپن تي مرڪ پسي،

دنيا جا غم ٿي ويا مات.

 

حسن، حيا، ڏسندي ڪنهن جو،

عشق ۾ پيدا ٿيا جذبات.

 

ڪنهن جي چپن تي چمندي، ”مست“،

شعر چوڻ جي پاتي ڏات!

ارجن ”حاسد“

نه مئي آهي، ته خون دل ٿا آڇون، جي پيڻ چاهيو!

اسان جي دل آ ميخانو، پئو، جي ٿا جئڻ چاهيو!

 

زماني جي غمن کي دل ۾ سانڍڻ مان وري ڇا ٿو،

ملائي نيڻ، مرڪي پڻ ڏسو، جي ٿا لڇڻ چاهيو!

 

محبت ۾ وفائن جو ته هرڪو ٿو قسم کائي،

ائين ڇو ٿا ڏسو، ڇا لئي ٿا، ڏوراپو ڏيڻ چاهيو!

 

حياتي- ڪو جئي ٿو، ڪو ٿو ڀوڳي، ڪوئي ماڻي ٿو،

اوهان ڇو زندگيءَ سان صرف پرچي ٿا هلڻ چاهيو!

 

اسان کان ٿا پڇو، ڪنهن ڪنهن تي، ڪئن ڪئن، ڇا ڇا گذري آهه،

پڇو پنهنجيءَ تمنا کان، اوهين جيڪي پڇڻ چاهيو!

 

ڏسو ٿا روز آئينو، ڏِٺوَ پر ڪين دل پنهنجي،

اسان جي ئي خطائن کي ڇو هر هر ٿا ڏسڻ چاهيو!

 

ڪڏهن ڪنهن مرڪ مان، ڪنهن لڙڪ مان، ظاهر ٿي پوندو آهه،

هتي ڪنهن ڇا ڏنو ڪنهن کي، ۽ ڪنهن کان ڇا وٺڻ چاهيو!

 

زماني ۾ اسين ”حاسد“ صدين کان اجنبي آهيون،

نه پنهنجو ڪنهن بڻايو ۽ نه ڪنهن منهنجو ٿيڻ چاهيو!

”وفا“ ناٿن شاهي

مرڪ نه ايڏو وقت جا ٻاڻ،

سدا نه رهندا تو ۾ پراڻ!

 

قربت پريت سندو ميٺاج،

فرقت پيار سندي چهراڻ،

ڪنڌ جهڪايون بيٺي آ،

تنهنجي جوت اڳيان چانڊاڻ.

 

دريءَ دريءَ ۾ دام پيل،

ڏَسيو، ڪيئن سنڀاليون پاڻ؟

نيٺ ويا چورائي گل،

تنهنجي وارن مان سرهاڻ.

 

ڏِسُ ڏِسُ، پنهنجا وار نه ڇوڙ،

پنڌ پري آهيون اڻڄاڻ،

تاج محل تي رات اماس،

ڀورو بت، ڪارو پهراڻ.

 

نانگي بت سان ڪنڊن تي،

ڪير سمهي سگهندو سک ساڻ.

”انور“ هالائي

سڄي دنيا ۾ آئون دل سان، انسانن کي ڀانيان ٿو،

ڇڏي مذهب، رڳو انسانيت وارن کي ڀانيان ٿو.

 

مان سمجهان ٿو هي رشتو، مادري فرسوده افسانو،

تلاش دل جي خاطر ، خاڪ جي ذرڙن کي ڀانيان ٿو.

 

ڪريان مان ترڪ الفت، ڀاءُ ڀيڻن جي ذهين بنجي،

گلن جي نرم ۽ نازڪ حسين دامن کي ڀانيان ٿو.

 

محبت ، پيار آ ڌوڪو، وفا آهي، فريبِ دل،

مان انسانن جي پراخلاق احساسن کي ڀانيان ٿو.

 

ڪٿي پنهنجا به ظالم ۽ ڪٿي ڌاريا به ٿيا دلبر،

هزارين ميل ڏورانهن مان بيگانن کي ڀانيان ٿو.

 

فريب ۽ بغض جي ياري، مون ٺڪرائي ڇڏي آهي،

محبت، قرب جي خالص حسين گيتن کي ڀانيان ٿو.

 

هي ڪوٺيون قهر جون، ڪنهن دم ڪري مسمار ٿي وينديون،

نوازش، رحم جي بي لوث، ميدانن کي ڀانيان ٿو.

 

مٽي ۽ مائٽي جي هر تصادم کان ڀڄي، ڊوڙي،

مان دل سان عالمي قربت جي مستانن کي ڀانيان ٿو.

 

خدائي جا ڦرن ساغر ٿا جت، بي انت اي يارو،

انهن وحدت نما پرنور ميخانن کي ڀانيان ٿو.

 

مان قوم ۽ نسل کان آهيان، خدا جو سونهن ته باغي ٿيو،

بشر آهيان، بشر جي شان شاهانن کي ڀانيان ٿو.

 

مون کي هر اڻسهو، ۽ فتنه ور کان سخت نفرت آهه،

ادب پرور، اديبن ۽ سخندانن کي ڀانيان ٿو.

 

ڀلي دنيا، اسان لئه، ڇا به سوچي ٿي، مگر انور

مان تازه تر تخيل ۽ نون جذبن کي ڀانيان ٿو.

ساجد سرشاري    

وقــت جـــي آهـــه نــاشـــڪـيـبـائـي،

هـــر مـــصــيــبــت اســان جـي لـئـه آئـي!

 

فرقت، بوستان ۾ آهي ٿيو،     ڪوئي ديوانو ،ڪوئي سودائي،

آهي بدنيتي ڪري بي سود،   امن، عالم لئه هر ڪا پڌرائي.

ماڻبي ڪين منزل، مقصود،     جي ارادي ۾ آڻي گهٽتائي.

درد شل تون هجين، سندءِ هوندي        ڪين سمجهيم ڪڏهن اڪيلائي!

الهندي پار جي ڪجي ڇا ڳالهه     ختم اڳري جي جت ٿي اڳرائي!

اڀرندي سج جو ڪرڻو صحتمند     ٿو ڏئي هر نٻل کي سرهائي!

ويئي گرمي، اجهو اتر لڳندو،   چهري چهري تي ايندي لالائي!

مانَ واري ڏکڻ جي واري آه،      جنهن ۾ پيدا ٿي ماروئن ڄائي!

سنڌين لئه اي جبرئيل! ڪو آڻ،      بيت صادق جو ، شاهه جي وائي!

 

هــن جــهـــانِ عــمــل ۾ اي ســاجــد

ڪـــم نــه ايــنــدي خــيــال آرائــي.

علي محمد ”خالدي“ ٺٽوي

سڄڻ سڪ ، ساهه کي تنهنجي، ستائي جي ته پوءِ،

وهان صبروقرار آءٌ، وڃائي جي ته پوءِ؟

 

محبت ۾ مٺا محبوب، منهنجي يادگيري،

پريشان تنهنجي خوابن  کي بنائي، جي ته پوءِ؟

 

برابر منع آهي بت پرستيءَ جي، مگر تنهنجي،

رکان تصوير سيني ۾ لڪائي جي ته پوءِ؟

 

سوين دشواريون هوندي به منهنجي دل سان تنهنجي دل،

پيارا، جيءَ جيارا پيچ پائي جي ته پوءِ؟

 

ڀلي هڪ ٻئي جي پٺيان ڇوڙ تون تيرِ وفا جاني!

سندم سيني اڳيان خم تير کائي جي ته پوءِ؟

 

ڪري حاصل نه هستيءَ ساڻ سگهبو آهي مقصد کي،

اچان هستيءَ کي مان پنهنجي مٽائي جي ته پوءِ؟

 

ڪري نذرانو دل پنهنجي رکان قدمن ۾ تنهنجي مان،

ڏئين اي جان، من واپس ورائي جي ته پوءِ؟

 

گلن جي مند ۾ باد صبا، برقِ  تپان بنجي،

ڇڏي ميخانو بلبل جو جلائي جي ته پوءِ؟

 

نه جنهن کي زندگي ڀر ”خالدي“ جو ڪو خيال آيو،

سڄڻ سو ان لئه شب ويهي وهائي جي ته پوءِ؟

احمد  خان ”آصف“ مصراڻي

 

ڪلجڳ آهي، ٽيڙهو ٽاڻو،

ڪانهي مومل، ڪونهين راڻو.

 

دور، ترقيءَ آهي ليڪن،

نفس ٽڙيو، باطن ڪوماڻو.

 

امن و امان ۾ پيڙ پئي آهه،

ظلم جو هر جا چالو گهاڻو.

 

جائز، ناجائز ڪجهه ناهي،

ڇا به هجي پر گڏ ٿئي ناڻو.

 

جنت ۾ حورون ڳائن ٿيون،

سنڌي لولي ۽ اوراڻو.

 

سنڌي ٻولي، فهم و فضيلت،

انڌو حافظ، راڻو ڪاڻو.

 

”آصف“ تنهنجا نڪتا آهن،

اونداهيءَ ۾ ڄڻ ٽانڊاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com