سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :5

رحيم بخش ”قمر“

لالـــڻ جــو لاش

دانهن ٻڌي، ڪنهن درد ونديءَ جي، ڊوڙي پهتس پير ڀري،

ڇا ٿو ڏسان، هڪ ٻڍڙي عورت، دانهون ويٺي دُرس ڪري،

”ڪوهه رڙين ٿي؟“ تنهن کي چيو مون، مون کي ڏس تون قرب ڪري؟

ڳوڙهن سان منهن ڌُندي چيائين، ”ٻڌ او قمر ڪجهه ڌيان ڌري“:

دل جي صحن ۾ ، دلبر خاطر، سورن سيج وڇايان ٿي،

لاش ڏسي اڄ لالڻ جو هت، لاکا لڙڪ وهايان ٿي !

 

”ڳهڻن جي هن ڳوٺ ۾ آيس، پنهنجو پيارو ديس ڇڏي،

پنهنجن منهنجي پٽ کي جهليو، ”لالڻ وڃ تون ڪين لڏي“،

ڪونه مڙيو هو، آيو ڪاهي، مائٽ گوندر منجهه گڏي،

کيتي ڪيائين، همت سان هت، ويٺو پنهنجو اجهو اڏي:

پياري پٽ جا، پار ڪڍي، بس پنهنجو پاڻ پڄايان ٿي،

لاش ڏسي اڄ لالڻ جو هت، لاکا لڙڪ وهايان ٿي!“

 

”شاديءَ کي ٿس مهنو گذريو، گوهر، غازي، گهوٽ هيو،

هٿڙا هن جا مينديءَ رتڙا، ڪامڻ خاطر ڪوٽ هيو،

سورهيه، صالح، صادق، صابر، عاقل ۽ اڻموٽ هيو،

ويهه ورهيه هئي عمر سندس، هو جوانيءَ چڙهيو چوٽ هيو:

ڪنوار، ڏسي هن ڪونڌر جي، مان خاڪ لڱن کي لايان ٿي،

لاش ڏسي اڄ لالڻ جو هت، لاکا لڙڪ وهايان ٿي!“

 

”ڪانڌ جي خاطر ڪنوار ٿي روئي، جنهن کي ڏنگيا  ڏنگ ڏهاڳ،

سور انهيءَ جي سونهن وڃائي، ڇڏيو جنهن جو ساٿ سهاڳ،

ڀر ۾ ويٺي ڀيڻ اٿس هوءَ، پيئي ڏکن جي جهاڳي جهاڳ،

چئن ڏينهن کان پيٽ بکي آ، لٽڙا ليڙون ٿيڙس لاڳ:

ڪونه ڪڻو ڪو گهر ۾ آهي، دل ۾ دونهن دکايان ٿي،

لاش ڏسي اڄ لالڻ جو هت، لاکا لڙڪ وهايان ٿي!

 

”ڏاندن جو هو جوڙو هڪڙو، سو پڻ قرض ۾ ڳهڻي نيو،

ڍڳڙي، سوئا گهر آڏو هئي، سا پڻ وٺي وڏيرو ويو،

بٽئيءَ ويلي بگڙي بيٺو، اَن کڻي سڀ، راهي ٿيو،

ويتر ننهن جا زيور لاهي، گاريون ڏيندي گجي اٿيو

ڪوڏي ناهه ”قمر“ اڄ مون وٽ، واٽن تي واجهايان ٿي،

لاش ڏسي اڄ لالڻ جو هت، لاکا لڙڪ وهايان ٿي:“

 

”مجذوب“ لاشاري

وڇـــڙيـــل جـــا ورلاپ

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر !

 

ڪڏهن ٿيندي غم جي پڄاڻي، عمر !

ڪنبائين ڇو عاجز اياڻي، عمر !

نٿو ترس تنهن تي ڇو آڻي، عمر !

خدا جو ته نالو سڃاڻي، عمر !

تون آزاد ڪر قيدياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

نه وسرن ادا سي اباڻا امير،

سدا ساريان سيڻ سانگي سڌير،

اٿم ياد هر وقت مٺڙو ملير،

وطن لاءِ منهنجو سڪي نت سرير،

اندر ۾ ڪا اڻتڻ اَباڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

دغا سان ڌنارن جو ڌاڙو هڻي،

اتان آئين اٺ تي کٿيري کڻي،

اها ريت راجا ڇو توکي وڻي،

عدالت ڪندو جت سٻاجهو ڌڻي،

اتي ٿيندس، دانهياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

ولهيءَ کي وطن پاس راجا رساءِ،

حياتيءَ ۾ هڪ وار پنهنجا پساءِ،

سگهو سرتين سان ميان مون ملاءِ،

جدا جيڏين کان ٿيڻ وقت هاءِ !

ڪيم ڪين ڪي موڪلاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

ذرو هت خوشي دل کي آهي نه ڪا،

نهاري سندم نيڻ ٿر ڏي ٿڪا،

جتي اڄ سڱر، ٻير، پيرون پڪا،

وڃي اُت وڳر سان پٽيندي پڪا،

ٿرن پاس ٿاريلياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

سنگهارن سوا ڪين ساعت سري،

پلر جا پياسي پسڻ کان پري،

گهڻي درد مان دل ٿي دانهون ڪري،

ميان ماڙين ۾ سا مانڌي مري،

وطن واسطي جا وڪاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

کڻي کوهه تان آئين چوري هتي،

لڳايا تو زنجير زوري هتي،

جلائي جدائي جي جهوري هتي،

مٽن مائٽن ڌاران ڇوري هتي،

ٿيس بي گنهه باندياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

ستيءَ کي سڄڻ سانگي سارين ٿا،

ڪڏهن ڪين ڪنهن پر وسارين ٿا،

پلر جا پياري پڪارين ٿا،

کڻي نيڻ نت نت نهارين ٿا،

ڏسن واٽ  ڏوٿي ڏهاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

وڇوڙي سندو چاڪ دل ۾ چڪي،

لڪايان مگر ڪين، ڪنهن پر لڪي،

هتي قلب قابو، هتي ڪيئن ٽڪي،

سدا ساهه ساڻيهه لئي ٿو سڪي،

ڏسي ڏيهه شل ڏوٿياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

الاهي اندر ۾ اٿم ڪا اڪير،

نه حيلو هلي آهيان هت اسير،

ڪندو ميلو الله خالق خبير،

وطن  ۾ وري شال قادر قدير،

پــڄــائــيـنــدو پــــرديـسـيــاڻــي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

ستي رات سانگي سڳر ساريم،

وڃي ويڙ ۾ ڪئين ولر واريم،

ڇَنن پاس ڇانگن کي ڇيڪاريم،

گهڻي چاهه مان چالڙيون چاريم،

سڄي شب وطن ۾ وهاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

اندر کي نه آرام ڪنهن پر اچي،

هتي جن جو حيلو ٿيو هر هر اچي،

ڏسڻ خواب ۾ ڀي پيو ٿر اچي،

وطن واسين مان ڪو جيڪو اچي،

سلي سور سڀ سانگياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

ڏکن کان ويو ڏيل منهنجو ڏڪي،

ڀٽون ڀاڻان وسرن ڪڏهن ڪين ڪي،

پيم ڪِڙڪ ڪن تي ٿي ڪُڻڪي ڪَڪي،

وٺا ملڪ تي مينهن مکڻي پڪي،

ڇڄن ۾ اسان جام ڇاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

وسن ٿا  ٿڌا مينهن ٿر تي جڏهن،

بهاري ڪري بوند بر تي جڏهن،

ٿين ريج مينهاڻي جر تي جڏهن،

هلن هيج مان هاري هر تي جڏهن،

تڏهن ٿي جهڄي جهانگياڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

نهارين اڀ ۾ ڪڪر سي قريب،

وٺي کيت کيڙين ٿا خوشنصيب،

سدا گاهه تي ڪن گذارو غريب،

ٿين ٿوڪ ٿر ۾ ڪئين عمدا عجيب،

للر ، لنب، لوڻڪ ۽ لاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

نماڻي سندو ننگ رب پاڪ تي،

ڪندو سو ڪرم نيٺ غمناڪ تي،

رهان گڏ وڃي کيت سان خاڪ تي،

مٽايان نه ريشم جي پوشاڪ تي،

لٽا ليڙون پوتي پراڻي ، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

مٺي مير مارو لئه ماندي مران،

ڳڻي ڳالهڙيون ڳڻتين ۾ ڳران،

ڏڪي ڏيل نت ڏسڪيو ٿي ڏران،

ڇڏي ڪوٽ ڪنهن پر وطن ڏي وران،

خدا لڳ جي مون کي اماڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

هتي روح راضي نه ڪنهن پر سندم،

ڏسان شال موٽي ٿڌو ٿر سندم،

نه مٽ ماڙين سان اهو گهر سندم،

لڌم کيت سان لائون سو ور سندم

نه تنهنجي ٿيان مور راڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

منهه نيٺ مارن جي ٿينديس وڃي،

خوشيءَ مان کلي کيرون ڏينديس وڃي،

کٽا، کير کائر ۾ کينديس وڃي،

تراين مان تِڪ ڏيئي پينديس وڃي،

ٻڪن سان پلر پاڪ پاڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

 

اٿم خاص الله جي لڙ جهلي،

محمد صه  بنا ڪا به ڪانهي ڳلي

مددگار ”مجذوب“ مولا علي،

ڀڃي ڪوٽ هڪ ڏينهن وينديس هلي،

سچو مون سان سردار ساڻي، عمر!

ڪڍي ڇڏ نير مان نماڻي، عمر!

”سرويچ “سجاولي

 

مــــاروئـــڙن جــــي قــيـل مــقــال 

جهوليءَ پائي، آندو مون هي، جهانگيئڙن کان جو ڪجهه يار،

ان ۾ کوڙ سلامن جا ۽ ان ۾ گڏجاڻيون گفتار،

ان ۾ ويڙهيچن جا واڙا ، ان ۾ اوٺي ايلپنهنوار،

ان ۾ پاڙيچن جا پاڙا، پاڙن تي ڏس پهريدار،

منهنجي پياري سنڌ وطن جا ماڻهو جهڙا موتي لال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

ڍاٽي ماٽي وارا ۽ هو مانڌاڻين سان مست مٿير،

ڇانگون ڇوڙيو، ڇانڀ ڇَنن ۾، ڇيڪارون ڪن ڇيڪ ڇُڳير،

سانوڻ توڙي سياري ۾، ساڻيهه جي ڪن سي سار سوير،

دل جا داڻا، من جا موتي، سر جا سائين ، ڀار ڀلير،

قرب ڀريا ۽ قولن پورا، نيڪ نماڻا نيڪ نهال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن ماروئڙن جي قيل مقال!

 

مٺڙي مٺڙي محبوبن جي ميٺ، ڪنان ڀي مٺڙي يار،

ٻولي آ، ٻاجهارن جي، ماهيءَ ماکيءَ جي ڪر لار،

قول انهن جا ، جهڙو ڪارين مينهين ڪڙهيل کير نبار،

”جي جي“ تن جون ، قرب ڪچهريون، جوڌا جانب جان نثار:

وانگين پنهنجي ويڙهه وطن تان، گهوري ڇڏيو آل عيال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

سهڻن،صاف، سدورن، سياڻن، سانگين جو مٽ ڪونه ڏسان،

جهوپن ۾ جرنيل جري، تن جهانگين جو مٽ ڪونه ڏسان،

ماڻهن جي ڪنهن ميڙ وڏي ۾ مانجهين جو مٽ ڪونه ڏسان،

سونهن صداقت، صاف دليءَ ۾، سانبين جو مٽ ڪونه ڏسان:

تن سان بيباڪيءَ ۾ ڀائو ! شير ببر جي ناهه مجال !

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

جهڙا آهن ماڻڪ مارو، تهڙي تن جي ڍول زمين،

پيدا ٿيا ڪئين تنهن جي پيٽان، عارف، شاعر، نيڪ اَمين،

سونيءَ رو، سان سانگياڻيون جي حورن کان پڻ خوب حسين،

ڏينهن تتي ۽ مينهن وٺي ٿيون، جوئر، ٻاجهر، ٻاٽ ڏرين:

نِگههّ ڀَران يا نِهري ڀر ۾، ڳڙ جون ڳڙيون تن جي ڳال !

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

ڀٽّ ڀَران يا ڀاڻي ڀر ۾، ڀاڳياڻين جا ڀوڳ عجيب،

ڪا پئي، ڪنهن کي قرب منجهان ڏي، ڳل تي سَڪَرون ڀيڻ غريب،

ڪا پئي حال اندر جو اوري، ڪا پئي پنهنجو روئي نصيب،

ڳائن ويٺيون ”لاکيڻي“ جا، لوڙائو سر بيت عجيب:

ميلاپو ۽ ميل انهن جو، ملڪن جي لئه آهه مثال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

ساين سهڻين ٻنين ۾ ٻڌ، ونهين جا ورلاپ الا!

اُلٿي جو ٻڌ البيلين کان، الفت جا آلاپ الا!

منڙو موهي مست بنائن، محبوبي ميلاپ الا!

ڏيهه ڌڻين تي ڏاڍا آهن، ڏوٿين جا ڏوراپ الا!

پل پل پائن پيچ پسهه ۾، پرين جا هو پکڙا پال !

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال !

 

وو، وو، ولڙو... ولڙو ،ولڙو، وانگياڻين کان ڪير ٻڌي ؟

شاهه، سچل ۽ سانوڻ جا سُر، سانگياڻين کان ڪير ٻڌي؟

”مورو –ڍاٽي، ڍاٽي-مورو“، ڍاٽياڻين کان ڪير ٻڌي؟

لوليءَ جي للڪار لٿي جو، لوئيارين کان ڪير ٻڌي؟

ڌونرن جي ڌڌڪار ٻڌائي، سيوهڻ وارو جهولي لال ،!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال !

 

ڳورين ڳورين ڳوٺاڻين جا ڳاڱين تي هو ڳاٽ ڏسو،

پيرُن ڪارڻ پنهوارين جي، سِر تي سينِها پاٽ ڏسو،

گرڙن، گولن، گگرين تي هو گُونديلين جا گهاٽ ڏسو،

وڻ وڻ جهڙو “ولهو“ تن کي ساهيڙيون ڪن ساٽ ڏسو:

مَهندان منهن ماڳن جي ڏس !محبوبن جا مڙيا مال !

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

چوڙيلين جي چوڙن جا چمڪار ڏسو ڪر چوڏهين چنڊ،

ماڙيچين جي منهن تي آهي مرم حيا جو منڊيل منڊ،

راڻو ڳائي جيئن ڪو گائڪ، جيڏين جا تيئن ڳائن جنڊ،

کوهن تي خوشحال کٿيريون، کليو کائن کير ۽ کنڊ:

مهراڻي جي ماڻهن مهندان، موتيو موتي پئي بيحال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

ديس مٺي جي ڌرتيءَ تي ڏس، نور نظارا نيڻن ٺار،

وڻ وڻ کي ڄڻ واسي ويو ڪو واس ولاتي سان وڻجار،

جهومي جهومي جهنگ خوشيءَ مان جهڙو ڪو البيلو ٻار،

جهڙوڪ ڪو البيلو ٻار ۽ جهڙي ڪا نخريلي نار:

ٽارين تي ڄڻ ٽونر ٽڪون ۽ لامن تي ڄڻ لويون لال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

گولاڙي ۾ گول پڪي يا آهه گُجر جي گَج جو گُل؟

ڄاريون جهڙا ڪر ڪي ڄاڃي، شاديءَ جو ڪن شوق شغل،

ڪرڙن ڪنڍلا، پاتا جهڙا ڦوُهه جوانيءَ جهليا ڦل،

ٻيرين کيرين کهنبا اوڍيا، جهاٻن واري پاتئون جُهل:

جاري هر هنڌ، جهرمر جلوا، جلوا جهرمر جوت جمال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

”ڪينجهر“  جا پُرڪيف ڪنارا، تن تان ٿيا قربان گهڻا،

”موهن“ جي محبوب مٽيءَ کان حاڪم ٿيا حيران گهڻا،

”سنڌوءَ“ جي پرمست نظارن، ماڻهو ڪيا مستان گهڻا،

”گاج“ ، ”ملير“ ۽ ”باران“ جا ڏس عام مٿي احسان گهڻا:

پورالي جي پاڻيءَ تي جي پلجن تن ۾ قرب ڪمال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

 

سانگيئڙا سرويچ سڀيئي سرويچن جي پاڪ زمين،

ماروئڙا ماهينڊ مڙيئي، محبوبن جي پاڪ زمين،

ساٿيئڙا سرٽوڙ سڀيئي، سانبيئڙن جي پاڪ زمين،

ڍوليا، مُولهين ساڻ سونهن ۽ ڍاٽيئڙن جي پاڪ زمين:

هر هڪ دودو ديس-دلاور، هر ڪنهن جي آ هٿ ۾ ڍال!

ويهه ٻڌايان، توکي پنهنجن، ماروئڙن جي قيل مقال!

غلام حسين ”رنگريز“

وقـــت جـــو دريـــا

ويرون ور ور چڙهنديون رهنديون،

تيز هوائون، هلنديون رهنديون.

 

ڪُن جا ڪڙڪا ٿيندا رهندا،

مڪڙيون مانجهي ٻڏندا رهندا.

 

واڳو، مانگر، وات پٽيندا،

ڪشتين تي هو ڪاهي ايندا.

 

باد مخالف لڳندي رهندي،

ٻيڙي سچ جي لڏندي رهندي.

 

هٿ جي هڻندا، پار سي پوندا

ورنه ڪنارا ساٿ ڇڏيندا.

 

وقت جو دريا وهندو رهندو،

ڪين گهڙي پل هو ڪو رڪندو.

 

آب اُڃايل پٽ ڇڏيندو،

ٻوڏ سان ٻيلا ٻوي ويندو.

 

وقت جو دريا ڪير ٿو روڪي!

وقت جو دريا وهندو رهندو.

آزاد نـــظـــم

هري ”دلگير“

ڪيترا ٿا ملڻ اچن مون سان،

منهنجي گهر روز روز محفل آ،

ڪنهن جي گهر مان ڪهي وڃان پيارا !

سو ته مون لاءِ سخت مشڪل آ،

والٽ وٽمن، لطيف ۽ خيام،

رومي، ٽئگور ۽ سچوءَ پارا،

ڪوٺ منهنجيءَ تي جهٽ ڪهي ٿا اچن:

خوب خوشبو ڏئي خيالن جي،

منهنجي رڳ رڳ ۾ ٿا ڀرن سرهاڻ،

آءٌ ڪنهن وٽ ڀلا وڃان ڇا ڪاڻ؟

ڄاڻ مون کي اها رڳي آهي،

ڄاڻ مون کي نه ڪائي ڀي آهي،

ڪوئي ٽئگور آهه جڳ مشهور،

سو به انگريز ڪنهن ٻڌايو هو،

شاهه هڪڙو عظيم شاعر هو،

ڊاڪٽر سو رلي سڻايو هو،

ٽرمپ، گرامر لکيو هو سنڌيءَ جو،

جرمنيءَ ۾ وڃي ڇپايو هو،

پنهنجي ئي ناچ تي جو پردو هو،

سو ته باوَر رس ئي هٽايو هو،

سونهن پنهنجي پرائو آئينو،

هاءِ، ڪهڙو زمانو آيو آ!

مون کي سمجهه نه بلڪل ڀوري

مون پڪڙي آ تنهنجي چوري،

چغل چڱائي ويٺا آهن، جي ٿا تنهنجو ڀيد بتائن،

تنهنجي ڳل تي لپ اسٽڪ آ،

آهه چپن تنهنجن تي لالي،

ڪنهن جا چپ ها تنهنجي ڳل تي؟

ڪنهن جا نيڻ چميئه ٿي ور ور،

رات مون کي ڀنڀلائي ساجن،

ڪهڙي روپ وتي ڦاسايئي؟

مون کي سمجهه نه بلڪل ڀوري،

مون پڪڙي آ تنهنجي چوري
ڊاڪٽر سدارنگاڻي “خادم“

پــهــچــڻــو  آ ضــرور !

زندگي آهه پهاڙ،

سخت پٿر ۽ ڇپون،

لَڪ اڻانگا، آڏا،

ڇا ته اُوچيون چاڙهيون!

ڇا ته اُونهيون لاهيون !

ڪئن رسان چوٽي تي،

پير ترڪي نه وڃي

ساهه گهـِر ڪي نه وڃي،

هڏ ڀڄي ڀل ٿين چور،

پهچڻو آ ضرور !

هاڻ وهه ڪهڙي وڃان،

هيکلو، ساٿ نه ڪو !

اجنبي، اڻڀُوميو !

پيچرو پيچيدو...

ڪٿي گم ٿي نه وڃان-

روهه ۾ ئي نه رلان،

ناهه ويساهِي ڪا،

جو پٽيان ساهي ڪا،

موٽڻو آهه نه مور،

پهچڻو آهه ضرور!

ڇا جي ٿي ڪاري ٻاٽ، چو طرف گهاٽا گهاٽ!

دم نه بهڻو آهي،

اڳتي وڌڻو آهي،

سوچ جو وقت ڪٿي!

مختصر آهه حيات،

دور منزل آ دور،

پهچڻو آهه ضرور!

     

ذوالفقار ”راشدي“

ٻــــــوڏ

 

هڪڙي ڀيري،

کيت اسان جو پاڻي پائي ويو،

چوڌاري سنگن جي بدلي،

ويريون ۽ لهريون

مون ڀائيو:

ڳڙڪائي ويندو ڌرتيءَ کي

پاڻيءَ جو واڳون

ساري ساوڪ هڪڙي ڏينهن-ڇر ۾ مٽجي ويندي،

ليڪن ڪجهه مدت کان پوءِ ...

پائيندڙ جو ڇوهه جهڪو ٿيو.

ڪجهه ڏينهن ۾ ،

(پاڻ ڇڏائي پاڻيءَ کان)

نڪري آئي هڪ ٻيٽاري،

هارين ٻج ڇٽيو،

۽ ساڳي ٽڪري تي ٻيهر

اڳ کان اڳرا،

سرنهن جا ڦولار لڳي ويا،

مون سمجهيو:

پائيندڙ جا ڏينهن ٿين ٿا ٿورا !

 

ذوالفقار ”راشدي“

 

ڪن پيڙهين کان،

او قاصائي،

ڪات وهائڻ ڪار اوهان جي !

پر ڪڏهن ڀي ،

تو يا تنهنجي بابي ڏاڏي،

مهل ڪُسڻ جي،

روڪي آهي-

ٻيڪ ٻڪر جي ؟

”سيف“ ٻنوي

شــــاعــــر ڏانـــهـــن !

اڃا ڀي تون خاموش آهين-

زماني جي رفتار جا چي ته ڏس تون،

زمانو ڪٿي آ وڃي ڏس ته پهتو،

مئي ارغواني جي نشّي ۾ غلطان،

اي شاعر!

تون مدهوش آهين-

اڃا ڀي تون خاموش آهين-

اهي گل ۽ بلبل جا رنگين فسانا،

پراڻا پراڻا سي تنهنجا ترانا

انهن ۾ ته هاڻي نه ڪا جان آهي،

انهن جي ٻڌڻ سان نه دل کي ملي ٿو سڪون،

انهن جي پڙهڻ سان نه پيدا ٿئي ٿو جنون،

مگر تون !

هميشه جيان هن پراڻي تخيل کي گهليو اچين!

اهو ساڳيو ساغر،  اها ساڳي مئي ۽ اهو ساڳيو رنگ،

نه چوريو، نه چوريو اي چارڻ تو پنهنجو ڪو چنگ-

زمانو به بدليو ۽ ماحول بدليو،

نه بدليو، نه بدليو سو تنهنجو تخيّل-

زماني جو دستور آهي اهو،

چوي سچ جيڪو سو ڦاهي چڙهي،

مگر شعر تنهنجا ٻڌي سڀڪو توکي ته واه واه چوي،

۽ تون !

وٺڻ داد خاطر،

ٿو هٿ کي هلائين،

۽ سر کي جهڪائين،

اڃا ڪونه جاڳيو آ تنهنجو ضمير !

نظر ڪر تون هڪوار اي نڪته دان،

حسن کان به وڌ آ غريبي جهان ۾،

فقط هڪ ئي روٽيءَ جي خاطر،

ٿو انسان ، انسان ڏي هٿ ڊگهاري،

۽ سرمايداري ٿي غربت کي در تان  ڌڪاري ،

۽ انسانيت ٿي پڪاري،

مگر تون ٻڌو اڻٻڌو ٿو ڪرين،

تنهنجو آواز، انداز سڀ ساڳيا-

اهي انگ اگهاڙا، سدا پيٽ بکيا،

ڪڏهن ڪين تنهنجو ڪو ڪردار بنيا،

تخيل جا رنگين محل تو بنايا،

۽ محلن ۾ رهندڙ ئي تنهنجا ته شهڪار بنيا،

زمانو به بدليو ۽ ماحول بدليو-

نه بدليو، نه بدليو سو تنهنجو تخيل،

زماني جي حالت اها آهي شاعر !

اڃا ڀي تون مخمور مئي نوش آهين-

اڃا ڀي تون خاموش آهين!

”راز“ ناٿن شاهي

خــــوشــــي

ڇا خبر مون کي هئي،

مان به ڪڏهن ڪنهن وانگر،

ڪنهن جي اکين جو ستارو،

ائين بنجي ويندس،

دل جي ڌڙڪن،

۽ خوابن جو پيارو تعبير،

هيڪلائيءَ جو سهارو،

ائين بنجي ويندس،

منهنجا بي ربط،اڌورا،

۽ پياسا اشعار،

ڪنهن جي نوخيز خيالن کي،

جنجهوڙيندا وڃي،

ڇا خبر مون کي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com