سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :14

 

سنڌ جا قديم سڪا

سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا

(قسط 2)  عبداللہ ورياهه

ميان نور محمد جي وفات بعد سندس وڏي پٽ ميان مُرادياب خان کي عمرڪوٽ ۾ 1127هه ۾ اميرن سنڌ جو حڪمران تسليم ڪيو. افغانستان جي بادشاهه احمد شاهه دراني، ڪلهوڙن طرفان مقرر ٿيل سفير ديوان گدومل جي ڪوششن سان ميان نورمحمد جي ننڍي پٽ محمد عطر خان کي يرغمال ڪري اڳ مقرر ڪيل ڏن ۾ ڪجهه واڌارو ڪري محمد مرادياب خان کي سنڌ جي حاڪم جي سَند ۽ ”سر بلند خان“ جو خطاب ڏنو- ديوان گدومل فرمان ۽ خلعت سميت عمرڪوٽ پهتو ۽ نصرپور جي ڀر سان جلوس جي رسم ادا ٿي ۽ ان جاءِ تي ”مراد آباد“ نالي هڪ نئون شهر ٻڌايو ويو- هيءُ واقعو سنه 1127هه\ 1754ع ۾ ٿيو.

ميان مرادياب کي سڀ کان پهريون مسئلو ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر جي بغاوت جو هو. ڪڪرالي جا حاڪم جڏهن به ڪلهوڙا حڪمرانن کي ڪمزور ڏسندا هئا، يا ڪا تبديلي ٿيندي هئي ته سرڪشي اختيار ڪندا هئا. مرادياب خان پنهنجي حڪومت جي پهرئين سال ۾ ئي هن سرڪشي جو خاتمو ڪيو.جنهن بعد ٻه سال امن امان ۾ گذريا. پر خراج جي وڏي رقم ۽ افغان حاڪمن جا وقت بوقت نوان مطالبا پورا ڪرڻ سنڌ جي حاڪمن لاءِ ڏکيو ٿي پيو. هو هاڻي نالي خاطر حاڪم هئا، پرملڪي ماڻهن تي ظلم ڪري پئسا گڏ ڪري پهچائيندڙ گماشته ٿي پيا. انهن حالتن ۾ مرادياب خان به بيزار ٿي پيو. هن حڪومت جو سمورو خزانو پنهنجن ڪارندن هٿان مسقط موڪلي اتي جي بندر وٽ هڪ سوداگر جي معرفت محل ٺهرائي باقي خزانوان ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو.

1170هه جي آخر ۾ ميان به روانگي جو پڪو ارداوڪيو ۽ ويندي خواهش ڪيائين ته ڪڪرالي جي ڄام تي حملو ڪري، ان جي مال ملڪيت لٽي پاڻ سان کڻي وڃي، پر سرائي سردارن ڄام سان صلح ڪرڻ وقت قرآن تي حملي نه ڪرڻ جو وعدو ڏنو هو. ان ڪري 13- ذوالحج 1170هه (29 آگسٽ 1757) تي سردارن فيصلو ڪيو ۽ راتو رات محمد مرادياب جي حويليءَ کي گهيرو ڪري صبح ساڻ سندس ساٿين سيمت کڻي سوگهو ڪيو ۽سندس ڀاءُ غلام شاهه کي حڪمرانيءَ جي مسند تي وريهاريو. اهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن کي عياش، ظالم ۽ ناعاقبت انديش حاڪم کان نجات حاصل ٿي. مرادياب ڪجهه عرصي کانپوءِ قيد مان نڪري، شهدادپور کان نوشهري ۽ پوءِ خداآباد پهتو ۽ شوال 1171هه (جون1757ع) ۾ گذاري ويو.

غلام شاهه کي اڃان حڪومت هٿ ڪئي مهينو مس ٿيو هو ته محرم 1171هه (سيپٽمبر1757ع) ۾ درياهه ”مرادآباد“ کي پائي غرق ڪري ڇڏيو ۽ ميان کي شهر ڇڏي ٻاهر نڪرڻو پيو. هن پنهنجي والد جي آباد ڪيل شهر ”محمد آباد“ وٽ هڪ نئين شهر جو بنياد وجهي، ان جو نالو ”الهه آباد“ رکيو.

مرادياب جي سڳي ڀاءُ احمد يار خان ميان غلام شاهه کي تسليم نه ڪيو، سنڌ جي حڪومت ماڻڻ لاءِ افغان حاڪمن جي سند حاصل ڪرڻ به ضروري هئي، جيڪا اڃا غلام شاهه کي نه ملي هئي. محمد عطرخان جيڪو افغاني درٻار ۾ موجود هو، پنهنجي نالي حڪومت سنڌ جو پروانو وٺي سنڌ جو رخ ڪيو.

اها خبر جڏهن سنڌ پهتي ته سرائي سردار غلام شاهه جو ساٿ ڇڏي ڌار ٿيندا ويا. ميان غلام شاهه 25 صفر 1171هه (نومبر 1757ع) تي سنڌ ڇڏي جيسلمير وڃڻ جي تياري ڪئي. مير بهرام خان ٽالپر به ڪامنا (جيسلمير) وٽ ڌار ٿيو، باقي لشڪر جا چند ماڻهو ۽ راجا لکي ميان غلام شاهه سان وڃي رهيا. جن سان گڏجي ميان صاحب جيسلمير کان بيڪانير پهتو ۽ اتان محمد مبارڪ خان ثاني نواب بهاولپور ڏي نياپو ڪري پنهنجي رهائش جو انتظام ڪرائي اوڏانهن روانو ٿي ويو. بهاولپور ۾ ٽي مهينا رهي ميان صاحب مبارڪ خان جي صلاح ۽مدد سان سندس ڀاءُ فتح خان، مهرو خان، احمد خان پيروزاڻي، ۽ محمد ڄام عالياڻي سان گڏ جي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن شير محمد خان، سعد خان بابي ۽ ٻين ڪيترن پٺاڻن کي به پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪيو. رستي ۾ بهادر خان عالياڻي ۽اختيار خان مدواڻي سندن مقابلو ڪيو، پر هارائي ڀڄي ويا. ميان صاحب روهڙي پهتو ته عطر خان ۽ احمد يار خان وڏي لشڪر سان سندس مقابلو ڪيو. رمضان 1171هه جي آخري تاريخ (7جون 1757ع) تي خونريز لڙائي لڳي، ٿورائي هوندي به ميان غلام شاهه جي سوڀ ٿي. نهرام خان ٽالپر جيسلمير ۾ ساٿ ڇڏي ويوهو، اهو جنگ هلندي اچي ميان غلام شاهه جي خدمت ۾ پهتو ۽ڪيل غلطين جي معافي ورتائين.

غلام شاه فتح بعد عيدالفطري جي نماز روهڙيءَ ۾ ادا ڪئي ۽ اتان سيوهڻ پهتو. مرادياب خان بيماري بعد گذاري چڪو هو، ميان صاحب پونيرن سان عذر خواهي ڪئي.

عطر خان ۽ احمد يار خان روهڙيءَ مان ڀڄي وڃي قلات پهتا. قلات جي والي نصير خان هنن کي کڻي ٻڌو، ڇو ته هو غلام شاهه جو دوست هو. ديوان گدومل افغان حاڪمن معرفت ٻنهي کي قيد مان ڇڏايو ۽ سندس ئي ڪوشش سان فيصلو ٿيو ته عطر خان کي افغان فوج وڃي سنڌ جي حڪومت تي ويهاري ۽ احمد يار خان درٻار ۾ يرغمال ٿي رهي. اهي خبرون جڏهن غلام شاهه کي پهتيون ته هن ربيع الثاني 1172هه مطابق ڊسمبر 1758ع ۾ اورنگابندر جي ماڻهن کي گجي پهچائي ان جو نالو ”شاهه ڳڙهه“ رکيو ۽ ان کي مرڪز بنائي ڀر ۾ ”شاهبندر“ نالي نئين بندر جو بنياد رکيو، اتي مضبوط قلعو ٺهرائي اهل عيال کي سرفراز خان جي سنڀال هيٺ ڇڏي، پاڻ ڀائرن جي مقابلي لاءِ نڪري پيو. عطر خان افغان لشڪر سان سنڌ کي ڀيليندو، لٽيندو اچي چاچڪان پهتو. ٻنهي ڌرين ۾ جهڙپون به ٿيون، پر نيٺ صلح ٿيو ۽ نتيجي ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي متحد ڪيل سنڌ هڪ دفعو وري ٽڪرا ٿي ويئي. ملڪ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو، شاهه ڳڙهه کي نصرپور تائين، جنهن ۾ ٺٽو به شامل هو، ميان غلام شاهه کي مليو ۽ باقي سنڌ جا رهيل ٻه حصا عطرخان ۽ احمد يار خان کي مليا.

رمضان 1172هه (مئي 1758ع) تائين سڀ ڌريون فيصلي مطابق هلنديون رهيون. پر ان وچ ۾ احمد يار ۽ عطر خان به پاڻ ۾ نه ٺهيا. احمد يار افغان حاڪن کان پنهنجي نالي سنڌ جي حڪومت جي سند وٺي پنهنجي پٽ کي يرغمال طور افغان حاڪمن وٽ ڇڏي سنڌ ڏي روانو ٿيو- غلام شاهه به اها خبر ٻڌي ٻاهر نڪتو. عطر خان اهي خبرون ٻڌي پريشان ٿيو ۽ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو، ويندي 2 شوال 1172هه (29 مئي 1759ع) تي ميان غلام شاهه کي خط لکيائين ته ”آئون هميشه لاءِ ملڪ ڇڏي وڃي رهيو آهيان. اوهين ۽ احمد يار خان پاڻ ۾ ڄاڻو“. غلام شاهه وڌي سڄي ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ لاڙڪاڻي پهچي باغي ۽ ڦورو کوسن کي سيکت ڏنائين. اهڙي طرح سڄو ملڪ هڪ دفعو وري متحد ٿيو ۽ سڄو ملڪ ميان غلام شاهه جي هٿ هيٺ اچي ويو ۽ پاڻ ملڪ جو انتظام ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ميان عطر خان ۽ احمد يار خان سنڌ مان نڪري اچي بهادر خان عالياڻي ۽ اختيار خان مدواڻي وٽ پهتا. جتان احمد يار خان ته هندوستان هليو ويو. باقي عطر اتي ئي ترسي سنڌ جي حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو. ميان غلام شاهه ۽ بهاولپور جي نواب امير محمد مبارڪ خان جي ڪوششن جي باوجود بهادر خان ۽ اختيار خان نه مڙيا ۽ عطر خان به ڪنهن ڳالهه تي راضي نه ٿيو. نيٺ اوٻاڙي وٽ جنگ لڳي. بهادر خان عالياڻي مارجي ويو ۽ ميان غلام شاهه کي سوڀ حاصل ٿي ۽ ميان عطر خان جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو.

1173هه جي آخر ۾ وري به ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر جي ڪن مهٽ ڏانهن ڌيان ڏنو 7 صفر 1184هه (8 ڊسمبر 1760ع) تي ڄام کي ڪڇ ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ سندس پٽ هردوار جي ميان صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي آڻ مڃي.

سنه 1184هه (1760ع) ۾ ميان غلام شاهه هڪ سفير بيڪانير جي راجا گج سنگهه (1159هه 1202هه/1746ع-1787ع) ڏانهن موڪلي خواهش ظاهر ڪئي ته سندس پٽ سرفراز خان ۽ راجا صاحب جو پٽ ڪنور راج سنگهه پاڻ ۾ پڳون مٽائين ته جيئن پڳ مٽ ياري قائم ٿئي. اها خواهش ان ڪري ڪئي ويئي هئي جو 1741ع ۾ بيڪانير جي راجا زوراور سنگهه ۽ ميان نور محمد خان به پٽڪا مٽائي پاڻ ۾ ياري قائم ڪئي هئي ۽ پوءِ راجا گج سنگهه ۽ ميان غلام شاهه جي به پڳ مٽ ياري هئي.

جڏهن سنڌ ۾ ميان غلام شاهه پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪري ورتو ۽ مخالفن کي ختم ڪري ڇڏيائين ته 1175هه جي شروعات ۾ (آگسٽ يا سيپٽمبر 1761ع) افغان بادشاهه احمد شاهه جي طرفان ميان صاحب کي ”هر بز جنگ شاهه وردي خان“ جو خطاب، سنڌ جي حڪومت جي سند، هاٿي، خلعت ۽ ٻيا تحفا موڪليا ويا- ساڳئي سال دائود پوتن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سندن رياست بهاولپور جي شهر خانپور تائين ڪاهي ويو. پر اچ جي سيدن جي سفارش تي سندن خطائون معاف ڪري موٽي آيو.

ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحدن تي ڪلهوڙن جي حڪومت دوران ڪافي ڇڪتان رهندي آئي. ڪڇ جا حاڪم جاريجا سما هئا، جيڪي اصل ٺٽي جا رهندڙ هئا ۽ سنڌ جي سمن سان سندن تمام گهرا تعلقات هئا. اڳ ۾ ذڪر ٿي آيو آهي ته ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر جڏهن ٻي واهه نه ڏٺي ته سنڌ ڇڏي ڪڇ ڏانهن هليو ويو هو. اهڙي طرح سنڌ جي سمن کي تڪليف جي وقت ۾ ڪڇ کان مدد ملندي رهندي هئي. ميان غلام شاهه جڏهن سنڌ جي امن امان قائم ڪرڻ کان واندو ٿيو ته ڪڇ طرف توجه ڏنائين.

تيمور شاهه افغان               مرادياب ڪلهوڙو

ڪلهوڙا حڪمرانن جون مُهرون

 ميان نور محمد      ميان سرفراز         ميان عبدالنبي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com