سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :11

 

مخدوم غلان حيدر صديقيؒ قريشي هالائي

 

ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي

حضرت مخدوم غلام حيدر رحه جي خذمات ۽ سوانح حيات تي گفتگو ڪرڻ کان اڳ اسان کي سروري خاندان جي پنج سو ساله تاريخ جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، جنهن سڳوري خاندان جو هڪ هڪ فرد رهبري ڪندڙ، مسيحائي ڪندڙ ۽ خدا جي بندن سان محبت ڪندڙ آهي. هن خاندان جو مجموعي طور مثال ايئن آهي: جيئن بيابانن ۾ نخلستان. رڃ ۽ ويرانيءَ ۾ خيابان. حيات آفرين بادصبا ۽ مٺي پاڻيءَ جا چشما.

حضرت مخدوم غلام حيدر صديقيءَ کي صرف هڪ تعليمي خذمتون ڪندڙ هستيءَ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرائڻ، اهو مولوي صاحب مغفور جي بيشمار خذمات جي مقابلي ۾ تمام اڻپورو ۽ ناڪافي تعارف آهي.

هن خاندان جا سڀ سڳورا بزرگ پنهنجي پنهنجي دور ۾ عظيم الشان خذمات انجام ڏيندا آيا هن، جن ۾ علمي ادبي، ديني، معاشي، سماجي ۽ روحاني خذمتون شامل آهن. هو خذمتن جي نتيجي ۾ مخدوم بنيا آهن، جناب حضرت طالب الموليٰ جن فرمائين ٿاته:

”اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.“

هن خاندان جا سڀ افراد مجسمئه خذمت ۽ سراپا مروت ۽ اخلاق آهن. سندن حضر ۽ سفر؛ ميل؛ ملاقاتون؛ اٿڻ ويهڻ؛ سياسي ۽ سماجي اقدام سفر ۽ شغل سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح انساني خذمت جا زرين نتيجا پيدا ڪندڙ آهن. هن جي خدمت ۾ ويهي ڏسو بزرگن جي صحبت ڪفاره گناهان آهي. هن خاندان جي هر فرد جي اٿڻ ويهڻ نشت و بر خواست ۾ هميشه هڪ وقار ۽ توازن موجود  رهي ٿو. خانداني روايات جي خوشبوءِ اچي ٿي. سندن مجلس مان دانائي ۽ ڏاهپ ميسر ٿئي ٿي.

جناب مخدون محمد زمان صاحب (سروري خاندان جوموجوده پڳدار) حضرت مخدوم غلام حيدر رحه جي پا ڪيزه پرورش ۾ پنهنجي چاچي سائينءَ جي هوبهو سيرت ۽ صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هو خانداني وقار ۽ روحاني فيض جو روشن مينار آهن. هنن جي دعائن ۾ توازن ۽ طاقت آهي ۽سندن دعائن ۾ اثر آهي. هو پنهنجي ڪمتر کان ڪمتر نياز مندن کي به نٿان وسارين. ڊاڪٽر اسداللہ حسيني لکن ٿا ته هو ڪڏهن به ڪنهن تي رنج يا ناراض ڪونه ٿين، پر جي ڪنهن تي رنجش هوندن ان تي پاڻ گهڻو مهربان.

”ڏمر جي ته به ڏئي- پرچي ته پاٽ ڀري

جُنگ جکري کي- ٻئي چڱايون چت ۾.“

(شاه)

هي خاندان بنيادي طورعلم و عرفان فيض ۽ روحانيت جي هڪ سدا روشن شمع آهي، جنهن هر دور ۾ بني انسان جي خذمت بهبود ۽ اصلاح کي پنهنجو نصيب العين رکيو آهي.

منهنجون يادگريون مون کي تقريباً چاليهه سال پوئتي وٺي وڃن.جڏهن حضرت مولوي مخدوم غلام حيدر جي قدم بوسي ۽ زيارت مون کي حاصل ٿي. نوراني صورت، چهري تي شفقت ۽ محبت جا اڻ ميا خزانه ڏٺم. خوبصورت ۽ خوبسيرت. هٿ ۾ ننڍي تسبيح ۽ نظرن م انڪسار. ملاقات ۾ جڏهن محسوس ڪيائون ته ڪو ماڻهو ڪا ضروري ڳالهه چوڻ جي باوجود به نه پيو چئي سگهي ته کيس پياس ۽ ٻاٻيس مان پڇندا ”جنهن ڪم سان آيا آهيون اهو ته سمجهايو“ اڃا به نه ٻڌايائين ته کيس خلاسو سڏي پڇندا ۽ ايئن مدد ڪند جو ٻئي هٿ کي خبر نه پوي بيشڪ مشڪل ڪشائي ۽دستگيري سروري خاندان جو شيوو رهيو آهي.

انهن ڏينهن ۾ ساڻن گڏ هڪ ننڍڙو صاحب زادو سدائين گڏ هوندو هو. ذهين، ماٺيڻو ۽ شڪيل. تڏهن اسان کيس ”ڏاڏا سائين“ چوندا هواسين. مخدوم غلام حيدر جي پرورش ۽ دعائن سان پاڻ اڄ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جا چونڊيل ميمبر آهن ۽ هن کان اڳ وفاقي وزير جي اعليٰ منصب تي فائز رهي چڪا آهن.

هيءَ سروري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول جي بائونڊري وال اڃا ڪا نه ٺهي هئي. ان جي جاءِ تي بعضي انساني جسمن جي هڪ طويل ۽ لمبي قطار ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو روڊ جي پاسي کان هڪ ديوار بنايو ويٺا هئا ته سمجهي وڃبو هو ته اڄ حضرت مخدوم غلام حيدر رحه يا پاڳاري سائين طالب الموليٰ جن جي سواري گذرڻي آهي ۽ شوق ديدار ۽ زيارت لاءِ هي هزارين ماڻهو منتظر اکيون وڇايو ويٺا آهن. ڏاڍيون رونقون لڳي وينديون هيون.

اهڙو ئي نظارو مخدوم غلام حيدر جي سفر ۾ نظر يندو هو، جنهنجو تفصيلي ذڪر مرحوم موسوي صاحب اسڪول جي اڳواڻي ڊائريڪٽر صاحب لکيو آهي.

”جيئن ئي ڪو ماڻهو قومي شاهراهه تان لهي هالا جي شهر ۾ ’باب نوح‘ کانب داخل ٿئي ٿو ته کيس اسڪولن، ڪاليجن، هاسٽل، مدرسن، مسجد، مسافرخانن، لنگر خانن، هنر گاهن، درگاهن ۽ ڪتبن جوهڪ متواتر ۽ طويل سلسلو نظر اچي ٿو. جيڪي حال شهر جي هڪ ڇيڙي کان هلي وڃي ٻئي ڇيڙي تي دنگ ٿو ڪري، حيدرآباد واري ناڪي کان وٺي پرائن هالن جي ناڪي تائين اسڪول ۽ ڪاليج نظر ايندا. پرانڻ هالن جي ناڪي کان اڳتي اڃا به هڪ نئون دارالعلوم ٺهي رهيو آهي هنن مدرسن ۽ اسڪولن ۾ گذريل اڌ صدي کان هن تر جو غريب کان غريب انسان زيور تعليم سان آراسته ٿي رهيو آهي. اڌ صديءَ جي تعليمي خذمات هن تر جي ي معاشيءَ سماجي زندگي ۾ هڪ خوشگوار انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. غريب کان غريب ٻار بنا ڪنهن رنگ نسل قوم جي فرق جي بهتر کان بهتر تعليم جا مواقع ماڻي ٿو. اهي سڀ مخدوم غلام حيدر صديقيءَ جي علم پروريءَ جا ثبوت زنده جاويد مثال آهن. تنهن کان علاوه نادار ۽ ضورت مند شاگرد کي ڪپڙا سبرائي ڏيڻ، لنگر تان ماني پهچائڻ فيون ۽ اسڪالرشپ ڏيڻ دوا درمل لاءِ پئسو ڏوڪڙ ويندي موڪل تي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڀاڙو به ڏيڻ مخدم غلام حيدر جي پسنديده مشاغل ۾ شامل هو.“

اسان سڀ هنن ئي ادارن جا شاگرد آهيون ۽ اسان جو اولاد به هتي ئي پڙهيو آهي. ان لحاظ کان اسان سروري خاندان جا ۽ خاص طور مخدوم مغفور غلام حيدر رحه جا مقروض ۽ احسانمند آهيون. هن ڪاليج جا شاگرد خدا جي فضل سان دنيا جي طول و ارض ۾ پکڙيل آهن. هر شعبي ۾ نمايان کان نمايان خذمات انجام ڏئي رهيا آهن.

۽ ڪيترا بين الاقوامي شهرت ۽ اعزاز ماڻي چڪا آهن. هن ڪاليج ۽ اسڪول جا شاگرد وفاقي ۽ صوبائي وزير به ٿيا، جن تي اسان بجا طور فخر ڪريون ٿا.

حضرت مخدوم مغفور رحه جن جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رحه جن سان وڃي ملي ٿو۽ سند دؤر 1898ع کان1953ع تائين پکڙيل آهي. سندن فڪر ۽ سمجهه موجب سنڌ جي مسلمانن توڙي ٻين باشندن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي پستيءِ جو علاج هن خطي جي ماڻهن جي تعليمي پسماندگي دور ڪرڻ سان ئي ممڪن هو. جڏهن پين ان ڳالهه جو پورو يقين ٿي ويو ته پاڻ پنهنجو سمورو ٿوجهه ۽ توانائي تعليمي ترقيءَ طرف مرڪوز ڪيائون. مخدوم غلام حيدر جي تعليمي سرگرمين جو اهو پس منظر آهي. اهو زمانو آزاديءَ جي تحريڪن جي عروج جو زمانو هو. قيام پاڪستان جو اوائلي دور هو. جڏهن سنه 1940ع ۾ مخدوم غلام حيدر هالا ۾ پرائمري اسڪول کولايو. سنه 1942ع هالا ۾ انگريزي اسڪول کوليائون سنه 1943ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول بنائي، ان جو بورڊنگ هائوس ٺهرايائون. سنه 1944ع ۾ هالا هاءِ اسڪول سان ملحقه وڏو مدرسو ۽ جامع مسجد ٺهي راس ٿي. سنه 1945ع ۾ پاڻ ايڊيوڪيشن سوسائٽي هالا رجسٽر ڪارايائون، جنهن جي مدد سان سندن تعليمي سرگرميوم زياده تيز ۽ موثر ٿيڻ لڳيون. شفيع محمد شهنشاج ۽ماستر نارائڻ داس سندن ڪم ڪار ۾ مدد ڪندا رهيا. سنه 1947ع ۾ هالا۾ ڪاليج جي عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو سنه1951ع ۾ ڪاليج جُڙي راس ٿيو ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو ڪم شروع ٿيوسنه 1951ع جي آخر ۾ سروري ڪاليج جي مسجد ٺهي تيار ٿي. سنه 1948ع ۾ هن ڪاليج لاءِ وسيع ’طالب الموليٰ هاسٽل‘ ٺهي مڪمل ٿي سنه 1954ع ۾ سروري ڪاليج انٽرميڊيٽ مان وڌي ڊگري ڪاليج ٿو سنه 1955کان ڪاليج ۾ ڪامرس جو شعبو جاري ٿيوسنه 1920 کان سروري ڪاليج ۾ سائنس جي تعليم جو آغاز ٿيو سنه 1962ع ۾ هيڏي ساري وسيع عمارت جي ڪمپائونڊ وال مڪمل ٿي. بجلي مهيا ڪئي وي ۽ عمارت ۾ توسيع ٿي. سروري ڪاليج کليو ته ان لاءِ سٺن سٺن پروفيسرن جون خذمات حاصل ڪيائون. پروفيسر محبوب علي چنا کي پرنسپال طور مقرر ڪيائون. انگريزءِ لاءِ ڪو پروفيسرڪونه پئي مليو ته پاڻ ڊاڪٽر ڊيو آرٽ جهڙي قابل پروفيسر کي مقرر ڪيائون. ۽ روزانه کيس مخدوم غلام حيدر سائين جر موٽر حيدرآباد مان وٺڻ ويندي هئي ۽ ڇڏڻ ويندي هئي. ٻين شهرن ۾ به مدرسن مسجدن ۽ اسڪولن لاءِ چندا ۽ مددون موڪليندا رهيا. سنه 1925ع ۾ ’طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج‘ هالا کليو، جنهن جي نظرداري جناب انور هالائي ڪندا هئا. تازو هالا ۾ ڇوڪرين لاءِ انٽرميڊيٽ ڪاليج ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته عنقريب هتي لاءِ ڪاليج کوليو ويندو جيڪا جناب مخدوم محمد امين فهيم جن جي خواهش آهي. ۽ انشااللہ مستقبل قريب ۾ هالا ۾ ’مخدوم غلام حيدر يونيورسٽي‘ ڪم ڪرڻ شروع ڪندي، جيڪا حضرت مخدوم مغفور جي خواهش هئي، جنهن لاءِ پان پروفيسر محبوب علي چنا ۽ حضرت طالب الموليٰ جن سان اڪثر- صلاح مشوره ڪندا هئا. سروري ڪاليج جي اطراف ۾ ڪافي زمين ۽ وسعت جي گنجائش اڳ ۾ ئي موجود رکي اٿن.

هنن تعليمي ادارن جي تعمير توسيع ۽ اجراءَ جو ڪم جنهن خلوص منصوبه بندي ۽ تسلسل سان ٿيندو رهيو، تنهن مان هن فرشته سيرت انسان جي علمي خذمتن ۽ ارادن جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي.

سنڌ ۾ سدائين عالمن، مخيرن ۽ عظيم هستين جو سڪار رهيوآهي. سنڌ سڳورن عالمن ۽ برزگن ۽ اهڙين سڳورين هستين جي اپٽار ڪرڻ ويهنداسين ته انهن ۾ حضرت مخدوم غلام حيدر رحه صديقيءَ جو نالو نمايان نظر ايندو، جيڪو رب جي خاص رحبت بنجي سنه 1898ع ۾ هالا ۾ سروري خاندان ۾ پيدا ٿيو، ذري گهٽ هڪ صدي اچي ٿي. جو پاڻ هن مجازي مانڊاڻ ۾ آيا ۽ هليا ويا. سندن سوانح حيات جو مطالعو ڪرڻ مان اها ڳالهه محققن لاءِ بلڪل واضح ٿي وڃي ٿي ته اللہ ڪريم هن بزرگ بي مثال ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون سميٽي يڪجا ڪيون هيون. نهايت بيدار دماغ، مدبر معامله شناس، مقبول عام، سخي ۽ ذهين شخص هئا.

دين خواهه دنيا جا امور سندن پيش نظر هئا. مسجد کان اسيمبليءَ تائين سندن دسترس هئي. هن تر ۾ ڪيترا يتيم آهن ۽ ڪير بيواهه ۽ نادار آهن ڪير عليل ۽ مفلس آهن. تن جو پورو تفصيل اپ- ٽو ڊيٽ وٽن موجود رهندو هو. سندن اعتماد جوڳا ملازم هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا هئا ته هن لسٽ جي صحت ۽ سچائيءَ ۾ ڪا ڪمزوري نه هجي ۽ پوءِ ڪن کي ڏوڪڙ ۽ ڪن کي ٻڪريون، ڪن کي ڪپڙا سبيل، ڪن کي اڻ سبيل ڪن کي نياڻين لاءِ ڏاج ڪن کي ڪتاب ۽ قرآن ڪن کي سيڌو ۽ اناج حسب ضرورت ۽ حسب منشا ايئن پهچي ويندوهوجو هڪ هٿ ڏٺو. اللہ اڪبر

وضعداري، خذمت خلق، جودو سخا، سياست ۽ رياست جا امور مريدن جي سرپرستي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جاڪم ڪاريون ميونسپالٽيءَ جا امور، عالمن ۽ مدرسن جي امداد، هي سڀ خذمتون مولوي مرحوم جي زندگيءَ جو معمول رهيون، کين ان ڳالهه جو به فڪر رهندو هو ته ڪنهن سفيد پوش جي گهر ۾ سامايل نياڻي فقط ان سبب مهندي لڳائڻ کان محروم نه رهجي وڃي جو سندس والدين مقروض يا نادار هجن.

پاڻ دنيا ئي اسلام جي عظيم يونيورسٽي ديوبند جا فارغ التحصيل هئا، جتان پاڻ باقاعدي سند حاصل ڪري موٽيا. حضرت مخدوم ظهيرالدن پريل ڄام پنهنجي نفيس ۽ نوعمر پياري فرزند کي حصول علم لاءِ ۽ ايڏي مدت لاءِ ايترو پري موڪلي اطاعت پيغمبر ڪئي ۽سنتِ رسول جي ادائگي ڪئي ”طالب العلم ولو کان بالسين.“

نه ته دستور موجب سٺي کان سٺا استاد ۽عالم کين سندن بنگلي تي تعليم ڏيڻ لاءِ موجود هئا ۽ آهن. علم هجي تجريد لاءِ مطالعو مسلسل جاري رکيائون، ڪتب بيني ۽ڪتب نويسي سندن پسنديده مشغلو هو. مختلف ديني مسائل تي عالمن سان مذا ڪرا ۽ تبادله خيال ضروري سمجهندا هئا. دين ۾ اعتدال پسنديءِ جا قائل هئا.

سنڌي ۽ اردو کان علاه عربي ۽ فارسيءَ تي کين مڪمل حاصل هو. حديث تفسير ققهه ۽ تصوف جيڪي سروري خاندان کان پسندديده موضوع آهن، تن ۾ کين غير معمولي درڪ ۽ ملڪو حاصل هو. ڪتابن جو ادب ۽ قدر ڪرڻ ته ڪو کانئن سکي. سفيد ۽پاڪ چادر پکيڙائي ان تي ڪتاب رکندا هئا. ان وقت فوٽواسٽيٽ مشين اڃا وراج ۾ نه هئي، تنهنڪري سٺا سٺا ڪتاب ۽قلمي نسحا نقل ڪرائڻ تي وڏي رقم لاڳيتي خرچ ڪندا آيا، جيئن علمي خزنو محفوظ رهي سگهي. مولوي عبدالرزاق نوشهرائي توڙي ٻيا عالم ۽ خوشنويس وٽن هن ڪم تي مامور هئا.

سندن طبع نفيس پر نهايت عميق، نظر وسيع پر معامله فهم هئي. اهو ئي سبب آهي جو هن عظيم انسان جي اشاري سان سنڌ جي سياست وابسته هوندي هئي جلال ۽ جمال علم ۽ڪمال اعتدال پسند سياست جي هن جامع شخصيت جي ابرو جي اشاري سان سنڌ جون ورزارتون ٺهيون ۽ ڊهيون.

اهي ئي خصوصيتون اڄ اسين حضرت طالب الموليٰ ۾ ڏسون ٿا. حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي نظر ۾ به ايوان اقتدار،اسيمبليون ۽ وزارتون ڪا چيز نه آهن. پاڻ فرمائين ٿا ته ”وڏو ليڊر ٿيڻ، شاعر ٿيڻ، عظيم ڊاڪٽر ٿيڻ، عظيم محقق يا مورط ٿيڻ اهو به چڱو پر مان چاهيان ٿو ته ڪو عظيم انسان هجي، ڀلي اهو هاري ڇو نه هجي پر اهو عظيم ماڻهو هجي.“ ماڻهپوئي دراصل سندن نظر ۾ وڏي ڳالهه آهي.

مخدوم حيدر جي تصنيف ۽ تاليف به خالص ديني خذمت لاءِ هئي سندن تصنيفات ۾ اسلامي تصوف (1932) سوانح عمري حضرت مخدوم نوح (1933) اسوه محمدي (1935) نبوي اخلاق (1935) شامل آهن.

ڪيترا ڪتاب پنهنجي خرچ سان ۽ امداد سان ٻين عالمن کان به لکرائي ۽ڇپرائي تقسيم ڪرايائون.

صفائيءِ تي تمام گهڻو توجه ڏيندا هئا. سفيد لباس وڻندو هون، سادي وضع، سفيد پڳ، سفيد سونهاري، پيرن ۾ سليپر، سفر ۾ ڪارو ڪوٽ يا ڪاري شيرواني، هٿ ۾ ننڍي تسبيح، هميشه با وضو رهڻ، درود شريف ڪثرت سان پڙهڻ سندن معمول ۾ شامل هو.

سندن نوراني چهري تي ڏيا ۽ حشمت ۽ سندن لبن تي وري فياضانه مسڪراهٽ رقصان هوندي هئي. ٻئي طرف وري لباس ۾ سادگي نگاهن ۾ عجز ۽ انڪساري هوندي هين. وٽن ڪا دانهن شڪايت يا ڪو معاملو مسئلو پيش ٿيو ته ٻي ڌر ۽ ٻئي طرف جي جانچ پڇا ڳاڇا ڇنڊ ڇاڻ ڪري مطمئن ٿيڻ ڌاران ڪو به قدم نه کڻندا هئا. سڄي معاملي جي هڪ کان وڌيڪ فريقين مان جانچ ڪرائي تسلي ڪندا هئا. عين انهيءَ طرح اڄڪلهه مخدم رمان طالب الموليٰ جن ماڻهن جا فيصلا ڪن ٿا. سچ ۽حق جا طرفدار. سندن عدالت جو فيصلو سچ حق ۽ قانون ۽ انصاف تي مبني هوندو آهي. پري ۽ ويجهي جي ماڻهن کي عملدارن ۽ ڏِنگن کي اها چڱيءَ طرح خبر هئي ته هالا جي ماڻهؤ، مخدوم غلام حيدرجي مريد کي بيجا تڪليف ڏيڻ ڪا سٿري ڳالهه نه آهي. سندن خذمتون ۽ عظمتون سندن تصنيفات ۽ علم پروريءَ وڏين تاريخ ساز شخصيتن ۽ دانشورن کي پاڻ ڏي متوجهه ڪيو. جن ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، دشمن العماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علام آءِ. آءِ. قاضي، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، جناب جي-ايم سيد، پروفيسر سيد  غلام مصطفيٰ شاهه، غلام محمد گرامي، مولاناغلام مصطفيٰ قاسمي، مخدوم امير احمد، آخوند عبدالرحمان، ان هالائي ۽ ٻيا ڪيترا عالم ڪهي وٽن حاضر ٿيندا هئا.

’هرکجا چشمئه بود شيرين

مرد مرغ ومور ماهي گرد آئيندا.‘

’جتي به مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو آهي ته پکي پکڻ، مڇيون ۽ ماڻهو ازخود اچي ويندا آهن.‘

مخدوم حيدر مرحوم ومغفو جي سوانح حيات جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي سروري خاندان جي پوري پنج سو سالن جي تاريخ سامهون رکڻي پوندي جنهنجو  هڪ هڪ باب هڪ هڪ ورق هڪ هڪ لفظ ديني علم جي خذمت، نادارن جي سرپرستي ۽ انسانذات جي رهنمائيءَجو هڪ لازوال سرمايه آهي. ۽ سروري خاندان جا سڀ افراد هن دعويٰ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن.

ويجهڙائي ۾ اڌ صديءَ سروري خاندان جر تاريخ جنهن ۾ اسان توهان سڀ رهيا آهيون. اسان جو ذاتي ترجمو رهيو آهي ته اسان هن تر جي عملي انقلاب علم جي شمع جي روشني ۽ ڦلاءَ جا منظر اکين سان ڏٺا. جنهنڪري سروري خاندان جي علمي خذمتن سان بادار ماڻهن جي زندگيءَ ۾ خوشحالي اچي وئي ۽ ماڻهو پاڻ معاشي اعتبار کان بهتر ۽ باعزت محسوس ڪري رهيا آهن. اها اطمينان ۽ سڪون جي لهر اها چين ۽ وقار جي زندگي مخدوم غلام حيدر جي مرحون منت آهي. ۽ اها ئي ڳالهه سندن نقط نظر هئي.  Leigh Hunt“ جو جڳ مشهور نظم ”ابو ابن ادهم“ اسان توهان بارها پڙهيو آهي، جنهن فرشتي ابوبن ادهم کي ٻڌايو ته تنهن جو نالو اللہ کي پيارڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ آهي ئي ڪونه. پر ساڳي فرشتي ٻي رات حضرت ابوبن ادهم کي سوني ڪتاب ۾ اچي ڏيکاريو ته سندس نالو انهن ماڻهن جي لسٽ ۾ سرفهرست هو جيڪي اللہ جي بندن سان پيار ڪن ٿا.

مان جڏهن به هيءَ نظم پنهنجي ڪلاس کي پڙهائيندو آهيان ته هميشه مخدوم غلام حيدر جي پا ڪيزه شخصيت منهن جي نظرن جي سامهون اچي ويندي آهي ۽ دل پوري يقين سان چوندي اٿم ته جيڪڏهن مون کي فرشتو اهو سونو ڪتاب سان ڏيکاري ته مان اهو ضرور پڙهي وٺندس ته حضرت مخدوم غلام حيدر رحه جو نالو پوري شان ۽ وقار سان انهيءَ لسٽ ۾ درج آهي، جيڪي خدا جي بندن سان پيار ڪن ٿا ۽ سندن بهبوديءَ جا متمني آهن.

مان پورن 25- سالن کان سروري خاندان جي تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو آهيان. هر وقت ۽ هميشه نيون ۽ نت نيون خذمتون انڪشاف مطالعي ۽ تحقيق مان پراپت پئي ٿيا آهن. پاڻ ڪڏهن به شهرت ۽ پزيرائي پسند نه ڪندا هئا. خط ۾، تحرير ۾ صرف علام حيدر لکڻ تي اڪتفا ڪندا هئا. وڏن جلسن جلوسن کان پرهيز ۽ پاسو ڪندا هئا. تقرير تمام مختصر ڪندا هئا ۽ گفتگو ته مختصر پر لفظ نهايت وزندار ۽ توريل تڪيل، بعضي ظرافت ‎۽ ڀوڳ تفريح به پسند ڪندا هئا. جنهن جا تفصيل مون کي استاد پروفيسر احمد ميمڻ جن ۽ جناب استاد محمود ابڙيجي جن ٻڌايا مخدوم غلام حيدر رحه جي تعليمي سرگرمين کان پوءِ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جن بهتر کان بهتر نموني سنڀاليندا اچن ٿا.

سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طور هالا جا رهواسي مخدوم غلام حيدر کي ڪڏهن به وساري به سگهندا. جيڪو سندن ۽سندن اولاد جو محسن هو. هيءَ بي مثال هستي جنهن جي دل علم جي شمع سان، زنده جاويد رهندي حافظ جي شعر کي جيڪڏهن هيئن ڪري پڙهجي ته مٿن صادق اچي ٿو:

”هرگز نه ميرو آنکه دلش زنده شد بعلم،

ثبت است بر جريده عالمِ دوامِ ما.“

(حافظ)

مروت ۽ عطا جو پتلو، خلق خدا جو محسن، علم جي روشني ڦهلائيندڙ اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود نه آهي مگر سندن علمي ۽ ديني خدمتن جي طفيل سندن سڳورو نالو هميشه عقيدت احترام ۽ تشڪر جي جذبن ۽ دعائن سان ياد ڪيو ويندو.

”اذالم ڪارم في آفاقنا ذڪرت،

فانِما بِک فيها يضرب المثل“

(جڏهن به اسان وٽ چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي ته توهانجو نالو مثال طور ورتو ويندو آهي)

سندن اخلاق و اطوار بابت ڊاڪٽر سليم هالائي لکن ٿا ته ”سنت رسول اڪرم جي پيروي سندن اخلاق هو.“ سندن روزمره جي باري ۾ تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ تمام سويل اٿندا هئا. ننڊ ٿوري ڪندا هئا. سندن گفتگو جو لهجو تمام نرم ۽ شائسته هوندو هو. سندن تقرير به مختصر هوندي هئي. سندن تحرير صاف ۽ خط جو نمونو عربي مائل هوندو هو. نوڪرن ۽ ملازمن لاءِ پاڻ نهايت شفيق ۽ فياض هئا. گادي نشين جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ ان عمل کي ساري زندگي پنهنجو شعار بنايائون.

پروفيسر محبوب علي چنا ٻڌايو ته سندن مجلس ۾ بعضي خوشطبعي ۽ ظرافت به ٿيندي هئي. پنهنجي تر ۾ سندن ٻانهون ڊگهيون هونديون هيون باخبر ۽ بااصول هوندا هئا. ڪامورن کي ڪم چوڻ شان کان گهٽ سمجهندا هئا. ان ڪري ڪامورا خود حاضر ٿي کانئن ڪم ڪار پڇندا هئا. انتظامي لحاظ کان سموري تر ۾ سندن گرفت تمام مضبوط ۽ گهري هوندي هئي. ڪنهن کي به سندن پاليسي کي اورانگهڻ جي جرائت ڪان ٿيندي هئي.

اي منهنجا محسن، منهن جا مخدوم اي غلام حيدر سيدي!

اڄ مان تنهنجي مرقد تي باادب موجود آهيان!!

مان توکي نه ڏسي آنسون وهايان ٿو.!!

مان ڪيڏو نه نادان آهيان. نٿو سمجهان ته تون،

اسان ۾ هر دم موجود آهين. ارواح ۾ احساس ۾،

اسان جي دلين ۾ اسان جي جسم و جان ۾،

اسان جي جذبن ۽ خيالن ۾ اسان جي رزق ۽ ڊگرين ۾،

اسان جي ڪتابن ۽ ڪاپين ۾. اسان جي ساڄي ۽ کاٻي،

شال ڌڻي ٻاجهاري جون رحمتون تنهنجي مٿان وسن.

ڳوليان ۽ ڳنڍيان، ويا ويراڳي نڪري،

صحبت جا سنديان، آءٌ نه جيئندي ان ري.

(شاهه)

مخدوم غلام حيدر صديقي ؒ

 

مخدوم غلام حيدرؒ جي ٺهرايل سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي مکيه دروازي جو ڏيک.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com