سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :8

سنڌيڪار: آدرش

رافيل سيڊيناس جا نظم

رافيل سيڊيناس جو جنم سنه 1931ع ۾ شهر بار ڪئيسميٽو ۾ ٿيو اِهو ملڪ وينزولا جو هڪ ننڍڙو پر ڪنهن مصري عورت جهڙو حسن رکندڙ شهر آهي.

رافيل شاعريءَ جي پوک، ننڍپڻ کان ئي پوکڻ شروع ڪئي ۽ هينئر سندس اها پوک سائي آهي. هن جو پهريون مجموعو، هن جي پندرهن سالن جي عمر ۾ شايع ٿيو. هيل تائين انيڪ مجموعا شايع ٿي چڪا اٿس. هن جو ڳاڻيٽو وينزولا جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو.

رافيل جا نظم ڪنهن ننڍڙي ٻار جيترا ننڍڙا، معصوم ۽ سچ آهن، جن کي پڙهڻ سان رافيل ۽ شاعريءَ تي اڃا موه وڌي وڃي ٿو.

وقتُ

اِها ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي ته،

وقت،

هُن جو بدن آهي،

واريءَ تي.

رات

رات،

دروازن سان،

ڳالهائيندي آهي.

معصوم اکيون

معصوم اکيون،

وڃايل شهر به،

فتح ڪنديون آهن.

منجهند جو گل

منجهند جو گل،

هميشہ،

زخم مٿان،

ٽڙندو آهي.

رشيد ڀٽي- هڪ دؤر

گهڻا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مري چڪا هوندا آهن ۽ رشيد ڀٽي اهڙن ماڻهن مان نه هو. هو هڪ ڀرپور زندگي جيئو، زندگيءَ جي هر پل کي هن لفظ جي روپ ۾ رقم ڪيو، ۽ ائين هن زندگيءَ جي ڪروپ کي سروپ بخشيو، ترقي پسند دور جو هو هڪ اهڙو ليکڪ هو، جنهن ڪڏهن به، ڪٿي به، ڪنهن سان به ٺاهه نه ڪيو، ۽ اصولن تي، آدرشن تي سدائين اٽل رهيو.

رشيد ڀٽيءَ ڪهاڻيون به لکيون، ترجما به ڪيا، صحافي به رهيو. هن مضمون به لکيا، ڪالم به لکيا، تقريرون به ڪيون، ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي:

سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو

پر رشيد ڀٽي بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪار هو، فڪشن رائٽر هو. ”بڻ“ ۽ ”اوسيئڙو“ ٻه ڪهاڻيون ئي کيس سنڌي ڪهاڻي- اتهاس ۾ زندهه رکڻ لاءِ کوڙ آهن؛ پر هن جون ٻيون ڪهاڻيون به سنڌيءَ جي بهترين ڪهاڻين مان آهن؛ خاص طور تي اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن بنهه ويجهڙائيءَ ۾ لکيون ۽ ”برسات“ ۽ ”آرسي“ ۾ ڇپيون، مون انهن ڪهاڻين کي پڙهي کيس خط لکڻ چاهيو هو، ۽ رشيد ڀٽي جي ئي هڪ اهڙي ائڊريس هئي، جيڪا مون کان ڪڏهن به نه وسري هئي.

جاگيراڻي پاڙو سکر- سنڌ

پر مون کيس خط نه لکيو.

اهو صحيح آهي، ته اُن دور جي ليکڪن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نثر توڙي شعر جي هر صنف ۾ لکيو. اياز شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ به اهڙو ۽ ايترو ڪجهه لکيو، جيڪو سنڌي ساهت جو املهه خزانو آهي، رشيد ڀٽي، شمشير، حفيظ شيخ، سليم احمد، سراج، گرامي، ڏيپلائي، مقبول صديقي ساهت سرجڻ سان گڏوگڏ جديد سنڌي صحافت جي پيڙهه (جنهن کي هينئر کوٽيو پيو وڃي!) به رکي. قمر شهباز ريڊيو، ٽي. وي ناٽڪ به لکيا، ڪهاڻيون به لکيون، ته شاعري به ڪئي. بشير مورياڻي ڪهاڻيون به لکيون، ته شاعري به ڪئي. آغا سليم ڪهاڻيون ناولٽ ۽ ناول به لکيا ته ريڊيو، ٽي. وي، اسٽيج ناٽڪ به لکيا، ترجما به ڪيا ۽ شاعري به ڪئي....

رشيد ڀٽيءَ جي حوالي سان اهو پورو دور هڪ اهڙو اتهاسڪ دور آهي، جنهن ۾ وڏا ادبي معرڪا سَر ڪيا ويا، سڀني اديبن آڏو هڪ مقصد هو، جنهن کي ماڻڻ لاءِ اجتماعي جاکوڙ ڪئي وئي.

ڀوريءَ ٻي نه تات، جيڪا سا جَتنِ جي

۽ اديب- شاگرد ۽ عوام جي ڪامبينيشن سان ان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون.                 (ا- ح)

ڪهاڻيون

سيد حبيب الله شاهه

مارچ پاسٽ

دوست تنهنجو لکيل پراڻو خط مليو، نڄاڻ ڪيترو وقت اڳي تو لکيو هو اهو خط، شايد آئون ان وقت اتي نه هئس، اهو ڪنهن منهنجن ڪتابن ۾ رکي ڇڏيو، ڪتاب جي صفحن ان کي گلاب جي پتين ۽ مور جي کنڀن وانگر جيءَ ۾ جايون ڏنيون، اهو ڪتاب ڪل ڪائنات جي بيجان شين جيان شيلف ۾ رکيو هيو، ڪنهن جي توجهه جو مرڪز بنجڻ لاءِ پر ڪنهن کي به هن مصروف وقت ۾ هن کي هٿ لائڻ لاءِ وقت نه مليو يا مليو هوندو ته به ڪنهن تنهنجي خط ڏانهن توجهه نه ڏنو.

جڏهن منهنجو ٽرانسفر حيدرآباد ٿيو ته ڪتاب وري منهنجي ڀاڱي ۾ آيا، خبر ناهي ته جڏهن به اداس ٿيندو آهيان ته پيل ڪتابن جي سٿن مان ڪجهه کڻي بي جان صفحا اٿلائيندو آهيان يا سنڌو ڪناري هليو ويندو آهيان، اها منهنجي مايوسيءَ جي انتها هوندي آهي.

تنهنجو ڪافي سال اڳ جو لکيل خط پڙهيم سمجھه ۾ نه پي آيو ته اهو تنهنجو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ هي ته سڀ ڪجھ ساڳيو آهي ساڳيو نالو ساڳيا اکر؟؟ مون ته تنهنجو نالو دودي، هوشوءَ، هيمون ۽- جي لسٽ ۾ داخل ڪيو هو،  ڪڏهن ڪنهن مونکي تنهنجي شهيد ٿيڻ جو اطلاع ڏنو هو، تڏهن اکين اڳيان اونداهي ڇانئجي ويئي هئي، انيڪ لڙڪ اکين مان وهي مٽيءَ ۾ جذب ٿيندي ڏٺا هئم، ياد ڪونه اٿم ته اهو ڪهڙو جذبو هو دوستيءَ  جو پنهنجائپ جو يا ويرين کان وير وٺڻ جو-؟ بهرحال جيڪو به هو شديد ترين هو، تڏهن اهو وقت ياد اچي ويم اهي لمحا جيڪي پاڻ سينٽرل جيل ۾ گڏ گهاريا هئا، تنهنجو بوش قسم جهڙو چهرو اکين آڏو ڦرڻ لڳم، تنهنجو ڳايل گيت ”مان ڏوهي هان“ ڪنن ۾ گونجڻ لڳندو آهي، اتان نڪرڻ کان پوءِ سڀڪو آزاد ٿي ويو هو، شايد ٻيهر نه ملڻ لئي، ”نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سان-“؟؟ شاهه سائين جي بيت وانگر واقعي ڪنهن به ڪنهن سان نه رکي، انهن ڏوهين ۾ آئون پاڻ کي شامل ڪريان ٿو.

وقت جو راڪاس گُهمي ويو، صرف يادون ئي يادون هيون جيڪي ذهن ۾ ڪنهن وقت هلچل مچائي وجھنديون آهن/ هيون، انهن لهرن م تنهنجو چهرو تري مٿي ايندو هو، خون سان ڀريل تنهنجو چهرو، ڀريل ڏاڙهي، گولين جي بارش ۽ بارود جو طوفان، ۽ سڏڪن، آهن دانهن، لڙڪن جي سمونڊ ۾ بولاٽيون کائيندي انيڪ اڻڄاڻ، اڻ سڃاتل چهرن سان گڏ، اکيون بند ڪري ويهندو هئس تڏهن وري ساڳئي فلم اکين اڳيان ڦرندي هئي، توکي بنا گولين روالور کڻي ڀڄندو ڏسندو هئس ۽ تنهنجي پٺيان چور، رهزن ۽ ڌاڙيل رائيفلون کڻي ڀڄندا هئا، فائرنگ جا لڳاتار آواز ٺا، ٺا، ٺاٺا، ٺاٺا جا، ۽ تون بولاٽيون کائي ڪري پيو هئين. گهڻو پوءِ مون سوچن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ۽ تصور هلڪو ٿي ويو جيئن محبوبا جي شاديءَ کان پوءِ محبوب جو تصور.

اڄ جڏهن تنهنجو خط پڙهيو اٿم ته چوطرف مايوسيءَ جي گهري سمونڊ ۾ ٻڏل آهيان تنهنجو واسطو اهڙن ماڻهن سان آهي جيڪي ماڻهن کي لائين ۾ بيهاري گولين جي برسات وسائيندا آهن. اهي رائيفلون هونديون به اوهانجي هٿن ۾ آهن دوست!! ان مهل پروموشن جو نشو اکين ۾ هوندو آهي اهو ڪونه ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته گولي کائڻ وارا ڪير آهن؟  مرڻ وارن سان اسانجا مضبوط ڳانڍاپا ڳنڍيل آهن مارڻ وارن سان اسانجو ڪوبه رشتو ناتو ڪونهي ۽ تون لاشن جي انبارن تي تمغن وارو سينو ساهي ڪيترو نه ڀوائتو لڳندين، تون به ان ڳالهه تي سوچ موٽي اچ دوست واپس اچ توکي تنهنجا ماروئڙا سانگيئڙا واپس پيا سڏين، توکي ٽن وقتن جي عزت  جي ماني ملي ويندي، پر توکي اتان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو تنهنجو انجام سولي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهندو اها هڪ تاريخ آهي هڪ حقيقت آهي، ڪري سگهين ٿو ان حقيقت کان انڪار-؟؟!!       

محمد دائود بلوچ

پرديسي ڪهڙا پرين!

مان هڪ مارو ماڻهو آهيان، خير محمد منهنجو نالو آهي. ڳوٺاڻا مونکي خيرو چوندا آهن. مان ٻهراڙيءَ جو رهاڪو آهيان، مون وٽ رڍن جو ڌڻ آهي. روزانو صبح جو ٻاجھريءَ جي ڍوڍي تي مکڻ جو چاڻو رکي کائيندو آهيان ۽ مٿان گهاٽي لسيءَ جو وٽو پي، تيل سرمو ڪري شهپرن کي تيل هڻي وٽ ڏئي، سنڌي ٽوپي پائي، بينون کڻي جڏهن مال چارڻ ويندو آهيان، ته ننڍڙي ٽِڪ ۾ جا اڪثر ڪري منهنجي پاسي واري کيسي ۾ هوندي آهي پاڻ کي ڏسي آئون پاڻ کي راڻو سمجھندو آهيان ۽ جڏهن بينن تي لهرو وڄائيندو آهيان تڏهن ته سچ پچ پاڻ کي راڻو سمجھندو آهيان اڪثر ڪري سڄو ڏينهن بينون وڄائيندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته دل چوندي آهي ته ڪا جوانڙي ملي ۽ دل غم لهي. ان لاءِ آئون اڪثر ڳوٺڙن جي ڀرسان، تڙن وٽ يا ڦُٽين چونڊڻ وقت بينن مان لهرا ڪڍندو رهندو آهيان ۽ اتي چڪر ڏيندو، مال چاريندو رهندو آهيان، ته من ڪنهن جوانڙيءَ جو ڌيان ڇڪجي.

هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو اسان جي گهرن جي ڀرسان جيڪا هندن جي زمين هئي، اها زمين ڌارين کي ڪليم ۾ ملي. هڪ شهري خاندان اتي اچي رهيو. مان به اتي ڀرپاسي ۾ روزانو رڍون چاريندو بينون وڄائيندو رهيس. اتي رڍون چاريندي، هڪ ڏينهن ٻنين ۾ مون هڪ حسين خوبصورت قداور عورت ڏٺي. مان حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته اهڙي حسين ترين عورت مون ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪانه ڏٺي. ٻهراڙيءَ جون عورتون سڄو ڏينهن اُس ۾ پورهيو ڪن، گهر جو ڪم ڪن، مال کي چارو ڏين، ڏهائي ڪن، ڇيڻا کڻن، ٻهاري ڏين. مطلب ته انهن کي پنهنجي ذات جي ڪابه ڳڻتي  نه هوندي آهي. هيءَ خوبصورت عورت ڄڻ ڌڻيءَ واندڪائي ويل ويهي ٺاهي هئي. ڄڻ هن اُس اکين سان ڪانه ڏٺي هئي، پر قسمت شايد کيس هتي ڇڪي آندو هو. هن جي چنڊ جهڙي چهري کي ڏسي منهنجو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو. اسين سادا ماڻهو ڪنهن ضائفان کي ڏسون ته ٻيو پاسو ڏئي وڃون، ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهون. هن کي ڏسي مان منهن ٻئي پاسي ڪري بينون وڄائيندو رهيس. ۽ اتان مال ڪاهي روانو ٿيس. پر اها جُوءِ هئي مال چارڻ جي ۽ مان وري به اتي ايندو رهيس بينون وڄائيندو رهيس ۽ هن کي ڏسندو ۽ شرمائيندو رهيس.

هن جا گهر به اسان جي گهرن جي ڀرسان هئا. هنن کي ٻي ڪا وندر ڪانه هئي. تنهن ڪري هوءَ روزانو صبح شام ٻنين ۾ پيئي گهمندي، ڇالون ڏيندي، ڏسندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهرن ڏانهن به ايندي هئي.

ائين ڏسندي، نهاريندي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. نيٺ هڪ ڏينهن مون به دل جھلي کنگهڪار ڪندي شهپرن تي هٿ ڦيريندي، رڍن کي هڪلڻ جي بهاني سان سلام ڪيو. هن ڏٺو پر ڪڇي ڪانه چپ چاپ ويندي رهي. دل ۾ سوچيم ته پنهنجن مائٽن کي چئي بڇڙو ڪرائيندي يا منهنجن مائٽن کان موچڙا هڻائيندي، يا راضي ٿيندي، پر هن جي خاموشيءَ کان خوف ٿيو.ائين ڏيکائي ڏنم، ڄڻ مون سلام ڪونه ڪيو پر رڍن کي پئي هڪليم خير.... اهو ڏينهن ته اهڙيءَ ريت پهه پچائيندي گذري ويو. ۽ سڄي رات سوچن ۾ گذري ويئي. صبح جو دستور موجب مان مال ڪاهي، ڦرندو، نهاريندو بينون وڄائيندو ساڳي جاءِ ڏي روانو ٿيس. ڏٺم ته هوءَ به پيئي ٻنيءَ ۾ ڦري. مون به وجھ وٺي سلام ڪيو اهڙيءَ طرح جو سلام جو سلام ۽ مٿي کنهڻ جو بهانو به اهڙي طرح هفتو کن گذري ويو. هوءَ ڀر پاسي جي ٻنين ۾ گهمندي رهندي هئي. ڏسندي رهندي هئي ۽ بينون ٻڌندي رهندي هئي. خبر ناهي ڇو مون کي يقين ٿي ويو ته اڄ نه ته سڀاڻ نانگ ضرور ريجھندو ۽ هوءَ مون سان ضرور محبت ڪندي، ڇاڪاڻ ته جتي اسانجا ۽ هنن جا گهر هئا، انهن جي ميل کن پنڌ تي ٻيو ڪوبه ڳوٺ ڪونه هو. اسان جي گهرن ۾ به ڪو اهڙو جوان ڪونه هو، جيڪو هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وڃي يا هي ڪنهن ڏي وڌي. ان ڪري چوندا آهن ته انڌن ۾ ڪاڻو يا جتي وڻ نه آهي اتي ڪانڊيرو به درخت جيان مان هوس.

پوءِ نيٺ هڪ ڏينهن منهنجن بينن نانگ کي ريجھائي وڌو ۽ هن ڪر کڻي سلام جو جواب سلام سان ڏنو ۽ هٿ مٿي ڪري پنو ڏيکاري اتي ڇڏي هلي ويئي ۽ مون اتان اهو ڪاغذ اچي کنيو- ڏٺم ته ان تي قلم سان ڪجهه اکر لکيل هئا.

هاءِ ڙي نصيب! مان ريڍار ٺپ اڻ پڙهيل ۽ هي خط يار جو آيل، ان وقت پاڻ تي جيڪا لعنت ملامت پُڳم سا ڪيم. مائٽن کي گهٽ وڌ ڳالهايم ته نه پاڻ پڙهيا نه اسان کي پڙهايائون. سياڻن سچ چيو آهي ته اڻ پڙهيل انڌي جي آچار آهي. مان اهڙو وڃي ڦاٿس جو ڦتڪڻ جي جاءِ نه پيئي ملي. سوچيم ته زمين جاءِ ڏي ته گهڙي وڃان. اهڙي خبر هجيم ها ته چٺي لکندي ته هيڏانهن منهن به نه ڪريان ها ۽ شهپرن تي هٿ نه ڦيرايان ها. سلام به نه ڪريان ها نه اهڙي مصيبت ۾ پوان ها. جڏهن کيس خبر پوندي ته مان نه رڳو ريڍار آهيان، پر اڻ پڙهيل به آهيان ته پوءِ ڇا سوچيندي منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ رکندي!

انهن سڀني ڳالهين کانپوءِ اچي انهيءَ ڳڻتيءَ ورايو ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل هوندو؟ مون کي ڪيئن خبر پوندي، ڪنهن کان پڙهائيندس، جواب ڪهڙو ڏيندس. ڪيئن ڏيندس! منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو. بينون وڄائڻ وسري ويم، رڍن تي لٺ جو ڦهڪو لائي ڏنم، شهپر جيڪي سدائين ڏنگ هوندا هئا سي لڙڪي پيا. رڍن کي سوير ئي ڪاهي واڙيءَ ۾ بند ڪيم، سوچيم ته ڪنهن سان دل جو حال ڪريان، ڪنهن کان خط پڙهايان. ڳوٺ ۾ ته ڪو پڙهيل ڪونه هو هر ڪنهن کي رازدار بنائڻ به مناسب نه سمجھيم. پوءِ ڀڳس ڀر واري ڳوٺ ۾، جتي اسڪول به آهي ۽ ماستر به آهي. ڏيڍ ميل کن پنڌ ڪري اتي پهتس. ماستر سان مليس ۽ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌايم ۽ ڪاغذ ڪڍي سندس اڳيان رکيم ۽ ٻئي هٿ سندس پيرن تي رکيم. ماستر خط پڙهي مون کي چيو ته خط ته اڙدوءَ ۾ لکيل آهي. دل ۾ چيم ته واهه. مان سنڌي به ڪونه ڄاڻان ۽ چٺي وري اڙدوءَ ۾ آهي. ماستر کي چيم ته سڄو حال مون کي سنڌيءَ ۾ سمجھاءِ. هن مون کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي چيومانس ته انهيءَ کان به سٺي چٺي لکي ڏي. چيائين ته اڙدوءَ ۾ مان به ڪونه لکندو آهيان، پر توکي لکي ٿو ڏيان. ويچارو دوست هو ساڻس خوش خوش هئي. خط لکي ڏنائين، پڙهي ٻڌايائين. موڪلائڻ کان اڳ وري ماستر جي پيرن تي ڪري پيس. چيومانس ائين نه ٿئي جو مان اوهان کي ڳالهه ٻڌائي، اوهان پنهنجي دوست کي ٻڌايو ۽ اهو وري پنهنجي دوست کي ٻڌائي پوءِ منهنجي لاءِ موچڙا پُسيا پيا هجن. ماستر دل وارو هو. چيائين ته مان ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندس. پر تون پاڻ کي تيس مار خان سمجھي هر هنڌ پيو پاڻ پڏائيندين ۽ پنهنجي سورهيائي ڏيکاريندين. يا خون کٿوري ڪين لڪي توڙي باري پونس بار! ان ۾ منهنجو قصور ناهي. ماستر کان موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيس رات پور پچائيندي گذري. صبح جو سوير رڍون ڪاهي ڦيرائي گهيرائي سندن ٻنيءَ وٽ پهتس. ڏٺم ته هوءَ پريان اچي پيئي مون به فاتح جيان شهپرن تي هٿ ڦيري سلام ڪيو. ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، خط مٿي ڪري کيس ڏيکاري، اتي ڇڏيم ۽ پاڻ رڍون ڪاهي روانو  ٿيس. هوءَ ڦرندي اتي آئي ۽ پنو کڻي هلي ويئي.

اهڙيءَ طرح اسان جون چٺيون هلنديون رهيون. سلام ٿيندا رهيا. اشارن جي زبان، استعمال ٿيندي رهي.

پوءِ هڪ ڏينهن جيئن خط کڻي ماستر وٽ پهتس ته ماستر خط پڙهي جواب لکي ڏنو ۽ چيائين ته مون کي ڪاليج ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ حيدرآباد ۾ چونڊيو اٿن، مان صبح جو هتان روانو ٿي ويندس. وڌيڪ تنهنجي مرضي.

ماستر ڳالهه ڪري ڄڻ منهنجا تختا ڪڍي ڇڏيا، پر ماٺ ڪيم. اوڏي مهل کان اچي ششدر ٿيس ته هاڻي چٺي ڪنهن کان پڙهايان. ٻئي ڏينهن وري به رڍون ڪاهي ڦرندو گهرندو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو سندس ٻنيءَ طرف ويس. ڏٺم هو پريان ٻنيءَ ۾ گهمندي ڦرندي ٿي رهي. مان به پريان کان چٺي ڏيکاري ساڳي جاءِ تي ڇڏي رڍون هڪليندو آهستي آهستي پري ٿيندو ويس. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن به هن دستور موجب چٺي ڏني پوءِ ته ڄڻ زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي، هاڻي خط ڪنهن کان پڙهايان. ڪي پڙهيل ماڻهو به هئا، پر ههڙو خط ڪنهن کان پڙهايان. اوچتو وڏيري جو ڪمدار دل تي تري آيو. ان سان ٽهڪڙا هئا. وڃي ان سان حقيقت ڪيم. چٺي ڏني مانس. چٺي پڙهيائين ۽ پوءِ جواب لکي ڏنائين. اسان جون چٺيون پيون اينديون وينديون هيون مان چٺيون ڪمدار کان پڙهائيندو هوس. کانئس ئي جواب لکائيندو هوس.

ائين اسان جا سلام سنيها، اشارا به چالو هئا ۽ چٺيون به. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪمدار کان چٺيءِ جو جواب لکرائي جڏهن کيس پهچايم ته پڙهي پريان ئي بُجو ڏنائين. چٺي اتيئي ڦاڙي ڇڏيائين. ۽ هيٺ مٽيءَ مان ٻڪ ڀري هوا ۾ ڇڏيائين مطلب هئس ته تو ۾ ڌوڙ به ڪانهي. سمجھي ويس ته ڪمدار وڏيري کي وڃي ٻڌايو ته هن ڄٽ بيوقوف اڻ پڙهيل ريڍار، علم الدين جي ڌيءَ سان وڃي دوستي رکي آهي. چٺيون پيون اچن وڃن. انهيءَ وچ جي مونکي خبر ئي ڪانه هئي ته ڪمدار شايد وڏيري لاءِ شڪار پيو ڪري يا پنهنجي لاءِ. پوءِ ٻه ٽي دفعا ڪمدار سندن ٻنين وٽان گهوڙي تي ڦيريون ڏنيون- مون کي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. وڌي وڃي چيومانس ته هتي پڻهين جي زمين آهي ڇا جو ڪمداري ڪرڻ آيو آهين.

ڪمدار سڄي خبر وڃي وڏيري سان ڪئي. ٻئي ڏينهن وڏيري مون کي گهرايو ۽ چيو ته تو ڪمدار کي گهٽ وڌ ڳالهايو، تون پاڙي ۾ علم الدين وارن سان بيواجبي هلين ٿو. مون وٽ تنهنجي شڪايت آئي آهي. مون کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ ماٺ ڪري گهر روانو ٿيس.

انهيءَ ڳالهه کي ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا. مان وري مال ڪاهي بينون کڻي اوڏانهن پيو چڪر ڏيندو هوس. هوءَ گهر کان نڪرندي ڪانه هئي، جيڪڏهن نڪرندي هئي ته به پري پري پيئي هلندي هئي. مون ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءَ جڏهن سندس ڪاوڙ گهٽ ٿي، نهاريائين ته مون هٿ جوڙ ڪئي. پري کان آزيون نيزاريون ڪيم ۽ اشارن ۾ چيومانس ته اڻ پڙهيل آهيان پوءِ حقيقت سمجهي ويئي. پوءِ چيائين ته سج لٿي کان پوءِ ساڳي جاءِ تي اچ. پوءِ سج لٿي کان پوءِ منهن اونداهيءَ مهل مان پري کان آهستي آهستي لڪندو لڪندو ساڳي جاءِ تي پهتس. ڪجهه دير کان پوءِ هوءَ به اتي پهتي. کيس ڪارو وڳو پيل هو. ڄڻ ڪڪرن ۾ چنڊ لڪل هجي. پوءِ اسين هڪ ٿي وياسين. کيس جيئن تيئن ڪري راضي ڪيم. اسان پهريان ته گونگن وارا اشارا ڪيا. پر پوءِ هن جي پنجابي ڳالهائڻ جي جواب ۾ مان سرائڪي گاڏڙ سنڌي ڳالهائي کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. ڪجهه اشارا ڪجهه گفتگو، اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ وڌيڪ پنهنجائپ پيدا ٿي. هن ڪمدار ۽ وڏيري واري سڄي خبر ٻڌائي ته ڪيئن نه هنن مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪافي دير تائين ميارون ڏنيوسين،هڪ ٻئي کان معافيون ورتيوسين. پيار ونڊيوسين هڪ ٻئي کان ڄڻ روئي موڪلايوسين. هن چيو ته اڌ ملاقات چٺي آهي. تون ڪنهن چڱي دوست وٽ پڙهه ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن خط لکڻ جهڙو ٿي ويندين. پوءِ هڪ ٻئي کي وڏا ڀاڪر پائي اکين ۾ پاڻي آڻي هٿ جوڙ ڪري موڪلايوسين. ڄڻ سڄي زندگي وري نه ملنداسين. هوءَ رواني ٿي پنهنجي گهر ويئي ۽ مان پنهنجي گهر.

پوءِ، ته اسين ائين هرياسين جو چڙ چکيو مکڻ چي هل ڪالهوڻي هنڌ روزانو پري کان ڏسندا هئاسين مهيني ۾ هڪڙي رات اسين ساڳي جاءِ تي ملندا هئاسين. قرب جون ڪچهريون ڪندا هئاسين.

انهيءَ وچ ۾ ڪمدار ۾ وڏيري ڏاڍا زور لاتا. هنن کي دعوتون ڏنائون ته اوهان اسان جا نوان پاڙيسري آهيو. ان ڪري دعوتون ۽ خوشامدون ڪيائون. دعوتن ۾ مرد ماڻهو ويا پر زالن کي وڃڻ لاءِ مون کين روڪيو. هن به وڃڻ نه ٿي چاهيو. وڏيرو سمجھي ويو ته جيستائين خيرو هوندو تيستائين هو نه ايندي. هن کي ڪنهن ڪيس ۾ هڻي ڇڏجي ته نه هجي بانس نه وڄي بانسري. کيس ڪنهن ڪيس ۾ هڻي ڇڏيندس ته ٻه ٽي سال ته پيو جيل جي هوا کائيندو. تيستائين هن جو مٿو جاءِ اچي ويندو. پنهنجن پاليل چورن کي بڇي علم الدين وارن جي چوري ڪرايائين. هنن تي رعب رکڻ خاطر مال موٽائي ڏنائين ۽ ڪوڙو ڪيس مون تي ڪرائي، مون کي ڦاسايائين، مان بي دريافتو ڪيترو ئي وقت جيل ۾ پيو هوس. جيل ۾ سوچيم ته گهٽ ۾ گهٽ پڙهي پيس ته به چڱو خط پڙهائڻ لاءِ ڊوڙڻو ته نه پوي. پوءِ ته اصل پڙهيل قيدين جي پچرئي نه ڇڏيم. تنهن کانسواءِ جيل ۾ پڙهائيندڙ ماستر کي عرض ڪيم تنهن منهنجو شوق ڏسي پنهنجي جوابداريءَ تي مون کي سڄو وقت ڪلاس ۾ پڙهائيندو رهيو. هونئن ٻين لاءِ ٽائيم بدلبا رهندا هئا. هڪڙي ٽولي پڙهي ويندي هئي ته پوءِ ٻين جو وارو ايندو هو. ائين آئون لاڳيتو پڙهندو رهيس.

اٽڪل ٻن سالن بعد عام معافي ۾ آئون به نڪري آيس، ۽ اچي گهر پهتس، گهران خبر چار ورتم، معلوم ٿيو ته هنن جون چوريون ٿينديون رهيون. هو انهن چورين کان تنگ ٿي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتان طرف پنهنجن مائٽن ۾ گهمڻ ويئي، ٻن سالن جو قيد، جيڪو مون کي ٻن صدين جو لڳو تنهن مان ڇڏائي آيس ۽ هي خبر ٻڌي وائڙو ٿي ويس. سوچيم ته محبوب سان ملڻ کان سواءِ ٻي ڳالهه ڪانه ٿيندي. ملتان! اهو گس ته انڌن اڳيئي ڏيکاري ڇڏيو هو، مان ته سڄو آهيان.

پوءِ وڃي ڪن جوڳين جو پاسو ورتم، هڪڙي جوڳيءَ کي وڃي پيرين پيس. چيم استاد مون کي مرليون سيکار، بينون وڄائڻ آئون ڄاڻان ٿو. صرف تنهنجي استاديءَ جي ضرورت آهي. سمورو احوال ڪري کيس گوگي چوهاڻ جو قسم ڏنم. ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪر ۽ منهنجي مدد ڪر. چيائين ٽن مهينن بعد اسين ملتان طرف وينداسين، تيستائين، تون مرليون به سک ۽ صدا به. ائين نه ٿئي جو شهپر وٽيو در تي بيٺو هجين ته پاڻ کي به ڦاسائين ۽ اسان کي به سورن ۾ وجھين.“

پوءِ ته ٽي مهينا ڄڻ اها ٽيپ به ڪاٽيم، کيس چيم ته پنڻ مان جيڪي به مليو سو تنهنجو، آئون پنهنجو خرچ پاڻ ڪندس، مون کي وٺي هلو.

پوءِ الله تي آسرو رکي روانا ٿياسين. جوڳي استاد به ڪو دل وارو هو. جيڪي پار پتا مون کي مليا هئا. سي کيس ڏنم. نيٺ هلندي، پنندي، کائيندي وڃي ملتان جي ويجھو پهتاسين. هو شهر ۾ ڪونه رهندا هئا ٻهراڙيءَ ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندا هئا. پوءِ در در تي مرليون وڄائيندا، سين هڻندا رهياسين. جوڳي استاد جيڪا ٺاهوڪي زال ڏسي ته ٺونٺ هڻي ته اها تو واري شمع ته ڪانهي، آخر تنگ ٿي چيومانس ته استاد ائين ته نه ڪر ته ڪٿي موچڙا نه کائون.

نيٺ رلندي پنندي، هڪ ڳوٺ ۾ مون کي شمع ڏسڻ ۾ آئي رڙ ڪيم. خدا جي واسطي پاڻي پياريو ۽ مرلين تي اهو لهرو وڄايم، جيڪو کيس بينن ۾ به وڻندو هو. جنهن جي ٻڌڻ سان نانگ به ريجھندا آهن. منهنجي وڄائڻ تي ڇرڪ ڀريائين ۽ غور سان نهاريائين مون وري پاڻيءَ لاءِ رڙ ڪئي. مرلين مان لهرو ڪڍيم. هن منهنجو آواز سڃاتو ۽ وري ڇرڪ ڀريائين. ٻي مائي پاڻي آڻي رهي هئي ان کان وٽو وٺي پاڻ کڻي آئي. مون ٻڪ جھلي پاڻي پيتو ۽ ڪجهه آڱرين جي وٿين مان هاريم، ۽ ٻيو پاڻي گهريم. وري پاڻي کڻي آئي اهو به ائين ڪجهه پيتم، ۽ ڪجهه هاريم. هوءَ ڪجهه شڪي ٿي آئون ٻڪ جھلي پاڻي پي رهيو هوس، هن جا پير منهنجي نزديڪ هئا. سندس پيرن تي هٿ رکي چيم: تنهنجو خيرو. سمجھي ويئي سڃاتائين. پوءِ ٻيو پاڻي آڻي ڏنائين ۽ ماني به آڻي ڏنائين.

ماني کائي اتان روانا ٿياسين، ڳوٺ جي ٻاهران پهچي جوڳي استاد کي چيم: استاد، منهنجي منزل هتي آهي، جيڪڏهن ويهين ته پکو اڏي ويهون نه ته توکي اجازت آهي. چيائين، واهه ڀائو واهه! ڪم لٿو ڊکڻ وسريو. چيم نه.

 پوءِ ويهي رهياسين. روز پنڻ جو بهانو ڪري دلبر جو ديدار ڪري ايندو هوس. هوءَ به خيرات ڏيڻ جي بهاني، ڊڄي ڊڄي ٻه چار اکر ڳالهائي ويندي هئي.

پوءِ اسان اتيئي ڳالهه ٻولهه ڪري اهو فيصلو ڪيو ته هوءَ رات جو نانگ جي ڪکجڻ جو ڍونگ رچائيندي. ۽ پوءِ چوندي ته ڳوٺ جي ٻاهران جوڳي ويٺا آهن. انهن کي وٺي اچو. ائين ملڻ جي مهل لاءِ ٺاهه ٺاهي اسين وڃي پکي ۾ ويٺاسين.

پوءَ رات جو اٽڪل 10-11 بجي ڌاري هڪڙو ماڻهو ڊوڙندو سهڪندو آيو ۽ اچي چوڻ لڳو.

”خدا جي واسطي جلدي هلو، گهر ۾ هڪڙو ماڻهو ڪکجي پيو آهي“.

”مرد آهي يا عورت“

”عورت“

”ته پوءِ صبح جو اينداسين. هينئر پاڻي پڙهي ڏيون ٿا.“ ”مهرباني ڪري هينئر هلو عورت انسان ناهي ڇا؟ هڪ انسان جي زندگيءَ جو سوال آهي. اهي اسان جا مهمان آهن ۽ سنڌ مان آيا آهن.“

آخر گهڻي منٿ ميڙ کان پوءِ استاد ۽ آئون روانا ٿياسين. ۽ سندس گهر پهتاسين. هن جي رڙ مٿي رڙ لڳي پئي هئي. اسان هتي پهچي ڪجهه آريٺو ۽ ڪجهه ٻيون شيون هنن کي ڪٽڻ لاءِ ڏنيون. ۽ مون پِنيءَ تي جتي هن کي نانگ ڏنگيو هو ٿورو آهستي بليڊ سان رت ڪڍيو. اتي زهر چوسڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هن جي نرم ۽ نازڪ وير جي پنيءَ کي چمندو ۽ چوسيندو رهيس ۽ مون کي نهايت آرام ۽ سڪون ملي رهيو هو.

شمع اسان جي پهچڻ کان اڳ رڙيون پئي ڪيون، تنهنجي رڙين ۾ ڪجهه ڪمي آئي. ماڻهو به ڪجهه مطمئن ٿيا. مون کين يقين ڏياريو ته جيئن جيئن مان زهر چوسيندو ويندس. تيئن تيئن کيس آرام ايندو ويندو ۽ اهڙي طرح صبح تائين ته زهر ختم ٿي ويندو. ۽ هيءُ ٺيڪ ٿي ويندي.

اسين پندرهن ڏينهن کن اتي ويٺا رهياسين. ۽ جتي بليڊ سان ٽڪو ڏنم. اتي ملم پٽي ڪئي سين.

آخر هن کان موڪلائي روانا ٿياسين. ڇاڪاڻ ته عيد ۾ باقي ڏهه پندرهن ڏينهن وڃي بچيا هئا. هوءَ به عيد تي اچڻي هئي.

اتان سڌو ڳوٺ پهتس، جوڳي استاد جو ٿورو مڃيم. کانئس موڪلائي چيم ته جڏهن اسان ڏانهن اچين ته مون وٽ ضرور اچجانءِ.

ڳوٺ پهتس ته رڍون ننڍو ڀاءُ چاري رهيو آهي. ۽ ماستر حيدرآباد مان پڙهي واپس پهتو، مان وٽس پهتس. حال احوال ڏناسين ۽ ورتاسين. منهنجو احوال ٻڌي حيران ٿي ويو. چيائين ”اڻ پڙهيل جا اهي حال اٿيئي، اڻ پڙهيل انڌي جي آچار هوندو آهي“

چيم هاڻ پڙهندس، يا مرندس. باقي ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ڪندس“. پوءِ روز صبح جو سوير ماستر وٽ ايندو هوس.

عيد تي هوءَ به آئي. هن جي پيءُ کي چيم چاچا، توهين پرواهه نه ڪريو. مان اچي ويو آهيان، هاڻي ڪنهن جي بابي کي به طاقت ڪانه آهي.

مون کي خبر پيئي ته چوريون ڪرڻ وارا ڪير هئا ۽ ڪنهن جي چوڻ تي چوريون ٿينديون هيون. انهن کي چيم ” ياد رکو، مون کي خبر آهي ته چوريون اوهان ڪيون اُنهن جو حساب ٿيندو، پر هن کان پوءِ منهنجا هٿ اوهانجي ڳڄيءَ ۾ هوندا. مڙس مڙس جو مٽ آهي هڪڙو گهر ته ڏائڻ به ڇڏيندي آهي. نه ته پوءِ پنهنجون صفايون ٿينديون.“

ڪمدار ۽ وڏيري به پنهنجي دال ڳرندي نه ڏسي، خاموشي اختيار ڪئي. هاڻي مان چٺين لکڻ پڙهڻ جهڙو ٿي ويس. چيم ته مردن لاءِ ڪهڙي ڳالهه مشڪل آهي. پر ڪجهه همت کان ڪم وٺڻ گهرجي ماستر دوست هو، مخلص هو. مون کي پڙهڻ جو شوق هو ڇاڪاڻ ته زندگي ۽ موت جو سوال هو. ٽن چئن سالن ۾ لڳاتار پڙهڻ ڪري مان چڱو پڙهي ويس.

منهنجو شوق ڏسي ماستر مون کي چيو ته رات جو به هتي رهندو ڪر ۽ پڙهندو ڪر ته مان توکي سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪرائي. ماستريءَ جي نوڪري وٺي ڏيان.

پوءِ رات ڏينهن پڙهائي کي لڳي ويس. ماستر مون کي فائينل جي تياري ڪرائي ۽ فائينل امتحان ڏيارڻ لاءَ حيدرآباد وٺي هليو. حيدرآباد ۾ امتحان ڏيئي شهر کي چڪر ڏنوسين ۽ پوءِ وري ڳوٺ آياسين. جيسين امتحان جو نتيجو ظاهر ٿئي تيسين مان دستور موجب روز صبح جو ايندو هوس استاد جي نگرانيءَ ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هوس ۽ پنهنجي پڙهڻ جو ڪم به ڪرڻ لڳس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امتحان جو نتيجو نڪتو. آئون پاس ٿيس پوءِ ته واه واه ٿي ويئي. ماستر کي ڀلي ڳئون آڻي ڏنم. چيومانس ته تو مون کي حيوان مان انسان بنايو. هُن ڳئون وٺڻ کان انڪار ڪيو پر منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي قبول ڪيائين.

پوءِ سندس ئي ڪوششن سان اٽڪل پندرهن ڏينهن کان پوءِ مون کي ماستريءَ جي نوڪري جو آرڊر مليو. واه سائين واه! پوءِ ته ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپان. شمع سان ملاقات به ٿيندي هئي.

ٽن سالن بعد اوچتو ون يونٽ جو شوشو هليو ۽ ان وقت علم الدين پنهنجي زمين ڀائيٽي کي مقاطي ۾ ڏيئي حيدرآباد ۾ جاءِ ۽ دڪان وٺي اوڏانهن روانو ٿيو.

منهنجي پيرن ۾ به شايد ڪو چڪر آهي. اڳي واندو هوس، وڃي محبوب سان مليس. پر هاڻي ڇا ڪريان سو به شهر ۾. پر مولى مهربان مون کي به ڇڏيو ڪونه. اڃان مان انهيءَ ٻڏتر ۾ هوس ته ٻن سالن لاءِ مون کي حيدرآباد ۾ ڪاليج پڙهڻ لاءِ چونڊيو ويو. مون ترت ئي تياري ڪئي ۽ وڃي ڪاليج ۾ داخلا ورتم. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ علم الدين جي ڳولا شروع ڪيم. ڳوٺ جا هئا سو انهن کي وڃي ڳولي هٿ ڪيم. شمع کي چيم هن ڌرتيءَ تي هوندئين ته مان به توکي ڪونه ڇڏيندس. حيدآباد ۾ ڪاليج جي ٽريننگ دوران مان اڪثر ڪري سندن گهر ايندو ويندو رهندو هوس. هن جي والده، پيءُ ۽ ڀاءُ ملندا رهندا هئا. هنن تي اسان جو هٿ هو، هنن جي زمين به اسان جي گهرن وٽ هئي. تنهن ڪري هو ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪندا هئا. جنهن مان اسان جي دل ڏکي يا هڪ ٻئي وچ ۾ نفرت پيدا ٿئي.

مان جڏهن ڳوٺ ويندو هوس ته تازو مکڻ، گيهه ماکي ۽ ٻيون اهڙيون شيون هنن لاءِ کڻي ايندو هوس. رڳو ميار يا رسمي طور نه، بلڪه منهنجي هن سان دل هئي، تنهن ڪري هن لاءِ ڪابه شئي آڻڻ ۾ مون کي خوشي ٿيندي هئي. ان کانسواءِ کائڻ واري اڪيلي ته نه هوندي گهر جا ٻيا ڀاتي به آهن تنهن ڪري چڱو خاصو کڻي ايندو هوس. هونئن به هر سال قرباني لاءِ هڪ دنبو منهنجي طرفان هنن لاءِ هوندو هو. هاڻي جيتوڻيڪ مان استاد هوس پر هنن سان ساڳيو رستو رکندو آيس. متان سمجھن ته هي پڙهي پڇيو آهي ته ساڳيو نه رهيو آهي.

پوءِ هڪ ڏينهن وجھ وٺي شمع کي چيم ته پاڻ ڇو نه شادي ڪريون، جنهن سان اسان جي محبت به سلامت رهندي ۽ اسين ٻئي هميشه هڪ ٻئي جا ٿي رهنداسين. هونئن ڪيترا ڏينهن آءٌ هتي هوندس. منهنجي ٽريننگ پوري ٿيندي ته واپس ڳوٺ هليو ويندس.

هن چيو: ”مان به اهو چاهيان ٿي، پر اهو سڀڪجھ تنهنجي يا منهنجي هٿ وس نه آهي. جيستائين تنهنجا منهنجا مائٽ راضي نه ٿيندا تيستائين ته اهي ڳالهيون هلي نه سگهنديون. تنهنجا مائٽ برابر راضي آهن. هو چاهن ٿا ته پنهنجي شادي ٿئي. پر جيستائين منهنجا مائٽ راضي نه ٿيندا تيستائين ته پنهنجي شادي ڪانه ٿي سگهندي. تهنڪري تنهنجي مائٽن کي چئو ته هو اچي منهنجي مائٽن سان ملن ۽ شادي جي ڳالهه ٻول ڪن. ٻي صورت ۾ ٻيا عزيز، لڳا پيا آهن. امان جو خيال آهي ته ڀلي شادي توسان ٿئي باقي ڀائر ته صفا پڙ ڪڍيو بيٺا آهن. بابا جو چوڻ آهي ته مائٽي ڀلي اتي ڪريو پر شرط اوهانجا جيڪي هجن سي ڀلي کانئس قبول ڪرايو. ڀائرن جي ته بلڪل مرضي ڪانه آهي.“ پوءِ گهايل ۽ پيرل شاهه کي چيم ته يار هلي مون سان ڪا واهر ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com