سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :21

پر اهي ڳالهيون پوءِ جون، هتي ٽنڊي ڄام ڪاليج ۾ ”اسٽيج ديوتا“- نالو رکيائونس يوناني اسٽيج جي ديوتا جي پويان- ڪم جو اهڙو جو لکي به پاڻ، ڊرائريڪٽ به پاڻ ڪري، اسٽيج لڳائي به پاڻ، ته اسٽيج ڊاهي به پاڻ، پردو ڪيرائي به پاڻ، ته پردو کڻي به پاڻ. هر ذري پرزي جي ڳالهه ۾ سندس هٿ ضرور هوندو. مجال آهي جو ذرو ڳالهه جو هيئن کان هونئن ٿي وڃي. آواز هوندس وڏو  گجندڙ، جهڙو شينهن پيو گجگوڙ ڪري، هر ڪردار ڪٿي بيهي ڪهڙو ڊايالاگ چوندو، ڪهڙي پاسي نهاريندو، ڪيئن منهن جا اثرات ڪبا، انهي سڀني ڳالهين تي توجهه ڪبو، ڪنهن وقت ڪو سيکڙاٽ ناظرين ڏي پُٺ ڏئي، پنهنجو ڊايالاگ ادا ڪري ويندو يا ڪا ٻي غلطي ڪندو ته پريان زرودار گجگوڙ، رڙ ٻڌڻ ۾ ايندي. ٻڌندڙن جا هنيان ڏڪي ويندا. ڪنهن کي خراب به محسوس ٿيندو، پر خبر هونديس ته جيڪي محمد يوسف چوي ٿو سو صحيح ٿو چوي. ان ڪري هڪڙي ڏاڪار مان سمجهي ويندو، وري مجال آهي جو ناظرين کي پُٺَ ڏئي. بيجا نه پر بجاءِ سختي ڏسي ڪم ڪرڻ وارا به کل خوشيءَ ۾ سهي ويندا. ان سهپ جو ڦل وري ڏسندا گرانڊ ريهرسل ۽ شو واري ڏينهن جڏهن سهڻو، هٿيڪو، جائيتو، اهڙو ته بيهندو جو چئجي ته منڊي تي ٽڪ ”واهه واهه“ ٿي ويندي، بلوچ صاحب مرحوم جيڪو، ڊراما جو انچارج هو، يا پرنسپال، پهريائين عبدالباقي شيخ صاحب، پوءِ وري پيرزادو صاحب- اٿي اسٽيج تي محمد يوسف کي ڀاڪر پائيندو ۽ مبارڪون ڏيندا.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هڪڙو ٻهراڙيءَ مان آيل ڇوڪرو، جنهن ناٽڪ جو نالو ئي اچي ڪاليج ۾ ٻڌندو هوندو، سو بنا پروفيشنل تربيت جي، بنا ڏسڻ جي تجربي مان پرائڻ جي ناٽڪ جي لطيف مسئلن ۽ ڳوڙهن خيالن کي اهڙو ته سمجهي ۽ ادا ڪري جو ڄڻ ته کين لُدني علم هو! اسان وٽ ڪيترا ماڻهو اهڙا هئا جن جو علم ۽ ادب سان گهڻو واسطو هو، پر ورلي ڪنهن ماڻهوءَ ”ٽيبلو“ جو نالو ٻڌو هوندو. ڇوڪرن ڀانيو ته ٽيبل تي بيهي ڪو تماشو ڪبو. پر نه، محمد يوسف کي خبر هئي ته ڪيئن ايڪٽرن جو گفتگو کان سواءِ، پس منظر ۾ غيبي آواز جي زور تي ۽ ايڪٽرن جي حرڪتن ۽ اشارن جي آڌار تي ڪهاڻي پيش ڪرڻ هئي.

انهيءَ نموني جي ”ٽيبلوز“ جي سلسلي ۾ پهرئين سال سسئي کي پيش ڪيو ويو. سَسئيُ ننڍي هوندي درياء ۾ لڙهندي وڃي. ڏس وارن جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي ويون ته اسٽيج تي درياء، سو به ڇوليون ڏيندڙ پنهنجي گجگوڙ ۽ آواز سان- پنهنجي دهشت ۽ دم سان- ۽ ٻارڙو آهي سو واقعي لُڙهندو پيو وڃي! ڪهاڻيءَ جي آخر ۾، اڳتي هلي، قبر ڦاٽي ٿي پوي ۽ ان مان سسئي نڪري منڪر ۽ نڪير کي کيڪاري کانئن پنهل جو ٿي پڇي ته ناظرين ۾ ڪيڪاٽ پئجي ٿو وڃي.

    اچي   عزرايل   سُتي   جاڳـائي   ســســـئي،

    ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.

    منــڪر ۽ نــڪير کـــي جـــڏهن ڏٺائين،

    اڳــيان  اٿي  ان  جي  پنهل  پڇيائين:

    ”ادا، ڪو آئين ڏٺو ساٿ سنگت جو؟“

گرانڊ ريهرسل کان پوءِ پهرين شو ٿيندو هو عورتن ۽ ٻارن جو. بس، پاڻهي ان منظر جو اندازو لڳايو ته ڇا ٿيو هوندو ۽ ڇا نه ٿيو هوندو. اهو سڄو ڪمال هو اسٽيج ۽ پردن جي روشينن جي ملاوٽ، آوازن جي صحيح وقت تي ”صدابندي“،  پس منظر مان ايندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمت جي بيتن ۾ هاتفي آواز جو. جنهن ماڻهوءَ ڪنهن هنر جي استادن سان ڪم ڪيو هجي ۽ اهڙا منظر پيش ٿيندا ڏٺا هجائين سو جيڪڏهن اهڙا هنر ويهي پيش ڪري ته چئبو ته ”سِکيو“ ۽ اُستادن کان پرايائين. پر جنهن ماڻهوءَ اهڙي ڪا ڳالهه زندگي ۾ ڏٺي نه هجي ۽ ضرورت وقت پنهنجي طرفان پاڻ سوچي ۽ ويچاري ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي ۽ ڪري به ڏيکاري اها الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل ڏات چئبي. اهڙي قسم جي ڏات ڪنهن ماڻهوءَ کي ورلي حاصل ٿيندي آهي.

پهرئين سال ئي اسان جي سڀئي آئٽم  (مکيه ناٽڪ، ٽيبلو وچ ۾ ايندڙ چهچٽا، انهن جي وچ ۾ راڳ) اهڙا ته ڪامياب ويا جو ماڻهن جون پهرين سال ئي اُهي غلط فهميون هٽي ويون ته سنڌيءَ ۾ ڊرامو ٿي نٿو سگهي يا اهو ته سنڌيءَ ۾ صلاحيتن وارا ماڻهو ناهن. اهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن سنڌين کي موقعو ملي ته پاڻ کي موکي ئي رهن. هتي ته ڪم اهو ٿيو جو ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ پراڻن يارن جا جڏهن دفتر پورا ٿيا ته انهن جي جاءِ تي ايندڙن تي سنڌي ڊرامي جي اهڙي دهشت ويهي وئي جو آهسته آهسته ٽپڙ ٻڌي پنهنجي آرٽ جي دنيا ۾ خود ئي گم ٿي ويا. ان کان پوءِ سڄو زور رهين انهيءَ ڳالهه تي سنڌي ڊرامو به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ختم ٿئي. سندن دعائن ۽ دوائن سان پوءِ نيٺ ٿيو به ائين. انهيءَ ٽيبلي واري انداز کي ايندڙ ڪيترن سالن ۾ شاهه جي سورمين ۽ ٻين موضوعن کي ادا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان کان علاوه ايندڙ سالن ۾ هڪڙو ”ٽپيڪل“ مزاحيه فيچر ٿيندو هو جنهن ۾ ڪاليج جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ تي ڳالهه ٻڌي هوندي هئي. مثلاً پي ڊبليو ڊي جي طرفان ڪاليج ۾ هڪڙو آفيسر هوندو هو غلام محمد سومرو صاحب- بجلي پاڻي وغيره جي سهوليتن مهيا ڪرڻ لاءِ! پاڻ ان صاحب جو رول ادا ڪيائين ۽ اهڙا ته ڪم ڪري ڏيکاريائين جو پي ڊبليو ڊي وارن جون ليڪڻ جون جايون کُٽي ويون. ڪنهن سال پرنسپال کي کنيائين ته ڪنهن سال هاسٽل وارڊن جو وارو آيو. هوبهو تصوير پيش ٿيندي هئي هاسٽل ۽ ڪاليج جي زندگيءَ جي، جنهن ۾ جيڪي شڪايتون شاگردن کي هونديون هيون سي هڪڙي تمام صحت مند طريقي سان سڀني جي اڳيان پيش ٿينديون هيون، پوءِ جيڪي ڳالهيون سڌرڻ جهڙيون هونديون هيون ته اهي سڌري به وينديون هيون، ڀلا جيڪڏهن نه ٿي سگهڻ جهڙا ڪي ڪم هوندا هئا ته به شاگرد جي طرفان انهن جو اظهار ٿي ويندو هو ۽ آفيسرن جي ذهنن تي اهي ڳالهيون اچي وينديون هيون. ڪي ماڻهو ٻه ٽي ڏينهن ٿي سگهي ٿو ته ناراض به ٿيندا هجن پر تنهن هوندي به صحت مند طريقي سان، سواءِ هڙتالن ڪرڻ ۽ ڪلاشنڪوفن استعمال ڪرڻ جي ڳالهه بيان ٿي ويندي هئي ۽ اها ٻنهي ڌرين لاءِ چڱي هئي!

پر جيڪڏهن سوسائٽيءَ ۾ شڪايتن ۽ مشڪلاتن کي ٻڌڻ کان ”وڏا ماڻهو“ جواب ڏئي ويهندا ۽ بالا آفيسرن جي هٿئون دڙڪن ۽ دهمانن سان ويهي راڄ ڪندا ته شڪايت ڪرڻ وارا به نيٺ ”تنگ آيد جنگ آيد“ جي مصداق ڪلاشنڪوف ۽ بندوق سان ڳالهيون ڪندا- جيئن چند سالن کان پوءِ ٿيو.

الغرض ته ڏسندي ئي ڏسندي سنڌي ڊراما جو هڪڙو ماحول ٻين شهرن تائين به پهتو. ڊرامي جو هنر جيئن مقبول ٿيو ته محمد يوسف جي گهرج به جت ڪٿ ٿي. محمد يوسف کي اڄ ڏس ته نواب شاهه وٺيو پيا وڃن. ته اڄ ماتلي وارا ڇڪيو پيا وڃينس؛ اڄ محمد يوسف ڏس ته لاڙڪاڻي وڃي پهتو آهي ته اڃ شڪارپور وارا کنڀي کڻي ويا اٿس. اسان هڪڙو ٻه دفعا هالا به سڏي وٺي وياسونس. چوندا آهن ته ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت“. جو ننڍو ڪين وڏو- ڪو وڻ هجي ته صحيح! رڃ ۽ بيابان ۾ ڪو ڇانو وارو وڻ هجي ته ان جو قدر ته ڪجي! پر، نه! هن اسان جي سوسائٽيءَ ۾ وڏن ڪڍڻ وارا ته هزارين هوندا، ساڃاهڻ وارو ۽ مڃڻ وارو ڪو ورلي لڀي!

سنڌ حڪومت ڪيترا سال پوءِ (1974) ۾ هڪڙو سيمينار ڪيو ”سنڌ صدين کان.“ ان سيمينار کان ڏهاڪو کن سال اڳ محمد يوسف ٽنڊي ڄام جي اسٽيج تي سنڌ جا پنج هزار سالن جي تاريخ هڪڙي ڪلاڪ جي اندر پيش ڪئي. موهن جي دڙي جا واپاري، يونانين جا حملا، مسلمانن جو راڄ، ميرن جي صاحبي، انگريزن جي راڄ ۽ نيٺ آزادي! پنهنجي تاريخ تي فخر ڪرڻ ساڃاهه وارن جو ڪم آهي.

پر جن کي پنهنجي ڪا پاڙ ڪانهي سي ٻين کي به بيپاڙ ڏسڻ چاهين ٿا ۽ جيڪي ادب ۽ هنر ۾ پُڄي نه سگهندا سي بي ادبي ۽ بي هنريءَ سان وڙهندا. ون يونٽ جي خلاف تحريڪن وارن سالن ۾ ٿيڻ ائين لڳو جو ريهرسلون ڪري، هر ڳالهه تيار ڪري جڏهن شو وارو ڏينهن اچي ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس ورا اچي ڊرامو بند (بين) ڪري ڇڏين. جن ماڻهن جا ماڻهو انهن جاين تي حاڪم هجن. سي جڏهن هونئن هنر سان پڄڻ جي ڪن. قانون سان پڄي نه سگهن ته قانون کي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي ٺاهين. پنهنجي هٺ ۽ وڏائيءَ جي تشفي ائين ڪن.

ون يونٽ جي پوين پساهن واري زماني ۾ جڏهن ملڪ جا هٿ ٺوڪيا، ”جيد عالم“ سنڌيءَ ٻوليءَ، کي ”ڪافرن جي ٻولي“ قرار ڏئي رهيا هئا تڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڌيءَ ۾ گذريل ڪيترين صدين ۾ لکيل مذهبي ادب جي ڪتابن جي نمائش  سنڌالاجيءَ ۾ ڪئي (سنڌالاجي ان وقت[1969۾] پراڻي ڪيمپس [حيدرآباد] ۾ هئي.) نتيجو؟ اهو جو پٺيان محلي مان اچي سنڌ الاجيءَ کي باهه ڏئي هليا ويا.

انهيءَ باهه ۾ قرآن، حديث، ۽ فقهه جي ڪتابن جا هزارين ناياب نسخا جيڪي سڄيءَ سنڌ مان امانت طور وٺي يا خريد ڪري، هٿ ڪري رکيا ويا هئا..... سڙي ويا. نه ڪا گرفتاري ٿي، نه ڪنهن کي سزا ملي، ۽ نه ئي قومي پريس ان تي ڪا واويلا ڪئي.

شعائرالله سان اهڙيو جٺيون ڪرڻ وارا پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن ڦٻندا رهيا آهن. پرائي ڌرتيءَ تي جيڪي ماڻهو آثار قديمه جا آفيسر ٿي آيا، تن پهريون ڪم ته اهو ڪيو جو سنڌ جا ميوزم چرائي پنهنجي گهرن ۾ کڻي ويا، اتاهين پوءِ اهي نوادرات ٽڪي پيسي ۾ وڪڻي ولايت ڏانهن روانا ڪيائون. ٻيو ڪم اهو ڪيائون جو انٽرنيشنل قانون جي ڀڃڪري ڪندي آثار قديمه جون اهي عمارتون جن کي ملڪ جو ورثو سمجهي محفوظ ڪرڻ کپندو هو سي ٻاهران آيل ڦورن جي رهائش لاءِ پذير ناهي ۽ ڪنهن کي ڪليمن ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ خيبر جو قلعو ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي ملڪيت ڪانهي، تنهن ساڳئي ملڪ ۾ حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي بادشاهي قلعي سان ان جي بلڪل ابتڙ ٿيو آهي. جيڪي اڄ سنڌ جا فاتح ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ٿيو ويٺا آهن. قومي غيرت جي ڏيوالي جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ڏبو جو اسان جي اکين جي اڳيان سنڌ جا بادشاهي قبرستان ڊاهي اتي ڪالونيون ۽ سينيمائون ٺاهيون ويون. جيڪي ماڻهو ان وقت حڪومت ۾ هئا ۽ جن جي اختيار ۾ سج لٿو ٿي ۽ اُڀريو ٿي. تن سنڌ جي ڪنهن هڪڙي پراڻي ”اثر کي سڄي لڱن نه ڇڏيو. حيدرآباد قلعو ماڻهن جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ به سندن پيٽ ڪونه ڀريو. نالي ماتر اتي هڪڙي کُڏڙي جيڪا بچائي ميوزم ٺاهي رکيو هئائون ۽ جنهن ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جا نوادرات رکيل هئا. انهن جي هٿ جا لکيل دستاويز، قرآن، احڪامات، ان زماني جا سڪا، اُن زماني جون تلوارون وغيره. اهو به الله جي ويرين کي اکين ۾ ڪانُ ٿي آيو. اُن بچايل هڪڙي ميوزم کي به بالاخر شاهينگن 1986ع ۾ جڏهن ساڙي پورو ڪيو تڏهن وڃي.... سک جو ساهه پٽيائون.

”ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾!”

سنڌ الاجي سڙڻ جو واقعو محمد يوسف لاءِ هڪڙو وڏو هاڃو هو. آئون جڏهن ڍاڪا مان ان واقعي کان پوءِ آيس ته مون کي محمد يوسف سنڌ الاجي وٺي ويو. الانا صاحب ويٺو هو. اسان پاڻ پنهنجي هنن گناهگارن اکين سان اهي سڙيل قرآنن ۽ حديثن جا نسخا ڏٺا. سنڌ الاجي جي اهڙيءَ طرح سڙڻ جي هن واقعي کي تمثيل وٺي ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ ٺٽي ۾ ٿيل ڪن عقوبتن تي ٻڌل هڪڙو ڊرامو لکيائين- جيڪو، ظاهر آهي ته- شو واري رات بند ڪرايو ويو آهي اهو ڏينهن اهو شينهن. ڪيڏانهن ويا سنڌ جا ڊراما، ڪيڏانهن ويون سنڌي شاگردن جون ادبي ۽ علمي صلاحيتون ۽ ڪاروايون! جبر ۽ ڏاڍا بظاهر ته پنهنجي من جون مراديون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر اڳتي هلي، ملڪ ۽ ملت جي اصلي ۽ وڏي ڊوڙي ۾ اهو ڏاڍ ۽ ظلم ملڪ ۽ ملت کي مهانگو پيو. سگهوئي هاسٽلن ۾ ڊبيٽن، ڊرامن، ادبي ڪچهرين ۽ رسالن جي بدران ڪلاشنڪوفن، هڙتال، امتحانن کان بائيڪاٽن، رستن تي ڦرن چورين ۽ ڌاڙين جون ڳالهيون زور وٺي ويون سنڌي شاگردن کي هڪڙي صحت مند ڪاروائيءَ مان ڪڍي اسان جي آفيسرن کي فڪر ۽ عمل جي وچ ۾ قانون جي جنگل جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن قانون جا رکپال خود قانون جا پرزا پرزا ڪندا تڏهن ڪير آهي جو ملڪ کي اهڙيءَ مصيبت بچائي سگهي. جهڙيءَ مصيبت ۾ هينئر سڄو ملڪ مبتلا آهي.

”ليس اللانسان اِلاَّ ما سعيٰ“

معني: انسان لاءِ ڇا آهي سواءِ انهيءَ جي جنهن جي هن ڪوشش ڪئي.

جيڪڏهن اسان جا حاڪم ڪوشش ئي اها ڪندا ته ڌرتيءَ تي فساد پکڙي ته ڀلي پکڙي پر سندن مفاد سِڌِ ٿين ته نتيجو اهو نڪرندو جيڪو هيستائين نڪتو آهي ۽ اکين سان ڏسون پيا. ۽ پوءِ قوم اهڙي مجبور آهي جو پاڻ کي مرض ۾ مبتلا ڏسندي ۽ ڄاڻندي به بيوس ٿيو تماشو پئي ڏسي! انهيءَ کان وڏي الله تعاليٰ وٽان ٻي ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي!

اڄ جيڪو ادارو ”سنڌ ايگريڪلچر يورنيورسٽي“ جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهي، اهو اڳ ۾ هڪ ڪاليج هو. موجوده ڪاليج 1954ع ۾ سڪرنڊ مان لڏي هتي پهتو. سڪرنڊ ۾ هي ڪاليج 1928ع يا 1929ع ۾ ڪنگ جارج پنجين جي نالي سان انسٽيٽيوٽ ٺهي هئي، هتي ٽنڊي ڄام ۾ جڏهن ڪاليج آيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ سان واسطو هوس. امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ جي نظرداري هيٺ ٿيندا هئا، سندون انهيءَ اداري طرفان ملنديون هيون، پر هونئن تعميراتي اثاثن جي لحاظ کان، تجربن لاءِ مهيا ڪيل زمين جي ايراضي جي لحاظ کان اسٽاف جي عملي لياقتن ۾ تعداد جي لحاظ کان، توڙي شاگردن جي تعداد جي لحاظ کان هي ڪاليج ان وقت جي سنڌ يونيورسٽيءَ کان سرس هو. 1963ع ڌاري اسان هِڪڙي ڏيٺ صفحي جي اخبار ڪڍي. جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ اهو مطالبو به ڪيو ويو ته هن ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. اهڙا ڪم ظاهر آهي ته ڏينهن ۾ ڪونه ٿيندا آهن. جنهن جو ڪم ۾ پئسن ۽ اختيارن جو معاملو هوندو، انهيءَ ۾ ”سوڙ سڀڪو پاڻ ڏي سوري“ جي مصداق هرڪو آفيسر ۽ عملدار جنهن جي هٿ ۾ اهي فيصلا هوندا سو ڏيندو ته کيس ڇا ٿو ملي ۽ کانئس ڇا ٿو ڦُرجي.

پاڪستان ۾، خصوصاً سنڌ ۾ اها بدقسمتي رهي آهي جو ماڻهن ملڪ، ملت ۽ ماڻهن جي مفاد جو هميشه گهٽ سوچيو آهي، ذاتي اختيارن ۽ مفادن جو وڌيڪ سوچيو آهي. هتي انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ٻڌائجي ته محمد يوسف جو هن ڪاليج يونيورسٽي ٺهڻ ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو.

پوءِ آخر ۾ آئون اهو به عرض ڪندس ته ڳِجهن ڪيئن ڍونڍ کي ورهائي پاڻ ۾ کنيو آهي ته سڀڪو ڀڀ ڀرڻ لاءِ هن ڪهڙي اداري جي ڪنهن هڪڙي حصي کي الڳ ادارو بنايو ويٺو آهي ته جيئن انهيءَ حصي جو پاڻ ”مائي باپ“ ٿيو ويٺو هجي. پوءِ ڀلي من حيثيت فردن، مُهرن، نقصان ئي ڇو نه ٿيندو هجي.

محمد يوسف ۽ سندس استاد علي اڪبر چنڊ ۽ ٻيا سچيت سيبائتا ماڻهو اسيمبيلن جي رڪنن، وزيرن ۽ حڪومت جي ٻين اختيار وارن سان مليا، انهن کي صورت حال کان واقف ڪيائون، انهن کان موٽ ۾ بيان ورتائون. اهي بيان اول ته سنڌي اخبارن ۾ ڏنائون، ۽ پوءِ اهي گڏي هڪ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايائون، مقصد هو ته حڪومت وارن کي معلوم ڪرائجي ته ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ جي هتي شديد ضرورت هئي، ۽ هي ادارو اڳ ۾ ئي اهڙي درجي تي پهتل هو جو ان کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي ظاهر آهي ته ان ڪم ۾ نيڪ تمنائون گهڻن ئي ماڻهن جون شامل هيون. اهڙي ڪم لاءِ ڪنهن ڪلاشنڪوف جي ان زماني ۾ ضرورت ڪانه هئي، پر جدوجهد جا جيڪي هٿيار ان وقت استعمال ڪري سگهيا ٿي سي اهي هئا جيڪي محمد يوسف ۾ سندس ساٿين استعمال ڪيا، صحيح ماڻهن تائين پهچڻ، انهن کي پنهنجي ڳالهه جي سچائيءَ کان واقف ڪرائڻ، انهن کي متاثر ڪرڻ دنيا جي اڳيان اخبارن ۽ ڪتابن جي ذريعي اهو مسئلو آڻڻ. ائين ته ڪون چئي سگهبو ته جيڪڏهن محمد يوسف اهو ڪم نه ڪري ها ته شايد ٻيو ڪوبه نه ڪري سگهي ها. پر ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم ڪرڻ جو وقت ئي تڏهن آيو جڏهن ڪن ماڻهن ۾ ان ۾ هٿ وڌو، ۽ ان ڪم جي اڳواڻي، هڪڙي خاص سطح تي محمد يوسف ڪئي. پهريون پرنسپال ڊاڪٽر شيخ مرحوم، پيرزادو صاحب، مرحوم محمد امين ڀٽي صاحب ۽ نور محمد سيال صاحب، سڀئي هن اداري جا گهڻگهرا هئا، ۽ پنهنجي پنهنجي اختيار سارو انهن به ڪوششن سان گهٽايو ڪونه هوندو، پر انهن جي جدوجهد سرڪاري سطح تي ٿي، جنهن جي اسان جهڙن عام ماڻهن کي خبر ڪانه پوندي. پر انهن ماڻهن جي همدردن ۽ همت افزاين کان سواءِ ظاهر آهي ته اهو پروپگنڊا وارو ڪم ٿي نه سگهي ها. انهيءَ لحاظ کان حڪومت جي انهن عملدارن جا نالا ته ظاهر آهي اسان وٽ اڻ ڄاتل ئي رهندا جن پنهنجي اختيارن کان ڪم وٺي. جڏهن وقت آيو ته سنڌ ايگريڪلچر ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جي درجي تي پهچايو. آئون روحاني طرح انهن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جو هڪ قومي ۽ ملي ڪم کي پنهنجو سمجهي انهيءَ ڪم کي توڙ تائين پهچايائون. جيتوڻيڪ مون کي سندن نالا معلوم ناهن.

64-1965ع ۾ جڏهن آئون اڃا ايگريڪلچر ڪاليج ۾ هوس ته ڪاليج جو رسالو ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ منهنجي حوالي ٿيو. جهڙيءَ طرح ڊراما جي ڪم ۽ اسين گڏ هئاسين، تئين رسالي جي ڪم به اسين گڏ هئاسين محمد يوسف رسالي جو پهريون ڪور ڊزائن ڪيو، ۽ ڪاليج جو مونوگرام ٺاهيائين، ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ۾ مدد ڪيائين. ڊراما جو ڪم ڄڻ ته الله سائين وٽان سکي آيو هو، پر رسالي جو ڪم گڏجي ماڻهن کان سکيو، ۽ جڏهن آئون زرعي ڪاليج ڇڏي سروري اسلاميه ڪاليج هالا هليو ويس ته مئگزين جو سڄو بار محمد يوسف جي ڪلهن تي اچي پيو. انهيءَ شوق جو نتيجو اهو ٿيو جو هڪڙي پاسي 27 سالن ۾ جيڪي زرعي رسالا نڪتا سي گهڻو ڪري محمد يوسف جي هٿان، زراعت نامه (هڪ تحقيقي مخزن) جا انيڪ جلد، انگريزيءَ ۾ سائنس ۽ تحقيقي مضمون تي ٻڌل رسالي جا انيڪ پرچا، انهن مان سڀ جيڪڏهن نه ته به پنجانوي کان نوانوي سيڪڙو پرچا محمد يوسف ڇپرايا هوندا.

اهي سڀ ڪم نه رڳو جان وٺندڙ هئا پر ٻئي ڪنهن جي وس جا هئا به ڪين، انهيءَ ڪري جو، مثلاً، هڪڙو خشڪ ردي قسم جو مضمون اوهان وٽ پهتو. اوهان ٻه ٽي دفعا پڙهندئو تڏهن وڃي سمجهه ۾ ايندو ته لکندڙ چوي ڇا ٿو. ان کان پوءِ اوهان مصنف سان ملندؤ ۽ وضاحت طلب ڳالهين بابت گفتگو ڪندؤ. ٻين ريفريز کي موڪليندؤ. انهن جي راءِ ڏسڻ کان پوءِ اوهان کي ٿي سگهي ٿو مصنف سان وري گفتگو ڪرڻي پوي. انهيءَ وچ ۾ اهو به امڪان آهي ته اوهان ۽ مصنف يا محققن ڪن ڳالهين تي نه ٺهو. نيٺ اوهان پريس وردي ڪاپي ٺاهيندؤ. هاڻي ٿيندو اوهان جي مٿي جو اصلي سور شروع. احمد ڀائي جهڙي ڪنهن پريس واري سان پرت جو پيچ ٿيندو قابو. هو هڻندو اوهان تي، اوهان هڻندؤ هن تي. ڍڳو پير پيران هلڻ شروع ٿيندو. اهو ردي مضمون جنهن کي هونئن هوند زندگيءَ ۾ ڪڏهن کنگهجي نه ڪونه، تَنهن کي چاليهه پنجاهه دفعا پڙهي چڪڻ کان پوءِ اهو مٿي جو سور اوهان کي اهڙو بر زبان ياد ٿي ويو هوندو جو مصنف کي به وقت اچڻ تي اوهان ٻڌائي سگهندو ته سندس مضمون ۾ ڇا لکيل آهي.

ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور گذريل ٽيهن سالن دوران مسلسل جدوجهد، محنت ۽ ڪشالن جو هڪ زندهه ثبوت رهيو، ايستائين جو اڄ جڏهن هو اسان ۾ موجود ناهي، پٺيان ڇڏيل سندس ڪارناما ۽ آثار سندس ڏاکڙن ۽ محنت جو ثبوت موجود آهن. اولاد صالح ۽ محنت ڪندڙ زال کان سواءِ هن جيڪي آثار پوئتي ڇڏيا آهن، تنهن مان ڊراما ۽ زرعي رسالن کان سواءِ سندس وڏو ڪارنامو آهي سندس سائنٽفڪ ڊڪشنري.

جڏهن کان ڊاڪٽر عبدالقار انصاري صاحب سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي جو پهريائين پرو چانسيلر، پوءِ چانسلر ٿي آيو انصاري صاحب جي پنهنجي شوق پوري ڪرڻ ۽ محمد يوسف جي صلاحيتن کي صحيح طريقي تي استعمال ڪرڻ جو هڪڙو رستو هٿ ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ وڏي پيماني تي هڪڙي سائنٽيفڪ ڊڪشنريءَ جي ضرورت به هئي، پر اهو ڪم وڏي جوکي ۽ محنت ۽ جانفشانيءَ جو هو. محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ”لغات سنڌي“ پنهنجي لاءِ هڪڙو مثال ڪارنامو هو. بسم الله ڪري ٻئي ڄڻا لڳي ويا ڪم کي. عبدالڪريم جوڻيجي صاحب کي آخري مرحلن ۾ ڪارڊن ٺاهڻ ۽ ڪاپي صاف ڪرڻ جي ڪم تي لڳايائون. نيٺ ڪيترن سالن جي جفاڪشين ۽ محنتن کان پوءِ ڊڪشنري لکي پوري ڪيائون. ۽ اوترن ئي سالن ۾ ڇپائي پڌري ڪيائون.

هونئن موت ۽ حيات ته رب تعاليٰ پاڻ تان لاهي ”سببن“ تي هنيو آهي تان ته ماڻهو چون ته ماڻهو فلاڻي بيماري جي وگهي مئو. جيڪڏهن محمد يوسف جي اهڙي وچين وهيءَ ۾ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ نيٺ ائين اوچتي، ڪملهي موت جي شڪار ٿرڻ جو سبب ڳولهين ته بنا هٻڪ جي چئي سگهبو ته سندس ڏينهن رات انهن رسالن ۽ ڊڪشنريءَ جي ڪمن تي نور نچوئڻ ۽ حيران ۽ پريشان ٿي پريسن ۽ يونيورسٽي ۽ گهرجي وچ ۾ مهلائتو توڙي ڪمهلو ايرا ڀيرا ڪرڻ... محمد يوسف جي موت جو بهانو بنبا. رهيل سهيل ڪسر پوري ڪئي مفسد قومي محاذ جي دهشگردن ..... جن سڄي ڄمار جي ڪمائي...17 سالن جي محنت سان، پيٽ تي پٿر رکي جيڪو سر لڪئاڻ لاءِ اجهو ٺاهيو ويو، تنهن مان الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل جهنم جي هن عذاب وانگي... گهر وارن کي ڪڍي بيگهر ڪيو:

”اڄ ئي پهتل توهان جي خط جي شروعاتي لفظن سان ئي هن خط جي شروعات ٿي ڪجي ته“ هڪڙو طوفان آيو، گذريو ويو. اسان رڳو لکندا ۽ ڏسندا ئي رهي وياسون. جن ماڻهن کي جمهوريت نه کپندي هئي تن خون جي هولي کيڏي. گهڻا جوڌا جوان شهيد ٿي ويا. گهڻا گهرن مان بي گهر ٿي ويا...“

”انهن بي گهر ٿيندڙ مان هڪ هيءَ بدنصيب به آهي، جنهن مٿان 1990-5-28 رات جو قيامت آئي گولين جي وسڪاري بند ٿيڻ جي وقفي ۾ الله کان امان گهري، ٻچڙا وٺي وڃي حسين آباد ۾ ستايل سنڌين جي ڪئمپ ۾ پناهه ورتي هئي. ۽ ان طوفان ۾ اڃا تائين (17سيپٽمبر 1990ع) آهيان...“ ۽ آخري خطن ۾ مون سان توڙي ٻين دوستن ۽ بزرگن سان به انهيءَ طوفان جي شڪايت ڪندي، طوفان جي شڪايت ڪندي، طوفان آڻيندڙن سان ساز باز ڪندڙن ”پنهنجي“ وڏي ميار ڪندي، بنا موڪلائڻ جي هليو ويو ته جيئن اها شڪايت روبرو رب پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪري سگهي ته ”هڙا هاڃا ٿين تنهنجي هِن ڀنڀور ۾!

ممتاز مرزا

نينهن جو نعرو: حسين بخش خادم

ماڻهو ته مڙيئي ماڻهن جھڙا، ڪي کير جھڙا اڇا اُجرا ته ڪي ماکيءَ کان وڌ مٺڙا، ته ڪي وري ”ٽوهن“ جھڙا سهڻا: ڪن ماڻهن جي جوت اهڙي جرڪندڙ، جو انهن جي اُهاءَ ۾، مونجھارن ۾ مبتلا ماڻهو ٻه چار وکون کڻي ڪنهن  ماڳ تي وڃي رسندا آهن. اهڙا انسان اڄ ته بنهه اڻ لڀ، پر سنڌ جي سُرهاڻ ڀري ۽ سريلي سٽاء ۾. اڃان به ڪٿي ڪٿي چندن جي اهڙي دونهين دکيل آهي، ۽ پڻ ڪٿي ڪٿي اها لاٽ به اڃا ڪا جھَڪي نه ٿي آهي. وقت جو واڇِرو اهڙين ڏياِٽين کي هرڙي ڏاڍڙي اُجھائيندو پيو وڃي: ”لالڻ لوء، ڪي اڳي ڪي پوءِ“ وڃڻ وارا سُپرين جھلڻ جھڙا به نه آهن. موت ملاقات سدائين اوچتا، پر اهڙو اوچتو وڃڻ به ڪن ڪن کي نصيب ٿيو، جھڙو حسين بخش خادم جي لکئي ۾ ٿيو.

حسين بخش خادم، الا، ڪو مڙس هو. عبدالحميد آخوند جن جي آفيس ۾ ويٺو هئس، صبح جو پهر، طبيعت ۾ چڱي ڦڪرائي هئي، جو حميد صاحب ٻڌايو ته فقير حسين بخش خادم رات گذاري ويو. ڪنن مان اصل دونهان نڪري ويا، ڪا ڳالهه سمجھ ۾ نه آيم. جھٽ پل کان پوءِ کانئن پڇيم، ”ڪيئن“ ٻڌايائين، ”معراج علي فقير فون ڪري ٻڌايو ته رات نواب ولي محمد خان جي درگاه تي ويراڳ ڪري اُٿيو، فجر جي نماز پڙهي وڃي ستو، صبح جو يارن جاڳايس ته ڏٺائون ‎شيءَ وڃي ڌڻين کي پهتي.“ ڳالهه تي اعتبار ئي نه پيو اچي. ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه هئي جو لاهور جي الحمرا هال ۾ سنڌي راڳ جي رهاڻ ۾ اسان سان ڀيڙو هو. ڳايائين ۽ پاڻ ملهايائين. اُن کان اڳ ٻه ڏينهن ٻه راتيون رهاڻيون ڪچهريون، کل ڀوڳ، چرچا گھٻا. سڀ اکين آڏو تري آيا. دنيا جا ڪيئي دور مٽيا، ڪي آيا، ڪي ويا سواءِ ڪنهن هڪڙي ٿوري وقت جي، نه اسان جي سنگت ۾ گھاري پئي، نه ئي اڇن ڏندن جي پريت وئي، جيئن لاڳاپا قائم ٿيا، تيئن رهيا. هو هليو ويو، سندس يادگيريون هينئين کي پيون هُرن.

فقير حسين بخش خادم سان منهنجي واقفيت ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي، تنهن جي سار نه رهي اٿم، پر کيس پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڏٺم ۽ ٻڌم، تنهن جي يادگيري اڻ، لکي. پر حيدرآباد واري بسنت هال ۾، عالي جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جن راڳ جي رهاڻ جو ڪو اهتمام ڪيو هو. آئون به ڪُنڊ پاسي ۾ موجود هئس. ڳائڻ وارن جو وڏو لڏو موجود هو. جن ۾ هڪڙو حسين بخش به هو. مرحوم ۾ ڪافي ڪلام ڳائڻ وقت جواني جو جوش ۽ جذبو هو. سندس ”آ“ ۾ گھڻي ڊيگھ ۽ سُر کي ڇڪي بنهه ٽيپ تائين رسائڻ وارو رنگ منجھس مڙئي سرس. ڪافي ڪهڙي ڪڇيائين، تنهنجي سُڌ سار مون کي نه رهي آهي، پر ڳائيندي ڳائيندي جذب ۽ ڪيف جي ڪڪوريل ڪيفيت ۾، يڪتارو اُڇلائي، وٺي ٻاڪاريائين، ۽ پل ۾ پٽ تي پئجي، لڇڻ ڦٿڪڻ لڳو. اسان واري ڇيڳري ۽ رول سنگت اهو ڳائڻ واري جو مڪر سمجھيو. ڪن هوش وارن ”حال“ واري ڪيفيت ڀانئين. محفل ذري گھٽ، پرچڻ تي پئي پهتي، پر ائين ٿئي ٿئي، فقير سٽ ڏيئي يڪتارو کنيو ۽ وري ساڳي جذبي سان ڪلام ڪهي وڃي پار پهتو. سندس انهن پارن جا پڙاڏا ڪي ڏينهن اسان وارين ڪچهرين ۾ هليا، ڪن کليو ٿي، ڪن اسان کي ڇنڀيو ٿي. فقير جي حال جي ڄاڻ ڪلتار کي ته هن ايئن ڪيو، سو ڇو واقعي ڪا ڳالهه روح ۾ پيهي ويئي هيس جو ائين ڦٿڪيو، يا ڪو مجاز جو مزو ذهن ۾ آيس، جنهن پلڪ پل ۾ پڃاري وانگر پڃي ڇڏيو هوس. ڏيٺ ويٺ جڏهن وڌي تڏهن هڪ لڱا کانئس پڇيم به، پر مڙس وڏ- گردو، سو پنهنجي من جي مام جي ٻاڦ ڪڍڻ مناسب نه ڀانيائين، رڳو کلي چيائين ”ڪن مهلن جو ڪي ڳالهيون دل ۾ رهن ته انهيءَ خزاني جو خيال تنهن کي ئي رهندو جن سان اِها رمز ٿي گذري.“ مطلب ته ”مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، اُپٽي ته واءُ“ واري ڳالهه تي جيڪڏهن حسين بخش پابند رهيو ته اها وقت جي هڪ ڳالهه هئي، باقي ٻين جي سُڌ سماچار لهي، ٽَينِ تائين پهچائڻ پنهنجو فرض ڀائيندو هو، ان جو ڪارڻ اهو ته جي ڪنهن ٻي جي ڳالهه سانڍيائين ته ڄڻ پيٽ ڦوڪجي پوندو هوس، ۽ پوءِ هڙان وڙان چار ڏوڪڙ ڀري، ٽانگو ڀاڙي ڪري، ٽٻڪ ٽٻڪ ڪندو، هڪ يار  کان ٻي دوست تائين رسي، دل جو حال اوريندو، ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ”پنهنجو سمجھي توسان حوال اوريو اٿم، ڳالهه دل ۾ رکجئين، ٻي آڏو ڪڍيئي ته مون واري عزت ۾ ڦڪو ئي نه رهندو“. اِها ٻي ڳالهه هوندي هئي جو اهڙو احوال هر ايندي ويندي سان اڳيئي اوري آيو هوندو، جو جڏهن اوچتي سڄي سنگت اچي مُنهن مقابل ٿيندي هئي ته پوءِ فقير جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا هئا. مجال آهي جو فقير حسين بخش خادم جي پيشانيءَ ۾ ڪو گھنج پوي، بس ماٺڙي ڪيو، ڪُنڊ وٺيو، مڙني کي ويٺو ڏسندو هو ۽ پيو مشڪندو ڪشڪندو هو. جڏهن سڀ هڻي هڻي بيهندا هئا، ۽ کيس مختلف لقبن ۾ ”گلا جو گھانگو“، ”دهلاري“ وغيره، سان نوازي وڃي پار پوندا هئا ته اوچتو ڀڙڪو کائي، اکيون ڦوٽاري، اُلر ڪري اٿندو، چي ”ههڙا تهڙا، تو ڀلا ائين چيو ڪين هو؟“ اڳلو حيران ته ڪوڙ اهڙو جو پنڌ پيو ڪري! سامهون ايڏي همت ۽ دليريءَ سان پنهنجي ڳالهه تي پير ٻڌي بيهڻ، اڳلو آزرت ۽ هروڀرو پيو ککو وکو ٿيندو. سندس اِن لهپ جو اثر اهو ٿيندو هو، جو هن جو سينو اڃا ويندو هو ڦوڪجي، بس، اڳلي يار جون مڙئي واٽون ٻَڌي، پنهنجي ڳالهه مٿي ڪري، اُن کي چوکنڀو ٻڌي، يارن آڏو مياري ۽ مهڻي هاب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو؛ پر جڏهن هئو مئو ٽري ويندو هو، ته اچي اسان جو پاسو وٺندو هو ۽ چوندو هو ته، ”ڪيئن ٿا ڀانيو، ڪيومانس نه پڌرو پر مرزا ڳالهه اصل ايئن به ڪيئن هئي، ٻه اکر مون به وڌائي چيا، ”مڙئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه هڪڙي“. سندس انهيءَ عجب جھڙي وصف بابت لکيو پڌرو، بنهه منهن تي جيڪڏهن ڪو چوندو هو ته اهو ”مرحوم فقير عبدالغفور“.

فقير عبدالغفور مرهيات پنهنجي ليکي پنهنجي رمز رهاڻ وارو. مسڪين مارو ماڻهو يڪتاري تي اياز جي ڳايل وائي ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“ جي ڪري، اُن زماني جو نهايت پسنديده فنڪار هو، ڄڻ سنڌي راڳ جي آسمان تي چوڏهين جي چنڊ جيئن پئي چمڪيو. فقير جي عجب جھڙي کليل ميدانن واري سنڌي راڳ واري ”آ“ جي آلاپ سان ننڍن توڙي وڏن ۾ نچڪو ڪُڏڪو ۽ تاڙين جو ڦهڪو. ڀٽ شاهه تي اهي ڪيئي رنگ ڏٺم، پر اها ويل ڪهڙي هئي، جڏهن فقير عبدالغفور ۽ حسين بخش خادم جي پاڻ ۾ ياري قائم ٿي، تنهن جي پڪي پختي خبر نه اٿم، البت ايتري سار اٿم ته حيدرآباد ريڊيو جي کلڻ کان پوءِ، جڏهن سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ڳائڻ وڄائڻ وارا اچي هوم اسٽيڊ هال واري براڊ ڪاسٽنگ هائوس تي سَهڙندا هئا، اُنهن ڏينهن ۾ سندن شناسائي ٿي ۽ جا پوءِ اڳتي هلي جناب عبدالحميد آخوند صاحب جي سڳي ۾ مضبوط ٿي ۽ ٻئي پاڻ کي، مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي مرشدي جي لار لڳا ۽ ”پير ڀائي“ چوائڻ لڳا.

فقير عبدالغفور سان حيدرآباد جي حوالي سان منهنجي آڳاٽي واقفيت هئي، پر ڀٽ شاهه جي ميلن جي موقعي تي اِها واقفيت وڌي وڻ ٿي. حسين بخش خادم کي به انهيءَ دوران ڏسڻ، سمجھڻ ۽ پُرجھڻ جو موقعو مليو. فقير صاحب مرحوم ذات جو ڀنگر هو ۽ سندس چواڻي موجب ”پاڻ سنڌ ملڪ جو اصل وارث هو، جو پاڻ چِند راجا ناهِر جي نُک مان هو، جنهن جي بادشاهي بنهه وڏي هئي، پر چڙهيل سج نيٺ لهندو به آهي. سو ايامن کان پوءِ انهن جي راڄ ڀاڳ جو انت آيو ۽ ٻين آيل فتحمند ماڻهن هنن لاءِ چڱا ڪم نه سَٺا، سو وڏن شهرن کان وٺي ڀڳا ۽ سڃن پٽن ۾ وڃي آباديون قائم ڪيائون، ”نه ڪتو ڏسي نه بهي“ پر ”بک بڇڙو ٽول داناء ديوانا ڪري،“ نيٺ ڪي ته ڪرڻو ئي هو جو پيٽ دوزخ ڀرجي ۽ بک جي باهه گھٽجي. تنهن ڪري حال سارو هر ڪنهن وڃي ڪو هُنُر سکيو، ”ڪي ڪيڏانهن ته ڪي ڪيڏانهن، ڪڻو، ڪڻي کان ڌار“. فقير جي وڏن جي وَسُ چڙهي وڃي هر هارپ. ڪن جو چوڻ آهي ته حسين بخش بختيارپور ۾ ڄائو ۽ پوءِ شادي ۾ ونيءَ ماڻڻ کان پوءِ، اباڻا ڪک ڇڏي، اچي آراضي (تعلقو سيوهڻ) آباد ڪيائين، پر منهنجي ڄاڻ ۾ هو آراضي ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي وڏو ٿيو.

ٻاروتڻ ۾ اسڪول جا ٻه درجا پڙهي پيو، پر مسڪيني حال، اڳتي پيٽ گذر لاءِ ڪي ته ڪرڻو هو، ڌڻي ڀَلو ڪري، مرحوم دوست علي فقير جو جنهن جي مٿس ديد پئي، وٺي آڻي ٽنڊي ڄام لڳ محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه تي رهايائينس ۽ ڪم ڏنائينس ته گھوڙن جي سار سنڀال لهي ۽ اُنهن جو گاهه پٺو به ڪري. فقير ۾ جوانيءَ جا زور هئا، ماني ٽڪي ۽ ڪپڙي لٽي جي فڪر کان آجو ٿيو ته ٻنين جي ٻَنن تي، شاخن ۽ واٽرن جي ڪپن تي جھونگارڻ لڳو، جو محمد فقير جي مڪان تي راڳ ويراڳ عام جام، ڪيئي يڪتاري پوٽا فقير ڏينهن رات چپڙن ۽ يڪتارن تي ”الوميان“ پيا آلاپيندا هئا. اتان ئي فقير جي دل ۾ راڳ ويراڳ جي دونهين دُکي. يڪتارو ڪڏهن کنيائين تنهن جي سُڌ مون کي به نه آهي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ مخدوم صاحب طالب الموليٰ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اُتي به پهرين سيئس ٿي ڪم ڪيائين، نالو ڪڍيائين، آواز جي ميٺاج جي هاڪار ڪڍاريائين، ۽ پوءِ محترم مخدوم طالب الموليٰ جي مهر واري نظر سان رڱجي ريٽو ٿيو، ۽ مصري فقير جي ساٿ ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين.

مصري فقير، سرهاڙي (تعلقي شهدادپور) جو مڱڻهار فقير هو، ۽ مخدوم صاحب جي حاضري جو ڳائڻو هو، باجي تي، بيتن جي بهيرن سان ڀَلو ڳائيندو هو. مخدوم صاحب جن جي مٿس محبت واري نظر هئي ۽ اُن لحاظ کان مصري فقير راڳ کي سمجھي ڳايو، سُٺي ڄاڻ جي ڪري، پنهنجي مخصوص انداز ۾ تمام سٺو ڳائيندو هو. حسين بخش به سندس لڙهه لام لڳي ويو. ڪي اکر کانئس سکيائين ته ڪن جاين تي مخدوم صاحب سندس رهنمائي ڪئي. يار ۾ سمجھڻ ۽ سکڻ جي گھڻي تانگھ، سو جا ڳالهه ٻڌندو هو سا هينئين سان هنڍائيندو ويندو، ۽ پهرين مصري فقير مرحوم سان گڏجي ڳائڻ شروع ڪيائين، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي سِرُ به ڳائڻ لڳو تڏهن اڃان حيدرآباد وارو ريڊيو ڪين کليو هو. اڃان نه رڳو چئن چڱن جون اوطاقون، فقيرن جا اوتارا، درويشن جون درگاهون آباد هيون، جتي راڳ ويراڳ جي رندي رمز رهاڻ جو رنگ متل هو، پر سنڌي راڳ ساز جا قدردان، ڳائڻ وڄائڻ وارن جا ڀرجھَلا ۽ سار سنڀال لهڻ وارا موجود هئا، جن جي محبت سان سنڌ جا ڪيئي لڪل جوهر بعد ۾ نڪري پڌرا ٿيا، ۽ سنڌي راڳ جي آسمان تي چنڊ وانگر چمڪيا تنهان پوءِ ٿيو ريڊيو، جنهن جي ڪري اسان وارن ڳائڻن جي مشهوري ٿي.

فقير حسين بخش ان ميدان ۾ عقيدت ۽ محبت سان قدم ڌريا، هالا ۾ تن ڏهاڙين مرحوم فقير عيسٰي جي ڀل ڀلان هئي، ڏنڊي واري ڇير ۽ يڪتاري تي يگانو ڳائڻو هو. وڏي ڀڀڪي ۽ همت سان رندي ڪلام ڳائيندو هو. ماڻهن ۾ اڃان صوفي فقيرن جي سچن جذبن وارين ڪافين ۽ واين ٻڌڻ جي ساڃاهه سَوائي هئي، جو نه هئا ڪيسٽ، نه ريڊيا نه ٽي. ويون. شهرت نه سستي، نه اوچتي، بس ميدان ۾  پاڻ ملهائي، گوءِ کڻي وڃڻ واري ڳالهه پڌري هوندي هئي. ٻڌڻ وارن جا ڪَن به سُريلا ته سمجھو به سَرسُ مِيندَ مُرڪ تي واهه واهه به ٿئي ته سهڻي بيت ۽ ڪافي جي ڀلي مصرع تي داد به مِلي. ڳائڻ واري جو روح تنهن ۾ راضي، نه ڏوڪڙن جي طمع نه انعام اڪرام جي لالچ. فقير حسين بخش جي آڏو اهي سمورا جنسار موجود هئا، اکيون ۽ ڪن کولي ٻڌائين، ڏٺائين ۽ سمجھيائين. ويو انهيءَ ويراڳي رمز ۾ رڱبو. سندس دل بنهه نازڪ ۽ ڏکويل هئي، مسڪيناڻو ٻار، ڪنهن سان برميچي نه پئي سگھيو، سينو ساهي به ته ڪنهن سان ساهي. هڪ پاسي راڳ جو شوق ته ٻي پاسي خدمت جو ذوق، ٻئي گدرا هٿ ۾ اچن سو اچن ڪيئن؟ عشق جي آڳ اندر ۾، لوڪان لڪي پيو گھوڙن ۽ ٻين وهٽن آڏو ورهه جا ورلاپ ڪندو هو. عشق ۽ مُشِڪ لڪيو نه لڪي هن جي ورلاپن ۽ آلاپن جي سُڌ نيٺ ٻين تائين به رسي، ۽ پهرين، جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي، هن مخدوم نوح سرور رحه جا ڏوهڙا چوڻ شروع ڪيا ۽ اتان ئي پوءِ هو سائين مخدوم طالب الموليٰ جي نيڪ نظر هيٺ آيو، جنهن صاحب سندس دل جي درد کي محسوس ڪيو، ۽ کيس ”فقير“ بنائي پريت واري پنڌ جو پيچرو پَسايو. مُرشد جي محبت واري نظر سان حسين بخش جي دل جون پوريل دريون کلي پيون، ۽ اڳ لوڪان لِڪي ڳائيندو هو. هاڻي پڌري پَٽ آلاپ ڪرڻ شروع ڪيائين. ڏکين ڏينهن ڪري هن جي اندر ۾ جا آڳ پئي ڀڙڪي، تنهن جي تِکَ اچي سندس چپن ۽ گلي جي ڀر جھلي. کليل آواز سان سهڻا بيت ۽ ڪافيون ڳائي پاڻ ملهائيندو رهيو، تان جو هو ورهه جي ان ويراڳ ۾ رچي ريٽو ٿيو. انهيءَ ڪيفيت ۾ هن کي يڪتاري کڻڻ جو حڪم ٿيو، ۽ يڪتاري تي پهريون ڀيرو، محمد فقير کٽياڻ واري درگاهه تي ڳايائين، گيڙو جامو اوڍيائين. محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه سان مخدوم محمد طالب الموليٰ سائين جي به دل هئي، جو اُتي نه رڳو محمد فقير آرامي آهي، پر سنڌ جو وڏو راڳي ۽ گويو، ستار نواز ۽ خوش نويس، گھوالياري ۽ نُک جو سرواڻ، اُستاد سنڌي خان به سُتل آهي، جنهن سان مخدوم صاحب جي چار چشمي هئي. حسين بخش وٽ ڳائڻ واري دل هئي، پر راڳ جي ڄاڻ پوري ساري، سو مخدوم صاحب مٿس اهو وڙ ڪيو جو کيس مصري فقير مرحوم سان سلهاڙي ڇڏيو ته اُن سان گڏجي ڳائي ۽ راڳ سکي. ائين حسين بخش فقير، مخدوم صاحب جن جي حاضري جي ڳائڻ وارن ۾ شامل ٿيو، ۽ هرڙي ڏاڍڙي ويو پريت جا پنڌ پورا ڪندو.

يڪتاري تي ويهي پوءِ وجد ۾ اچي، نچي ڳائڻ ڪري، حسين بخش فقير جلد ئي پنهنجو پاڻ ملهايو. طبيعت سندس سُريلي، ۽ نازُڪڙي، هينئڙو ڪڏهن ڏاڙهونءَ گُل جيئن ته ڪڏهن ڏندڻ پاڙ مثل. نه ڪنهن جي گلا نه دانهن. دل جي دنيا ۾ ڪو شاعر به لڪل هوس، جو هر هر لوڪان لڪيو پيو پنهنجون ڪَهيل ڪافيون جھونگاريندو هو. محترم سائين طالب الموليٰ جي سَٿ ۾، سنڌي ڪافين جا ڪيئي شاعر موجود هئا، خود پاڻ مخدوم صاحب جن بنا شڪ شبهي جي، اڄ به سنڌي ڪافي جا بي مثال شاعر آهن، سندن ڪافيون سُرن جي سُرهاڻ سان سينگاريل آهن. انهيءَ سُريلي سَٿ ۾ هن جا اُڌما اڃان وڌيڪ اُڀاريا. دل ۾ دونهين دکيل هئس، ويتر مخدوم صاحب جي مهر ۽ پيار واري نظر، فقير جي شاعراڻين ڪيفيتن جي باهڙي کي وڌيڪ مچائي مچ ڪيو. سندس انهيءَ وصف جي ڄاڻ جڏهن سائين طالب الموليٰ صاحب جن کي ملي ته، سرها ٿي، کيس ”خادم“ جي تخلص سان نوازي اصل نهال ڪري ڇڏيائون. ائين آراضي جي هن خدمتگار کي خادميءَ مان شاعر جو لقب به مليو ۽ اهو تخلص سندس نالي جو اصل جُز بنجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com