سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :24

انسان کان اڳ ۾ الله تعاليٰ ملائڪ پنهنجي نُور مان بڻايا ۽ جن باهه جي سَتَ مان ٺاهيا ۽ اعلان ڪيائين ته ”وَما خَلقتُ الجِنَّ وَالاِنسَ اِلاَّ لِيَعبُدوُنِ“ انسان ۽ جن الله تعاليٰ جي عبادت ۽ ٻانهپ لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن، ملائڪ به الله تعاليٰ جي بندگي ۽ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيغام پڄائڻ يا ٻين مليل ڪمن ۽ حڪمن جي بجا آوريءَ ۾ سارو وقت رُڌل رهن ٿا ۽ کين کائڻ پيئڻ يا جسماني يا ٻين شهواني خواهشن جي ضرورت کان آجو رکيو ويو آهي. تنهنڪري دنيا خواهه آخرت ۾ هو هر حساب کان بچيل ڇڏيا ويا آهن.

باقي انسانن ۽ جنن واسطي هِن جهان توڙي ٻئي جهان ۾ ڪيل نيڪين ۽ براين جو پڇاڻو رکيو ويو آهي.

ڏاڏي آدم عليہ السّلام کي جڏهن پيدا ڪري اٿاريو ويو تڏهن الله تعاليٰ سندس جسم ۾ روح سان گڏ علم، ڄاڻ ۽ عقل به رکيا، پوءِ ملائڪن کي حڪم ڪيائين ته آدم کي سجدو ڪريو، ڇو ته مون ان کي پنهنجو خليفو زمين تي مقرر ڪيو آهي ان کان اڳ ملائڪن الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو ته ماڻهوءَ جي پيدا ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي جڏهن ته اسان ائين محسوس ٿا ڪريون ته جنهن صورت ۾ هن جي اندر ۾ سڀ طرح جون خواهشون سمايون ويون آهن ته انهن جي حاصل ڪرڻ خاطر هو طرح طرح جا چڱا خواهه بُرا ڪم ڪري چُڪندو ۽ ڌرتيءَ تي خون خرابو ڪندو، الله تعاليٰ وراڻيو ته جنهن حڪمت سان کيس پيدا ڪيو آهي تنهن جو راز فقط مان ئي ڄاڻان ٿو ۽ جيڪو علم مان آدم کي ڏنو آهي تنهن مان اوهان واقف نه آهيو ان آزمائش لاءِ ڪي سوال ملائڪن کان مالڪ پاڪ پڇيا جن جا جواب هو ڪونه ڏيئي سگهيا بلڪ آدم عليہ السّلام امتحان ۾ پاس ٿيو، پوءِ ملائڪن تسليم ڪيو ته ها ۽ چيائون ته ”قالُوا لاعِلم لَنا اِلاَّ ماعَلَّمتنا اِنَّڪ انت العزيز الحکيم“ ”اي مالڪ پاڪ اسان کي فقط اهو ڪجهه معلوم آهي جنهن جي ڄاڻ اسان کي ڏني اٿيئي ۽ سچ پچ ته تون ئي عزت وارو حڪمت وارو آهين.“ ائين چئي حڪم جي تعميل ڪندي حضرت آدم عليہ السّلام کي سجدو تعظيمي ڪيائون، انهن ملائڪن سان گڏ الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ عزازيل ناليِ جِنُ به هيو جيڪو بندگي ڪندي مالڪ جي معزز ملائڪن جي عهدي کي وڃي رسيو هو تنهن وات پَٽي اعتراض ڪيو ته آءٌ اُچي ذات جو آهيان يعني باهه جي ڄڀيءَ مان خلقيل آهيان سو ڪنيءَ مٽيءَ جي پيدائش آدم کي سجدو ڇو ڪريان ۽ ڪونه ڪندس، انهيءَ هٺ ۽ نافرمانيءَ سبب سندس لقب شيطان ۽ ابليس رکيو ويو بلڪ کيس الله تعاليٰ لعنتي ڪري پنهنجي بارگاهه شريف مان تڙائي ڪڍيو انهيءَ واعدي سان ته قيامت ۾ توکي دوزخ ۾ داخل ڪندس، ابليس الله تعاليٰ جي فيصلي کان پوءِ نا اميد ته ٿيو پر آڪڙ ڪونه ڇڏيائين، بارگاهه الاهيءَ ۾ عرض ڪيائين ته منهنجي عمر تيستائين قائم رک جيستائين قيامت ٿئي ۽ ان عرصي ۾ جنهن اَنسان جي ڪري مون کي جهنمي ڪيو اٿيئي تنهن کان وير وٺندس ۽ گمراهه ڪندومانس ته ڀلي اهو به مونسان گڏ دوزخ ۾ سڙي.

الله تعاليٰ جلشانہ ابليس جو عرض مڃيو ۽ ساڻس واعدو ڪيائين ته توکي قيامت تائين جئيرو رکبو ته ڀلي پنهنجا حربا هلائي انسان کي الله تعاليٰ جي ڏسيل سڌي رستي کان ٿيڙ ته پوءِ کين گمراهيءَ جو نتيجو قيامت جي ڏينهن ڏيکاريو ويندو، پر اهو به ياد رکجانءِ ته جيڪي بندا مالڪ جلشانہ جي حڪمن جي پيروي سندس خوف ۽ محبت وچان ڪندا تن کي تون کاري ڪونه سگهندين ۽ تنهنجا پوئلڳ جيڪي ٿيندا سي دوزخ جي باهه جو ٻارڻ ڪيا ويندا.

ڏاڏو آدم عليہ السلام پيدا ٿي چڪو پوءِ الله تعاليٰ کيس ٻڌايو ته تنهنجو جهان ۾ اچڻ جو مُول مقصد مالڪ جي وحدانيت جو اقرار ڪرڻ ۽ فقط سندس ئي بندگي ڪرڻ آهي ائين ٻڌائڻ کان پوءِ رب تعاليٰ پنهنجي ڪامل قدرت سان ”ڪُن“ يعني ٿي پوءُ جو حڪم جاري فرمايو جنهن جي چوڻ سان هن جهان ۾ ڏاڏي آدم جي پيدائش واري گهڙيءَ کان وٺي قيامت جي قائم ٿيڻ تائين جيڪي به انسان پيدا ٿيڻا هئا تِن جا رُوح پيدا ٿي پيا جن کان مالڪ جل جلاله سوال ڪيو ته ”الست بربکم“ ڇا مان توهان جو پالڻهار آهيان (يا مون کان سواءِ ڪو ٻيو اوهان جو رب آهي؟) تنهن تي سڀني رُوحن هڪ آواز ٿي وراڻيو ”قالُو بليٰ“ ته سائين بلڪل ۽ بيشڪ اسان مڃيون ٿا ته تون ئي اسان جو رب ۽ پالڻهار آهين ۽ نڪوئي ٻيو ڪو.)

ڏاڏي آدم عليہ السّلام کي بهشت جي اندر رهايو ويو ۽ کيس آزادي ڏني وئي ته جتي وڻيئي اُتي ٽِڪُ ۽ رهه ۽ جيڪي کپيئي سو کاءُ ۽ پيءُ پر هن خاص وڻ جي ميوي کان پرهيز ڪجانءِ ۽ ان کي نه کائجانءِ نه ته هن عيش آرام واري جنت کان هٿ ڌوئڻا پوندءِ ۽ منجهانئس تڙايو ويندين.

دلين جي ڀيد ڄاڻڻ واري الله تعاليٰ، ڏاڏي آدم عليہ السّلام جي اڪيلائي ۽ ويڳاڻائيءَ کي محسوس ڪندي سندس کٻي پاسي جي ڏِنگي پاسريءَ مان سندس هم جنس زال نالي ڏاڏي حوّا رضي الله تعاليٰ عنها کي پيدا فرمايو ته جيئن سندس صحبت مان آرام حاصل ڪري. فرمان باري تعاليٰ آهي ته ”وَمِن آيٰتِہ اَن خَلَقَ لَکُم مِن اَنفُسکُم اَزواجالّتِسکُنوا اِليها وَجَعل بَينکُم مَّوَدَّةً وَّرحمةً“ ”۽ سندس نشانين مان هيءُ (به) آهي جو اوهان جي جنس مان اوهان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيدا ڪيائين.“

شيطان جيڪو چيلنج ڏيئي چڪو هو سو موقعو وٺي هڪ واسينگ نانگ جي صورت ۾ کسڪي جنت جي اندر لنگهي ويو ۽ ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا ٻنهي کي ڀنڀلائي چوڻ لڳو ته اوهان ٻنهيءَ جو وڏو سڄڻ آءٌ ئي آهيان (جيتوڻيڪ الله تعاليٰ اڳ ۾ ئي ٻنهيءَ کي ٻڌائي چڪو هو ته ”اِنَّ الشَّيطان لَکُما عَدُوَّ مُّبين“ يعني ته شيطان توهان جو پڌرو ويري آهي) ۽ جي منهنجي ڳالهه مڃيو ته ايهو وڻ جنهن کان الله تعاليٰ اوهان کي جهليو آهي تنهن جو ميوو ضرور کائو ته اوهان هميشہ لاءِ هتي ئي سکيا ستابا ٿي رهجو نه ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪڍيا ويندوُ شيطان جي مِٺي زبان پنهنجو اثر ڪري وڌو ۽ ڏاڏي آدم ۽ سندس بيبي ان وڻ جو ميوو کائي وڌو ۽ يڪدم سندن اوگهڙ وارين جاين جا پردا کلي پيا جن کي شرم وچان بهشت جي وڻن جي پنن سان ڍڪي لڪائڻ لڳا، ٿيو ته ايهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضيءَ منشا يا پلاننگ مطابق پر هئي نسوري حڪم عدولي ۽ نافرماني جنهن تي الله تعاليٰ فرمان جاري ڪيو ته آدم ۽ حوا ٻئي ڄڻا بهشت منجهان ڪڍيا وڃن، ٻنهي کي زمين جي جدا جدا ٺڪاڻن تي اڇلايو ويو جو ڏاڏو آدم سرانديپ يا سري لنڪا ۾ وڃي پيو ۽ ڏاڏي حوا جِدي (سعودي عرب) جي علائقي ۾ وڃي سهڙي.

ٻئي ڄڻا پڇتائي روئندا ۽ مالڪ جلشانہ اڳيان معافيءَ واسطي نيزاريون ڪندا رهيا. نيٺ مالڪ جي ذات پاڪ کي مٿن رحم آيو ۽ کين معافي وٺڻ جي آيت شريف سيکاريائين ته ”رَبَّنا ظلَمنا اَنفسَنا وَ اِن لَّم تغفِرلَنا وتَرحَمنا لَنَکوُنَنَّ مِنَ ال خٰسِرِين“ ”اي اسانجا رب پاڪ اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آهي (تنهنجي نافرماني ڪري) پوءِ جيڪڏهن تون اسان تي مهر ڪري اسانکي معاف نه ڪندين ته اسان وڏي نقصان ۾ پئجي وينداسين“ ايها دعا ٻنهي زال ۽ مڙس الله پاڪ کان گهري ته کين معافي ملي ۽ کين عرفات جي ميدان ۾ هڪ ٻئي سان ملايو ويو جتي هڪ ٻئي کي سڃاتائون ۽ خوش ٿيا، حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا گڏجي گذاريائون ۽ اولاد ٿيا، جيئن ته ڏاڏو آدم عليہ السلام پنهنجي ڄَڻ جو وڏو ۽ ابو هيو تنهنڪري پنهنجي انهيءَ اُمت کي سندن هن جهان ۾ پيدا ڪرڻ جو مقصد سمجهائڻ واسطي کيس وقت جو پيغمبر يا نبي مقرر ڪيو ويو ۽ سندس وفات کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان سندس جاءِ نشين الله تعاليٰ جي طرفان مقرر ٿيندا رهيا جهڙوڪ حضرت شيِثُ  عليہ السلام ۽ پوءِ حضرت نوح عليہ السلام جيڪي حق تبليغ جو ادا ڪندا رهيا، پر شيطان به سند يا فتو انساني مخلوق جو دشمن هو تنهن به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ۽ اولاد آدم کي صراط المستقيم واري رستي تان هٽائيندو گمراهه ڪندو رهيو ته جيئن وڻيوَ تيئن هن جهان واري حياتيءَ ۾ عيش آرام ڪندا رهو ۽ بس، مقصد ته انهن کي دل ۾ ايهو خيال وجهندو رهيو ته نڪو قيامت ٿيندي نڪوئي ڪو حساب ڪتاب ٿيندو، هونئن به ڏٺو ويو آهي ته چڱي ڪم يا نيڪي ڪندي شيطان انسان جي دل ۾ طرح طرح جا وسوسا وجهي ان نيڪ خيال کان کيس ٿيڙيندو آهي پر هو بري ۽ لغو ڪم واسطي کيس ڪڏائيندو ۽ پڏائيندو آهي تانجو اها بُرائي بنا دير جي ڪري وجهندو آهي ان جو مثال قرآن پاڪ ۾ ڏاڏي آدم جي ٻن پٽن نالي هابيل ۽ قابيل جي متعلق بيان ۾ آهي هابيل نيڪ عملن ڪرڻ وارو هو جنهن سبب الله تعاليٰ کي پسند هو پر قابيل، بي عمل ۽ شيطاني صفتن وارو هو ۽ هر وقت هابيل تي ساڙ کائيندو رهندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن مسئلي ۾ شرط ٻڌايائون ته ڏسون ته الله تعاليٰ وٽ مقبول ٻنهيءَ مان ڪير آهي ۽ هڪ قرباني ڪري جبل تي رکي ڇڏيائون. ان وقت ۾ مقبوليت جي ايها ڪسوٽي هوندي هئي جو آسمان مان وڄ ڪرندي هئي جيڪا قبول پيل قربانيءَ کي ساڙي ويندي هئي. ٿيو به ائين جو هابيل جي ڪيل قربانيءَ کي وڄ ساڙي وئي ۽ قابيل جي سئي رکيل ائين ئي رهجي وئي. قابيل کي نهايت ڏک ۽ حسد ٿيو، جيئن ته هو سرڪش ۽ فسادي هيو تنهنڪري ايهوئي پهه ڪيائين ته هابيل کي رستي تان هٽائڻ واسطي ختم ڪيان. ان نيت سان هابيل ڏي حملي ڪرڻ واسطي ٻک وڌايائين ته ان سمجهايس ته ائين نه ڪر جو ايهو ڪم شيطاني آهي ۽ آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان. جيتوڻيڪ تون مون تي ڏاڍ ڪندين ته مان تنهنجو مقابلو ڪونه ڪندس. آخر قابيل پنهنجو ڪم ڪري چُڪو ۽ هابيل کي قتل ڪري وڌائين.

ڀاءُ کي مارڻ کان پوءِ اچي ششدر ٿيو ته سندس لاش ڪيئن لڪايان ايتري ۾ هڪڙو ڪانءُ آيو جيڪو اچي ٻئي مئل ڪانَو جي ڀرسان بيهي ڌرتيءَ کي پنهنجي چنبن سان کوٽڻ لڳو، جڏهن خاصي کڏ ڪيائين تڏهن پنهنجي پيرن ۽ چهنب سان مئل ڪانوَ کي ڇڪي ۽ گهلي ان ۾ اڇليائين ۽ مٿس مٽي وجهي کيس پوري ڇڏيائين ايهو رنگ قابيل ڏسي شرم وچان اتي ڪو اوزار جيڪو سُجهيس تنهن سان کڏ يا قبر کوٽي هابيل کي منجهس لٽي ڇڏيائين.

ان بابت الله تعاليٰ هڪ اصول ٻڌي ڇڏيو ته ”مَن قَتَلَ نَفَساً بِغير نفسٍ او فساداً في لارض فَکَانَّما قَتل النَّاس جميعا“ ”ته جنهن شخص بنا ڏوهه جي ڪنهن انسان کي ڪُٺو يا ماريو ۽ ان طرح زمين ۾ فساد برپا ڪيائين تنهن جهڙوڪ سمورن انسانن کي قتل ڪيو.“ حديث شريف ۾ روايت آهي ته قيامت تائين جيڪي به ناحق خون ٿيندا تن جو وبال ۽ ذميداري قابيل جي ذمي ڪئي ويندي ۽ کيس جهنم ۾ وجهڻ جي سزا ملندي.

الله تعاليٰ انسان جي واسطي قيامت ۾ حساب ڪتاب جو ٿيڻ مقرر فرمايو آهي ان لاءِ ته هن دنيا، جنهن جو ٻيو نالو دارُالعَمل يعني عملن ڪرڻ جي جاءِ يا هنڌ آهي ان جي اندر رهي هو جيڪي به چڱا يا بُرا عمل ڪندا تن جي کانئن پڇا ڪئي ويندي، پوءِ ان امتحان ۾ جيڪو ڪامياب ٿيندو تنهن کي بهشت ۾ ٽڪائڻ جو انعام ڏنو ويندو جتي هميشه لاءِ عيش آرام جي ابدي حياتيءَ جو گذران هوندس. باقي بد عمل انسانن (۽ جنن) کي سندن ڪيل ڪرتوتن جي سزا طور دوزخ جي باهه ۾ هميشہ لاءِ اڇلايو ويندو.

الله تعاليٰ جتي قادرالمقتدر يعني هر طاقت ۽ قدرت جو مالڪ آهي اتي منصف ۽ مهربان قدردان پڻ آهي. جنهن پنهنجي مٿان ظلم ڪرڻ حرام ڪيو آهي. جڏهن هو اسان کان تقاضا ٿو ڪري ته اسين فقط سندس ئي بندگي ڪريون، حق ۽ انصاف ۽ سچائيءَ واري سڌي رستي تي هلي کيس راضي ڪري جنت جا حقدار ٿيون يا سندس راضپو هن جهان ۾ پڻ حاصل ڪيون ته اسان کي ڪيئن خبر پوي ته بندگي وغيره جا طريقا ڪهڙا آهن تنهن لاءِ حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي آخري نبي حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وسلم تائين هڪ لک ۽ چويهه هزار پيغمبر الله تعاليٰ وٽان سندس هدايتن سان ڀريل صحيفا ۽ ڪتابن کڻي پنهنجي امتن ڏانهن آيا ۽ کين سمجهايائون ته هن دنيا ۾ جيڪي ڪم نيڪي يا بدي جا هو ڪندا تن جو کين آخرت ۾ حساب ڏيڻو پوندو جنهن جا دفتر موليٰ پاڪ جا مقرر ٿيل ملائڪ نالي ڪِراماً ڪانبين جيڪي ٻه ٻه ڄڻا هر هڪ انسان جي سڄي ۽ کٻي ڪُلهن تي چڙهيا ويٺا آهن ۽ پنهنجي ٽيپ رڪارڊ ۽ ڪمپيوٽر جهڙن ڪاغذن سندن هر هڪ عمل ۽ ڳالهائڻ چڱو يا بُرو پڻ لکندا رهن ٿا، جيڪي دفتر قيامت جي ڏينهن الله پاڪ انصاف جي تارازي ۾ پاڻ توريندو ۽ فيصلا صادر فرمائيندو، سمورا نبي، رسول ۽ پيغمبر عليهم الصلوات والسّلام پنهنجو حق تبليغ ۽ هدايت جو ادا ڪري هن جهان مان هليا ويا ۽ الله تعاليٰ وٽان آندل پيغام هتي ڇڏي ويا، اهي پيغام وقت گذرندي بدلبا رهيا ۽ آخري ڪلام الله تعاليٰ وٽان اسان جي پياري نبي محمد صلي الله عليہ وسلم جو آندل قرآن پاڪ آهي جنهن بابت الله تعاليٰ ڪلام الله شريف ۾ واعدو فرمايو آهي ته ”اِنَّا نَحنُ نَزَّلنا الذَّکَر و انَّا لہ حٰفظون“ ”سچ پچ هي ڪتاب يعني قرآن اسان ئي لاٿو يا موڪليو آهي ۽ سندس حفاظت اسان جي ئي ذمي آهي“ معنيٰ ته انهيءَ ڪتاب الله ۾ قيامت تائين ڪابه تبديلي يا ڦيرڦار ڪانه ڪئي ويندي ايتري قدر جو زَبر زير پيش جي به ڪا ڀڃ گهڙ ڪوئي ڪونه ڪري سگهندو جهڙي طرح اڳين آسماني ڪتابن ۾ اڳين امتن ڪري ڇڏيون هيون، ان لاءِ مالڪ پاڪ قرآن پاڪ ۾ ايها حڪمت رکي ڇڏي آهي جو ڪوبه ذهين شخص کيس حفظ يا بر زبان ياد ڪري وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح قرآن پاڪ جي حفاظت سندس ڦيرڦار ٿيڻ کان ٿيندي رهي آهي ۽ رهندي. ان جي شاهدي قرآن پاڪ خود ٿو ڏئي ته ”وَلقَد يَسَّرنَا القرآن لِلذِّکرِ“ ۽ بيشڪ اسان قرآن کي پڙهڻ واسطي آسان بڻايو آهي (يا ياد ڪرڻ لاءِ سولو ڪيو آهي).

جيئن ته الله تعاليٰ انسان کي پنهنجي ڪمن ڪارين ڪرڻ لاءِ اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ سندس اندر ۾ ضمير ۽ نفس ٻه مهار بردار سندس عقل جي ڏور ڇڪڻ ۽ موڙڻ وارا رکي ڇڏيا آهن جن مان هر هڪ کيس پنهنجي مرضي موجب هلڻ لاءِ پاڻ ڏي لڙڻ واسطي سڏيندو آهي.

ضمير انسان کي چڱاين جي رستي ڏانهن لڙڻ لاءِ سڏيندو آهي ته نفس وري ان جي ابتڙ براين ڏانهن ڇڪيندو اٿس تانجو اهو انسان جنهن کي مالڪ پاڪ جو خوف ۽ محبت هوندي آهي ۽ کيس سالم عقل ۽ بُري ڀلي جي پرک وارو علم به هوندو آهي سو ضمير جي رهبريءَ سان چڱي ڪم واسطي تيار ٿيندو آهي ۽ برائي کان بچندو آهي جنهن جي بدلي کيس الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ٿيندو آهي ۽ مالڪ کيس پنهنجي ڪيل واعدي مطابق صراط المستقيم وارو رستو ڏيکاريندو آهي. جنهن تي هلي هو هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿيڻ جو انعام لهندو آهي. پر اهڙو انعام فقط انهن لاءِ رکيو ويو آهي جيڪي الله تعاليٰ سان هر وقت ۽ خاص طرح نماز ۾ ايهو اقرار ڪندا رهن ٿا ته ”اِيَّاکَ نَعبُدُ وَاِيَّاکَ نَستَعِينُ“ ”اي مالڪ پاڪ اسان تنهنجي ئي بندگي ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا“ ان صورتحال ۾ مالڪ ساڻن واعدو ٿو ڪري ته ”فَاذکُرُوني اَذکُرُ کُم وَاشکُرُو لِي وَلا تکفُرُون“ ”مون کي ياد ڪريو ته مان اوهان کي ياد ڪريان منهنجو شڪر ڪندا رهو ۽ ڪُفر يا ناشڪري هرگز نه ڪريو“، وري الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته پنهنجي هرهڪ مسئلي ۽ معاملي واسطي مون کي ئي سڏيو ڇو ته ”وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ“ ”آءٌ اوهان جي ساهه جي رَڳنُ (جيڪي ڳچيءَ ۾ رکيل آهن) کان به ويجهو آهيان.“ ۽ اوهان جي سڏ ۽ عرض کي ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪري اوهانجا ڪم بڻايان ٿو، ان لاءِ آيت شريف آهي ته ”وَاِذا سَالکَ عِبَادِي عَنِي فَانِي قَرِيب، اُجِيبُ دَعوَةَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ فَليَستَجِيبُوا لِي وَليُؤ مِنُوا بِي لَعَلَّهُم يَرشُدُونَ“ ”اي رسول صلي الله عليہ وسلم منهنجا بندا توکان منهنجي بابت پڇن ٿا تون کين ٻڌاءِ ته مان ويجهو آهيان سندن سڏ ۽ دعائون جڏهن اُهي مون کي سڏين ٿا ٻڌان ٿو پوءِ کين جڳائيءَ ته مون کي مڃين (پنهنجو پالڻهار ڪري) ۽ مون تي ايمان آڻين (پنهنجو معبود مالڪ سمجهي) ته انهن کي سڌو رستو نيڪي ۽ هدايت وارو حاصل ٿئي“ جڏهن بندا الله تعاليٰ سان ڪيل انجام پابنديءَ سان پاڙيندا رهن ٿا ته مالڪ انهن کي ڀلائي واري سنئين رستي تي هلڻ لاءِ روشني اوهان کي بخشي ٿو ۽ کين دل جي تسلي سان رکي ٿو ۽ پنهنجي رضا تي راضي ”اَلَا بِذِڪِرِالله تَطمَئِنُّ القُلُوبُ“ اوهان کي سُڌ هجي ته دلين کي آرام ۽ قرار فقط الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ سان اچي ٿو.

الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ وات سان الله الله جا اکر چوڻ کي نٿو چئجي پر الله تعاليٰ جي حڪمن جي پابندي ۽ سندس منع ڪيل بُراين کان پاسو ڪري پاڻ کي ۽ ٻين انسان کي ان کان روڪڻ ۽ بچائڻ يا انهن جي جائز ڪمن ۾ مدد ڪرڻ به الله کي ياد ڪرڻ جو هڪ رستو آهي. ان رستي کي هلي انسان مالڪ جي انعام جو حقدار ٿئي ٿو جنهن بابت سورت فاتحه ۾ رب تعاليٰ اسان کي دعا سيکاري آهي ته انهيءَ صراط المستقيم واري رستي تي هلڻ جي اسان کي هدايت بخش جنهن تي هلي تنهنجا مقبول بندا انعام لهي ويا ۽ نه انهن جي رستي تي هلاءِ جن تي تنهنجو ڏمر ٿيو ۽ کين سزا ڏئيِ.

الله تعاليٰ انهن ٻانهن کان پنهنجي خوش ٿيڻ جو اظهار هيٺين لفظن ۾ بيان ڪرڻ فرمائي ٿو ته ”رَضي الله عَنهم وَ رَضُوعَنہ“ الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله تعاليٰ جي ڪيل مهربانين تي خوش ٿيا، وري ٻئي هنڌ انهن بندن جن هن جهان جي زندگي مالڪ پاڪ جي ڏسيل رستي تي هلي سندس راضپي هيٺ گذاري ۽ پوءِ مري وڃي ٻئي جهان ۾ رسيا تن لاءِ رب تعاليٰ انهن اکرن سان سندن خاتمو ٿيڻ جو ذڪر فرمائي ٿو ته ”يٰايَّتُهَا النَّفسُ المُطمَنئِنَّةُ اِرجِعِي اِليٰ رَبِکِ رَاضِيَةَّ مَّرضِيَّةَّ“ ”اي منهنجا بندا تون هن جڳ مان خوش ٿي ڪري پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي آءُ ان صورتحال ۾ جو آءٌ تو منجهان راضي آهيان ۽ تون منهنجي ڪيل مهربانين مان راضي ٿئين.“

وري ٻيا انسان جيڪي ضمير جي آواز کان منهن موڙي پنهنجي نفس جي چوڻ تي هليا يعني دنيا جي حرص، هوس، لالچ، ڪوڙ، دغا هٺ يا ٻيا اهڙا ڪم جن بابت الله تعاليٰ بندن کي روڪيو ۽ جهليو آهي تن کي پنهنجو ڪِرتو بڻايائون ۽ ڪنهن به چڱائي چوڻ واري جي ڳالهه نه مڃيائون تن لاءِ الله تعاليٰ واعدو فرمايو آهي ته

وَالَّذِين کَفَرُوا اَولِيَائُهُمُ الطَّاغُوت يُخرِجُونَهُم مِنِ النُّور الِي الظُّلماتِ اُولٰئِکَ اَصحابُ النّارِ هُم فِيها خٰلِدُون“ ”جن الله تعاليٰ جي حڪمن جي نافرماني ڪئي تن جا دوست شيطان ۽ سرڪش انسان آهن جيڪي هنن کي سچ ۽ حق جي روشنائيءَ مان ڌِڪي برائيءَ واري اوندهه جي رستي تي نين ٿا ۽ انهن لاءِ الله تعاليٰ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اُهي دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشہ واسطي واڙيا ويندا ته منجهس سڙندا ۽ سُور سهندا رهن.“

الله تعاليٰ ايهو سرشتو پنهنجي خلقيل انسانن واسطي بڻائي حضرت آدم عليہ السلام جي لڏي وڃڻ کان پوءِ سندس جاءِ نشين پيغمبرن جي وسيلي سان وقت بوقت جاري فرمائيندو رهيو پر شيطان پنهنجي ڪيل قول موجب هٿ ڌوئي کين کارڻ واري ڪِرت کي لڳو رهيو، ايتري قدر جو جڏهن حضرت نوح عليہ السلام جو زمانو آيو تڏهن اهو بزرگ نؤ سؤ پنجاهه سالن لاءِ مٿو ماريندو رهيو ۽ اُمتين کي سمجهائيندو رهيو ته الله تعاليٰ جي ڏسيل حڪمن جي پيروي ڪريو نه ته ڏچي پئجي ويندءُ پر انهن جي مٿان شيطان جي دلبن ۽ ڏٽن جو ايڏو ته گهڻو اثر هيو جو پيغمبر جي هڪ به نه ٻڌائون ۽ پنهنجين براين ۾ ڦاٿل رهيا. تانجو حضرت نوح عليہ السلام نا اميد ٿي الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته هاڻي هنن منهنجن امتين ۾ ايماندار ٿيڻ جي ڪابه نشاني نظر ڪانه ٿي اچي تنهنڪري کين پنهنجو عذاب موڪلي تباهه ڪر. التجا ايها هئي ته”رَبّ لَا تَذَر عَلَي الارضِ مِنَ الڪٰفِرِينَ دَيَّارا. اِنَّکَ اِن تذَرهُم يُضلُّوا عِبَادَکَ وَلَا يَلِدُوا اِلاَّ فَاجِراً کَفَّارا“. اي مالڪ ڪافرن مان زمين تي ڪوبه رهندڙ نه ڇڏ بيشڪ تون انهن کي جيئرو ڇڏيندين ته تنهنجن ٻانهن کي کاريندا ۽ سندن ڄَڻ به ڪوڙا ۽ نافرمان ئي هوندا. الله تعاليٰ سندن دعا قبول ڪئي ۽ کيس حڪم فرمايائين ته هڪ ڪاٺ جي تختن جي ٻيڙي ٺاهه ۽ جڏهن اُها ٺهي بيهي تڏهن تون ۽ جيڪي تنهنجا پوئلڳ آهن تن سان گڏجي ان ۾ سوار ٿيءُ- ان ٻيڙيءَ ۾ جانورن ۽ پکين مان پڻ نر مادي جوڙو جوڙو ڪري ساڻ گڏي کڻ- اوچتو ئي آسمان مان پاڻي وٺو ۽ زمين مان پڻ نارا ڪري نڪرڻ لڳو جنهن جي ڇَر ايڏي ته اٿاهه هئي جو سواءِ ٻيڙيءَ وارن جي ٻيا سڀ ٻڏي مئا جن ۾ حضرت نوح عليہ السّلام زال ۽ پٽ پڻ هئا جيڪي نافرمان ڪافر هئا- انهيءَ   ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ بچيلن پڻ ٻچا ڪڍيا جيڪي عراق جي سرزمين تي بابُل شهر تي ڇائنجي اتان حڪومت ڪرڻ لڳا- سندن ڌرم اسلام جي آَندل پيغام جي ابتڙ سج، ستارن ۽ باهه جي پوڄا ڪرڻ هيو- انهن جو بادشاهه نمرود نالي نامراد ظالم هيو جنهن جي زماني ۾ حضرت ابراهيم عليہ السّلام نبي، الله پاڪ موڪليو ته ان قوم کي آتش ۽ ستاره پرستيءَ کان روڪي پر سندس پيغام ته ڪونه ٻڌائون الٽو کيس باهه جي آڙاهه ۾ اڇلايائون جتان الله تعاليٰ پنهنجا ملائڪ موڪلي کيس ڪڍيو ۽ باهه کي حڪم ٿيو ته ”يٰنَارُ کُونِي بَرداً وَّسَلٰماً عليٰ اِبَراهِيمَ“ ”اي باهه تون ابراهيم واسطي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي وڃ“- حضرت ابراهيم عليہ السلام  عراق ڇڏي شام جي ملڪ ڏي ويو ۽ ڪنعان جي شهر ۽ ان جي آسپاس وارن ماڻهن کي الله تعاليٰ جا پيغام ۽ احڪام پڄايائين ۽ پنهنجي حياتيءَ جو زمانو پنهنجي پٽ حضرت اسحاق عليہ السلام سان گڏجي الله جي بندن کي الله تعاليٰ جا حڪم پڄائيندو رهيو ته سنئين رستي تي هلي ڇوٽڪارو لهن. حضرت نوح عليہ السّلام کان پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السّلام بزرگ ترين پيغمبر هيو جنهن جو اولاد جي شاخفن مان ڪيئي هزار نبي ۽ پيغمبر عليهم السّلام پيدا ٿيا جن الله جلشانہ جا حڪم ۽ پيغام پنهنجي قومن ۽ امتن کي پهچايا ته نيڪيون ڪيو ۽ براين کان بچو نه ته آخرت ۾ حساب ڪتاب ڏيڻ وقت براين جي سبب سزا جا حقدار ٿيندوءُ جيڪا دوزخ جي باهه آهي جنهن مان ڪڏهن به نه ڪڍيا ويندوءُ. سڀني پيغمبرن جو خاص تاڪيد ڪرڻ ايهو هيو ته پوڄا ۽ عبادت فقط الله تعاليٰ جي ڪريو ڇو ته فقط ان جي ذات پاڪ ئي بندگي جي لائق آهي. پر سواءِ ڪن ڀلي ڀاڳ وارن جي گهڻو ڪري ماڻهن شيطاني چڪرن ۾ ڦاسي گناهه جا ڪم زياده ڪيا جنهن سبب هن جهان ۾ ئي الله تعاليٰ کين عذاب موڪلي ناس ڪيو. حضرت ابراهيم عليہ السلام جي زندگيءَ ۾ سندس ڀائٽيو حضرت لوط عليہ السّلام جيڪو لبنان واري علائقي ۾ نبي هيو تنهن جي امت جي ماڻهن ٻين بڇڙن ڪمن جهڙوڪ ڌاڙا هڻڻ ۽ ڦُرون ڪرڻ کانسواءِ جيڪي برايون ڪيون جن جي سبب مٿن تباهي آئي سو هيو مَردن سان زنا ڪرڻ جنهن کان پنهنجي نبي عليہ السّلام جي هزار حيلن هوندي به تيستائين نه مُڙيا جيستائين الله تعاليٰ پنهنجا ملائڪ ڳڀروُ ڇوڪرن جي شڪل ۾ نه موڪليا. جڏهن اُهي ملائڪ حضرت لوط عليہ السلّام وٽ پهتا تڏهن حضرت لُوط عليہ السلام جي زال پنهنجي قوم وارن کي ايهو اطلاع پڄايو جنهن تي اُهي ڇوڪرن کي پڪڙڻ لاءِ ڊُڪندا آيا- تنهن تي حضرت لُوط عليہ السلام وري به آخري دفعو کين سمجهايو ته بابا هي منهنجا مهمان آهن تن جي اڳيان مون کي هروڀرو شرمسار نه ڪريو ۽ وري به سُڻو ته قوم جون جوان ڇوڪريون موجود آهن انهن سان نڪاح ڪريو، پر هُنن جي دلين ۾ نفساني ڀوت ويٺل هو ۽ شيطان سندن اڳواڻ هيو تنهن ڪري ڪجهه به نه ٻُڌائون يا مڃيائون. ايتري ۾ ملائڪن حضرت لوط ۽ سندس گهرڀاتين (سواءِ سندس زال جي) ۽ ٻين پوئلڳن کي چيو ته اوهان هي شهر سُدوم ڇڏي ٻاهر نڪري وڃو تنهن بعد ملائڪن الله تعاليٰ جي حڪم سان ان علائقي جي بڇڙن ماڻهن کي عذاب ڏيئي ناس ڪري ڇڏيو جو هڪڙو به جيئرو ڪونه بچيو.

حضرت ابراهيم عليہ السلام جي وڏي فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام مڪي شريف واري علائقي ۾ پنهنجي نبوت جو حق تبليغ جو ادا ڪرڻ فرمايو ۽ سندس ننڍي فرزند حضرت اسحاق عليہ السلام شام جي ملڪ جنهن ۾ شام، اردن وغيره علائقا اچي وڃن ٿا اُتي هدايت ڪرڻ جو فرض ادا ڪيو حضرت اسحاق عليہ السلام کان پوءِ سندس فرزند حضرت يعقوب يا اسرائيل عليہ السلام پيغمبر ٿيو ۽ سندس اولاد جنهن جو نسب بني اسرائيل پيو سڏجي تنهن ۾ ڪيترائي هزار نبي ۽ پيغمبر پيدا ٿيا جن جدا جدا علائقن ۾ الله تعاليٰ جا پيغام قومن کي ڏنا- سندن قومن مان جن نافرماني ڪئي تن کي الله تعاليٰ ناس ڪري ڇڏيو ۽ آخرت ۾ انهن واسطي دوزخ جو عذاب مقرر ڪري ڇڏيو. انهن واقعن مان جيڪي مشهور آهن سي آهن، عاد جي قوم، ثمود جي قوم، تُبع حُميريءَ جي قوم، ايڪه وارن جي قوم يا حضرت موسيٰ عليہ السلام جي امت جن ڏي حضرت هُود عليہ السلام، حضرت صالح عليہ السلام، حضرت شعيب عليہ السلام ۽ ٻيا ڪئين پيغمبر آيا پر قوم وارن سندن چوڻ جي برخلاف بُت پرستي ۽ ٻيون بُرايون ڪيون جن جي بدلي ۾ مٿن طرح طرح جا عذاب نازل ڪيا ويا ۽ تهس نهس ٿي ويا. الله تعاليٰ جا اصولي حڪم مختلف وقتن تي جدا جدا قومن ۽ امتن ڏانهن سندن پيغمبر کڻي آيا تن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو ۽ ايهي سمورا اصول اسان جي نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جن قرآن شريف (جيڪو آخري ڪتاب اڳين پيغمبرن جي آندل سڀني صحيفن ۽ ڪتابن جي سچائي جو شاهد آهي) جي ذريعي پنهنجي امت ڏانهن پهچايا جن جو دؤر دؤرو قيامت کڙي ٿيڻ تائين موجود رهندو.

جيئن ته ساري ڪائنات، جنهن ۾ انسان، جن، جانور، پکي ۽ ٻيا ساهوارا شامل آهن، جو خلقڻهار، پالڻهار ۽ سنڀاليندڙ الله تعاليٰ آهي ۽ ان ايهو حڪم ڪيو آهي ته حق بندگي ڪرڻ جو اڪيلو سندس ئي آهي تنهن ڪري نه ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪجي ۽ نه سندس قدرت جي ڪارخاني ۾ ساڻس ڪو ٻيو شريڪ يا ڀائيوار بڻائجي، ائين ڪرڻ کي شِرڪُ سڏجي ٿو جيڪو قرآن پاڪ يا اسان جي نبي ڪريم صلعم جي تعليمات مطابق اهڙو وڏو گناهه آهي جيڪو، معاف نٿو ٿي سگهي، ان جي کليل معنيٰ ايها آهي ته بت پرستي، قبر پرستي، ساراهه ۽ آتش پرستي، انسان پرستي يا الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به جاندار يا بي جان عناصر جي پوڄا خلقيندڙ مالڪ کي چيلينج ڏيڻ جي برابر آهي، الله پاڪ جيڪو سڀني طاقتن جو مالڪ ۽ قادر آهي جنهن جي قدرت ۽ قوت ايتري ته وڏي آهي جو جڏهن به جيڪي به ڪرڻ گهرندو آهي ته فقط ائين چوندو آهي ته ”کُنَ“ يا ٿي پوءُ ته اهو ڪم ”فيکون“ يعني ٿي پوندو آهي. اهڙو چيلينج اهڙي هستي جنهن جو هر شيءِ تي زور ۽ ڪنٽرول هجي تنهن کي ڏيڻ ساڻس جنگ جوٽڻ جي برابر آهي ۽ نتيجي جو اندازو هرڪو پاڻ لڳائي سگهي ٿو، ائين ته هن دنيا ۾ ڪيئي ڪروڙ انسان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان الله تعاليٰ کان سواءِ غير الله جي پوڄا ڪري رهيا آهن ۽ ٿيڻ ته ائين کپي جو غيرت مند الله اهڙن مشرڪن بندن کي هڪ پل به جيئڻ نه ڏي پر اهو مالڪ پاڪ بردبار ۽ ستر پوش يا ڍڪڻ هار آهي تنهن اهڙن گُڻ چور يا احسان فراموش بندن کان يڪدم وير وٺڻ جي بجاءِ کين ڊگهي رسي ڏيئي ڇڏي آهي ته ڀلي ڪرتوت ۽ برايون ڪن جو نيٺ مرڻ کان پوءِ ٻيءَ دنيا يعنيٰ قيامت جي ڏينهن ته ڪاڏي ڀڄي ڪونه سگهندا جتي ملائڪن جا بي انتها ڪٽڪ کين پڪڙڻ لاءِ موجود هوندا جن جي طاقت جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ان مان ايهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته جيڪي انسان الله تعاليٰ جي حڪمن جي برخلاف شيطان جي ڏسيل رستن تي هلن ٿا تن سان مالڪ پاڪ جو انجام آهي ته کين قيامت جي حساب ڪتاب جاچڻ کان پوءِ سندن سزا ٻڌجڻ شرط شيطان سان گڏ دوزخ ۾ واڙيو ويندو ته سڙندا رهن.

الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”لَاتُشرِک بِالله اِنَّ الشِّرکَ لَظُلم عَظِيم“ ”الله سان ڪنهن کي شريڪ يا برابر ۽ ڀائيوار نه بڻايو ڇو ته بلاشڪ ائين ڪرڻ وڏو ظلم آهي سو به ان هستيءَ سان جنهن جا ٿورا ايترا ته اٿاهه ۽ اڻ ڳڻت آهن جو سندن ليکوئي نٿو ڪري سگهجي، قرآن پاڪ چئي ٿو ته ”وَاِن تَعُدّوا نِعمتَ الله لَا تُحصُوها، اِنَّ الاِنِسانَ لَظَلُوم کُفَّار“ ”۽ الله جون نعمتون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن ۽ سچ ته انسان ظالم ناشڪرو آهي“ مالڪ پاڪ جي هستي ايڏي ته بي پايان آهي جو سندس هٿ وس کان ڪوبه ٻاهر نڪري نٿو سگهي، جيئن فرمان مبارڪ آهي ته ”يٰمَعشَرَ الجِنِ وَالِانسِ اِنِ استَطَعتُم اَن تَنفُذُوا مِن اَقطَارِ السَّمٰوٰتِ وَالاَرِضِ فَانفُذُوا لَاتَنفُذُونَ اِلاَّ بِسُلطانٍ“ ”اي انسانن ۽ جنن جا ڪٽڪ يا لشڪرو، جيڪڏهن همت ۽ طاقت اَٿو ته زمين ۽ آسمانن جي ڪنارن يا سرحدن کان ٻاهر نڪري ڏيکاريو يا الله تعاليٰ جي پڪڙ کان بچي ڀڄي وڃو پر سواءِ ڪنهن حجت يا سند جي ائين ڪري ڪونه سگهندءُ“

ائين هرگز نه آهي ته الله تعاليٰ ڪنهن سان ڏاڍ ڪري ۽ بهانو بڻائي مٿس ظلم ڪري کيس هروڀرو سزا ڏئي تنهن لاءِ فرمان خدائي آهي ته ”اِنَّ الله لاَ يَظلِمُ النَّاسَ“ ۽ ”اِن الله لاَيُحبُ الَّظالِمِينَ“ تحقيق الله تعاليٰ ظالمن کي پسند نٿو فرمائي ۽ اهو مالڪ ڪنهن سان ظلم نٿو ڪري، الله پاڪ انسانن کي شرمائي ٿو ته جنهن رازق اوهان جي واسطي ڪيئن وسيلا کاڌ خوراڪ، آرام سان گذران ڪرڻ لاءِ بڻايا تنهن جو شڪر ڪريو پر اوهان ان جي ابتڙ پيا هلو، فرمان مبارڪ آهي ته ”اِنَّ الِانسَانِ لِرَبِہَ لَکَنُود“ بلاشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو ناشڪرو آهي ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته ”يٰايُّهَا الاِنسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِکَ الکَرِيم الَّذِي خَلَقَکَ فَسَوَّاکَ فَعَدَلَکَ فِي اَيِ صُورَةٍ مَّا شَاءَ رَکَّبَکَ“ ”اي انسان توکي اهڙي مهربان پالڻهار جي غلاميءَ کان ڪنهن هٽايو جنهن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لنڱين ڪيائين پوءِ توکي کڙوٽڙو ڪيائين ۽ جهڙي ڀلي نموني وڻيس تيئن تنهنجي بڻاوت ٺاهيائين“ وري ٻي جاءِ تي آهي ته ”اَنِ شُکرِلي وَلِوَالِدَيکَ وَاِليَّ المَصِير“ الله تعاليٰ حڪم ٿو فرمائي ته ”اي انسان تون منهنجو شڪر ڪر ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو پڻ ڇو ته توکي مون ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي.“

الله تعاليٰ پنهنجي بندگيءَ ۽ غلاميءَ جي حق ادا ڪرڻ لاءِ اسان کي جدا جدا هنڌن ۽ موقعن تي جدا جدا ذريعن جي وسيلي قرآن پاڪ ۾ ياد ڏياريو آهي ته اي انسان تون ڪي ڪين هئين پوءِ مالڪ توکي گندي پيشاب جي منيءَ جي ڦڙي مان مختلف مرحلن ۾ آڻي رت جو دڳ، ٻوٽي هڏا ۽ جسم بخشيو ۽ ان ۾ روح ڦوڪي سندس سهڻي بناوت بڻائي ”لَقَد خَلَقنَا الانِسَان فِي اَحسَنِ تَقوِيم“ بيشڪ اسان انسان کي سهڻي بڻاوت ۾ بڻائي پيدا ڪيو، حضرت سليمان عليہ السلام الله تعاليٰ جو نبي ۽ پنهنجي وقت جو بادشاهه هيو، هڪ ڏينهن پنهنجي لشڪر سان گڏ ڪنهن رستي تي سفر ڪري رهيو ته اڳيان ڪوِلين جو ڪٽڪ پئي پنهنجي داڻي چوُڻي جي ڳولا ۾ ڦريو، ڪِولين جي اڳواڻ پنهنجي ساٿين کي سڏي چيو ته پنهنجي ٻرن ۾ هليا وڃو نه ته ايهي گهوڙي سوار اوهان کي چيڀاٽي ڇڏيندا، حضرت سليمان عليہ السلام سڀني جانورن، جيتن ۽ پکين جون ٻوليون الله تعاليٰ جي مهرباني سان ڄاڻندو هو تنهن ڪِوِلَ جي سڏ سمجهي پنهنجي لشڪر جي رستي جو رخ بدلائي ڇڏيو ۽ ان مهل الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ لشڪر گذاري طور دعا پڙهيائين ته ”رَبّ اَوزِعِني اَن اَشکُرَ نِعَمتکَ الَتِي اَنعَمتَ عَليَّ وَ عَليٰ وَالِدَيَّ وَان اَعمَلَ صَالِحاً تَرضٰہُ وَاَدخِلنِي بِرَحمَتِکَ فِي عِبَادِکَ الصَّالِحِينَ“ ”اي پالڻهار جل جلالہ تون مون کي سگهه ڏي ته تنهنجي نعمتن جو شڪر ڪريان جيڪي مون کي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي انعام طور ڏنيون اٿيئي ۽ مون کان اهڙا نيڪيءَ جا ڪم هن دنيا ۾ ڪراءِ جنهن سان تون خوش ٿئين ۽ پنهنجي ٻاجهه سان مون کي پنهنجي نيڪ صالح بندن ۾ شامل ڪرين“ ٻئي هنڌ فرمان الاهي آهي ته ”فَاذکُرُونِي اذکُرکُم وَاشکُرُوالِي وَلاَ تَکُفُرونِ“ ”مون کي ياد ڪندا رهو ته مان اوهان کي ياد ڪريان (اوهانتي مهربانيون ڪندو رهان) ۽ منهنجا شڪر گذار بڻجو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪريو(ائين جو رزق کائو منهنجو ۽ بندگي ٻين جي ڪريو).

الله تعاليٰ ان کان پوءِ پنهنجي مخلوق جا حق ڄاڻائي تاڪيد فرمايو آهي ته اُهي ادا ڪيو يا پورا ڪيو، حديث شريف ۾ روايت آهي ته الله پاڪ پنهنجي مخلوق کي پنهنجو ڪٽنب ڪوٺيو آهي ”اَلخَلقُ عَي الُ الله“ جهڙي طرح ڪٽنب هر انسان کي پيارو هوندو آهي تهڙي طرح الله تعاليٰ جو به پنهنجي مخلوق سان پيار آهي. ۽ ان سان نيڪي ڪرڻ واسطي قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو اٿس ته ”قُل ما اَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوَالِدِينِ وَالاقرِبينَ وَاليَتٰمٰي وَالمَسَاکِينِ وَابنِ السَّبِيلِ، وَمَا تَفعَلُوا مِن خَيرِ فَاًنِ الله بِہ عَلِيم“ ”اي رسول صلي الله عليہ وسلم تون پنهنجي امتين کي ٻڌاءِ ته جيڪي خرچ ڪيو ته ان مان پنهنجي پيءُ ماءُ، ويجهن عزيزن يتيمن، غريبن ۽ مسافرن ڏيو ۽ جيڪي به ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندوُ الله تعاليٰ انهن جي ڄاڻ رکي ٿو.“

وَ اٰتِي المَالَ عَليٰ حُبِّہ ذَوِي القُربِي وَاليَتَاميٰ والمَسَاکِينَ وَابنَ السَّبِيل وَالسَّائِلِينَ وَ فِي الرّقَابِ وَاَقَامَ الصَّلٰواةَ وَاٰتَي الزَّکوٰة وَالمُوفُونَ بِعَهِدِهِم اِذَا عَاهَدُوا وَالصَّابِرِينَ فِي البَاسَاءِ وَالضَّرَّاءِ وَحِينَ البَاسِ اُولٰئِکَ الذَّينَ صَدقُوا، وَ اُولٰئِکَ هُمُ المُتَّقُونَ“ ”۽ ڏيو مالن مان الله جي محبت يا ويجهڙائي حاصل ڪرڻ واسطي پنهنجن مائٽن کي، يتيمن کي، غريبن کي، مسافرن کي، سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ جي بلي. ۽ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيو زڪوات ۽ پنهنجن ڪيل انجامن جي پوئواري ۽ پورائي ڪريو، ۽ جيڪي ڏک ۽ آزمائش ۾ متبلا ٿيڻ جي صورت ۾ صبر ڪن ٿا ۽ لڙائي يا جهاد الله جي راهه ۾ ڪن ٿا اهي سچا آهن ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن.“

الله تعاليٰ جا مقرر ڪيل جيڪي فرض آهن انهن مان مکيه پنج آهن (1) توحيد يا الله تعاليٰ کي اڪيلو معبود يا بندگيءَ جي لائق سمجهڻ ۽ ان جي پائبندي ڪرڻ (2) نماز (3) حج (4) زڪوات (5) رمضان شريف جا روزا رکڻ. جهاد في سبيل الله پڻ اسلامي زندگيءَ جو اصولي فريضو آهن جنهن جو مقصد ايهو آهي ته الله تعاليٰ جي هن زمين تي ظلم، فساد، ڪفر ۽ شرڪ جهڙيون برايون نه ٿين تنهن لاءِ مسلمان پنهنجي تن، من ۽ ڌن سان ڪوشش ڪن. حديث شريف ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان مبارڪ آهي ته جيڪڏهن معاشري ۾ ڪا برائي موجود ڏسو ته ان جي روڪڻ واسطي برائي ڪرڻ وارن کي زبان سان جهليو ۽ ان بُري رسم يا ڪم جي خراب نتيجن بابت کين آگاهه ڪريو ڇو ته الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي ته ”کُنتُم خَيرَ اُمَّةٍ اُخرِجَت لِلنَّاسِ تَامُرُونَ بِالمَعرُوفِ وَ تَنهَونَ عَنِ المُنکَرِ“ ”اوهان کي سٺي يا ڀلاري امت بڻائي انسانن ۾ موڪليو ويو آهي ان لاءِ ته کين نيڪ ڪمن جو حڪم ڪريو يا هدايت ڪريو ۽ برن ڪمن ڪرڻ کان کين جهليو“ وري جيڪڏهن حڪومت ۽ معاشرتي اثر رسوخ وارا آهيو ته ان برائي ڪندڙن کي طاقت استعمال ڪري روڪيو پر جي ايتري قوت يا همت نه هجيو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي براين واري مجلسن يا محفل مان ڪراهت طور نڪري هليا وڃو.

پنهنجن والدين (پيءُ ماءُ) سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ بابت فرمان الاهي ته ”وَقَضيٰ رَبُّکَ اَلَّا تَعبُدُوا اِلَّا اِيَّاهُ وَبالوَالدَيِنِ اِحسَاناً. اِمَّا يَبلُغَنَّ عِندَکَ الِکبَرَ اَحَدُ هُمَا اَو کِلَهُمَا فَلاَ تَقُل لَّهُمَا اُفٍ وَّلاَتَنهَر هُمَا وَ قُل لَّهُمَا قَولاً کَرِيماً. وَاخفِض لَهُمَا جَنَاحَ الذُّلِ مِنَ الرَّحمَةِ وَ قُل رَّبِ ارحَمهُمَا کَمَا رَبَّيانِي صَغيراً.“ ”۽ تنهنجي پالڻهار حڪم فرمايو آهي ته کائنس سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو. جيڪڏهن ٻئي يا ٻنهيءَ مان هڪڙو پوڙهائي واري عمر کي رسي ته کين تکو نه ڳالهايو بلڪ اُف به نه چئو ۽ کين نه جهڻڪيو پر ساڻن ڀلي ڳالهه ادب سان ڳالهايو. انهن لاءِ پنهنجون ٻانهون عاجزي ۽ ٻاجهه وچان سندن مدد واسطي هيٺانهيون ڪري جهليو ۽ سندن واسطي الله تعاليٰ جي درگاهه مان دعا گهرو ته اي مالڪ جهڙي طرح منهنجي ماءُ پيءُ مون تي منهنجي ننڍپڻ جي زماني ۾ ٻاجهه ڪئي هئي تهڙي طرح تون به انهن تي رحم فرماءِ“ غيرت مند الله تعاليٰ اهڙيون هدايتون والدين سان نيڪي ڪرڻ واسطي چئي وري ايهو تاڪيد ٿو فرمائي ته جيڪڏهن اُهي توکي الله پاڪ سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪري مڃڻ لاءِ چون يا توتي زرو رکن ته سندن چوڻ اصل نه مڃجانءِ آيت شريف آهي ته: وَ اِن جَاهَداکَ عَليٰ اَن تُشرکَ بِي مَا لَيسَ لَکَ بِہ عِلم فَلاَ تُطعهُمَا وَ صَاحِبهُمَا فِي الدّنيَا مَعُروفّا“ ”۽ جيڪڏهن اهي توکي الله سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ بڻائڻ واسطي مجبور ڪن ته انهن جو چوڻ مورانهين نه مڃجانءِ پر ان جي هوندي به ساڻن ڀلائي ۽ نيڪيءَ واري نموني گذر ڪجانءِ“.

انسانن واسطي فرمان الاهي آهي ته ”وَتَعَاوَنُوا عَليَ البِرّ وَالتَّقويٰ وَلاَ تَعاوَنُوا عَلَي الاتِمِ وَالعُدُوَانِ وَاتَّقُوا الله“ ”هڪ ٻئي سان نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ مددگار ٿيو ۽ برائي ۽ منع ڪيل ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي واهر نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄو“ وڌيڪ فرمان پاڪ آهي ته ”وَتَوَاصُوا بِالحَقِ، وَتَوَا صَوا بِالصَّبرِ“ نيڪيءَ جي معاملن ۾ نه فقط هڪ ٻئي جي مدد ڪريو پر هڪ ٻئي کي حق ۽ انصاف بابت تاڪيد ۽ وصيت ڪندا رهو ۽ پڻ صبر جي تلقين به هڪ ٻئي کي ڪندا رهو جنهن سان پنهنجا مقصد خواهه الله تعاليٰ جي ويجهڙائي حاصل ڪري سگهون ٿا.

وَقُولُوا لِلنَّاسِ حُسناً“ ”۽ ماڻهن سان ڀلو ڳالهايو“ ايهو خيال دل ۾ رکي ته ڪنهن جي دل نه ڏکوئجي پر جيڪڏهن اڳلو به برائي سان پيش اچي ته ڪيڏو نه ڏک ٿئي.

وَاِذا خَاطَبَهُمُ الجٰهِلُونَ قَالُوا سَلٰماً“ ۽ جيڪڏهن اوهان جو بي سمجهه ماڻهن سان واسطو پئجي وڃي يا ساڻن پلاند اٽڪي پوي ته انهن وانگر بي سمجهي نه ڏيکاريو پر جند ڇڏائي کين سلام چئي هليا وڃو نه ته ڪو جهڳڙو فساد يا کٽائي نه ٿي پوي. ”اِنَّمَا الخَمرُ وَالمَيسِرُ وَالاَنصَابُ وَالاَزلاَمُ رِجس مِن عَمَلِ الشَّيطَانِ فَاجِتَنِبُوهُ لَعَلَّکُم تُفِلِحُون“ ”تحقيق شراب (نشو هر قسم جو) جوئا، ڍارا ۽ سٽو هڻڻ ايهي شيطاني ڪم آهن جن کان بچو ۽ پرهيز ڪريو ته ڇوٽڪارو لهو.“

وَلاتَمشِ فِي الاَرضِ مَرَحاً، اِنَّکَ لَن تَخرِقَ الاَرضَ وَلَن تَبلُغَ الجِبَالَ طُولاً“ ”۽ زمين تي ارڏائي ۽ آڪڙ سان نه گهمو ڇو ته ائين ڪرڻ سان نڪي اوهان زمين کي چيري يا ڦاڙي سگهندءُ ۽ نڪوئي جبلن جي اوچائيءَ کي پهچي سگهندءُ“ ”وَلا تَقرَبُوا الزِّنيٰ اِنَّہ کَانَ فَاحِشَةً وَّ سَاءَ سَبِيلاً“ ”۽ زناڪاريءَ جي ويجهو به نه وڃو ڇو ته ايهو گندو ڪم ۽ برو رستو آهي“ ”وَزِنُوا بِالِقسِطَاسِ المُستَقِيمِ“ ”۽ تور ڪريو سڌي ڳني (تارازيءَ) جي سان“ ”وَلَا تَبخَسُوا النَّاسَ اَشياءَ هُم وَلَا تَعثُوا فِي الاَرض مُفسِدِينَ“ ”۽ ماڻهن کي سندن شيون (تور ماپ ۾) گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ زمين تي فسادي ٿي نه گهمو“ ”اَوفُوا الکَيلَ وَلا تَکُونُوا مِنَ المُخسِرِينَ“ ”ماپ ٺيڪ ڪري ڏيو ۽ گهٽ ڏيندڙ نه بڻجو“

مطلب ته ايهي مڙيئي برائي وارا ڪم انسان کي شيطان ٿو سيکاري يا انهن جي ڪرڻ لاءِ هرکائي ۽ پڏائي ٿو ان کان الله تعاليٰ انسانن کي هنن اکرن ۾ خبردار ٿو ڪري ”اَلشَّيطانُ يَعِدُ کُمُ الفَقَر وَيَا مُرکُم بِالفَحشَاءِ وَالله يَعِدُ کُم مَّغفِرةً مِنہ وَ فَضِلاً، وَالله واسِع عَلِيم“  جڏهن ڪو انسان ٻين انسانن جي مدد ڪرڻ واسطي الله تعاليٰ جي ڏنل مال مان خير خيرات ڪندو آهي ته شيطان سندس دل ۾ ايهو خيال وجهندو اهي ته ائين ڪرڻ سان سندس مال يا پئسو کٽي ويندو تنهن ڪري ڪجهه به نه ڏي ۽ وري اهو کيس برن ڪمن ڪرڻ واسطي مچائيندو آهي پر الله تعاليٰ هر نيڪي ڪرڻ جي بدلي انسانن سان دنيا ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري ۽ پنهنجي فضل ۽ رضامنديءَ جو انجام ٿو ڪري ۽ هو ڄاڻڻهار ۽ ڪشادگيءَ وارو آهي.

وَلَايَقتُلُونَ النَّفسَ اَّلتِي حَرَّمَ اللهِ اِلاَّ بِالحَقَّ“ الله تعاليٰ حرام ڪيو آهي ڪنهن به جيءَ کي قتل ڪرڻ سواءِ ان جي جو مٿس ڪو شرعي ڏوهه ثابت ٿئي ان جي سزا کيس ڏجي. ”اِنَّ قَتَلَهُم کَانَ خِطاً کَبِيراً“ سچ پچ سندن ڪهڻ هڪ وڏو گناهه آهي ”وَالَّذِينَ اِذا اَنفَقُوا لَم يُسرِفُوا وَلَم يَقتُرُوا وَکَانَ بَينَ ذالِکَ قَواماً.“ الله تعاليٰ جا فرمانبردار بندا جڏهن به خرچ ڪندا آهن تڏهن نڪي اجايو وڃائيندا آهن ۽ نڪي هروڀرو ڪنجوسي ڪندا آهن پر ٻنهي جي وچ ۾ پورا هلندا آهن.

وَالذِينَ لَا يَشهَدونَ الزُّورَ وَ اِذا مَرُّوا بِاللَّغوِ مَرُّوا کِراماً

۽ اهي نيڪ ٻانها الله تعاليٰ جا جيڪي ڪوڙي شاهدي نه ڏيندا آهن ۽ جتي ڪا برائي ٿيندي ڏسندا آهن ته ان ۾ شامل ٿيڻ بداران ان کان پاسيرا ٿي هليا ويندا آهن اشرافت سان ”وَاقصِد فِي مشِيکَ وَاغضُض مِن صَوِتِکَ“ ۽ پنهنجي گهمڻ ۾ وچولي چال هل ۽ پنهنجو آواز ڍرو ڪر.

لَايَسخَر قَوم مِن قَومٍ عَسيٰ اَن يَّکُونُوا خَيراً مِنهُم“ ڪوئي به ڪنهن تي چٿر يا ٺٺولي نه ڪري جو متان ٺٺولي ڪرڻ واري کان ٻيو ڀلو هجي.

لَاتَلمِزُوا اَنفُسکُم وَلَاتَنَابَزُوا بِالاَلقَابِ“ ڪوبه ڪنهن تي ناحق عيب نه لڳائي ۽ نڪي هڪ ٻئي کي بڇڙن نالن يا لقبن سان سڏيو.

اِجتَنِبُوا کَثِيراً مِنَ الظَّنّ، اِنَّ بَعضَ الظَّنِ اِثم وَّلَاتَجَسَّسُوُا وَلَا يَغتَب بَّعضُکُم بَعضاً“ اجايا گمان ۽ شڪ شبها ڪرڻ کان پاڻ کي جهليو ڇو ته انهن مان ڪي گمان گناهه ۾ اڙائن ٿا، ۽ نڪي جاسوسي ڪريو (يا ڪنهن جا عيب ڦولهيندا وتو) ۽ نڪي هڪ ٻئي جي گلا ڪريو (ڇاڪاڻ ته ان جو ايهو اثر ٿو ٿئي جيئن ڪو پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت پيو کائي جيڪو ڪنهن کي به پسند نه ايندو).

کُلُوا وَاشرَبُوا وَلَا تُسرِفُوا اِنَّہ لَا يُحِبُّ المُسرِفِينَ“ هن جهان ۾ پاڪ حلال شيون کائو ۽ پيئو پر اجايو نه خرچئو ڇو ته اجايو وڃائڻ وارن کي الله تعاليٰ پسند نٿو فرمائي:

وَلَاتُبَذّر تَبذِيراً اِنَّ المُبَذِرِينَ کَانُوا اِخوانَ الشَياطِين وَ کَانَ الشَيطانُ لِرَبِہّ کَفُوراً“ ۽ بي جا ۽ اڍنگي نموني خرچ نه ڪيو ڇو ته هروڀرو وڃائڻ وارا (شيطان جا ڀائر يا دوست آهن ۽ اهو الله تعاليٰ جو نافرمان آهي ڇا ان اعلان الله تعاليٰ جي کان پوءِ اڍنگو خرچ ڪري پاڻ تي شيطان جو ڀاءُ ٿيڻ جو ٺپو هڻائڻ پسندو ڪندوءُ؟

يا اَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقنٰکُم مِن ذَکَرٍ وَّ اُنثيٰ وَ جعَلناکُم شُعُوباً وَّ قَبَائِلَ لِتَعارَفُوا، اِنَّ اَکَرمّکُم عِندَالله اَتقٰکُم“ اي انسانو اوهان کي مرد ۽ عورت (جي ميلاپ ٿيڻ سان) مان پيدا ڪيو ويو ۽ فقط ان مقصد واسطي اوهان جا پاڙا ۽ قبيلا (ذاتيون) بڻايون ويون ته سڃاتا وڃو (پر ان ڳالهه تي ڪوبه فخر يا وڏائي نه ڪري ته هو اُچي ذات وارو آهي تنهنڪري سندس عزت ڪئي وڃي ۽ ٻئي گهٽ ذات واري کي گهٽ درجو ڏنو وڃي) مگر الله تعاليٰ وٽ فقط اُن ماڻهوءَ جي عزت ۽ مان مٿانهون آهي جيڪو پرهيزگار آهي، پرهيزگار مطلب آهي ته جيڪو علم ۽ عقل سان بُري ڀلي کي پرکي ۽ پوءِ برائيءَ کان بچي هلي (۽ ٻين کي به ان کان روڪي) ۽ نيڪيءَ واري رستي تي هلي يا عمل ڪري اهڙا عمل اهو انسان ايها ڳالهه خيال ۾ رکي ڪري ته الله تعاليٰ براين ڪرڻ کان جهليو آهي ۽ چڱاين واسطي حڪم ڪيو اٿس جن جو قيامت ڏينهن حساب وٺندو ۽ بدلي ۾ بهشت يا دوزخ جي حوالي ڪندو، اهڙي ذهن رکڻ کي چئبو آهي تقويٰ  ۽ انهي تي عمل ڪرڻ واري کي سڏبو آهي متقي، پرهيزگار ۽ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ وارو انسان.

وَالسَّارِقُ وَ السَّارِقَةُ فَاقطَعُوا اِيدِيهُمَا“ چور مڙس ۽ چور زال جا هٿ وڍيو (شريعت الاهي ۾ چور جي سزا آهي جنهن تي عمل ڪرڻ سان چوري ڪندڙ خوف کائيندو ته مان پڪڙجي پوان ۽ هٿ ڪپايان).

اَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِي فَاجلِدُوا کُلَّ وَاحِدٍ مِنهُمَا مَائَةَ جَلدَةٍ، وَّلَا تَاخُذکُم بِهِمَا رَافَة ... وَليشهَد عَذَابَهُمَا طَائِفَة مِنَ المُؤمِنِينَ“ ”زنا ڪندڙ عورت ۽ مڙد ٻنهيءَ مان هرهڪ کي هڪ سؤ دُرايا چهبڪ هڻو ۽ جڏهن کين سزا ڏيو تڏهن مؤمنين مان هڪ ٽولي مٿانئن بيهي ايهو نظارو ڏسي ته جيئن کين ان مان سبق ۽ عبرت ٿئي (هي سزا در حقيقت ڪنواري عورت ۽ ڪنواري مرد واسطي مقرر ٿيل آهي جيڪي زنا ڪن پر پرڻيل زال ۽ مرد لاءِ سنگساريءَ جي سزا شريعت ۾ رائج ڪئي وئي هئي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي زماني کان جا بعد ۾ به هلندي آئي آهي اُتي جتي شرعي حڪومتون قائم آهن).

وَالَّذِينَ يَرمُونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَاتُوا باربَعَةِ  شُهَدَاءَ فَاجلِدُوهُم ثَمٰنِينَ جَلدَةُ وَّلاَ تَقبَلُوا لَهُم شَهادَةً اَبَدًا“ ۽ جيڪي پاڪدامن زالن کي تهمت لائين ۽ چار شاهد تائيد واسطي نه آڻين ته کين اسي دُرا هڻو. ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو (يا انهن تي هميشہ لاءِ ڪُوڙي ۽ بي اعتبار هجڻ جو ٺپو لڳائي ڇڏيو).

وَلَاتَقرَبُوا مَالَ اليَتِيمِ اِلاَّ بِالَّتِي هِي اَحسَنُ حَتَّيٰ يَبلُغَ اَشُدَّه“ يتيم ٻارن جي مال جي استعمال ڪرڻ وقت (الله جو ڊپ دل ۾ رکي پوءِ ان کي ويجها وڃو) ۽ جيستائين ڪ يتيم بالغ ٿين ۽ پنهنجو مال سنڀالڻ جهڙا ٿين تيستائين ان مال ۾ ايمانداريءَ سان دخل ڏيو يا استعمال ڪيو انهن جي ڀلي واسطي يا سندن پالنا جي مٿان ئي صرف خرچ ڪريو.

اِنَّ الَّذِينَ يَاکُلُونَ اَموَالَ اليَتٰميٰ ظُلماً اِنّمَا يَا کُلُونَ فِي بُطُونِهِمِ نَاراً وَ سَيَصلَونَ سَعِيراً“ اهي بندا جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍائي يا ظلم ڪري کائين ٿا سي ڄڻڪ پنهنجي پيٽن ۾ باهه ٿا کائين ۽ اُهي ستت دوزخ ۾ گهيڙيا ويندا.

وَاَوفُوا بِالعَهدِ اِنَّ العَهدَ کَان مَسئُولاً“ يعني پنهنجن واعدن جي وفائي ڪريو ڇو ته انهن بابت پڇاڻو ٿيندو.

حُرّمَت عَلَيکُم اُمَّهاتُکُم وَ بَناتُکُم وَ اَخَوَاتُکُم و عُمَّاتُکُم وَ خَالاتُکُم وَ بَنَاتُ الاَخِ وَ بَنَاتُ الاُختِ وَ اُمَّهَاتُکُمُ الّتِي اَرضَعَنکُم وَ اَخَوَاتُکُم مِنَّ الرَّضَاعَةِ وَ اُمَّهاتُ نِسَائِکُم وَ رَبَائِبُکُمُ التِي فِي حُجُورِکُم مِن نِسَائِکُمُ الّتِي دَخَلتُم بِهِنَّ فَاِن لَّم تَکُونُوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيکُم وَ حَلائِلُ اَبنَائِکُمُ الَّذِينَ مِن اَصلاَبِکُم وَ اَن تَجمَعُوا بِينَ الُاختَين“ اي مسلمانو: اوهان واسطي حرام ڪيون ويون (شادي نڪاح واسطي) اوهان جون مائر، ڌيئر، ڀينر، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجيون، اُهي مائر جن اوهان کي کير يا ٿڃ پياري، اوهان جو ٿڃ شريڪ ڀينر اوهان جون سسون اوهانجن زالن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي انهن جون اُهي ڌئير جيڪي اوهانجن هنجن ۾ پليون هجن پر اهي اوهان جون اڳ ڄايون ڌيئر پرڻجڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه ڪونهي جن جي مائر سان اوهان صحبت نه ڪئي هجي، اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان پيدا ٿيا هجن. (اوهان جو پنهنجو اولاد) ۽ ٻن ڀينرن سان هڪ ئي وقت شادي ڪرڻ پڻ حرام ڪيو ويو آهي.

يٰاَ يُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لاَ تَاکُلُوا الرِّبٰوا“ اي ايمان وارو وياج نه کائو يا نه وٺو ڇو ته ”وَاَحَلَّ الله البَيعَ وَ حُرَمَ الرِّبٰوا“ الله تعاليٰ واپار کي حلال ڪيو آهي وياج کي حرام.

يٰاَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا کُلُوا مِن طَيّبٰتِ مَا رَزَقَنٰکُم وَاشکُرُو الله“ اي ايمان وارو جيڪا روزي اوهان کي ڏني وئي آهي تنهن مان پاڪ شيون کائو ۽ الله جو شڪر ڪريو ”اِنَّمَا حَرَّمَ عَلَيکُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزِير وَمَا اُهِلً بِہ لِغَيرِالله فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ بَاغٍ وَّلَا عَادٍ فَلَا اِثَم عَلَيہِ“ اوهان لاءِ مئل جانور (جو گوشت) وهندڙ رت يا خون، سوئر جو ماس، يا اُهو کاڌو جيڪو الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن انسان يا غير انسان جي نالي باسيو وڃي، پر لاچاري حالت ۾ جڏهن بک کان ماڻهو ساڻو ۽ بي حال ۽ کاڌي نه ملڻ سبب مجبور ٿي ڪري الله جي مٿئين حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي نيت نه هجيس ۽ هروڀرو ڍوُ ڪري کائڻ لاءِ ڪمر نه ڪشي بيهي ان صورت ۾ غير حلال شيون کائڻ جي اجازت آهي جنهن واسطي الله تعاليٰ کان معافي گهرجي جيڪو مهربان بخشڻهار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com