سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :9

ڪتابيات

1-                 غلام علي الانا: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ،“ ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

2-                اين منظور: ”لسان العرب“، 012 ص 399

3-                ايضاً

4-                ايضاً

5-                 ابن هاشم: ”سيرة ابن هاشم“، ص44

6-                صحيح بخاري: ”کتاب الدعوات“.

7-                ڪلياڻ آڏواڻي: ”شاهه جو رسالو“، ڪراچي 2، مڪتبه اسحاقيه، جهونا مارڪيٽ، ص 90

8-                ايضاً ص 96.

9-      ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: مقالو ”سر گهاتوءَ جو مطالعو“، ”ذڪر لطيف“، ڪراچي شعبه اطلاعات، حڪومت سنڌ، 240 عرس مبارڪ شاهه عبداللطيف، 1984ع، ص 73.

10-            پوپٽي هيراننداڻي: ”شاهه- سنڌي تهذيب جو روح“، بمبئي، ڪونج پرنٽرس.

22-           الهاس نگر – 3، ص ص 69- 71

11-             ايضاً، ص 73.

سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي خط

 

سيد حسام الدين راشدي

  مترجم: غلام محمد لاکو

[هي پيپر سنڌ جي مايه ناز عالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم، پاڪستان هسٽري ۽ ڪلچر ڪانگريس، منعقده اسلام آباد يونيورسٽي سال 1973ع جي هڪ بيٺڪ ۾ پڙهيو هو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو پهريون جلد، ساڳي يونيورسٽي (هاڻي قائداعظم يونيورسٽي) پاران سال 1975ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن کي پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن داني ايڊٽ ڪيو هو. راشدي صاحب جو هي بيش بها مضمون ان جلد تان کنيل آهي.]

تاريخ جي سلسلي ۾ خط، دستاويز، درخواستون ۽ فرمان، اهميت جي لحاظ کان عالمن کان ڳجها نه آهن. اسان جي تاريخن ۾ واقعن کي گهڻي حد تائين وقتي ضرورتن تحت خاص خيال کان لکيو ويو آهي، جنهنڪري واقعن ۽ حالتن جو اصل رخ پڙهندڙ جي اڳيان چٽو نٿو ٿئي ۽ حادثن جي اصلي سببن جو صحيح علم نٿو پوي.

تاريخ جا هي نقص تڏهن ختم ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسين ان جي ترتيب ۽ تياري لاءِ خطن کي به پنهنجي آڏو رکون ۽ انهن کي تاريخ جو ماخذ سمجهي فائدو وٺون. اسان خطن کي ”انشا“ جو درجو ڏئي درس ۾ ته داخل ڪري ڇڏيو، پر انهن ذريعي تاريخي فائدا حاصل ڪرڻ کان پاسو پئي ڪيو آهي. هن ننڍي کنڊ جي خطن يا ”انشا“ جا جيڪي به ڪتاب تيار ڪيا ويا آهن، انهن متعلق منهنجي نظر مان ٻه تفصيلي مَضمون نڪتا آهن.

1-   ”انڊو ايرانيڪا“ ۾ ڊاڪٽر مومن ابراهيم خان جو مضمون چند اشاعتن ۾ ڇپيو آهي.

2- ”هنرومردم“ تهران ۾ ”دبيري و نويسندگي“ جي عنوان سان آقاي دانش پڙوه جو چوڏهن قسطن ۾ مقالو، جنهن ۾ ”انشا“ جي ٽي سئو ڇاهٺ ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي مقالو تيار ٿيل انهن سمورن فارسي خطن متعلق آهي، جيڪي ترڪي کان ڪري هندستان تائين ترتيب هيٺ آيا آهن.

جيڪي ڪتاب فهرستن ۾ داخل نه آهن ۽ اڃا تائين ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. ظاهر آهي ته آقاي دانش پڙوه جي مقالي ۾ انهن جو ذڪر ڪونهي. مثال طور سنڌ ۾ خطن جا جيڪي ڪتاب ملن ٿا، اهي اڃا تائين اهل علم جي نظرن کان پري آهن، حالانڪ هي مجموعو تاريخي مواد جي لحاظ کان ايران، افغانستان، سنڌ، ملتان، دهلي ۽ پنجاب تائين جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جو گهيرو ڪيو بيٺا آهن ۽ ڪيترن ئي اهم واقعن ۽ حادثن جو پس منظر ۽ تفصيل انهن ۾ موجود آهي.

خوش قسمتي سان سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ته ڇاپي ڇڏيا آهن، پر خطن جي ذخيري کي اڃا ڇهيو به نه آهي، خود تاريخ بابت ڪتاب به اڃا قلمي حالت ۾ ايتري ته گهڻائي ۾ آهن، جو جيڪڏهن رقم هجي ۽ ڪم ڪندڙ ملي وڃن ته سالن جا سال هي ڪم ختم نٿو ٿي سگهي. ان صورتحال ۾ هي ڳالهه امڪان کان خارج آهي ته، خطن جي انهن ڪتابن کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي سگهندو. سنڌي انشانويسن جي مرتب ٿيل ڪجهه مجموعن کي دنيا ڄاڻي ٿي، ڇو ته مختلف ڪتبخانن جي فهرستن ۾ انهن جو ذڪر اچي چڪو آهي.

مثال طور:

1-   منشنات نمڪين....از ابوالقاسم نمڪين بکري.

2-  رقائم ڪرائم...از محمد اشرف پٽ امير عبدالڪريم اميرخاني سنڌي.

3-  آداب عالمگيري...از شيخ ابوالفتح قابل خان ٺٽوي.

هنن ٽن ڪتابن کانسواءِ سنڌ ۾ مرتب ٿيل خطن جا جيترا به مجموعا آهن، اهي سڀ جا سڀ تاريخدانن جي نظر ۾ نه آيا، جيئن ته هن ڪانفرنس کي ارڙهين صدي عيسوي تائين محدود رکيو ويو آهي، ان ڪري آءٌ صرف انهن تاريخي خطن جي جلدن جو ذڪر ڪندس، جيڪي هن دائري ۾ اچن ٿا. في الحال آءٌ انهن خطن، رپورٽن، (دستاويزن) ۽ شاهي فرمانن کي ڇڏي ڏيندس، جيڪي ”انشائي ماهرو“ کان ڪري عالمگير جي آخري دور تائين ترتيب هيٺ آيا آهن. خطن جي هنن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هي حقيقت آڏو رکڻ گهرجي ته، انهن جو واسطو جنهن صدي سان آهي، ان صدي ۾ اسان جي ۽ اسان جي پاڙيسرين جي سياسي صورتحال ڪهڙي هئي؟ عالمگير جي موت کانپوءِ هندستان ۾ مغل سلطنت جو زوال، متعدد شهزادن جو تخت تي ويهڻ ۽ ٿوري وقت ۾ ئي ڦاسي يا تلوار جي نوڪ تائين پهچڻ، سنڌ جو 1151هه ۾ مغلن جي قبضي مان آزاد ٿيڻ، عالمگير جي وفات کان ڪري سنڌ مان ملن جي بستري ويڙهڻ تائين يعني 1118هه کان 1151هه تائين ڪل ٽيٽيهن ورهين جي ٿوري وقت ۾ سترهن صوبيدارن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان خوار خراب ٿي ناڪام واپس موٽڻ، سنڌ جي پنهنجي هڪ خاندان ”ڪلهوڙن“ کي سنڌ حوالي ڪري وري پنهنجي قبضي ۾ رکڻ، هوڏي ايران ۾ صفوي گهراڻي جو زوال – افغانستان ۾ مير ويس ۽ محمود خان جو اڀرڻ – خراسان ۽ اصفهان جو انهن جي هٿان برباد ٿيڻ – لٽ مار جو مال ۽ قيمتي سامان سنڌ جي ڪلهوڙا بادشاهن ۽ اميرن وٽ آڻي وڪڻڻ – هن زوال جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظاهر ٿيڻ – ايران تي قبضو – دهلي تي نادر شاهه جي لشڪر ڪشي ۽ سنڌ کي ڏن ڀرو بنائڻ – سنڌ مان هيرا، جواهر، خزانو ۽ شاهي ڪتبخانو پاڻ سان ايران کڻي وڃڻ – سنڌ جي حڪومت کي هميشه گهرو ويڙهه ۾ رکڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ بهاول خان کي سنڌ جو هڪ ٽڪرو ڏئي الڳ رياست ٺهرائڻ – نادر جي قتل کانپوءِ احمد شاهه ابدالي جو افغانستان ۾ هڪ الڳ ۽ مستقل حڪومت قائم ڪرڻ – سندس پنجاب ۽ هندستان تي لاڳيتا ۽ تباهڪن حملا – سنڌ جي ڌرتيءَ تي افغانن جو قبضو – ڍل جي نالي ۾ خزاني کانسواءِ هيرا ۽ جواهر وري وري اچي لٽڻ – شڪارپور کي مستقل طرح افغانستان جي قبضي ۾ ڏيڻ – سنڌ جي اصلي عوام کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ افغان قبيلن کي ڌڙا ڌڙ شڪارپور ۽ ان جي آس پاس آڻي وسائڻ – مدد خان افغان جو سنڌ ۾ پهچي هر شهر، هر بستي، هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي برباد ڪري سڀڪجهه لٽي کڻي وڃڻ – بهاولپورين جي هُشيءَ تي ڪلهوڙا خاندان اندر گهرو ويڙهه – ٽالپور خاندان جيڪو اصل ۾ ڪلهوڙن سان لاڳاپيل ۽ درٻاري اميرن جو گهراڻو هو، انهن جو ڪلهوڙن سان اختلاف ۽ جهيڙو – جنهن جو نتيجو هنن ٻنهي گهراڻن جي وچ ۾ خونريزيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. آخر ۾ ٽالپور خاندان جو ڪلهوڙن کي ختم ڪري پاڻ تخت ۽ تاج تي ويهڻ – ان بعد ٽالپور گهراڻي ۾ جهيڙو، جنهن سبب سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٽن حصن تي پنهنجي الڳ الڳ حڪومت قائم ڪرڻ – ڪلهوڙا خاندان جي آخري دور ۾ انگريزن جو ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ – ٽالپوري عهد جي شروع ۾ افغانستان تائين پهچڻ لاءِ دريائي ۽ زميني رستا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجو اثر پيدا ڪرڻ ۽ آخرڪار پوري سنڌ تي قبضو ڪرڻ.

سياسي صورتحال جو هي سرسري خاڪو آهي، جيڪا ارڙهين صدي عيسوي ۾ موجود هئي ۽ سنڌ ۾ جيڪي واقعا ظاهر ٿيا، ان جي لپيٽ ۾ ايران، افغانستان، هندستان، ملتان ۽ مرڪزي ايشيا جا سڀ علائقا به اچي وڃن ٿا. هن صديءَ جي تاريخ ايسين اڌوري ۽ ناڪمل رهندي، جيسين خطن جا هي ڪتاب ”انشا“ مان خارج ڪري، تاريخي ماخذ جي حيثيت ۾ استعمال نه ڪيا ويندا.

خطن جي جن ڪتابن جو ذڪر آءٌ ڪري رهيو آهيان، انهن ۾ اهو سمورو مواد موجود آهي، جيڪو هن صدي جي سڀني واقعن جي اصل سببن ۽ اندروني معاملن بابت حيرت انگيز حد تائين روشني وجهي ٿو.

1- گلدستہ نورس بهار:

هي شيخ عبدالرئوف سيوهاڻي (و – 1140هه) جا لکيل سرڪاري خط آهن ۽ عالمگير جي حڪومت جي آخري سالن کان ڪري 1140هه تائين جي سياسي واقعن ۽ حالتن تي روشني وجهن ٿا. هي صاحب ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جو منشي هو ۽ شيخ موصوف جي وفات کانپوءِ ميان نور محمد جي فرمائش تي 1140هه کان هڪدم پوءِ سندس پٽ شيخ محمد وفا سيوهاڻي انهن خطن کي ”گلدستہ نورس بهار“ جي نالي سان گڏ ڪيو. هي مجموعو ٽن لطيفن تي آهي:

لطيفو پهريون: بادشاهه ۽ اميرن جي خدمت ۾ عريضيون،

لطيفو ٻيو: جاگيردارن، سيدن، عالمن ۽ معزز ماڻهن ڏي خط،

لطيفو ٽيون: وڪيلن ڏانهن خط.

پهرئين حصي ۾ اڻهٺ خط آهن، جنهن ۾ عالمگير جي وفات کان ڪري ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد جي شروعاتي دور تائين جيڪا سرڪاري لکپڙهه ٿي، اها شامل آهي. عالمگير جي وفات تي سنڌ ۾ جيڪو ردعمل ٿيو، ان جي ذڪر کانسواءِ ڪجهه شهزادن جي تخت سنڀالڻ جون خبرون، ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر ۾ صوبيدارن جي مقرري ۽ معزولي جا واقعا، ميرويس غلزئي جي افغانستان تي قبضي، قنڌار، قلات، بلوچستان، ملتان ۽ هندستان ۾ پيدا ٿيل حالتن ۽ انهن واقعن جي حوالي سان شخصيتن جي سڃاڻپ ۽ ملتان، سيوهڻ، بکر، بلوچستان ۽ ٺٽي جي صوبيدارن جا نالا ۽ انهيءَ دور ۾ ٿيل جنگين جو ذڪر هنن خطن ۾ ملي ٿو.

ٻئي لطيفي ۾ ٻه سئو پنج خط آهن، جن ذريعي هندستان جي وزيراعظم، سپهه سالارن، صوبيدارن ۽ ٻين واسطيدار اميرن کي واقف ۽ حالتن کان باخبر ڪيو ويو آهي. هنن خطن ۾ ڪيئي ڄاتل سڃاتل ۽ اڻ واقف مگر اهم ماڻهن جي نالن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ملي ٿو.

ٽئين لطيفي ۾ درٻاري وڪيلن جي نالي خط آهن، انهن خطن ۾ ان وقت جي مکيه تاريخي واقعن جي لڪل ڪڙين تي روشني پوي ٿي، ان کانسواءِ مکيه ڪردارن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ به ملي ٿي، جن جي نالن ۽ ڪارنامن کان تاريخ جا پنا بلڪل خالي آهن. هي حصو اٺاويهن خطن تي مدار رکي ٿو.

هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتبخاني ۾ موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو متن تيار ڪيو آهي ۽ انتظار آهي ته تاريخي حاشين ۽ چٽاين سان ان کي ڇاپيو وڃي.[1]

2- خلاصة المڪتوبات:

هي خط سنڌ جي ٻن وڏن منشين ميان هارون ۽ منشي عبدالرئوف جا لکيل آهن. هي جلد حقيقت ۾ انهن خطن جي چونڊ آهي، جن کي انشانويسي جي خيال کان تيار ڪيو ويو آهي، ليڪن هر خط ڪنهن نه ڪنهن تاريخي حيثيت ۾ اهم آهي.

خط گهڻو ڪري جيوندا بڙي، تخت مل مهتي، نواب بختيار خان ۽ مير عبدالله بروهي جا آهن. هن جلد مان سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اميرن ۽ ان دور جي مشاهيرن جا نالا معلوم ٿين ٿا، جن مان ڪيئي نالا اسان جي لاءِ بلڪل نوان آهن. محمود خان، جنهن کي هنن خطن ۾ ”نامحمود قنڌار“ لکيو ويو آهي، ان سان جنگ ڪرڻ بابت به هڪ خط هن مجموعي ۾ شامل آهي. هڪ خط 1139هه جو لکيل آهي، جنهن ذريعي اصفهان ۽ افغانستان جي جهڳڙن تي روشني پوي ٿي. هڪ خط انهيءَ هرات جي حاڪم سلطان محمود خان افغان جو رياست پناهه مير عبدالله خان آنگه جي نالي آهي. ٻيو هڪ حڪم نامو آهي، جيڪو سلطان محمود خان 1135هه ۾، امير عبدالله خان جي نالي لکيو آهي.

هن خطن جي جلد ۾ محمود خان جو هڪ عهدنامو به آهي، جيڪو نهايت اهم آهي. هن عهدنامي ۾ محمود خان افغان، اصفهان، افغانستان، سنڌ ۽ پنجاب جي باري ۾ نهايت اهم معلومات داخل آهي. هنن خطن مان اصفهان جي گهيري، هرات، مشهد، وغيره ۽ پڻ افغانستان ۽ موجوده پاڪستان جي سرحدن متعلق وڏي قيمتي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

افغانن ۽ صفوين جي وچ ۾ جيڪو جهڳڙو کڙو ٿيو ۽ جنگيون ٿيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ نادر شاهه افشار جو ظهور ٿيو، ان موضوع تي جيڪي ڪتاب منهنجي نظر مان نڪتا آهن، جيڪڏهن هنن خطن مان فائدو ورتو وڃي ها ته هوند انهن جي تاريخي اهميت اڃا به وڌيڪ بڻجي ها.

مون وٽ هن ڪتاب جو جيڪو نسخو آهي، ان تي هڪ مهر لڳل آهي، جنهن جا هي لفظ پڙهي سگهجن ٿا. بنده؟ محمد 1163هه. گويا هي ان دور کي هڪ ويجهو نسخو آهي.

3- انشاء نور الحق مشتاقي:

هي سنڌ جي نامياري انشانويس، شاعر، عالم ۽ سرڪاري منشي ميان نور الحق مشتاقي سيوهاڻي جي لکيل سرڪاري رپورٽن (مراسلن) جو هڪ نسخو آهي، جيڪو بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي سياسي، مالي ۽ ٻين تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي ۽ مکيه ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. مثال طور:

-       محمد عطا منصبدار سرڪار سيوستان.

-       ٺٽي جي ڍل متعلق هڪ خط.

-       عبدالرحيم (؟) ٺٽي جي صوبيدار جا پنج خط.

-       سميجن جي وڳوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ابوالمعالي کي ڪيل درخواست.

4- انشاء عطارد:

منشي شيوڪرام عطارد، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي شهيد جو درٻاري شاعر ۽ منشي هو. هو مکيه امير مير بجار خان ٽالپور سان به لاڳاپيل هو. هن جيڪي سرڪاري خط لکيا هئا، اهي سندس وفات کانپوءِ سن 1212هه ۾، امل راءِ اروڙا جمع ڪيا هئا. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو 1282هه جو آهي.

هي ڪتاب ”گلدستئه نورس بهار“ کانپوءِ خطن جو اهم ترين ذخيرو آهي، جنهن ۾ ارڙهين صدي عيسوي جي واقعن بابت ڀرپور ڄاڻ ملي ٿي. ڪل پنجاسي خط آهن. آخري خط مير بجار خان شهيد جو آهي، جنهن کي ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبي شهيد ڪرايو هو ۽ جنهن جي شهادت ڪلهوڙا خاندان جي پڄاڻي ۽ ٽالپوري حڪومت جي ابتدا جو سبب بڻي.

مسقط جي شيخ، ايران، قلات، جوڌپور، سنڌ ۽ ملتان جي اٽڪل روءِ سڀني اميرن ۽ سلطنت جي مهندارن جا نالا، خطن جي هن ڪتاب ۾ ملن ٿا ۽ انهن ذريعي تاريخ جا ڪيئي نقطا اسان جي آڏو روشن ٿين ٿا.

5- مجموعہ مڪاتيب دانشگاه سنڌ؛

هي سنڌ جي اميرن ۽ حاڪمن جي خطن جو هڪ اهم مجموعو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي ملڪيت آهي، هن مجموعي ۾ سنڌ جي ملڪي معاملن ۽ سياسي حالتن متعلق قيمتي خط موجود آهن.

6- مجموعہ رقعات دانشگاه سنڌ:

هي تاريخ خط قاضي عبدالرسول ۽ منشي جان محمد سيوهاڻي (وفات – 1123هه) جا لکيل آهن ۽ سنڌ جي گونا گون سياسي، انتظامي، سماجي ۽ علمي حالتن جي چٽائي ڪن ٿا. هن صديءَ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ هنن خطن جي اڀياس کانسواءِ اڌوري ۽ اڻپوري رهندي.

مغلن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا لاقانونيت ۽ بدانتظامي پکڙي هئي، انهن خطن مان ان تي روشني پوي ٿي. ڪن خطن جو مطلب پيش خدمت آهي.

خطن جي مطلب جو وچور

نواب عبدالصمد خان، نواب خان دوران، دل قوم جا ماڻهو، دل قوم جي ماڻهن جو قتلام، نور محمد ڪلهوڙو، ٺٽو، شيخ مبارڪ جو خط، سيد عبدالجليل بلگرامي جو مخدوم عيسى ولد مخدوم عباس هڱورجي جي نالي خط، مير يعقوب بکري، سنڌ جي امن امان جي تباهيءَ تي عبدالواسع جو خط، ٺٽي جو ميوو ۽ آب وهوا، ٺٽي جو ڪپڙو، ميان عبدالرئوف ۽ ابوالقاسم، ملان الله ڏنو بوبڪائي، مخدوم عبدالرحيم ٺٽي جو ڪپڙو، ميان عبدالرئوف ۽ ابوالقاسم، ملان الله ڏنو بوبڪائي، مخدوم عبدالرحيم ٺٽي ۽ ڪابل جو ناظم، بکر جو قانون گو ميان عبدالواسع رسولپوري، شهزاده محمداعظم، بکر سرڪار ۾ ڏڪار، بدحالي ۽ قرضداري، روهڙي ۽ سکر قلعي جي قضا، بکر جو وڏو خزانچي، ٽامي جو ڪارو سڪو، درٻيلي، الور ۽ ڪاڪڙي پرڳڻن جو انتظام، شيخ فيض الله، ملان نجم الدين بوبڪائيءَ کي مددمعاش ويهه هزار دام، ارسلان خان، قلعي بکر جي خاص درٻار، روهڙي، باغ ۽ ميوه، اولاد مخدوم عثمان درٻيلي، قاضي نصيرالدين صدر سرڪار بکر ۽ سيوهڻ، خوشحال بخشي و قائع نگار سرڪار بکر، سيوهڻ سرڪار جا قانون گو، بومئي جي ماڻهن سان انهن جي بدسلوڪي، شيخ عبدالرئوف، مادي هاٿي ۽ سوکڙين جي باري ۾ نواب عبدالصمد خان جي نالي خدايار خان جو خط.

7- گلدستہ باغبان:

هي خطن جو نهايت اهم ڪتاب آهي. هن ۾ قدوة السالڪين مخدوم قاضي محمد رحيم، مخدوم محمد پناهه، قاضي محمد شاڪر ۽ قاضي عبدالجليل ويٺل شهر نصرپور جا لکيل آهن، جن کي ميان قاضي محمد حافظ (ڀاءُ قاضي محمد اڪبر) بن قاضي ميان خميسه نصرپوري مرتب ڪيو آهي.

خطن جو موضوع افغانستان جي سنڌ ۾ ڦرلٽ، مدد خان جي سنڌ ۾ آمد، انگريزن جي اچڻ تي سنڌ جي رهاڪن ۽ صاحب فڪر بزرگن جي ڳڻتي، شڪارپور تي افغانن جو قبضو، پنهنجن عملدارن جي مقرري ۽ خراسان، ايران ۽ افغانستان جا سياسي مسئلا ۽ معاملا آهن. هن مجموعي ۾ ڪو به ديباچو ڪونهي. ان جي شروعات هڪ خط سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ محمد رحيم خان بارڪزئي جي شڪارپور بدر ٿيڻ ۽ عاليجاهه مدد خان پٽ عاليجاهه غفور خان کي شڪارپور جي حڪومت ملڻ جو حال درج آهي. هي ڪتاب 223 صفحن تي آهي ۽ هر صفحي تي چوڏهن سٽون آهن. هي مجموعو سنڌ، افغانستان ۽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اثر متعلق تاريخ جو هڪ اهم ماخذ آهي.

8- انشاء ابري (دفتر اول):

خطن جو هي ڪتاب ٻن دفترن تي مشتمل آهي. مؤلف جو نالو ابراهيم بن حافظ نصرالله بن عبدالڪريم احمداڻي سيوهاڻي انصاري آهي. سندس تخلص ’ابري‘ هو.

هن پهريون دفتر 1204هه ۾ مڪمل ڪيو، جيڪو پنجن فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي.

         در خطوط جانب عزيزان و خويشان.

         در مکاتيب ياران دوستي نشان.

         در تحرير پروانه جات و پرزه جات، هي ٻن قسمن ۾ آهي.

         در استحصال دستکات کار و دستکات طلب سرڪار.

         در عرائض حضور وامراء عظام وخوانين عالي مقام ودر عرائض دربار معليٰ.

9- انشاءَ ابري (دفتر دوم):

هي دفتر 1207هه ۾ مرتب ٿيو ۽ ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي.

-       در تحرير اخلاص نامجات شوق انگيز آتش ريز.

-       در نوشتن مڪتوبات آميز، ويک فرد فرمان درگاه فلک بارگاه کہ تيمنا وتبر کاتبت نموده شد.

ٻنهي دفترن ۾ ڪجهه ذاتي خط آهن، باقي سياسي خط آهن، جيڪي مغل، ڪلهوڙا، افغانستان ۽ ٽالپرن جي دور جي واقعن تي روشني وجهن ٿا. مون وٽ 1268هه جو نسخو آهي.

10- منهاج الشعور (ابراهيم ابري سيوهاڻي)

هن نالي سان ابري ٽيون مجموعو مرتب ڪيو آهي. هن جلد جي پهرئين حصي ۾ اعزازي عبارتون آهن، جن ان دور ۾ دوستن، اميرن، عزيزن يا سرڪاري ملازمن جي خطن جي لاءِ سنڌ ۾ رائج هيون. ٻئين حصي ۾ تاريخي دستاويز، درخواستون ۽ خط آهن. هي حصو بيحد قيمتي آهي.

ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن درميان خطن جي مٽاسٽا، ايران ۽ افغانستان ۾ لکپڙهه، سنڌ ۾ صوبيدارن جي مقرري جا پروانه ۽ بهاولپور جي پهرئين حاڪم بهاول خان جي سلسلي جا خط ٻئين حصي ۾ شامل آهن. هن جا ٻه نسخا مون وٽ آهن، جن مان هڪ 1216هه جو مخطوطو آهي.

11- تاريخي انشاء:

هي مجموعو بياض جي صورت ۾ آهي. گڏ ڪندڙ يا مرتب جو نالو معلوم ڪونهي. پهريون خط شهزادي مراد جي نالي احمد نگر جي وڳوڙ متعلق ابوالفضل جو لکيل آهي. ٻيا خط سنڌ، ملتان، دهلي، بلوچستان ۽ افغانستان جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي آهن. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي باري ۾ هن مجموعي ۾ تمام مکيه واقعا آيا آهن، جن جو اڃا تائين تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيو آهي. ڪل پنجٽيهه خط آهن.

12- انشاء خبرت

هي مجموعو سلطاني مل تخلص خبرت جو ملتان ۾ ترتيب ڏنل آهي. ان جو تاريخي نالو رقعات ماني نگار 1143هه آهي. هن مجموعي جا ڪجهه خط تاريخي ۽ سماجي پس منظر ڪري اهم آهن. مون وٽ 1265هه جو قلمي نسخو آهي.

13- انشاء منشي محمد سعيد

هي نسخو چند خطن تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ ناقص آهي. هي خط آخري مغل دور جي سنڌ جي باري ۾ اهم ڄاڻ ڏين ٿا.

14- رقعات امام الدين

خطن جو هي جلد امام الدين هالائي جو مرتب ڪيل آهي. مون وٽ جيڪو نسخو آهي، اهو مؤلف جي پنهنجي هٿ سان لکيل آهي. ان جي ڪتابت جو سال 1265هه آهي. هي خط جيتوڻيڪ تاريخي خيال کان اهميت نٿا رکن پر سنڌ ۾ فارسي عبارت نگاري جو هڪ سهڻو نمونو آهن.

15- انشاء

هن مجموعي جي مؤلف جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو. مون وٽ ان جو جيڪو نسخو آهي، اهو دولت راءِ 10- جمادي الاول 1126هه تي پورو ڪيو. هن ۾ سنڌ ۽ هند جي معاملن جو ذڪر ملي ٿو.

16- مجموعہ شاهي استاد و فرامين

هن مجموعي ۾ ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جون سندون ۽ فرمان گڏ ڪيل آهن ۽ تاريخي اهميت رکن ٿا. ٺٽي جي مغل گورنرن جي تاريخن طئي ڪرڻ ۾ هن جلد مان وڏي مدد ملي ٿي. ان کانسواءِ هن مان سلطنتن جي اميرن، قاضين، ساداتن، عالمن، شاعرن ۽ سندن وارثن ۽ پونئيرن جي وظيفي جي باري ۾ به سٺي ڄاڻ ملي ٿي، جنهنڪري عالمن ۽ قديم خاندانن جي حالتن، عهدن ۽ سلسلي جو به پتو پوي ٿو. هي سندون سڀ جون سڀ ٺٽي جي رهاڪن ۽ ٺٽي جي اميرن جي نالي جون آهن. هي نسخو مون قاضي علي محمد ٺٽوي مرحوم جي نسخي تان نقل ڪرايو آهي.

17- مجموعہ استاد و فرامين

هي مجموعو ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جي اصلي حڪمن، فرمانن ۽ سندن تي مشتمل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ذخيري ۾ موجود آهي. فرمان ٽن حصن ۾ گڏ ڪيا ويا آهن.

-- پنج فرمان: عيسى ترخان اول، باقي بيگ ترخان، جاني بيگ ترخان، غازي بيگ ترخان جا آهن.

-- ٽي فرمان: شاهجهان ۽ عالمگير جا آهن.

-- عالمگير جي ڏينهن کان ڪري مير نصير خان تائين، مغل صوبيدارن ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حاڪمن جا تيرهن فرمان آهن. هي آخري حصو ارڙهين صدي عيسوي جي تاريخ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. مون وٽ انهن فرمانن جا نقل موجود آهن. ڪجهه فرمانن جا فوٽو مون تحفة الڪرام ۾ به ڇپيا آهن.

18- مکتوبات قانع

هي خط سنڌ جي نامياري تاريخدان مير علي شير قانع جا لکيل آهن. هي تاريخدان ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ سرڪاري منشي هو. خطن جي هن جلد ۾ چند ذاتي ۽ سرڪاري مراسلا آهن. هي مجموعو سنڌي ادبي بورڊ جي تحويل ۾ آهي.

19- مکتوبات مير عظيم الدين

مير عظيم الدين ٺٽوي ٽالپورن جي پهرين درٻار جو شاعرن جو اڳواڻ هو. مثنوي ”فتح نامہ“ ۽ هڪ ديوان سندس يادگار آهي.

هي خط ڪلهوڙا خاندان جي آخري ڏينهن ۽ ٽالپور گهراڻي جي شروعاتي دور جي ڪيترن ئي مکيه واقعن تي روشني وجهن ٿا.

20- مکتوبات مير نصير خان ٽالپور:

مير محمد نصير خان سنڌ جو آخري ٽالپور حڪمران هو، جنهن کان 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جو اقتدار کسيو ۽ ٻين ٽالپور صاحبزادن سان گڏ کيس به ڪلڪتي ۽ هندستان جي ٻين شهرن ۾ نظربند رکيو ويو.

مير صاحب جلاوطنيءَ جي حالت ۾ جيڪي خط پنهنجن زالن، اميرن ۽ ٻين عزيزن کي لکيا، هي انهن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ 292 خط آهن. آخري خط مير صاحب جي ڌيءَ، هڪ درخواست جي شڪل ۾ راڻي وڪٽوريا جي نالي لکيو آهي.

جنهن زماني ۾ سنڌ جو هي حڪمران ڪلڪتي ۾ جلاوطني جي حياتي ڪٽي رهيو هو، انهن ڏينهن ۾ واجد علي شاهه به مٽيا برج (ڪلڪتي) ۾ غريب الوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. ان دور ۾ واجد علي شاهه پنهنجي زالن جي نالي خط لکيا آهن، جن جا ڪيئي جلد ڇپجي چڪا آهن.

مير نصير خان جا هي خط جتي ڪيئي تاريخي فائدا رکن ٿا، اتي سماجي ۽ تهذيبي لحاظ کان وڏي اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. واجد علي شاهه جي خطن جي جيڪڏهن مير نصير خان جي خطن جي عبارت ۽ مفهوم جي خيالن کان ڀيٽ ڪئي وڃي، ته واجد علي شاهه جي خطن جون عبارتون، انهن جو مطلب ۽ انهن خطن ۾ بيان ڪيل عاشقاڻا جذبا نهايت گهٽ، عامي ۽ ڪريل نظر اچن ٿا، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ مير نصير خان جا خط نهايت شائسته، مهذب ۽ باوقار آهن. صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مير نصير خان جي خطن جو لهجو هڪ سڌريل ۽ سنجيده بادشاهه جي جذبن جو عڪس آهي، جنهن ۾ شاهي حرم جي عزت ۽ ناموس توڙي ان جي عظمت ۽ تقدس جو پورو پورو احترام رکي، محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هڪ جملو به ڪريل ۽ پست ڪونهي. ان ذريعي جتي لکنو درٻار جي سماجي ذلت جو پتو پوي ٿو، اتي سنڌ جي بادشاهن جي تهذيبي برتري جو چٽو اظهار ٿئي ٿو.

جيئن شروع ۾ چيو اٿم، مون هتي فقط تاريخي خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي معلوم ٿيل آهن، انهن سڀني خطن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جي صوفين ۽ عالمن جا لکيل آهن، جن ذريعي سنڌ جي مذهبي معاملن، مذهبي معرڪن ۽ ديني توڙي تصوف جي نقطن تي روشني پوي ٿي. ملڪي ۽ سياسي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ هي مجموعا ڪم نه ٿا ڏئي سگهن، پر ارڙهين صدي عيسوي ۾ سنڌ جي سماجي صورتحال، مذهبي حالتن ۽ صوفياڻن لاڙن جي خبر انهن ذريعي ضرور پوي ٿي.

ايران ۾ اڄڪلهه تاريخي خط ڇاپڻ جي طرف ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اٽڪل روءِ پندرهن – ويهه مجموعا منهنجي نظر مان گذريا آهن. زنده قومون پنهنجي تاريخي اثاثي ۽ تهذيبي ورثي کي سيني سان سانڍين ٿيون. ڪاش اسان وٽ به هن قومي سرمايي جي بچاءَ جو احساس سجاڳ ٿئي ۽ اسين به هوش ۾ اچون ۽ تاريخي خطن جا قدم به قدم اهڙا مجموعا گڏ ڪرڻ ۽ ڇاپڻ شروع ڪيون، جنهن ذريعي اسان جي تاريخ جون گم ٿيل ڪڙيون ملي وڃن ۽ دلچسپ اندروني معاملا ۽ مسئلا معلوم ٿين، جن جو اڄ تائين اسان کي علم نه ٿي سگهيو آهي.

 

هالاڻيءَ جو جنگي معرڪو

  ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا جنگي واقعا ٿي گذريا آهن، جن جي ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيون تبديليون رونما ٿيون، ڪيئن خاندان بدليا ۽ ڪيتريون نيون نيون حڪومتون وجود ۾ آيون، جن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۾ پنهنجي نوعيت جا اهم اهڃاڻ ۽ نشان ڇڏيا آهن. هونئن به جنگ ڪنهن نه ڪنهن تبديليءَ جو سبب ضرور بڻجندي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ”هالاڻيءَ“ جو مشهور جنگي معرڪو سنڌ جي تاريخ جي تبديليءَ جو هڪ وڏو اهم باب آهي. هالاڻيءَ جي ميدان تي اها جنگ، سنڌ جي سعادتمند مريدن ۽ جانثارن پنهنجي مرشدن جي خلاف لڙي ۽ انهن جي شمع اقتدار کي گل ڪري، پنهنجي نئين حڪومت جو بنياد رکيو. هيءَ جنگ هڪ عبرت انگيز حادثو آهي، جنهن ڪلهوڙن جي اقتدار کي هميشہ لاءِ ختم ڪيو ۽ ٽالپورن جي صاحبيءَ کي وجود ۾ آندو.


[1]   راشدي صاحب مرحوم هڪ ٻيءَ جاءِ تي منشي عبدالرئوف جي خطن جي ٻن ڪتابن: گلدستئه نورس بهار ۽ گلدستئه هميشه بهار جو ذڪر ڪيو آهي (منشور الوصيت و دستور الحڪومت، مقدمه ص 30)، جڏهن ته هن پيپر ۾ صرف هڪ جلد جو ذڪر اچي ٿو. غالباً هي ٻه مجموعا هڪ ئي ڪتاب جا ٻه الڳ نالا ڏسجن ٿا. بهرحال ”گلدسته نورس بهار“ جو راشدي ايڊيشن اڃا منظر تي نه آيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com