سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :6

مير صاحب اندازاً 1880- 1888ع وارن سالن ۾ جڏهن شاهه صاحب جي حياتي بابت احوال گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن قانع جا ڪتاب ”تحفة الڪرام“ توڙي ”معيار سالڪان طريقت“ ٻئي سندس آڏو هئا. هن صاحب انهن ڪتابن ۾ آيل بيانن کي ئي صحيح ڪري سمجهيو، جو پوءِ ڪجهه پنهنجين اضافي عبارتن ذريعي انهن جي تصديق ڪيائين ۽ ڪجهه وڌيڪ پڇا ڪري انهن حوالن جي مونجهاري ۾ تطبيق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. مثلاً قانع فقط شاهه صاحب کي ”تارڪ“ ڪري ڄاڻايو هو، پر ائين ڪو نه لکيو هئائين ته واقعي حضرت شاهه صاحب سڀ ڪجهه ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ انهي ڪري ئي کيس ”تارڪ“ ڪري سڏيائون. مير صاحب پنهنجي عبارت ۾ اهڙو اضافو ڪيو ته جيئن قانع جي طرفان شاهه صاحب لاَءِ استعمال ڪيل لقب ”تارڪ“ جي تصديق ٿئي. انهيءَ ڪري لکيائين ته:

”تحفة الڪرام“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ جيڪي ٻئي ڪتاب مير علي شير قانع ٺٽوي جا تصنيف ڪيل آهن، تن ۾ لکيل آهي ته حضرت (شاهه صاحب) جن دنيا کي ڪلي طور ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ انهي ڪري ئي پاڻ ”تارڪ“ جي لقب سان مشهور ٿيا.[1]

ٻئي طرف قانع ڀُل مان، محمد عالم دَياني کي شاهه صاحب جو خليفو ۽ ٻين سڀني فقيرن ۾ ممتاز ڪري ڄاڻايو هو، پر ڀٽ تي ۽ ڀٽ واري تر ۾ جيئن هن دور تائين اهو معلوم آهي، تيئن مير صاحب واري وقت ۾ به اهو معلوم هو ته ڀٽائي صاحب جو خاص خليفو ۽ فقير ”محمد عالم سچو سالم“ هو جيڪو ڀٽائي صاحب جو ماسات به هو، جيتوڻيڪ نسب جي لحاظ سان هو ”ديانو“ ڪو نه هو پر ”ڏيرو“ هو. قانع جي حوالي ۽ ”محمد عالم سچي سالم“ جو ڀٽائي جو ماسات هئڻ ــ اُنهن ٻن ڳالهين ۾ تطبيق پيدا ڪرڻ جي فقط هڪ ئي صورت هئي ته ”محمد عالم ديانيءَ کي ئي شاهه صاحب جو ماسات ڪري ڄاڻائجي. شاهه صاحب جي فقيرن جي سلسلي ۾ محمد عالم بابت لکندي مير صاحب پنهنجي عبارت ۾ اها تطبيق هن طرح پيدا ڪئي ته:

”ميان محمد عالم ديانہ کہ همشير زاده والده حضرت اولياء صاحب بود و سماع و ذکر در اختيار داشت و کارپرداز بوده“.[2]

(ميان محمد عالم ديانو، جيڪو حضرت اولياء صاحب (يعني شاهه صاحب) جي والده جي ڀيڻ جو پٽ هو. ”سماع“ ۽ ذڪر“ جي واڳ سندس هٿ ۾ هئي ۽ سڄي ڪم جو سنڀاليندڙ هو).

قانع کان ته فقط نالي ڀُل ٿي جو حقيقي محمد عالم بدران ٻئي محمد عالم کي ڀٽائي صاحب جو خليفو ۽ خاص فقير ڪري ڄاڻايائين، پر هن ائين ڪو نه لکيو هو ته هالن (پراڻن) جي بزرگ مخدوم عربي دياني جي اولاد مان جيڪو محمد عالم آهي، سو ڀٽائي صاحب جي والده جي ڀيڻ جو پٽ آهي. اهو اضافو سانگي ڪيو ۽ انهي لاءِ ڪيو ته قانع جي ڀل ۽ حقيقت جي وچ ۾ ڪا تطبيق پيدا ٿئي. پر سندس انهيءَ اضافي شاهه صاحب جي والده ماجده بابت وڏي غلط فهمي پيدا ڪري ڇڏي، جنهن آئينده لکندڙن لاءِ وڏو مونجهارو پيدا ڪيو، جيئن هيٺئين تفصيل مان معلوم ٿيندو.

·  سنه 1887ع ۾ مرزا قليچ بيگ جڏهن شاهه صاحب جي حياتي جو احوال لکيو ته ان جو بنيادي مواد مير عبدالحسين خان سانگي کان ورتائين، ۽ شاهه صاحب جي والده بابت ڄاڻائين ته ”شاهه عبداللطيف جي والده مخدوم عربي ديانہ جي گهراڻي مان هئي، جنهن جو مقبرو اڀرندي هالن جي پيو ڏسجي.“[3]

·  ان بعد 1889ع ۾ هالا جي سب جج ليلارام وتڻ مل لالواڻي جڏهن شاهه صاحب جي سوانح بابت انگريزي ۾ ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن شاهه صاحب جي والده ماجده بابت سندس آڏو ٻه بيان هئا، هڪ مير عبدالحسين خان سانگي جو ته بيبي صاحبه ۽ محمد عالم دياني جي ماءُ ٻئي ڀيڻون هيون، ۽ ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ته بيبي صاحبه مخدوم عربي ديانہ جي گهراڻي مان هئي، انهيءَ ڪري وڌيڪ تفصيل خاطر غالباً ڀٽ تي وڃي مخدوم احمد ڀَٽِي کان پڇيائين، جنهن کيس ڇا چيو سو اصل لفظن ۾ معلوم ناهي، پر ليلارام پنهنجن لفظن ۾ هن طرح لکيو:

”شاهه حبيب جي ٻي گهر واري ذات جي ”دياني“ هئي.... شاهه لطيف جي والده، شاهه دياني جي ڌيءَ هئي، جيڪو پراڻن هالن جو رهندڙ هو. هو مخدوم ”عربي“ پڻ سڏبو هو، ڇاڪاڻ جو هو عرب مان آيو هو. ”دِيانو“ ذات جو نالو ٿو ڀانئجي، پر آخوند احمدي مون کي ٻڌائي ٿو ته اهو مخدوم ائين سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ جو ڪجهه ”ديوانو“ هو. مخدوم عربي کي پٽ ڪين ٿيا. سندس مزار هالن پراڻن ۾ هن وقت تائين موجود آهي، ۽ اها ڪن فقيرن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي پاڻ کي بهانو ڪري ”دِيانا“ سڏائين ٿا“.[4]

ڳالهه ”محمد عالم“ جي نالي سان شروع ٿي ۽ ڪٿي وڃي پهتي! آخوند احمد کان مخدوم دياني بابت پڇيائون سو کڻي جواب ڏنائين، پر غالباً کيس ٻي ڪا خبر ڪانه هئي! جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جي والده ان طرف جي هجي ها ته آخوند احمد ڪا اهڙي وڌيڪ خبر ڏئي ها!، جيڪڏهن هن ائين ٻڌايو ته ”شاهه لطيف جي والده، شاهه دياني جي ڌيءَ هئي“ ته وڏي غلطي ڪيائين، ڇاڪاڻ جو مخدوم عربي دياني شاهه عبداللطيف جي ڄمڻ کانسواءِ سئو سال کن اڳ، سن نو سئو اسي هجري (980 هه) ۾ وفات ڪئي.

·  ٽيهه سال کن پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي جڏهن ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهرئين جلد جي منڍ ۾ ”شاهه جي سوانح عمري“ ڏنائين ته نه فقط ليلارام واري غلط عبارت تي ڀروسو ڪيائين، پر ان کان هڪ وک اڳتي وڌايائين جو مخدوم دياني کي ”شاهه“ ڪري لکيائين: ”شاهه عبداللطيف جي والده شاهه دياني جي نياڻي هئي[5]“. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته مخدوم ديانو، شاهه لطيف جي ولادت کانسواءِ سئو سال اڳ ٿي گذريو.

·  ان بعد هن پوئين ويجهي دور ۾، مولانا دين محمد وفائي مرحوم، شاهه صاحب جي سوانح بابت پنهنجو ڪتاب ”لطف اللطيف“ لکيو، جيڪو تحقيق جي لحاظ سان اڳين سڀني ڪتابن کان وڌيڪ آهي. مولوي صاحب کي پڇا ڪندي غالباً ايترو معلوم ٿي چڪو هو ته شاهه حبيب ”سئي قندر“ وارن بزرگن مان شادي ڪئي هئي ۽ انهي گهر مان ئي شاهه عبداللطيف ڄائو. مگر ٻئي طرف مخدوم عربي دياني جي خاندان واري روايت هئي، جيڪا مرزا قليچ بيگ پڻ آندي هئي، انهي ڪري مولوي صاحب انهن ٻنهي ڳالهين کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، يعني ته انهن ٻن جدا روايتن ۾ تطبيق پيدا ڪرڻ خاطر لکيائين ته:

”مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته شاهه عبداللطيف جي والده مخدوم عربي دياني جي خاندان مان هئي.“ (ان بعد هاشيي ۾ ڄاڻايائين ته) ”ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو آهي ته شاهه صاحب جي والده شاهه ڌياڻي جي نياڻي هئي ۽ شاهه ڌياڻي کي مخدوم ڌياڻو به ڪري سڏيندا آهن، سو صحيح نه آهي، ڇو ته مخدوم ڌياڻو 10- صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي ۽ شاهه حبيب 12 صدي جو آهي، تنهن ڪري اها بي بي عربي ڌياڻي جي خاندان مان آهي، نه سندس نياڻي ۽ مخدوم عربي ڌياڻي جي خاندان کي سوئي ڪندر وارا بزرگ به سڏيو ويندو آهي[6].“

اصل ڳالهه هي آهي ته شاهه حبيب جو مخدوم عربي دياني جي خاندان سان ڪو اهڙو واسطو ڪو نه هو ۽ نڪا ان خاندان مان شادي ڪيائين. هي سڄو مونجهارو، قانع جي نالي ڀل کان شروع ٿيو ۽ جيئن پوءِ تيئن سوَلي ٿيڻ بدران وڌيڪ منجهندو ويو، حقيقت ۾ شاهه حبيب ڏيرن فقيرن مان شادي ڪئي هئي، جيڪي پنهنجي وقت جا درويش هئا ۽ ”قندر فقير“ ڏيري جي پوين مان هئا، جيڪو 7 صدي هجري ۾ ٿي گذريو. قندر فقير، سنڌ ۽ ملتان جي ولي غوث بهاؤالحق بهاؤالدين جو خليفو هو، سندس گهر واري مائي ”سُئي“ يا ”سُوئي“ جيڪا ذات جي حَقڙي هئي، سا به وڏي پهتل درويش هئي، ايتري قدر جو هن پارسا مائي جو نالو سندس پنهنجي خاوند کان به اڳ ۾ اچڻ لڳو ۽ سندن مقام به ”سُئي قندر“ وارو مقام سڏجي. هنن ڏيرن درويشن جي ”ثابت پوٽا“ پاڙي مان عرس فقير ڏيرو پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو نيڪ شخص هو، کيس ٻه نياڻيون هيون: هڪ ڏنائين شاهه حبيب کي، جنهن مان شاهه عبداللطيف ٿيو ۽ ٻي ڏنائين پنهنجي سئوٽ رب رکيي فقير کي، جنهن مان محمد عالم ٿيو، جيڪو ڀٽائي صاحب جو سڳو ماسات هو. محمد عالم پوءِ ڀٽائي صاحب جو خاص خليفو ۽ ڀٽ تي ”ذڪر“ ۽ سماع“ جو اڳواڻ ٿيو. هو ڀٽائي صاحب جو وڏي ويساهه وارو سچو ارادتمند فقير هو جو ڀٽائي صاحب پاڻ کيس ”محمد عالم سچو سالم“ ڪري سڏيو.

جنيدِ وقت حضرت مولانا هاليجويؒ

علامہ غلام مصطفى قاسمي

علامه ڪمال الدين دميري، بني اميه جي عادل خليفي عمر بن عبدالعزيز جو هڪ خواب نقل ڪيو آهي ته هن حجاج بن يوسف کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس عالم مثال جي خبرچار پڇيائين، جنهن تي ان جواب ڏنو ته منهنجي هٿان جيڪي به ماڻهو ناحق ماريا ويا، انهن مان هر هڪ ناحق خون جي مون کي هڪ ڀيرو سزا ڏني وئي، پر سعيد بن جبير جي ناحق خون وهائڻ ڪري ستر ڀيرا سزا طور مون کي قتل ڪيو ويو آهي.

سعيد بن جبير هڪ وڏو اهل الله ۽ تابعي بزرگ هو ۽ آخري مظلوم هو، جنهن کي حجاج بن يوسف پنهنجي پوئين حڪومت ۾ گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو هو. مٿئين جواب کي علامه دميري نقل ڪندي هڪ شبهو ۽ اعتراض اٿاريو آهي ته سعيد بن جبير هڪ تابعي بزرگ هو. ٻئي پاسي حجاج ته صحابين کي به قتل ڪرائي چڪو هو، جيئن عبدالله بن زبير کي سڌيءَ طرح ۽ عبدالله بن عمر کي اڻ سڌي طرح مارائي ڇڏيو هئائين ۽ ٻيا به گهڻائي اهل الله ان جي سفاڪ هٿن کان بچي نه سگهيا هئا، تڏهن حضرت سعيد بن جبير جي قتل واري سزا ٻين کان ڇو وڌي ويئي؟

هن شبهي کي اٿاريندي ان جو جواب به پاڻ ئي علامه دميري هن طرح ڏنو آهي ته جنهن دور ۾ حضرت سعيد بن جبير کي شهيد ڪيو ويو هو، ان دور ۾ هن بزرگ ۽ ولي خدا جي پايي جو ٻيو ڪو به اهل الله ڪو نه هو، جو سندس جاءِ ڀري سگهي. کانئس اڳ جيتوڻيڪ ٻيا به گهڻائي مظلوم ماريا ويا، پر انهن جي عالم بالا ڏانهن اسرڻ کانپوءِ ڪو نه ڪو ٻيو بزرگ انهن جي جاءِ ڀريون بيٺو هو، تڏهن حضرت سعيد بن جبير جو سانحو هڪ وڏو المناڪ ليکيو ويو.

هن قصي کي ڏسندي ويجهڙائيءَ ۾ اسان کان جنهن وقت جي جنيد، عالم عامل ڪامل ۽ فياض، حضرت مولانا حماد الله هاليجوي کي موت جي فرشتي جدا ڪري ڇڏيو، اهو سانحو به ته ايڏو المناڪ آهي جو نه رڳو سنڌ پر سارو پاڪستان سندن فيوضات کان محروم رهجي ويو، ڇو ته سندن پايه جو ٻيو ڪو به بزرگ هن دور ۾ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جيئن حضرت سعيد بن جبير جو ڪو ثاني ڪو نه هو، تيئن هن اهل الله جو به ڪو مد مقابل ڪونه آهي. هن خدا رسيده ۽ قطب وقت جي ساري ڄمار ظاهري توڙي باطني علم جي اشاعت ۾ صرف ٿي. ٻالجتيءَ کان سندن ماحول علمي ۽ نيڪ هو. پاڻ ذات جا انڍڙ هئا. هيءَ قوم ستين صدي هجري ڌاري سهروردي طريقي جي هڪ بزرگ حضرت موسى نواب رح جي تبليغي ڪوشش سان مسلمان ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڃان تائين انڍڙن جو روحاني لاڳاپو ملتان سان هليو اچي، ڇو ته حضرت موسى نواب، غوث بهاوءَالدين زڪريا ملتانيءَ رحمت الله عليہ جو ڀاڻيجو خليفو چيو وڃي ٿو. هن قوم جا ڪي افراد سنڌ ۾ ضلع سکر جي اڀرندي ڀاڱي ۾ رهن ٿا ۽ رستم (تعلقو شڪارپور)[7] جي آسپاس آباد آهن ۽ هنن ۾ سهروردي ذڪر جو مسخ ٿيل نمونو، جنهن کي ”سماهه“ چيو وڃي ٿو، اڃا تائين هليو اچي.

ولادت، تعليم و تربيت

حضرت صاحب جن جو خاندان هڪ پاسي درويش ۽ خداوارن فقيرن جو خاندان هو ته ٻئي پاسي علمي خاندان به هو. سندن والد مولانا محمود ۽ سندن ڏاڏو مولانا حماد الله ٻيئي عالم هئا. پاڻ هڪ نيڪ ماحول ڪري شروع کان ئي نيڪ طبيعت رهيا. سندن ولادت 1299هه جي آخر يا 1300هه جي اوائل ۾ تعلقه پنو عاقل جي هاليجي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ جيئن ئي پڙهڻ جهڙا ٿيا ته کين آخوند ابراهيم جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ ويهاريو ويو ۽ فارسيءَ جي تعليم مفتي عبدالڪريم خيرپوريءَ جي والد بزرگوار آخوند عبدالرحيم ڪلهوڙي ۽ مولانا نور محمد عادلپوري کان ورتائون.

عربيءَ جي تعليم لاءِ کين ڏوراهين سفر تي وڃڻ جي ضَرورت ئي نه هئي. سندن ئي قوم جو هڪ علامه سندن ڀر ۾ موجود هو، ان جي خدمت ۾ پهچي ويا. اهو بزرگ عالم هو. مولانا قمر الدين انڍڙ، جنهن کي استاد العلماءِ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. حضرت هاليجوي جو علمي تعارف ايستائين واضح نه ٿيندو، جيستائين سندن ظاهري علم جي مشائخن جي سلسله استاد تي روشني نه پوندي.

استاد العلماءِ مولانا فضل حق صاحب خيرآباديؒ جي علمي تفوق ۽ جلالت شان کي ڪير انڪاري ٿيندو؟ علوم عقليه ۽ ادبيه ۾ سندن اهو درجو هو جو کين وقت جو فارابي ۽ رازي سڏيو ويندو هو هو. پاڪ و هند ۾ سندن شاگردن مان سندن پٽ مولانا عبدالحق خيرآبادي شهرت حاصل ڪئي ۽ اتي جي گهڻي ڀاڱي عالمن جا استاد ثابت ٿيا ته وري سنڌ ۾ مولانا محمد اسماعيل هاليپوٽو ويٺل ڳوٺ ابڙا لڳ قمبر، خيرآبادي فيوض جا مرڪزي استاد رهيا. مولانا محمد اسماعيل صاحب رحه ابڙائي وٽ سنڌ جي سون شاگردن تعليم پرائي ۽ انهن سڀني مان ممتاز مولانا نظر محمد ڀنگ وارا هئا. مولانا قمر الدين صاحب سموري تعليم مولانا نظر محمد ڀنگائي کان حاصل ڪئي ۽ ويجهڙائي واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪي به محقق عالم ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مولانا مير محمد صاحب نورنگي، مولانا عبدالوهاب صاحب ڪلاچي، مولانا محمد اسماعيل صاحب ڀٽو گهوٽڪيءَ وارو، مولانا دين محمد صاحب بٺيءَ وارو ۽ مولانا استاد عبدالڪريم صاحب ڪورائي رحه، اهي سڀ مولانا قمر الدين صاحب جا شاگرد هئا. اهي سمورا بزرگ هاڻوڪي ٽهي وارن عالمن جا استاد هئا. مطلب ته سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جو سلسلو انهي ڪڙيءَ سان وڃي گڏجي ٿو.

جهڙيءَ ريت مولانا عبدالحق خيرآباديءَ جي شاگردن مان ٻين شاگردن هر هڪ مولانا حڪيم برڪات احمد ٽونڪي ۽ مولانا ماجد علي صاحب مينڍو (عليڳڙهه) وارن جي پنهنجي استاد سان خاص نسبت هئي، اهڙيءَ ريت مولانا قمر الدين رحه سان حضرت هاليجوي رحه ۽ علامه ڪورائي رح جي نسبت هئي. منهنجي بزرگ دوست مولوي قاضي محمد ابراهيم صاحب ڪارڙوي پنهنجو اکين ڏٺو واقعو حضرت هاليجويءَ جي ادب بابت هن طرح ٻڌايو ته مولانا قمر الدين صاحب ۾ ڏاڍو جلال هوندو هو. هڪ ڀيري غصي مان پنهنجي لائق، فائق دوست مولانا هاليجويءَ کي (جنهن ان دور ۾ سلوڪ جا مدارج به طئي ڪري ورتا هئا) سخت ڳالهائي رهيو هو، ليڪن مولانا هاليجوي ادب وچان استاد آڏو هٿ ٻڌيو بيٺا هئا ۽ خاموشي سان سڀڪجهه برداشت ڪندا ٿي ويا.

حضرت هاليجوي رحه درس نظامي جا جملي ڪتاب اتي پڙهيا ۽ فضيلت جي دستار به اتي ٻڌي. هن کانپوءِ درس تدريس کي لڳي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته ايڏي مجاهده ۽ محنت سان شاگردن کي پڙهائيندا هئا جو رات ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان ڪو ٿورڙو وقت آرام ڪندا هئا، نه ته سندن سمورو وقت علمي خدمت ۽ ڪتب بينيءَ ۾ گذرندو هو. مولانا مفتي عبدالڪريم خيرپوري، مولانا حبيب الله صاحب ٺيڙهي وارا ۽ مولانا نور محمد صاحب گهوٽڪي وارا سندن مخصوص شاگردن مان شمار ڪيا وڃن ٿا. پاڻ چڱو عرصو ٺيڙهيءَ ۾ به تعليم ڏنائون. شروع ۾ ايڏو ته ظاهري علم جي اشاعت ۾ منهمڪ ۽ مشغول رهندا هئا، جو باطني علم پرائڻ ۽ ذڪر اذڪار ڏانهن ڪوبه توجهه ڪونه ڪندا هئا. مورڳو قادري طريقت جي جهري ذڪر بابت شرعي نقطه نگاهه مطابق اعتراض به ڪندا هئا.

تاج الاولياءُ حضرت امروٽيءَ وٽ حاضري

حضرت صاحب جي هڪ مخصوص شاگرد مولانا قاضي عزيز الله صاحب ٺيڙهي وارن اسان کي ٻڌايو ته هتي اسان وٽ حضرت امروٽيءَ جو گهڻو اثر هو ۽ ڪيترا قادري طريقت جا فقير ذڪر اذڪار ڪندا هئا، ليڪن حضرت هاليجوي ان قسم جي ذڪر جي مخالفت ڪندو هو. ٺيڙهي کان ٿورو ڏور فقير عبدالغني رهندو هو، جو حضرت صاحب امروٽين جو مريد هو ۽ نهايت اهل دل درويش هو. ان حضرت صاحب هاليجويءَ کي سمجهايو ۽ ايترو قائل ڪري ورتو جو حضرت هاليجوي فقير عبدالغنيءَ کي ساڻ ڪري تاج اولياءِ حضرت سيد تاج محمود امروٽيءَ جي خدمت اقدس ۾ پهچي ويا. پوءِ ته ساڻن پسڻ ٿي ويو. هڪدم حالت بدلجي وئي، ظاهري علم جو غرور اڏي ويو. خواجه محمد زمان (رح) لنواريءَ وارن سچ چيو آهي ته ”ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين جي هٿ ۾“ الخ هڪدم حضرت امروٽيءَ جي هٿ تي قادري راشدي طريقت ۾ بيعت ڪري علم باطني پرائڻ ۽ رياضتن ڪرڻ کي لڳي ويا.

جهڙيءَ طرح ظاهري علم پرائڻ لاءِ کين استاد العلماءِ جي خدمت نصيب ٿي، تهڙيءَ طرح باطني فيض حاصل ڪرڻ ۾ به اها سندن خوش نصيبي هئي، جو قطب القطاب غوث وقت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي خليفي ارشد سيد المجاهدين حضرت سيدنا تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي کين بيعت نصيب ٿي. هتي جڏهن ته حضرت هاليجويءَ جي باطني علم جي سلسلي جو ذڪر اچي ٿو، تڏهن ضروري آهي ته سنڌ ۾ سلوڪ ۽ تصوف جي انهن طريقن بابت ڪجهه روشني وڌي وڃي.

سنڌ ۾ سلوڪ جا طريقا

سونهاري سنڌ سوَن سالن کان صوفين ۽ خدا رسيده بزرگن جو ماڳ پئي رهي آهي، جتي سڀ کان اڳ مخدوم نوح بکريءَ جي واسطي سان سنڌ کي سهروردي طريقي سان روشناس ٿيڻو پيو. پوءِ هلي غوث بهاء الحق ملتاني ان کي زور وٺايو. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم بکريءَ جو همنام غوث الحق مخدوم نوح رحه هالائي پيدا ٿيو، تنهن ته هن طريقي کي چوٽ تي چاڙهيو. سون هزارن ماڻهن حضرت مخدوم نوح رحه کان فيض پرايو، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ قديم تذڪرا ۽ تصوف ۾ هتي جي اهل الله جي تصنيف اڄ تائين موجود آهي. انهيءَ دور ۾ قادري طريقو چڱوئي وڌڻ ويجهڻ لڳو هو. شاهه عدبالڪريم بلڙيءَ وارو قادري طريقت جو شيخ هو. ساڳيءَ ريت سندن پوٽو شاهه حبيب به انهيءَ طريقي جوئي بزرگ هو، پر تڏهن به سهروردي طريقو هتي غالب رهيو.

ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ لاڙ ملڪ جي مرڪزي ۽ مردم خيز شهر ٺٽه ۾ خواجه ابو القاسم درس نقشبندي، جيڪو سرهند کان فيض پرائي آيو هو، تنهن نقشبندي طريقي جو فيض ڏيڻ شروع ڪيو. هي درويش ايڏو ته بلندپايه بزرگ ۽ اهل الله هو، جو ٿوري ئي وقت ۾ سندن باطني فيض جي برڪت سان هتي سندس ٽيهه – ٻٽيهه خليفا ٿيا، جن ۾ ان دور جو هڪ وڏو محقق عالم مخدوم محمد معين، جنهن کي فلسفه ۾ سنڌ جو ملا صدرا ۽ تصوف ۾ شيخ ابن عربي سڏيو وڃي ته وڌاءُ نه آهي، سو به هڪ خليفو هو.

هنن نقشبندي درويشن جي سڄي سنڌ کي عام طرح ۽ ڏکڻ سنڌ کي خاص طرح پنهنجي فيوض ۽ ارشادن سان مالامال ڪري ڇڏيو، خواجه ابوالمساڪين ٺٽوي به انهن خليفن مان هڪ هو، جنهن کان خواجه محمد زمان ڪبير لواري وارن کي فيض پهتو. خواجه صاحب ته وري اهو جود جاري رکيو، جو سندن فيض مان سوين هزارين طريقت ۽ سلوڪ جا پياسا سيراب ٿي نڪتا، جن مان سندن فرزند ارجمند خواجه گل محمد ۽ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي شهيد بلندپايه جا اهل الله ۽ فيض باطنيءَ جا صاحب ٿي گذريا آهن. خواجه گل محمد کان سندن فرزند خواجه محمد زمان ثاني فيض پرايو ۽ هن بزرگ وليءَ جي فيض جو درياءُ سنڌ مان ڇوليون ماريندو، ڏورانهن اسلامي ملڪن ۾ پهچي ويو. محدث محمد عابد سنڌي مدني جهڙو علامہ به سندن خليفو هو. هن سلسلي جي بي انتها اشاعت ٿي ۽ خواجه محمد سعيد رحه جي دور ۾ پنهنجي عروج ۽ اوج تي وڃي پهتو.

خواجه محمد سعيد رحه نه رڳو هڪ روحاني فيض جو مالڪ ۽ اڪمل ولي هو، پر ظاهري علم جو به بحر بي پايان هو. سندن ئي ڪوشش سان لواريءَ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ دنيا جو بي نظير ڪتب خانو جمع ٿي ويو. هن ڪتابن جي مطالع لاءِ نه رڳو ڏکڻ سنڌ جا علماءَ هتي ڪهي ايندا هئا، پر اتر سنڌ جي هن ڇيڙي جو استاد العلماءَ مولانا غلام صديق غوث شهداد ڪوٽي به ڪيترا ڀيرا لواري پهچي، خواجه محمد سعيد رحه سان رهاڻين ڪرڻ سان گڏ ”طوالع الانوار“ تصنيف شيخ محمد عابد سنڌي ۽ ٻين ناياب زمانه ڪتابن جو مطالع ڪندا هئا. هن حقيقت جي شهادت لاءِ اڄ به اکين ڏٺو شاهد مولانا عبدالله صاحب کڏهر ضلعي نوابشاهه وارو موجود آهي،[8] جنهن مولانا شهدادڪوٽيءَ کي لواريءَ ۾ مطالع ڪندي ڏٺو، ان وچ ۾ نقشبندي سلسلي جي ٻي شاخ خواجه صفي الله جي واسطي سان به سنڌ ۾ پهچي چڪي هئي. ان دور جا وڏا عالم جهڙوڪ نعمان ثاني، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي صاحب البياض (وفات 1224هه) ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو مخدوم ابراهيم عرف موليڏنه، انهيءَ نقشبندي بزرگ جا خليفا هئا. خواجه حسن جان سرهنديؒ جي والد خواجه عبدالرحمان صاحب جڏهن ٽکڙ سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، تڏهن نقشبندي طريقو، جيڪو اڳ اجهامڻ تي هو، تنهن کي خواجه صاحب وري روشن ڪري ورتو. مولانا عبدالرحمان صاحب سکر وارو به سندن ئي خليفو هو، مگر پوءِ ستت ئي اويسي درجي کي پهچي ويو ۽ سندس سڌيءَ طرح پيغمبر


[1]   لطائف لطيفي، فارسي متن، راقم جي ڪوشش سان ڇپيل، ڀٽ شاهه، ضلعو حيدرآباد 1967ع، ص 29.

[2]   ايضاً، ص 169. اڳتي ڄاڻايو اٿس ته ڀٽائي صاحب جي وفات بعد جڏهن حڪومت طرفان سيد جمال شاهه کي گادي تي ويهاريو ويو ته محمد عالم وڏي مخالفت ڪئي. بالاخر جڏهن سيد جمال شاهه جي اشاري تي حاڪم (ميان غلام شاهه) مٿس سختي ڪئي ۽ کيس سوڙهو گهٽيو تڏهن وڃي معاملو ٺريو، پوءِ جلد ئي محمد عالم وفات ڪئي.

[3]   مرزا قليچ بيگ: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، راقم جي سنوار سان شايع ٿيل، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، سنه 1392هه/1972ع، ص 13.

[4]   ليلارام وتڻ مل لالواڻي جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهه لطيف جي زندگي، مذهب ۽ شاعري“، پهريون ڇاپو، ڪراچي 1890ع، ص.. (مصنف انگريزي ۾ ڪري لکيو آهي، جيڪو صحيح ناهي).

[5]   هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جو رسالو، جلد-1، ڪراچي 1924ع، ص 12.

[6]   دين محمد وفائي: لطف اللطيف، پهريون ڇاپو، ڪراچي 1950ع، ص 8.

[7]   شڪارپور ضلعي ٺهڻ کانپوءِ رستم لکي تعلقي ۾ شامل آهي.

[8]  هاڻي اهو بزرگ مرحوم ٿي ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com