سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :5

غزل

شيخ اياز

زندگيءَ جي رُڃّ ۾ زخمي هرڻ،

ٿا پڪارن، ”ڪو وڃي پاڻي ڀرڻ!“

ٿو وڃان ترهو تصوّر جو کڻي،

اي ازل! مان تار تنهنجي ۾ ترڻ!

چنڊ هڪڙي ڳالهه ڪئي مون کي ڳـُجهي،

مان تڏهن توتي کلان ٿو اي مرڻ!

تند منهنجي چنڊ سان لائون لهي،

جهومند نچندي لڳي واپس ورڻ!

راڳَ ڪائي آڳ ٻاري آ ”اياز“

ڳائڻو جنهن ۾ لڳو ٻهه ٻهه ٻرڻ!

*   *   *

چنڊ! تنهنجي ننڊ توکان ڪنهن کسي؟

چنڊ! توکي گهاو ڪنهن جا گهائي ويا!

اڄ وري هو آرزو اوتي ڪري،

زندگيءَ جي جام کي جرڪائي ويا!

رات اُڏري روح منهنجي مان چڪور،

ڳائي ڳائي چنڊ کي ريجهائي ويا!

او کلڻ وارا! ٻه ٽي مکڙيون ته ڏينم!

پاند سڀ جا تو وٽان گل پائي ويا.

هڪ گهڙيءَ ۾ اي پرين تنهنجا ڪنول

آڳ ڪاٽي ڄڻ لڱن ۾ لائي ويا!

راز جيڪو ڪنهن پيمبر حل نه ڪيو،

اي پرهه! تنهنجا پکي سمجهائي ويا!

ٿي ازل کان زندگي ساغر ڀري،

رند ڇا ميڪده ڇلڪائي ويا!

ياد ڪنهنجي آئي توکي اي ”اياز“!

ڪير توکي اوچتو مرڪائي ويا؟

غلام محمد گرامي

جو نه وسري آ سگهيو، ان کي وساري ته سهي!

جو نه ياد آهي رهيو ان کي ڪو ساري ته سهي!

اڄ به فياض ازل فيض رسان آ ليڪن،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي!

قصهء طور پراڻو ٿي ويو آ، ليڪن،

’لن تراني‘ چئي، ڪو يار نهاري ته سهي!

عقل ۽ علم حجابات جي دنيا آهي،

جذب و عرفان سان ڪوئي دل کي ڌتاري ته سهي!

’قسم براذني’ چئي مردن کي جيارڻ سولو،

ڪو هجي، ”قم“ چئي دلين کي جياري ته سهي!

آهه اڄ تشنهء مضراب رهيو ساز حيات،

ڪو هجي، تند طلب ساڻ تنواري ته سهي!

ميڪده، ساغر و ساقيءَ کي خدا شاد رکي،

ڪو هتي آهه؟ اچي جام پياري ته سهي!

هي سندءِ رنگِ تصوف، ۽ سندءِ نطقِ جميل،

ڪو ٻڌائي ته سهي، ۽ ڪو ڏيکاري ته سهي!

مان پنهنجي وعدي تي قائم آهيان، او رندِ الست،

قول ’قالوا‘ جو ’بليٰ‘ ساڻ ڪو پاري ته سهي!

ذري ذري ۾ آهي عالم امڪان جو شهود،

فڪرِ وحدت سان ڪوئي جڳ ڏي نهاري ته سهي!

تون پنهنجو پاڻ حجاب آهين، تڏهين ”ارني“ چوين!

ڪو هجي ”پاڻ“ جي ڏونگر کي به ڏاري ته سهي!

هري درياني ”دلگير“

زندگي! ٻيا به ٻه ٽي ڏينهن جيڻ چاهيان ٿو-

هڪ نئون رنگ زماني کي ڏيڻ چاهيان ٿو.

 

ايترو پيتو اٿم، ڪونه حساب آهه، ته ڀي،

جامَ راحت جا ٻه ٽي ٻيا به پيڻ چاهيان ٿو.

 

تنهنجي ميخاني ۾ مخمور ڪيئن مست مدام،

مان به مستن منجهان هڪ مست ٿيڻ چاهيان ٿو.

 

آءٌ هت رنگ پـَسـِي، واس وٺي، گد گد ٿيان،

باغِ دنيا سان ٻيو ڪجهه نه نيڻ چاهيان ٿو.

 

خونِ دل، آب اکين جو، هتي ڏيئي، مالهي!

تنهنجي گل گل کي نئون رنگ ڏيڻ چاهيان ٿو.

 

جنهن کي ٻڌندي ئي ڪري وجد مان هر ڪو وَه وَه،

تنهن جي هٿ ۾ مان اُهو ساز ٿيڻ چاهيان ٿو.

O

گـُل اميدن جا ڇڻي خاڪ ۾ پکڙيا، مٺڙا!

دل جا ٽڪرا به پـَنـَن خشڪ جان وِٽڙيا، مٺڙا!

 

دل جي گلشن مان اُميدن جا پکي ٻوليندڙ،

موڪلائڻ سوا، سن سانت سان وڇڙيا مٺڙا.

 

رات پوري ٿي وئي، پر نه پـِرين آئين تون،

چنڊ غائب ٿي ويو، تارا به نکڙيا مٺڙا.

 

توئي پنهنجو نه ڪيو، ڏوهه ڏيان ڪنهن کي مان؟

تون ويو آنهه ته ڄڻ ڀاڳ به بگڙيا مٺڙا.

 

جنهن گهڙيءَ منهنجي ٻـُنڀي کي تون لتاڙي ٿي وئين،

ڪيڏا دل ۾ ٺهي محلات ٿي اُجڙيا مٺڙا.

 

واءِ قسمت! تو پڇيو مون کان، ڪـُڇي مان نه سگهيس؛

وات ۾ لفظ امنگن کان ٿي وچڙيا، مٺڙا.

عبدالڪريم ”گدائي“

گذري ويا ڏينهن، سال، انهيءَ انتظار ۾،

ايندي ڪڏهن بهار سندم ڪشتِ زار ۾!

فصلِ بهار ۾ به چمن آ خزان نصيب،

مکڙي ٽڙي، نه گل کليو ڪنهن شاخسار ۾.

 

برباديء چمن سندي رواداد کي ڏسي،

لختِ جگر لڙهي هليا ڳوڙهن جي تار ۾.

بلبل جا گيت اهڙي چمن ۾ ڪٿا اچن؟

صياد دام جنهن جي اڏي ٽار ٽار ۾.

تون ٿو چوين ته رات کي به روشني چوان!

ڪا ڳالهه ڪانه ٿي اچي پر اعتبار ۾.

دورِ خزان ۾ اڳ هئا بيچين گل رڳو،

اڄ اضطراب آه مگر خار خار ۾.

 

مون کان نه پڇ سوال خدارا تون ئي ٻڌاءِ،

بلبل جي زبان بند ڇو فصلِ بهار ۾؟

دهقانِ بدنصيب کي ماني نه آ نصيب،

سمجهيو وڃي ٿو اجنبي پنهنجي ديار ۾.

 

معمارِ ملڪ خاڪ بسر، دربدر، بکيو،

بيڪار عيش ٿو ڪري، هر وقت ’ڪار‘ ۾.

هن ارضِ پاڪ جو اڃا آئين پاڪ ناهه،

ملت جي ڌيءَ ٿي ٿئي وڪرو بزار ۾.

 

ايوانِ عيش ۾ ٿا اچن هاڻ زلزلا،

قدرت جي ديڳ آه ٿي شايد اُٻار ۾.

ڪنهن خاڪسار کي تون حقارت سان ڪين ڏس،

شايد هجي سوار متان ان غبار ۾.

”بشير مورياڻي

هر شاخ هتي جلي رهي آهي،

 

توکي ته بهار جي لڳي آ !

پنهنجي به عجيب زندگي آ،

 

غم آهي سدا ۽ بيوسي آ !

 

 

 

هر جاءِ هتي ته مردگي آ،

 

ڪٿ زيست ڀلا کـِلي ڪـُڏي آ؟

آ دوست هيءَ صبح جي حقيقت،

 

اوندهه ۾ اسير روشني آ!

 

 

 

او صبح جي درد جا اسيرو!

 

اوندهه کي ڏسو وڃي رهي آ!

ڪهڙو آ هتي نظامِ گلشن-

 

مرجهائجهي هر ڪلي وئي آ!

 

 

 

انسان جي واسطي رفيقو،

 

هتڙي ته جئڻ به خودڪشي آ!

حيرت آ جو پنهنجي ئي وطن ۾،

 

هر شخص ٻئي لئه اجنبي آ!

 

 

 

محبوب جي سونهن جي نگر ۾،

 

غم آهي غم ۽ خوشي خوشي آ!

تو وٽ هي ”بشير“ ڪير آيو،

 

هر سمت عجيب روشني آ!

”تنوير“ عباسي

دنيا سان ٺهي هلبو ته پرين، هن دنيا ۾ جي رهڻو آهه،

پي ڇڏيا پيالا جي تنهنجي نيڻن جا نشانا ياد آيا،

 

ڏس آيون گهٽائون گوڙ ڪري، ڏس مينهن پيو گجگوڙ ڪري،

هن وقت ۾ منهنجو ڇا ٿيندو، جي توکي بهانا ياد آيا.

 

جئن وسريل گيت ڪو چپ تي اچي، جيئن اوچتو سور جي سـَٽَ اڀري!

ائين تنهنجون ڪهاڻيون ياد آيون، ائين تنهنجا فسانا ياد آيا.

 

بس تون هئين، تنهنجو پيار هيو، ۽ منهنجو جنون هو دنيا ۾،

جن ۾ نه زمانو ياد هيو، مون کي سي زمانا ياد آيا.

 

ان سانت ۾ هو سنگيت سڄڻ، ان ماٺ ۾ هو ميٺاج پرين،

جي روح چيا، جي روح ٻڌا، مون کي سي ترانا ياد آيا.

 

جڏهين به ويس مان بيوس ٿي، هن جڳ جي سورن کي سهندي،

تون ياد آئين، مون کي هر هر ۽ تنهنجا فسانا ياد آيا.

شيخ عبدالحليم ”جوش“

درد کي لا دوا ڪري ته ڏسان،

 

عشق جي انتها ڪري ته ڏسان.

ڇو هلان رهنما جي مرضيءَ تي،

 

پاڻ کي رهنما ڪري ته ڏسان.

تنهنجي بخشش جي مون ٻڌي تعريف

 

مان به ڪائي خطا ڪري ته ڏسان.

ڪو ته هوندو ضرور منهنجو به دوست،

 

ڪنهن کي دردآشنا ڪري ته ڏسان.

دل ۾ حسرت ته اضطراب ۾ دل،

 

دل کي بي مدعا ڪري ته ڏسان.

منهنجا ساٿي سمهي پيا شايد،

 

ڪا نوا، ڪا صدا ڪري ته ڏسان.

منهنجي تعريف تي ٿئي ٿو هو رنج،

 

پاڻ پنهنجي گلا ڪري ته ڏسان.

ميڪدي ۾ يا دير ۾ هوندو،

”جوش“ جي ڪا پڇا ڪري ته ڏسان.

شمشير الحيدري

پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون؛

جئين شال! ڪر ڪي جيارڻ جون ڳالهيون.

هليا، تيستائين دليون آزمايون؛

اکين کي ڪرڻ ڏي نهارڻ جون ڳالهيون.

ارادن کي ملندو عمل جو سهارو؛

چڱيون ٿينديون گڏجي گذارڻ جون ڳالهيون.

متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تون-

اهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون.

هڪل سان ته پهتا هئا يار پنهنجا؛

وري ويا ڪري آگ ٽارڻ جون ڳالهيون.

گلستان ئي شايد جلائي ڇڏيندا-

وڌي وييون ٻوٽن کي ٻارن جون ڳالهيون.

ڪٿي آهي ”شمشير“ جو چنگ چوري؛

زمانو ته ڀلجي ويو ’چارڻ‘ جون ڳالهيون.

قطعا

هري درياني ”دلگير“

ڏين ٿـِي شراب، پر نه ائين ڪُرڪندي پيار،

هيءَ چيز آ خوشيءَ جـِي، خوشيءَ سان پيار جي:

ٿورو ڀلي پيار، مگر مرڪندي پيار،

ناهي شراب، ته به ذرا مُرڪِي نهارجي.

 

ٽـِڙَيلَ پکڙيل آ منهنجي زندگي مٽيءَ جي ذرّن ۾،

ڇـِڪي وٺ پاڻ ڏي، تارن جي ضو ۾، شب جي دامن ۾:

ذرا سڻ سانت سان تون ماڪَ جي آلاڻ ڇٽڪائي،

مون کي تول ڦول ڪر، مشڪان جئين دنيا جي گلشن ۾!

 

ڪري قيد و قفس امداد مون کي،

هسيءَ جـِي ٿو ڪري ارشاد مون کي؛

اگر زنجير ۾ ڦٿڪڻ گهران ٿو،

سڏي پسي شـُڪر ٿو صيّاد مون کي.

 

سادگي تنهنجي ائين، جيئن ڍنڍ جـِي نيلاڻ آ،

جنهن منجهان ظاهر حقيقت جي عجب گهـِراڻ آ:

ڪاش، مان تنهن ۾ ٽـُٻيون اونهيون هڻي اوجل ٿيان،

پاڪ خود گنگا جي پاڻيءَ جان اِهو مهراڻ آ.

بشير ”مورياڻي“

منهنجي اکين منجهان ٿا ڳڙن ماڪ جا ڦڙا،

تنهنجي ڳلن تي چنڊ جي چانڊاڻ ٿي نچي؛

غم منهنجو دائمي، نه خوشي تنهنجي پائدار،

دل کي انهيءَ خيال سان آٿت پيو اچي.

 

ٿا ٽمن لڙڪ انڌيري شب ۾،

ياد تنهنجيءَ جا ڏيئا ٻاريان ٿو؛

اي پرين گردش حالات ۾ ڀي،

توکي ساڳي ئي طرح ساريان ٿو.

 

جن به اکڙين جو جام پيتو آهه،

تن سرورِ دوام پاتو آهه؛

تنهنجي هر مرڪ چنڊ جو ڪـِرڻو،

جن ڏٺو توکي، تن ئي ڄاتو آهه.

 

اسان جي وات اها وائي آ ايامن کان-

حياتي بخشون جهان کي ۽ خود به زنده رهون:

مگر اڃا ته ميسر نه آهي ڪوئي سک،

اڃا ته ساڳي طرح، دوستو، ٿا سور سهون!

 

پاڻ ئي پاڻ کان پري آهيان،

منهنجي نظرن ۾ تون ئي تون آهين؛

ٻئي طرف ڪيئن ڇڪجي منهنجو ڌيان،

تون جو هر وقت سامهون آهين.

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

آهستي، آهستي!

(1)

        بيوسيءَ جي زندگيءَ ۾، جڏهين هو هر ڪنهن هاج جي پورائيءَ لاءِ ماءُ ۽ مائٽن جو محتاج آهي، تڏهين به هن کي هڪڙي دنيا آهي. هن جو جيڪڏهين بدن ننڍڙو آهي، ته هن جي ويڪر به اُن موافق آهي. هن جون گهرجون جيڪڏهين ٿورڙيون آهن، ته سندس گهرجن پوري ڪرڻ وارا به ايترائي گهڻا آهن. هٿ ۾ جيڪي اچي سگهيس، اکيون جيترو به گهلي سگهنس، ٻانهون جيڪي جهلي سگهنس، وات جيڪي ٻولي سگهيس- مطلب ته سندس اک جي لک، وات چـَکَ، زبانَ جو ٻو، دل جو هول سندس وِتَ ۽ وسيلي پٽاندر ٿيندو ٿو رهي.

        سندس سلطنت ته آهي اول ماءُ جي ڇاتي. ور ور ڪري جهاتي پائي، اُنکي ساري سنڀاري، اُن مان پنهنجي کاڌِ خوارڪ وٺندي، طاقت حاصل ڪندي، اُن جي ارد گرد پنهنجا هٿ هلائي، پنهنجي دنيا بنائي ٿو. ڏسي پسي به گهڻو ئي ڪي ٿو، مگر ڪـُجهه وٺي ٿو ته وري گهڻو ڪي ٿوڪاري ٿو ڇڏي. ڪن کي گهري ٿو ته ڪن کان سري پاسو ٿو ڪري. مطلب ته سندس دنيا جي ويڪر ۽ لنبائي، چوڙائي ۽ اونهائي پنهنجو قد ۽ ڪيلُ وڌائي ۽ گهٽائي ئي آهستي آهستي ٿي.

جيئن وڃي سندس نظر ڊگهي پوندي، تئن وڃن سندس اِشارا گوناگون ٿيندا. انهن اشارن جي معنيٰ ۽ مطلب، عقل هوندي به، وَڏ وڏيرا سمجهڻ جي سگهه ساري نٿا سگهن- طاقت هوندي به محسوس ائين پيا ڪن ته ڄڻڪ بي طاقت آهن، لياقت هوندي به احساس اهو ٿئين ته بي لياقت آهن: ڪيڏو نه ڦير اچيو ٿو وڃي سمجهه جي ڪـَڇَ ۾! جا ڪنهن وقت اعلى ۽ بالا هئي، سا هڪڙي ٻار جي اڳيان بي مايه ۽ بي معنى ٿيو پوي. اِها ئي ڪرامت آهي ننڍڙي ٻار جي للڪار ۽ لٽڪار جي. سندس قدم ڪچڙو، سندس هٿ ننڍڙو، سندس ٻول نفيس ۽ نازڪ، ته به سندس آواز ڪيڏو نه راز ڀريو، ساز وارو، مٺڙو ۽ معنيٰ دار. سندس کاڌو سليس ۽ سادو، سندس قوت ٿورو، سندس رغبت ٿوري، سندس پسندي پوري سوري مگر پڪي، سندس ٻول پختو ۽ پڪو- ته به اسان ويٺا چئون ته ”ٻالڪ جي دنيا ننڍي، ٻالڪ جو ٻول ڪچو، ٻالڪ جي پسندي ڦرندڙ گهرندڙ آهي!“

بيشڪ سندس دنيا پهرين ماءُ تائين محدود آهي، مگر جئن وک سندس پيرَ آهستي آهستي وڌائيندا ٿا رهن، ته اکيون به سندس نيون چيزون،  نوان نظارا لهنديون، جهونيون ڀتيون ڀڃنديون، نيون اڏينديون، دنيا جو دائرو وسيع ڪنديون ٿيون رهن؛ مگر پيرن جي وِکَ سان اک سـُرُ تارَ ملائيندي، ”آهستي آهستي“ جو مٺڙو راڳ ڳائيندي، نئين دنيا بنائيندي ٿي رهي.

بيوس هوندي به هو وَسَ پنهنجي قـَدَ ۽ ڪيل کان ڪئين ڪاسا وَڌِ ٿو ڪري. جيڪڏهين نه مانيءَ جو ٽڪر کيس هٿ ۾ هوندو، ته ڪانوَ ڏسي ان تي وارَ ڪرڻ جي ڪندا: پوءِ طاقت نه هوندي، هو مـِٽَ مائٽ عزيز خويش جي مدد جي گهـُرَ ڪندو ۽ پنهنجي لولي جي بچاءَ لاءِ هو واتَ جي هڪل ۽ هٿ جا اشارا ڪندو! مگر دنيا سندس جو ڦيرو ۽ گهيرو اهڙو ته آهستي آهستي ٿو ڦري، جو چٽيءَ طرح چئي سگهجي ئي ڪين ٿو ته ”اڳين حد هـِتِ پوري ٿي، ۽ نئين هتان شروع ٿي!“

(2)

ٻالڪ روزمره ماءُ پنهنجيءَ جي گود ۾ ليٽندي، سندس ڇاتيءَ مان کير وٺندي، ائين محسوس نٿو ڪري ته هوءَ به ڪا هستي آهي: هـُن سان اهڙي ته گهاٽي رغبت اٿس، جو کانئس جن جو هئڻ ۽ جدا هستي رکڻ ڀلجيو ٿو وڃي.

اوچتو ئي اوچتو، ڄڻڪ هڪڙيءَ سهائيءَ گهڙيءَ، سندس نظر هڪ تصوير تي ٿي پئي. هو اُن ۾ هڪ صورت ٿو ڏسي. صورتون هونءَ ته هو سدائين پيو ڏسي، مگر ڪڏهين به ڪنهن کي ”ماڻهو“ ڪري ڪين پڪاريو اَٿائين. حيرت صرف اها آهي، جو جڏهين اسان وڏڙن کي به ماڻهوءَ جي وصفن جي پوري پڇاڻ نٿي جـُڙي سگهي، تڏهين ٻالڪ انهيءَ تصوير واريءَ صورت کي ”اڙي ماڻهو، اڙي ماڻهو“ ڪري ڪئن ٿو پڪاري؟ انهيءَ مان ائين وسهي سگهجي ٿو ڇا ته هو جيڪي ڏسي وائسي ٿو تنهن کي پاسي رکي، باقي تصوير واريءَ شڪل کي ماڻهو ڪري ٿو قبول ڪري. شايد ائين نه به هجي- ”ماڻهو“ لفظ هُن ٻڌو هجي، مگر سندس سمجهه ۾ ان جا انگ نه به آيا هجن. ماڻهو هو ڏسندو به رهيو آهي، مگر هن کي هـِن وقت تائين ماڻهو ڪري ڪنهن ڪوٺيو ڪونهي. جي کڻي ڪنهن ان کي وانگي واهيءَ ڪوٺيو به آهي، ته اُن اکر سندس چِتَ تي ڪو چِٽُ پيدا نه ڪيو آهي؛ پر جي اتفاق سان اِنَ جو چِٽُ چڙهيو به اٿس، ته شايد سندس ٻول ۾ ٻَلُ ايترو ڪونه آيو آهي، جو هانءُ کولي اکر ٻولي سگهي. اوچتو ئي اوچتو سندس زبان ڪولمبس وانگيان صورت ڏسي چوڻ ٿي لڳي: ”ماڻهو!، اڙي ماڻهو!آ“ هيءَ زبان جي حرڪت آهستي آهستي برڪت واري ٿيندي، ان مان ڏاهپ وارا ٻولَ ٺهي ٺڪي نڪرندا يا ڏکوئيندڙ ۽ ڏنگيندڙ اُڪـَرَ اُڪرندي، جو حيرت ۽ عبرت، مسرت ۽ نفرت اک ۾ پئي ٺهندي ۽ ڊهندي- آهستي آهستي.

ٻالڪ جي دنيا ننڍڙي، ته سندس پسنديءَ واريوپن چيزون به اهڙيون ئي ٿيون ٿين. سندس مانيءَ جا گرهه ننڍڙا، کيڏاڻا ننڍڙا، ٻول سندس ننڍڙا، ٽول ننڍڙا، سندس هنڌ ننڍڙو، کٽ ننڍڙي- مطلب ته هر چيز ٿئي ٿي ننڍڙي. پوءِ سندس دنيا ۾ ويڪر ڪٿان اچي؟ ننڍڙي کان ننڍڙو آهي سندس خيال، ته وري سندس مال به اهڙو ئي ننڍڙو ٿئي. سندس ٻيڙي ڪاغذ جي، اُن جو ساگر ڪَسي؛ سندس کيڏاڻو هڪ گڏو، ان جا وستر ننڍڙا؛ ان جي جيوت هڪ راند، ان جو موت هڪ چرچو؛ ان جي رِيجههَ سـَوَلي، ان جو رسامو سولو؛ ان جي سوس ۽ ماچِ، ان جو رَسُ ۽ ڪـَسُ، ان جو هيجُ ۽ کيجُ هڪ مرڪز تان ڦري ٻئي تي مـِڙي رهيا آهن. نقطو، جو سندس آهي، تنهنجي ڄاڻ سڃاڻ به ننڍي آهي؛ دماغ سندس ننڍڙو، دل سندس ننڍڙي- پوءِ ڪئن سندس دائرو ننڍڙو هوندي به وڏڙن کي وائڙو ڪري ٿو وجهي!

دنيا ۾ جيڪي به ننڍڙي کان ننڍڙيون چيزون آهن، تن جي قيمت ڳري ٿي ٿئي. سندن حفاظت وري خيال واري، سندس قدر بي پايان، سندس سونهن حيرت اُڀاريندڙ، سندن چرپر عبرت ۾ وجهندڙ. تڏهين ٻالڪ جي نفيس دل، جنهن جي چرپر واچ جي چرپر جيان جهيڻيءَ هوندي به گهڙيءَ جي هٿن کي چوريندي اڳتي ٿي هلي، ڪجهه هستي ضرور ٿي رکي. جيڏهن نه سندس دل جي دليري! ڪيڏي نه سندس دل جي ڦيري! ڪڏهين ڏس ته درياهه اُڪري پار هلي وڃي، وري ٻيءَ ساعت آڏ تي بهجي وڃي. ننڍڙي دل کي ايڏي همٿ ۽ حوصلو؟ ننڍڙي دماغ کي ايڏي اُڏاري؟ اهي سڀ عطائون ۽ بخششون کيس ڪٿان ٿيون پڙپون؟ انهن مڙني مسئلن جو حـَلُ به آهستي آهستي.

ٻالڪ ننڍڙو هوندي پاڻُ وڏو  پيو ڀانئين؛ محتاج هوندي به وقتن تي پاڻ کي شهنشاهه پيو سمجهي؛ بي سمجهه هوندي پاڻ کي سمجهه وارو پيو سمجهي؛ بي گهر هوندي به پاڻ کي گهر وارو پيو محسوس ڪري؛ بي مال هوندي پاڻ کي مالدار پيو معلوم ڪري: اهو ڪهڙو اسرار آهي؟ اقرار ۽ انڪار، آغاز ۽ انجام، نفي ۽ اثبات، هئڻ ۽ نه هئڻ، زندگي ۽ موت جا مڙيئي اهڃاڻ اُتِ ئي ٿا بکن. انهيءَ حـَدَ تي ئي بي حد جي ٻاريءَ جو ديدار ۽ حد واري جي تاڙيءَ جو برابر اقرار آهي: تڏهين خيال ۽ خوض، ويچار ۽ اُچار جو قدر، اُنهن جي لاڙن ۽ ڪنارن جي ڄاڻَ جو ماڻ ٻالڪ آهي ڪئن؟ جواب نه صرف انڪار ٿي ٿو سگهي، مگر اُن جي اُبتڙ به ٿي ٿو سگهي. اقرار ۽ انڪار گڏوگڏ هلندا ٿا هلن. هستي ۽ پستي ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيندا، مٿي چڙهندا ٿا رهن. وَس ۽ بيوسي پاڻ ۾ ڀاڪر پايو پيا هلن! تڏهين ايڏي ساري محبت ۽ نفرت، ايڏي ساري محنت ۽ ڪاهلي ڇو ۽ ڇالاءِ ٿي پنهنجو وارو ڄمائي!

ٻالڪ جي دنيا بيشڪ ننڍي آهي، بيوسي سندس بيحد آهي؛ ته به بي حرمتي جو هو بنهه نه سهندو. غصو سندس اعليٰ، اک سندس ڪَرڙي. ڪير ٿو سندس ناز سان مذاق اُڏائي سگهي: مگر جي ڪو دل جهلي به کڻي، ته به روڄ ۽ راڙو جو مٿس وسي پوندو، تنهن جو ڪاٿو ڪٿڻ به مشڪل آهي! عقل بي طاقت آهي، دل بي لياقت آهي، جا برداشت ڪري سگهي! ٻار جي پڪار چيريندڙ، ڏاريندڙ، دل ڦاڙيندڙ ٿئي ٿي، تنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ همت ۽ حوصلو بي ڪار ٿا ثابت ٿين. ننڍڙيءَ دنيا جو مالڪ هوندي، ٻالڪ هڪڙي اعليٰ ۽ اوچي خودداريءَ جو پالڪ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com