سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :19

الله آهي هيڪڙو جو مـُور مڙني جو،

”لا“ نه لڀي منجهس آهي ”اِلاّهو“،

سڃاڻڻ ۾ تنهن سندي، عقل عاجز هوءِ،

”آهي“ چئبو ان کي، پڙهيي ڪل نه پوءِ،

پاڪ طرح ۽ طرف کان قادر جنس نه ڪوءِ،

هيڏو، ههڙو، هيترو، نڪي سڱيڻو سوءِ،

سڀڪا صورت جوڙ تنهين، پاڻ پراهون هوءِ،

سڀن ڌاران تنهن سـَري، ان ري سـَري نه ڪوءِ،

مٿس واجب ناه ڪـِي، جڳ تي واجب سو،

ان ري صورت نه ٿئي، صورت ري سو هوءِ،

”وَ اللهُ الغـَنـِي و اَنتـُم الفـَقراءُ“ صاحب ’صمد‘ ٿيوءِ،

جدا ڪين جهان کان، نڪي لڳو ٽوءِ،

منجهه نه چئبو مون ڌڻي، ٻاهر ٻجهه ۾ سوء،

نڪي آڳاهون هيڪڙين، ٻين کي اوڏوءِ،

واحد پاڪ ورڇ کؤن، جئن هوءِ ذرو ذروءِ،

سڀئي ذرا تنهن خلقيا، پاڻ نه هوءِ ذروءِ،

پر علم قدر اهڙي، جئن ههڙو جڳ جوڙيو!

جيڪي تنهن ري پوڄجي سو سڀ پاپ ٿيوءِ،

توڻي اڀين ٿوڪ سو، توڻي ڀـُونءِ تي هوءِ،

سڀني ڪم ڪريم سين، ٻئي سين ڪم نه ڪوءِ،

”اِنِ الحـُکمُ الاّ للهِ“ پڙهي پـَرُوجهو،

جنين ٻيءَ پـَرِ ڀانئيو تنين اکِ ڦـُلو،

لا مـَڪانِي- ”لا“ ٿيو جي پڇين مڪانو،

”کـُل الـَينا راجـِعـُونَ“ صحي سـِکي سمجهو،

”قُل اِنّ الامَرکُلہُ للهِ“ ٻُجهو جي نه ٻُجهو،

ٻي ريءَ سـَري سڀني، واجب واحد هوءِ،

جنهن ريءَ سَري نه جڳ کي پَهر نڪو پلڪو،

سو در سوجهڻ سور ٿيو جو وڃڻ وڃي ويندو،

ڏوريو در ڏاتر جو، جو آهي ۽ هوندو.

سڄڻ! سمجهه ته ”مور مڙني جو“ معنى ”منڍ مڙني جو“- يعني ته الله پاڪ جي هستي ٻي ڪل ڪائنات جو سرچشمو آهي. ”مور“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”مول“ آهي، ۽ پوءِ ”ل“ مٽجي ”ر“ ٿيو آهي. ”مول“ معنى اصل، بنياد يا منڍ. شهر ملتان جو اصل نالو به ”مول آسٿان“ (= مولتان = ملتان) آهي يعني اصلي آستان يا آستانن جو بنياد. جئن ته ملتان ۾ قديم زماني کان سج جي پوڄا جو هڪ وڏو مندر هو، انهيءَ ڪري ئي ان کي سڀني پوتر آستانن جو منڍ ڪري ليکيائون. پئسن جي ”مور“ واري رقم جي معنى به آهي منڍ واري، يعني اها رقم جا شروع طور ڪنهن ڪم يا ڌنڌي تي خرچ ڪجي. کٽيو يا نقصان ان شروع واري رقم يعني مور تي ئي ٻڌبو. شڪي حالت ۾ چوندا ته ”ادا جي مور مليو ته لک ٿيو“. شاعر سانوڻ به انهيءَ ساڳيءَ معنى ۾ چيو آهي ته ”گهڻو کٽيو گهوريو، ماڳهئين وڃي نه مور“. چوندا ته ”مور ۾ سور نه پوي“، ”مور ۾ سور نه وجهه“ يا ”مور ۾ سور ڪونه وجهندس“. سنڌيءَ جي عام اصطلاح ”آءٌ مور ڪو نه ڪندس (يا ويندس، ڏيندس وغيره) جي پڻ معنى ٿيندي ته ”آءٌ اصل ئي ڪونه ڪندس؛ آءٌ منڍئون ڪونه ڪندس؛ يا آءٌ ڌرئون ڪونه ڪندس“. ”لا“ نه لڀي منجهس يعني ته الله پاڪ جي هستي ۾ نفي يا نيستي جو ذرو به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو ”اِلاهو“ آهي يعني ته سندس ذات هميشه اثبات آهي. ”پڙهيي ڪل نه پوءِ“ يعني ته محض اکري علم سان الاهي حقيقت جي پروڙ ڪانه پوندي. ”طرح، ”طرف“ ۽ ”جنس“ کان قادر مطلق پاڪ آهي، يعني ته صورت، مڪان ۽ جنس کان اتم ۽ اعلى آهي. ”والله الغني و انتم الفقرا“ يعني ته الله تعالى بي نياز آهي ۽ اوهين بندا ڏانهس محتاج آهيو. ”لڳوٽو“ يعني لڳل، لاڳاپيل يا ڳنڍيل. ”اِنِ الحـُکم اِلاّ لله“ يعني ته حڪم ۽ اختيار جو صاحب صرف الله تعالى ئي آهي. مڪان جي لحاظ کان هو لامڪان آهي. ڌڻي تعالى جو قول آهي ته ”ڪـُل اِلـَينا راجعون“ يعني ته سڀ مخلوق بالآخر اسان ڏانهن موٽندي. ”قـُل اِنّ الامرَ کـُلہَ ِلله“ يعني ته هر ڪم ۽ نتيجي جو، هر امر ۽ اختيار جو ڪلي طور مالڪ اهو مولى آهي. ”سو در سوجهڻ سور ٿيو، جو وڃڻ وڃي ويندو“ يعني ته جيڪي ڪجهه گهرجي سو هڪ ڌڻيءَ جي دران ئي گهرجي، باقي ٻيو در جيڪو به اوس فنا ٿي ويندو، ان جو ارادو ڪرڻ ئي ڄڻ اجايو سور سهڻ آهي. ”سوجهڻ فعل متعدي آهي ۽ ”سـُجهڻ“ لازمي آهي، جئن کولڻ ۽ کلڻ. ”سوجهڻ“ يعني ڪنهن شي کي خيال ۾ آڻڻ يا ان جو ارادو ڪرڻ يا ان جو گهورو ٿيڻ.

منهنجا ڍولڻ! ڄاڻ ته خوشيءَ ۾ توڙي ڏک ۾ سنڌ وارن پنهنجي مولى کي نه وساريو آهي. هڪ معنى ۾ عشق ۽ محبت جهڙي ٻي خوشي ۽ خوراڪ ڪانهي ۽ دل گهرئي دوست جي ملڻ جهڙي ٻي نعمت ڪانهي. سنڌ وارن انهيءَ نعمت جي نصيب ٿيڻ جو مدار به پنهنجي مولى تي رکيو آهي: چوندا آهن ته ”يار ڏي مولى وارث آهي الله“. وڇڙيل دوست کي به چوندا ته ”الله آڻيندو“. ڄام دوست علي جوکيي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:

دلبر! دوست علي چوءِ، آڻيندءِ الله،

مون سوين سکائون ڪيون لعلڻ توهي لاءِ،

ساجن! سڪ سندياءِ، مون کي ڪالهوڻيان اڄ گهڻي.

”چوءِ“ يعني ”چوي“- اهو ملير ۽ ساڪري جي خاص محاوري جو لفظ آهي. ڀٽائي صاحب به وصل جي وائي واريندي چيو آهي ته: ”الله! اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي“؛ ۽ پڻ ”الله! اوتاري، منڌ ماروء جي ميڙئين“.

ڄاڻ ته درد ۽ ايذاء ۾ پڻ سنڌ وارا الله کي ئي ٻاڏائيندا. ايذاء وقت ”الاڙي“ چوڻ سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام آهي. ”الاڙي“ معنى ”الله! ڙي“ يعني ”اي الله“، ”يا الله!“ صدين کان وٺي ”الله“ جو نالو سنڌ وارن جو تڪيو ڪلام ۽ زبان زد عام بنجي ويو آهي. ايذاء وقت ”الله“ جي سڄي نالي اچارڻ بدران ”الا“ جو اچارجڻ فطري آهي؛ انهيءَ ڪري درد ۽ تڪليف وقت ”الله!“- يعني اي الله!- جو مخفف ”الا“ عام رائج ٿي ويو آهي. ڀٽائي صاحب چيو آهي ته: ”اَلا! ائين مَ هوءِ- جئن آءٌ مران بند ۾“ يعني اي الله پاڪ! شل ائين نه ٿئي جو آءٌ هڪ قيدي جي حالت ۾ دم ڏيان؛ ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“ معنى اي الله سائين! آءٌ ڏاهپ وارو نه ٿيان ڇو ته ڏاهپ واريون ڏک ڏسنديون آهن. مطلب ته ”الا“ تڪليف جي وقت وارو سڏ آهي ۽ ”الله!“ جو مخفف آهي. ”اَلاڙي“ خاص طرح درد ۽ ايذاءَ واري دانهن آهي. سسئي جي زباني ”سانوڻ“ جو بيت آهي ته:

درد بنا دانهن نه ڪري ”الاڙي! الا“،

ڪانڌ مون کي ڪهي ويو ڪري ڪربلا،

اٺ تي آريءَ ڄام جا اٿارياءٌ اَوَلا،

آريءَ جي اٺن کي ڏينديس وندر منجهه وَلا،

هاڙهي وندر وچ ۾ ڏنم ويهه وَلا،

سورن جا سائين!- مون آهن ٿـَڪيءَ تي ٿلا،

سورن جا سائين!- مون آهن ٻانهيءَ تي ٻيلا،

پر سورن جا، سانوڻ چئي، اڄ آهن ڪوڙا ڪؤنسلا،

اهي حسن حوصلا، منهنجا پنهون نيا پاڻ سان.

ڌڻي شال راضي ٿي پنهنجي بندن سان سڀ سور ۽ درد دفعي ڪري ۽ کين پنهنجي نعمتن ۽ نوازشن سان مالامال ڪري. منهنجا سڄڻ! ڄاڻ ته رب جي رضامندي جهڙو ٻيو ڪو سرمايو ڪونهي. رب راضي هجي ته بندي جي بلنديءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي. ڳجهارت ۾ آهي ته ”الله ذات آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي نالو ٿئي“ (ذات = ڏيٿو، نوڪر = ڪمي، نالو = راضي) يعني ”الله ڏئي ٿو، ڪمي اٿس ئي ڪانه، پر جي راضي ٿئي.“

مهراڻ جا موتي

 

* جيڪو شخص بدلي جي طريقن تي غور ڪندو رهي ٿو، ان جا زخم سدائين چڪندا رهن ٿا؛ ۽ جيڪو پنهنجي دوستن جي هر خطا تي ڏمر ڪندو آهي، ان جا دشمن گهڻائي هوندا آهن.

– بو علي سينا.

* تون سمجهين ٿو ته محتاج کي قرض ۾ مهلت ڏيئي، تو هن تي ڪو وڏو احسان ڪيو آهي؛ پر اهو احسان ناهي، بلڪ عدل ۽ انصاف جي ئي تقاضا آهي.

– غزالي.

* سچو دوست ان کي سمجهڻ گهرجي، جو اڪيلائيءَ ۾ عيب ظاهر ڪري انهن تي تنبيهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪري؛ مگر پر پٺ تنهنجي تعريف ڪري، ۽ جڏهين توکي ڪا به مشڪل پوي، ته ان وقت همراهي ڪري.

– مامون الرشيد.

* حق جي ڪڙائيءَ کي برداشت ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي؛ پر سڀاڳو آهي اهو شخص، جو ٻين جي نصيحت ٻڌي.

– غزالي.

* لائق ماڻهن جي حق تلفي ڪري، نالائقن جي پرورش ڪرڻ، نه فقط انهن جي ڪنڌ تي ڪاتي ڦيرڻ آهي، بلڪ اهو ته ڏسي وائسي سموري آئنده نسل جي رستي ۾ ڪنڊن پکيڙڻ جي برابر آهي- ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان وڌيڪ آفت ۽ مصيبت آئنده نسل لاءِ ٻي ڪا ٿي نٿي سگهي، ته هنن کي ورثي ۾ اهڙن شخصن جي بالادستي ۽ وڌندڙ فوج ڏني وڃي، جي ڊڄڻا، آواره، ڪم چور، بدمعاش ۽ شرير هجن!

– هربرٽ اسپينس.

* جڏهين هڪ شخص چڙ ۽ غصي ۾ ڀرجي، تو سان بيهودن لفظن ۾ ڳالهائي ٿو، ۽ توکي معلوم آهي ته هو غلط ۽ غير معقول آهي ته اها ته تنهنجي وڏي بيوقوفي ٿيندي، جو تون به ان وانگر جوش ۾ اچي واڪا ڪرين: انهيءَ جي معنيٰ ته هيءَ ٿي ته هڪ چرئي کي ڏسي، تون به چريو ٿي وڃين.

– فرينڪلن.

* انسان جي زندگيءَ جو مقصد ڪو اهو ڪونهي، ته هن کي نيٺ قبرستان رسايو وڃي، بلڪ هن کي پنهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد ضرور بنائڻ گهرجي، نه ته هن جي ڄمڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونه هو!

– لانگ فيلو.

* جئن ڪو درد اسان کي ڪنهن خرابيءَ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ٿيندو آهي، تئن مصيبتون به درحقيقت سجاڳ ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون.

– ڊابسن.

* انسان جي واسطي سڀ کان وڏي خوش قسمتي ۽ حياتيءَ جو سڀ کان وڏو انعام اُهو آهي ته هو پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن اهڙي خاص ڪم ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪري ڇڏي، جنهن سان هن کي پورو پورو شوق هجي ۽ ان ڪرڻ سان خوشي ٿي سگهيس.

– ايمرسن.

* اي شام جو فٽ بال، هاڪي، ٽينس، گهوڙڊوڙ، ۽ پولو وغيره ”ورزش“ کي پنهنجي صحت لاءِ لازم سمجهندڙؤ! ڳوٺن ۾ وڃي انهن بدنصيب هارين جو هٿ ڇو نٿا وٺو، جن جي جسم جون هڏيون سخت محنت سبب چور چور ٿي رهيون آهن!

– برنارڊشا.

* دولتمندن ۽ سرمايدارن جي خيرات ۽ چندي مان هلندڙ سوسائٽيون هميشه دولتمندن جي طاقت ۽ موجوده سرمايدار نظام کي قائم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن؛ هو صبر ۽ تحمل جي تلقين ۽ تبليغ سان غريبن جي انقلابي جذبن کي ٿڌو ڪنديون رهنديون آهن، ته جيئن سرمايدار بي خوف و خطر سندن رت چوسيندا رهن.

– برنارڊشا.

* اڳئين زماني جي درويشن جا پيالا ڪاٺ جا هئا ۽ هو پاڻ سون جا؛ مگر هاڻوڪي زماني جي درويشن جي اها حالت آهي، جو سندن پيالا ته سون جا آهن، پر پاڻ ڪاٺ جا!

– ڊيڪن.

* تاريخ جي صفحن تي انهيءَ نيپولين جو نالو ته سونن اکرن سان لکيل آهي ۽ ٻار ٻار سندس نالي کان واقف آهي، جنهن جي سر تي گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن لکن انسانن جي بيگناهه قتل جي ذميواري عائد ٿئي ٿي: مگر انهي وليم جيمس جو نالو تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا، جنهن ماتا جهڙي نامراد مرض جا ٽڪا ايجاد ڪري، ڪروڙن انسانن جي قيمتي جانين کي بچايو!

– نامعلوم.

* ڪو به ملڪ تيستائين هر گز غلام بڻائي نٿو سگهجي، جيستائين خود انهيءَ ملڪ جا باشندا چڙهائي ڪندڙ جي مدد نه ڪن- بلڪل ائين، جئن ڪهاڙو تيستائين وڻن کي وڍي نٿو سگهي، جيستائين خود منجهس ڪنهن وڻ جي ڪاٺيءَ جو ڳن پيل نه هجي!

– نامعلوم.

* جڏهين آءٌ ڪنهن جاهل کي پنهنجي تعريف ڪندي ٻڌندو آهيان، تڏهين سوچيندي آهيان، ته مون کان اهڙو ڪهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ٿيو، جو هن کي پسند آيو!

– افلاطون.

* جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيه خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جهل جون سختيون ئي برداشت ڪرڻيون پونديون آهن.

– ارسطاطاليس.

* منهنجي دعويٰ آهي ته جيڪڏهين اوهين عوام جي راءِ ۽ سندن خواهشن جو احترام نه ڪندؤ، ته اوهين جيترا به وڻيو اوترا قانون کڻي بڻايو، مگر اوهين انهن جي وسيلي بدامني ڦهلائيندڙ سڀني عناصر جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندؤ . . . . . .  اوهين عوام جي ڳالهه ٻڌو، سندن احساسن ۽ جذبات جو احترام ڪريو ۽ سندن مطالبن ۽ خواهشن کي تسليم ڪريو.

– قائد اعظم محمد علي جناح

* هوڏانهن انسان جي اها حالت آهي، جو مذهب، نسل، رنگ، قوميت، خواجگي، غلامي، سرمايه داري، مزوري، تعصب، عقليت، جمهوريت، اشتراڪيت، وغيره وغيره جي اٿاهه جهڳڙن ۾ ڦاٿل آهي. جڏهن کان سندس ظهور هن زمين تي ٿيو آهي، لاتعداد جنگيون ۽ بي انتها فساد هن زمين تي برپا آهن؛ قوم قوم کان الڳ آهي؛ ۽ ڪا به صورت انسان جي هڪ

امت بڻجڻ جي نظر نٿي اچي، جو صحيفهء فطرت کي پنهنجي مجموعي قوت سان فتح ڪري سگهي. جيڪا وحوشت ۽ درندگي انسان ۾ آهي، خدا جي ڪنهن به ٻيءَ مخلوق ۾ هرگز ڪانهي، ۽ سموري صحيفهء فطرت ۾ فقط انسان ئي هڪڙو وجود آهي، جو هڪ جنس جو ٿي به، پاڻ ۾ وڙهي رهيو آهي. فساد جو سڀ کان وڏو محرڪ اڃا به ”مذهب“ ئي آهي، جو انسان کي هڪ وحدت ۾ پوئڻ نٿو ڏئي- جيتوڻيڪ ان جا ٻيا محرڪ به هزارين آهن، جي انساني امت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، سندس اجتماعي قوت کي ضايع ڪري رهيا آهن.

– علامه مشرقي

* ڪنهن نوجوان جي ترقيءَ جي رستي ۾ غالباً اهڙي ٻي ڪا به رنڊڪ ڪانهي، جهڙي هر وقت پنهنجي قابليت کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي سندس خواهش ۽ طمع. ائين پيو ڀانئجي ته اسين انهيءَ ڳالهه کي وساري ٿا ڇڏيون، ته ترت يا دير سان دنيا کي ته صاف صاف پتو لڳي ويندو ته اسين ڇا آهيون- ۽ پوءِ جيڪي هو سمجهندا، تنهن ۾ وار برابر به فرق نه هوندو. اسان جي اصليت شايد اڄ ظاهر نه ٿئي ۽ ممڪن آهي ته سڀاڻي به ظاهر نه ٿئي، پر نيٺ ان جو پتو ضرور لڳي ئي ٿو وڃي، ڇو ته اسان جي اصليت بنهه پاڇي وانگر اسان سان گڏوگڏ لڳي وتي.

– ڊاڪٽر مارٽن.

* جيڪڏهين بدقسمتيءَ سان اوهين اهو خيال ڪري ويٺا ته اوهان ۾ خداداد قابليت ۽ ذهانت آهي ۽ سڀئي ڳالهيون پاڻ کان پاڻهي اوهان جي دماغ ۾ اينديون وينديون، ته اهو خيال خام دل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ پڪ سمجهو ته جيڪا به چيز اوهان کي هٿ ايندي، سا محنت سان هٿ ايندي، نه ڪ اوهان جي نڪميءَ ذهانت سان.

– ڊاڪٽر مارٽن.

* آءٌ ٽانڊن تي هليو آهيان ۽ گرم واريءَ کي به پيرن سان لتاڙيو اٿم، پر مون غصي کان وڌيڪ گرم چيز ڪابه ڪانه ڏٺي.

– بزرجمهر.

* جيڪي شخص فائدي ۾ ٻئي ڪنهن کي شريڪ نٿا ڪن، انهن سان نقصان ۾ ڪو به شريڪ نٿو ٿئي.

– بيڪن.

* جنهن چيز کي اوهين سڌاري نٿا سگهون، تنهن کي ڪم از ڪم بگاڙيو ته نه.

– شيڪسپيئر.

* هڪ دوڪاندار جي ڪردار تخليق ڪرڻ لاءِ سو دوڪاندارن جي زندگيءَ جو علم ضروري آهي، هن لاءِ ته جيڪو ڪردار تخليق ڪيو وڃي، سو پنهنجي انفراديت جي باوجود قسم جو هجي، جو سڀني دوڪاندارن جي ترجماني ڪري سگهندو هجي.

– گورڪي.

* قدرت جو هيءُ نهايت پراڻو قانون آهي ته حق جي آواز کي جيترو به دٻايو ويندو، اوترو ئي زياده سختيءَ سان اڀرڻ جي منجهس همت پيدا ٿيندي آهي. مظلوميت ظلم جي ئي پاڻيءَ سان سيراب ٿيندي آهي، ۽ مظلومن جي غم ۽ غصي جي باهه کي تشدد ۽ سخت گيريءَ سان وسائڻ جي جيتري به ڪوشش ڪبي آهي، اوترو ئي زياده خوفناڪيءَ سان اُن جا شعلا اندران اندر ڀڙڪڻ شروع ٿي ويندا آهن.

– ابو سعيد بزمي

* اڄ حقيقت ظاهر آهي ته عدل ۽ انصاف جي هڪ گهڙي سؤ سال جي عبادت کان بهتر آهي. رعايا تي رحم ڪريو، ان بيحد ظلم سٺا آهن. فصل تباهه ٿي ويا آهن، هارين جي بدن تي سواءِ کل ۽ هڏن جي ڪا به شي باقي نه رهي آهي، انهن جا ٻچڙا بکيا ۽ اگهاڙا ٿي ويا آهن.

– غزالي.

* سائنس مذهبي ۽ سماجي قانونن کان آزاد آهي- ان ۾ پوريءَ خبرداريءَ سان ٿيل تجربن يا مشاهدن جي منطقي يا مادي تشريح کان پوءِ ئي نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا. مثلاً: جو شخص زهر جو هڪ خاص مقدار ڳيهي ٿو، ته هو يقيناً مري ويندو. خواه هن جو اهو ڪم قانون جي خلاف هجي يا نه. اسين ڪنهن به بيماريءَ جي جيوڙن کي هڪ خاص تعداد تائين پنهنجي جسم ۾ پرورش پائڻ ڏيون، ته هڪڙيءَ خاص مدت کان پوءِ اسان کي اها بيماري ضرور ٿي ويندي، چاهي ان جي نه ٿيڻ لاءِ ڪيترائي تعويذ ۽ ڌاڳا ٻڌون، دعائون گهرندا ۽ وظيفا پڙهندا رهيون.

– پروفيسر ڪوسامبي.

* اسين پنهنجي زندگيءَ جي وڏيءَ چادر به بيڪار ۽ سڙيل ڪپهه کي لڪائي نٿا سگهون. هن چادر ۾ جيڪا به خراب ۽ سڙيل تند هوندي، سا ضرور ڪجهه وقت ۾ ظاهر ٿي ويندي. اسين پنهنجن نقصن ۽ عيبن کي گهڻيءَ دير تائين ڳجهو رکي نٿا سگهون. اسان جي دل ۾جيڪو خيال جو مهمان داخل ٿئي ٿو، سو اتي پنهنجي هٿ اکرن جو نمونو اسان جي چال چلن تي ڇڏي وڃي ٿو. اسان جا داغ ۽ نشان اسان جي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪندا پيا رهندا آهن، ۽ اهي داغ ۽ نشان اسان جي زندگيءَ جي سنگمرمر تي اهڙا ته اونها کوٽجي ٿا وڃن، جو ڀڄندڙ ماڻهو به انهن کي آسانيءَ سان پڙهي ٿو سگهي. وقت جي آڱر ۾ اها طاقت ناهي، جو بيوقوفيءَ جي داغن ۽ نشانن کي کرڙي سگهي، ۽ نڪي ٻڍاپڻ جي سرديءَ جي لهرن ۾ اها طاقت آهي، جو جوانيءَ جي بدنماين کي برف جي پوچيءَ سان سفيد ڪري ڇڏي.

– نامعلوم

* جيڪڏهين ڪو شخص انهيءَ درجي تي پهچي وڃي، جو ماڻهو سندس خذمت ڪن، ته هو اڪثر تڪبر ۽ ڏيکاءَ جو قيدي ٿي وڃي ٿو. پر جيڪڏهين هو ٿورو غور ڪري، ته جيڪر کيس معلوم ٿي وڃي ته ڪو به شخص نڪي کيس سجدا ٿو ڪري، نڪي سندس خذمت ٿو ڪري؛ بلڪ هر ڪو درحقيقت سجدا ٿو ڪري پنهنجي طمع ۽ حرص کي، ۽ خذمت ٿو ڪري پنهنجي شهوت جي، ۽ انهيءَ مال جي، جو هو کانئس حاصل ڪري ٿو. اهڙا ماڻهو ان حاڪم کي درحقيقت ڌوڪي ۾ رکندا آهن. درحقيقت سندن دوستيءَ جو مدار اهي پنهنجا ذاتي خسيس مطلب ئي هوندا آهن. جيڪڏهين کين خبر پئجي ويندي آهي ته هي حاڪم ڊسمس ٿيڻ وارو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو اچڻ وارو آهي، ته يڪدم کانئس منهن ڦيرائي، سندس دشمنن جون ٻيڻيون خذمتون شروع ڪري ڏيندا آهن. مطلب ته سندن خوشامد جو مقصد فقط پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ ئي هوندو آهي. افسوس جو هنن خود غرضيءَ جي خوشامدين جو نتيجو اهوئي ٿئي ٿو، جو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويل حاڪم انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿا ويهي رهن، سندن ظلم و ستم حد کان وڌي وڃي ٿو، ۽ مخلوق جو مصيبتون ۽ تڪليفون ڳاڻيٽي کان ٻاهر ٿي وڃن ٿيون.

– غزالي.

* سڀ کان پهرين ۽ بنيادي چيز هيءَ آهي ته انسان جي زندگيءَ لاءِ جيڪي ضروري چيزون اهن، سي هن کي حاصل هجن؛ نه ته پوءِ هڪ خسيس ۾ خسيس ڪيڙي ماڪوڙي جي زندگيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي- ۽ جڏهين هن جي انسانيت هن کان کسجي ويئي، تڏهين هن مان انساني ڪمن جي اميد رکڻ به اجائي آهي. پوءِ جيڪڏهين هو وڙهي ٿو، قانونن کي ٽوڙي ٿو، حدون ٽپي ٿو، انساني رت مان هٿ رڱي ٿو، ۽ شيطانن وانگر شور ۽ هنگامو مچائي ٿو، ته اوهين هن تي الزام ڇو ٿا رکو؟ اهو ڪهڙو انصاف آهي، جو مڇيءَ کي پاڻيءَ کان ٻاهر آڻيو، ۽ پوءِ جڏهين هوءَ ڦٿڪي، ۽ ڦٿڪي اوهان کي پنهنجي ڇلهرن ۽ ڪنڊن سان زخمي ڪري، تڏهين ان تي غصو ڪريو ۽ ان کي ڏوهاري بنايو؟ هي ڪهڙو اصول آهي، جو اڏامندڙ پکيءَ کي هوا کان محروم ڪري پڃري ۾ بند ڪريو، ۽ جڏهين هو هن محروميءَ تي چريو ٿي پنهنجو هيڏانهن هوڏانهن ٽڪرائيندو ڦري، تڏهين ان کي گنهگار سڏيو؟

انسان جنهن ساهواري جو نالو آهي، ان لاءِ جيتري ضرورت هوا ۽ پاڻيءَ جي آهي، اوتري اٽي، لٽي ۽ اجهي جي به: پوءِ جيڪڏهين اوهين هن کي اهي چيزون نٿا ڏيو، ته ڪئن ٿا اميد رکو، ته هو شرافت ۽ انسانيت جو پتلو ٿي رهندو. گناهه کان ڊڄندو ۽ نافرمانيءَ کان ڪنبندو؟

– ابو سعيد بزمي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com