سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1983ع

باب: --

صفحو :4

ان بزرگ چيو ته مان توهان کي روز هتي ڏسندو آهيان. توهان گهران اسڪول جي بهاني اچي هتي ٽائيم ضايع ڪيو ٿا. مائٽن کي دوکي ۾ رکو ٿا. پٽ توهان پاڻ پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪري رهيا آهيو ۽ هتي مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين ڪوڙ ڪڏهن به لڪي نٿو سگهي. اڄ نه ته سڀاڻ ضرور ظاهر ٿيو پوي. سچ  هڪ وڏي قوت آهي جنهن سان ڪابه ٻي طاقت مقابلو نٿي ڪري. سگهي. سچ هڪ تمام وڏي طاقت آهي تنهنڪري پٽ سچ ڳالهائيندو ڪر. پوءِ ڇو نه اهو سچ ڳالهائڻ تنهنجي نقصان ۾ هجي. پر انهيءَ معمولي نقصان کان اڳتي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. تنهن لاءِ هميشہ سچ ڳالهائيندو ڪر. تون پنهنجو ته مستقبل خراب ڪري رهيو آهين پر ٻئي ساٿي جي مستقبل کي به پيو برباد ڪرين. منهنجي وڃڻ کان پوءِ ٿورو سوچجان ۽ ضرور منهنجي ڳالهه کي ياد رک جيڪڏهن وري به توهان پنهنجي حسب دستور واري عادت نه ڇڏي ته توهان آخر ۾ حد کان وڌيڪ پڇتائيندو.

بار بار توهان کي ڪو نصيحت ڪرڻ وارو ڪونه ايندو. مان به ٻيهر هت نه ايندس. هي توهان جي لاءِ آخري نصيحت آهي، خدا حافظ.

ائين چئي مس ئي اٿيو ته منهنجي اک کلي پئي ۽ مان پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بستري تي ڏٺم. مان حيران ٿي ويس ۽ سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس.

ڇا خيال آهي دوست اختر؟ آخر هڪڙي فيصلي ڪرڻ جي ضرورت آ. ها انور واقعي ئي هي آخري نصيحت آهي پاڻ لاءِ. خواب واقعي ئي الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ان برزگ جي معرفت نصيحت ڀريو پيغام پهتو آهي. اهو بزرگ الله تعاليٰ جو موڪليل فرشتو آهي.

ڊيئر انور منهنجي طرفان اهوئي فيصلو آهي ته هينئر هتان اٿون ۽ گهر وڃي سڀاڻي اسڪول وڃڻ جي تياري ڪريون ها دوست اختر بلڪل سڀاڻ اسڪول هلنداسين ۽ سخت محنت ڪري پڙهنداسين ۽ اڳتي هلي پائلٽ ٿيڻ جي تعليم حاصل ڪري پائيلٽ ٿينداسين ۽ جهاز ۾ سفر ڪنداسين ۽ پائليٽ ٿي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪنداسين. دشمنن تي حملو ڪنداسين جيڪي اسان جي وطن کي ناپاڪ نظرن سان ڏسن ٿا. ڊيئر انور آخري فيصلو محنت، محنت... ائين چئي ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان موڪلائي هليا ويا.

شوڪت علي راهمون                  ڪهاڻي نمبر- 2

                                 سلسلو- 14

پائيليٽ

پي- آءِ- اي جو جهاز پرواز جي لاءِ تيار ٿيو بيٺو هو. سڀئي مسافر پي- آءِ- اي جي گيٽ نمبر 2 کان چڙهي رهيا هئا.

آءٌ به سفر بيگ کڻي جهاز ۾ سوار ٿيس اتفاق سان منهنجو سيٽ نمبر دري جي ڀرسان هو. انهيءَ ڪري آءٌ دري کان ٻاهر جو نظارو ڏسڻ لڳس.

اوچتو لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو. ”پي- آئي- اي جو جهاز پنجن منٽن کان پوءِ پنهنجي پرواز جي لاءِ اُڏامڻ وارو آهي. انهيءَ ڪري سڀني مسافرن کي گهرجي ته هو بيلٽ ٻڌي ڇڏين.“ مون پنهنجي سيٽ تي لڳل بيلٽ ٻڌو ۽ جهاز جي فلائٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس.

ٿوري چرپر پيدا ٿي ۽ تيز آواز سان گڏ جهاز ”رن وي“ تي ڊوڙڻ لڳو. مون دري مان ڏٺو ته سڀئي شيون پوئتي ڌڪجي رهيون آهن ۽ جهاز تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ٽرين کان به تيز.

آهستي آهستي، جهاز ڪَر کڻي مٿي اٿڻ لڳو. جهاز سڌي ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجو بيلٽ کولي ڇڏيو. مون دريءَ کان هيٺ زمين ڏانهن نهاريو ته مون کي گهر تمام ننڍا مٽي گهرڙن جيڏا ڏسڻ ۾ آيا.

زمين سرسبز جبل، درياءَ پهاڙ نهايت سهڻا لڳي رهيا هئا.

آسمان تي ڪارا بادل ڇانيل هئا. ٿڌي ٿڌي، هوا دل کي راحت پهچائي رهي هئي.

اوچتو لائوڊ اسپيڪر تي آواز گونجيو.

”آءٌ پائيليٽ سرور حسين ڳالهائي رهيو آهيان. ٿوري دير کان پوءِ جهاز بمبئي جي ايئرپورٽ تي ”لينڊ اوور“ ڪرڻ وارو آهي. انهيءَ ڪري مسافرن کي درخواست آهي ته هو بيلٽ ٻڌي ڇڏين.“

مون پنهنجو هٿ بيلٽ طرف وڌايو، اوچتو منهنجو مٿو ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويو ۽ آءٌ جاڳي پيس.

”او: ڪيڏو نه دلچسپ خواب هو“ مون پنهنجي دل ۾ چيو.

هاڻي جڏهن به منهنجي مٿان ڪو جهاز لنگهندو آهي ته آءٌ سوچيندو آهيان ته ”ڪاش! آءٌ به هن جهاز ۾ سوار هجان ها! ٻين مسافرن وانگر!

پوءِ مون پنهنجي دل ۾ عهد ڪري ڇڏيو ته آءٌ محنت ڪري پڙهندس، ۽ وڏو ٿي پائيليٽ ٿيندس پائيليٽ راشد مناهس وانگر! جنهن وطن جي عزت جي لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. آءٌ به ضرور پائيليٽ ٿيندس! پنهنجي وطن جي خدمت ڪندس.

ٽهڪڙو

هڪ مائي ڀاڄي تيار ڪري رهي هئي. بصر کٽل هئا- ان پنهنجي پٽ کي چيو ته ”ابا دڪان تان وڃي پنهنجو پيءُ وٺي اچ ڇوڪرو ويو اتفاق سان پڻس به ان دڪان ۾ ويٺو هو، ڇوڪر پيءُ کي وٺي آيو. مائي مڙس کي ڏسي پٽ کي چيو، ابا اهو نه ٻوڙ چاڙهڻ وارو بصر.

الطاف سومرو                      (اچو ته سنڌ گهمون)

جيڪب آباد

پيارا ٻارؤ! جيڪب آباد؛ اپر سنڌ جو مٿانهون شهر آهي. هيءُ شهر سڄي ملڪ ۾ گرميءَ ڪري مشهور آهي ۽ وڌ ۾ وڌ گرم مڃيو وڃي ٿو. جيڪب آباد جو شهر، ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي، جنهن ۾ تقريباً 80 هزار ماڻهو رهن ٿا. ان کان سواءِ هيءُ شهر، اپر سنڌ ۾ اناج جي هڪ وڏي منڊي پڻ آهي.

جيڪب آباد، سنڌ جي انهن شهرن منجهان آهي، جيڪي جديد شهر انگريزن جي دؤر ۾ ٺهيا. هن شهر جو بنياد وجهندڙ هڪ انگريز فوجي عملدار، ”جنرل جان جيڪب“ هو. انگريزن جي حڪومت کان اڳ، جيڪب آباد واري هنڌ تي هڪ ڪچي مٽيءَ جي ديوارن جو ڪوٽ هو، جن کي ”خان ڳڙهه“ ڪوٺيو ويندو هو. انهيءَ ڪوٽ ۾ خان قلات رهندو هو. انگريزن جي دؤر ۾، انهيءَ ڪچي ڪوٽ کي، انهيءَ وقت جي هڪ انگريز فوجي عملدار ميجر جان جيڪب، پنهنجي ۽ انگريزي فوجن جي ڇانوڻيءَ جي هيڊ ڪوارٽر بنائڻ لاءِ منتخب ڪيو.

ميجر جيڪب جي ڪوشش سان خان ڳڙهه جو ننڍڙو ننڍڙو ۽ ويران ڳوٺڙو ترقي ڪري هڪ وڌندڙ آبادي واري شهر جي صورت اختيار ڪرڻ لڳو ۽ ان وقت جي هندوستان جي وائيسلرءِ ”لارڊ ڊلهائوزي“، ان شهر تي، ان جي عظيم بنياد وجهڻ واري انگريز عملدار، جنرل جيڪب جي نالي کي هميشہ قائم رکڻ لاءِ، ”جيڪب آباد جو“ نالو ڏنو.

جان جيڪب، جيڪب آباد جي نئين اڀرندڙ جديد شهر جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ سخت جدوجهد شروع ڪئي. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي نيون عمارتون تعمير ڪرايون، شهر ۾ رستا ٺهرائي، انهن جي ٻنهي طرفن کان وڻ لڳارايا. شهرين جي پيئڻ جي لاءِ هڪ تلاءُ تعمير ڪرايو. فوجين ۽ شهرين جي تفريح ۽ وندر لاءِ هڪ باغ لڳارايو، جنهن کي پنهنجي رنگ برنگي گلن جي ڪري ”ڦول باغ“ سڏيو ويندو هو. جيڪب آباد جي بيابان واري علائقي کي سرسبز کيتن ۾ تبديل ڪيو. اهڙي ريت جان جيڪب جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ڪوشش سان خان ڳڙهه جو اهو ويران ڳوٺڙو، ”جيڪب آباد“ نالي هڪ جديد نموني جو شهر اڀري آيو.

جيڪب آباد جو شهر پکيڙ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان روز بروز ترقي ڪري رهيو آهي. هن شهر جي اتر واري ڀاڱي ۾ هوائي اڏو وڪٽوريا ٽاور، ڪپڙي مارڪيٽ، مکي بازارون ۽ شهرين جا رهائشي گهر آهن. اوڀر واري ايراضيءَ ۾ سرڪٽ هائوس، سول اسپتال ۽ شهيد الهه بخش ميونسپل پارڪ آهن. شهر جي اولاهين حصي ۾ قبرستان، ڏکڻ واري ڀاڱي ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ پاور هائوس آهن. شهر جو هي علائقو صحت ۽ صفائي جي لحاظ کان نهايت صاف ۽ سٿرو آهي. شهر جي چوڌاري هڪ ڪشادو ۽ پڪو رستو آهي، جيڪو شهر جي چ‍ؤطرف ڦري اچي ٿو.

جيڪب آباد، تعليمي ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. منجهس ڪيترائي تعليمي ادارا آهن. هن وقت شهر ۾ چار هاءِ اسڪول، هڪ ڊگري ڪاليج، هڪ گرلس ڪاليج ۽ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج آهي.

جيڪب آباد جي خاص مشهوري، سندس سالياني گهوڙن جي ميلي جي ڪري به آهي، جنهن ۾ ساري ملڪ جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ گهوڙي سواريءَ جا ڪارناما ڏسي، خوش ٿيندا آهن. هيءُ ميلو هر سال نهايت شاندار نموني ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي.

هينئر موجوده حڪومت، هن شهر کي وڌيڪ دلڪش بنائڻ لاءِ ڪافي اُپاءُ وٺي رهي آهي.

خليل الله لاکو                                           (سائنس)

لفٽ

جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٽماڙي بنگلي تي تڪڙا تڪڙا ڪم پون ٿا توهان ڏاڪڻ تي چڙهندي لهندي سهڪي پوندا. پر عجب ته اڄوڪي دور ۾، پنجاهه، سٺ ماڙ تي جي ڪنهن کي سؤ دفعا ڪم پوي ته ڪو به ٿڪ محسوس نه ٿيندو.

سائنس زندگيءَ جي هر ميدان ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پئي ڪري، جو وڏن عمارتن تي چڙهڻ لاءِ اسين سائنسدانن جي تيار ڪيل (جنهن کي شروعات ۾ بجليءَ جي ڏاڪڻ (Lift) چوندا هئا) جي مدد سان هڪ منٽ ۾ ڪيترائي فوٽ طئي ڪري مٿي چڙهي سگهون ٿا. هيءَ ڳالهه سائنس جي معجزي کان گهٽ ناهي.

آمريڪا جي سٺ- ستر عمارتن (جنهن کي هو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ (Sky Scraper) چون ٿا) ۾ هي ڏاڪڻيون استعمال ٿين ٿيون. ياد رهي ته لفٽ کي آمريڪا ۾ ليلوئٽر (Elevator) چون ٿا.

هن ڏاڪڻ جي اچڻ سان وقت جو زيان نٿو ٿئي. جيترو لفٽ جي اچڻ کان اڳ ۾ ٿيندو هو. اسڪاءِ اسڪريپر تي چڙهڻ لاءِ، لفٽ هڪ منٽ ۾ 1200 فوٽ بلند چڙهي سگهي ٿي.

لفٽ جو رواج، اڄ کان اٽڪل 80 سال اڳ، 1904ع ۾ هڪ آمريڪي سائنسدان اوٽس (Otis) وڌو. شروعاتي، اڻ سڌريل تجربن بعد، اڄوڪي شڪل 1924ع ۾، آرام ڏيندڙ محفوظ، سادو سودي ۽ با آراسته هڪ بجليءَ جي پڃري جي صورت ۾ آئي. اڄڪلهه اوهان پنهنجي ڏيهه ۾، سرڪاري اوچن عمارتن ۾ ڏسي سگهندا.

هن پڃري جهڙي شڪل ۾ جڏهن ويهو ته هن جا دروازا ازخود بند ٿي ويندا. ٻنهي طرفن کان لوهي شيخون وڌي هڪ ٻئي سان ملنديون. هاڻي آپريٽر پڇندو ته ڪهڙي منزل تي وڃڻو آهي. بس بٽڻ دٻائڻ جي دير هوندي، ٿوري جهٽڪي بعد سيڪنڊن ۾ اوهان جي منزل اچي ويندي، جيئن ڪا بس اسٽاپ مٽائيندي هلي، اهڙي طرح لفٽ به ماڻهو ڇڏيندي ويندي.

لفٽ دراصل لوهي رسن سان ٻڌل آهي، هن سان ست- اٺ لوهي مضبوط رسا هر وقت لڳل هوندا آهن. اهي يقين جوڳا رسا، هڪ ئي وقت ڪم ڪن ٿا.

جيڪڏهن اهي سڀئي رسا ٽٽي پون، تڏهن به ڪنهن موتمار حادثي جو انديشو نه آهي ڇو ته هيٺين منزل تي لوهه جا وڏا ڏنڊا، ان ڪري رکيل هوندا آهن ته جيئن لفٽ انهن تي اچي ڪري، لفٽ جي بار کان هي ڏنڊا تيل جي نالن ۾ ويهي ويندا ۽ جان جوکم کان بچي پوندي.

جيڪڏهن لفٽ، سفر ڪندي اڌ ۾ بجليءَ جي بيوسي سبب بيهي رهي ته لفٽ قبر کان گهٽ نه لڳندي، اونداهي ۽ گرميءَ سبب. پر پوءِ به محفوظ هوندي. لفٽ ۾ هڪ ايمرجنسي بٽڻ (Emergency Buton) لڳل هوندو آهي ۽ جلدئي ان وسيلي گارڊ (Guard) سان لهه وچڙ ۾ اچبو.

لفٽ جي تيزيءَ سان متعارف ٿيڻ تي اهو چئي سگهجي ٿو ته جلد ئي پنهنجي ملڪ ۾ وڏن وڏن عمارتن ۾ لفٽ اچڻ شروع ٿيندي ۽ ڏاڪڻين جا ڏاڪا ڳڻڻ کان جان ڇٽي پوندي.

ننڍڙا اديب

نعت شريف

مٺو منور نبي سرور مديني وارو پيارو آ،

سٺو آ ڀرجهلو منهنجو مديني وارو پيارو آ.

ٿي وئي روشن هيءَ دنيا ان جي اچڻ سان يڪدم،

نه ڪر هاڻي ڪو فڪر و غم مديني وارو پيارو آ.

ڪعبي کي به سجدو ڪن ٿا سڀ امتي چاهه مان هڪدم،

هت ڪيو ڪعبي به سجدو مديني وارو پيارو آ.

لقب سندس صادق وامين ڪن ٿا شان کي ظاهر،

محمد مصطفيٰ صلعم مديني وارو پيارو آ.

جنهن کي نصيب ٿي ويو روضوان جو بخت ٿيو ٻيڻو،

احمد مجتبيٰ صلعم مديني وارو پيارو آ.

خدايا مون کي پسائج روضو آقا جو هردم،

ڏيان دم اي ”حميدي“ اُت جت مديني وارو پيارو آ.

ــــ عبدالحميد ”حميدي“ ٺٽو

ڪامياب زندگي

زندگي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انسان کي گهڻن ئي اصولن جو پابند ٿيڻو پوي ٿو. جيسين انهن اصولن جي سختي سان پابندي نه ڪئي ويندي، تيسين ڪامياب ٿيڻ محال آهي. اهڙا ماڻهو ناڪامياب ٿيڻ تي به ڪڏهن نااميدي جو منهن نه ڏسندا آهن. بلڪ ڪي ته اهڙا به اورچ انسان هوندا آهن جو جيتري قدر ناڪاميابي جو منهن ڏسندا آهن، اوتري قدرئي هو پختي ارادي سان ان ڪم کي سرانجام ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ڪندا آهن.

ڪاميابي جي اصولن سان سڀ کان وڏو اصول آهي ”اورچ تي محنت ڪرڻ“، جو انسان ڪنهن علم ۽ فن ڄاڻڻ هوندي به محنت کان ڀڄي ۽ ٽهي ٿو، سو اهڙي خوبي جو مالڪ هوندي به ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي. چيو اٿن ته ”ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.“ انسان محنت سان سڀڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو... انسان ڪنهن به علم ۽ فن ۾ محنت کانسواءِ ڪمال حاصل ڪري نه ٿو سگهي... عربي ۾ چوندا آهن ته ”مِن جَدّو جَدَ“ يعني جو ڳوليندو سو لهندو. ان جو صاف مطلب هي آهي ته جو ماڻهو ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت کان ڪم وٺندو سو اوس ان کي حاصل ڪندو.

همت وارا انسان پهاڙ جيڏو صبر ۽ استقلال رکندا آهن. پاڻ کي چؤطرف مصيبتن سان گهيريل ڏسي به گهٻرائيندا نه آهن ۽ هٿ ۾ کنيل ڪم کان هڪ انچ به پٺتي نه هٽندا آهن. ڪڙمي کي اڻٿڪ محنت آرام قربان ڪرڻ سان اَن ملي ٿو. ماءُ جي صبر ۽ همت سندس آرام ۽ آسائش کي ترڪ ڪرڻ سان بي سمجهه ٻار پلجي ٿو ۽ وڏو ٿئي ٿو. هيءَ حقيقت آهي ته دنيا ۾ علم کان سواءِ اوندهه آهي پر علم اهو جنهن تي عمل هجي نه ته عمل بنا علم بيڪار آهي. علم هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن جي مقابلي ۾ ٻيون سڀ نعمتون هيچ آهن. انسان جي عقل کي سچي روشني علم سان حاصل ٿئي ٿي. علم جي روشنيءَ ۾ جيڪو به قدم ترقي ۽ ڪمال ڏانهن کڄي ٿو ان ۾ غلطي جو انديشو گهٽ رهي ٿو. اڄ دنيا جيڪو به ڪمال ۽ ترقي حاصل ڪئي آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو حصو علم جو آهي انسان جيڪي به قدرت جا راز ۽ اسرار حاصل ڪيا آهن. سي سڀ علم جي ذريعي هٿ ڪيا اٿس. ترقي ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ علم ئي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. جهالت انسان کي اونداهي جي کڏ ۾ اڇلائي ٿي. ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ ترقي يافته ۽ باڪمال انسان جون سوانح عمريون پڙهڻ گهرجن. جن مان ڪمال جي درجي جا عمدا سبق ملن ٿا ۽ زوال جي سببن جي پوري پروڙ پئجي سگهي ٿي.

علي حسن سومرو، جوهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com