سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1983ع

باب: --

صفحو :2

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي، اهو ڏينهن اڄ به ياد اٿم؛ منهنجي طبيعت ٺيڪ نه هئي. جسم گرم هو. ’اڄ ڪم تي نه وڃ پٽ، آرام سان سمهي پؤ!‘ چئي ڏاڏي مون کي ڳوڻ تي سمهاريو هو ۽ مان هڪ ڳوڻ اوڍي بخار کان ڳؤريون اکيون پُوري ستو هوس. منهنجي پاسي ۾ ويهي، منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندي ٻڍو ڏاڏو چئي رهيو هو: ’بخار ۾ تون هتي ستو آهين. تنهنجي ماءُ هينئر الائي ڪٿي آهي؟ ۽ ڪٿي سُکيا ڏينهن ڪاٽيندي هوندي؟‘

اهو پهريون ڀيرو هو جو مون کي سڌ پئي ته منهنجي ماءُ جيئري آهي. جيئن سڀني جي ماءُ هوندي آهي تيئن منهنجي پڻ ماءُ ضرور هوندي، ايتري مون کي سُڌ هئي. پر مون سمجهيو هو ته منهنجي ڄمندي ئي مري ويئي هوندي ۽ منهنجو پيءَ به مري ويو هوندو. پر، منهنجي ماءُ مئي نه هئي، جيئري آهي ۽ سُکيا ڏينهن گهاريندي هوندي، اهو ڄاڻي منهنجو اندر زور زور سان سڏڻ لڳو: امان... منهنجي امان... مون کي ساڻس ملڻ گهرجي... سندس هنج ۾ منهن لڪائي سمهڻ گهرجي...

”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي، ڏاڏا؟“ مون پڇيو.

ٻڍو منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندين چوڻ لڳو، ’ڪهڙي خبر ڪٿي آهي؟ پر آهي، اهو سچ آهي.‘

’تو کيس ڏٺو هو ڇا ڏاڏا؟‘

’نه پٽ، ڏسان ها ته تون هتي هن حالت ۾ ڇو هجين ها؟‘

ٻڍي الائجي ٻيو ڇا ڇا چيو، اهو مان نه سمجهي سگهيس. منهنجي ماءُ اڃا ڪنواري ئي هئي ته ڪنهن سان کَري پئي. ۽ مان پيدا ٿيس. چون ٿا ته هو سماج کان ڊڄي، مون کي هنومان جي مندر ۾ ڇڏي هلي ويئي، اها گهٽنا ڪنهن ڳوٺ ۾ ٿي هئي. مندر جي ڀرسان رهندڙ هن ٻڍي مون کي ڏٺو ۽ ترس کائي پالنا ڪيائين. تڏهن وٽس ٻه بکاري زال مڙس رهندا هئا. انهن مون کي پنهنجي پٽ وانگر سمجهيو. انهيءَ بکارڻ جي ٿڃ پي مان وڏو ٿيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُها به مري ويئي.

مون پڇيو، ’منهنجي ماءُ مون کي ائين ڇو ڇڏي ويئي ڏاڏا؟‘ ’اهو سڀ تون سمجهي نه سگهندين پٽ، وڏن گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي. اهو تون نه سوچ ماٺ ڪري سمهي پؤ. توکي ڏاڍو بخار آهي.‘

’منهنجي ماءُ اڃا به جيئري هوندي ڏاڏا؟‘

’ضرور هوندي. ڪنهن سان شادي ڪري سُک سان رهندي هوندي.‘

’منهنجي يادگيري کيس هوندي ڏاڏا؟‘

’ضرور هئڻ گهرجيس. انهيءَ ڏينهن سماج جي ڊپ کان توکي اهڙي طرح ڇڏڻو پيس. پر ماءُ جي دل ائين رهندي پٽ؟ اڄ به هو توکي ياد ڪندي هوندي. تو لاءِ روئندي هوندي.‘

ڏاڏي جي ڳالهين سان منهنجو ڏک اُمنڊي آيو هو. ڪڏهن نه ڏٺل ماءُ جي ياد ۾ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو هوس. ’منهنجي ماءُ... ڏاڏا، منهنجي ماءُ ڏيکار. ڪجهه به ڪر، منهنجي ماءُ مون کي ڳولهي ڏي.‘ ائين آزيون نيزاريون ڪيون هئم.

انهيءَ ڏينهن مون تي پنهنجي ماءُ ڏسڻ جو خفت سوار هو. بوٽ پالش ڪندي هيڏانهن هوڏانهن گهمندي، ڪنهن عورت جي رئي جو پلؤ ڏٺم ٿي ته انهيءَ عورت جو چهرو ڌيان سان ڏسندو رهندو هوس ننڍڙن پتڪڙن ٻارن کي هنج ۾ کڻي، ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندڙ وِريتين کي جڏهن وسندو هوس منهنجو من ڀرجي ايندو هو. انهن ۾ ڪا منهنجي ماءُ ته نه آهي، هوندي، انهيءَ آس سان انهن ڏانهن هڪ ٽڪ بيهي نهاريندو هوس. ريشمي ساڙهي پائي هار سينگار ڪري سئنيما ۾ ويندڙ عورتن کي ڏسندو هوس ته انهن ۾ ڪا منهنجي ماءُ ضرور ٿي سگهي ٿي.

هڪ ڏينهن اهڙي طرح ناٽڪ- گهر جي دروازي تي جڏهن بيٺو هوس ته وچولي ڄمار جا زال- مڙس موٽر مان لٿا. ڏاڍا امير لڳا ٿي، در جي ڪنڊ ۾ بيهي آس اڀريل نظر سان انهيءَ عورت کي ڏسي رهيو هوس. سندس نظر به اوچتو مون تي پئجي ويئي. ائين لڳم، هو ڪنهن کي ڳولهي رهي هجي. منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ مون ڏانهن نهاري رهي هئي، گوري رنگ جي انهيءَ سندر گول- گول ڀريل چهري تي ڪيڏي مامتا...، وڏين وڏين انهن سهڻين اکين ۾ ڪيڏو پيار...، ڪڏهن پنهنجي وڃايل ٻار کي ڏسندي ئي گهيلي کيس اٿارڻ واري ماءُ وانگر ٿي هوءَ مون کي تڪي رهي آهي. خوشيءَ وچان منهنجو سمورو جسم ڪانڊارجي ويو. نيٺ ملي ويئي منهنجي ماءُ... مالڪ نيٺ منهنجي ماءُ مون کي موٽائي ڏني. امان... منهنجي امان... هاءِ، ڪيترن ڏينهن کان تنهنجي انتظار ۾ آهي... تنهنجي هنج ۾ ويهي تنهنجي رئي ۾ منهن لڪائڻ لاءِ سڪندو به رهيس... امان...!

مان، پنهنجو ميرو ڪپڙو، ڪوماڻل چهرو، گدلو جسم، گندا ڌپ وارا وار- سڀ وساري ويٺو هوس. مان هوش ۾ ئي نه هئس ته ڪو مان بوٽ پالش ڪندڙ رولو ڇورو آهيان. پيار جي پُراسرار مَنڊ ۾ ملن هي سنسار به وساري ويٺو هوس ۽ هڪ ٻئي- سپني جي سنسار ۾ ڄڻ هليو ويو هوس. بي اختيار ٻئي هٿ پَساري امان کي ڳراٽري پائڻ لاءِ اڳتي وڌيس.

هوءَ هڪ منٽ لاءِ جتي هئي، اُتي بيهي رهي. هن مون تي ترس کائي پنهنجي پرس مان رپيو ڪڍي هٿ جي تريءَ تي رکي ڇڏيو. ڀرسان بيٺل سندس مڙس ’ناٽڪ جو وقت ٿي ويو آهي‘ چئي جلدي ڪري رهيو. هوءَ مون ڏانهن هڪ ڀيرو ترس ڀري نگاهه سان ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي هوريان هوريان هلي ويئي.

مان سپني جي سنسار مان ڄڻ ڌڪجي ٻاهر ڪري پيس. منهنجي دل تي گهري چوٽ لڳي هئي. امان کي ڏيکاري، بيحد آس واري اوسيڙي کان پوءِ- هاڻي ڇا ملي سوچي ئي رهيو هوس- ايتري ۾ کيس مون کان پري ڌڪي، قسمت مون تي چٿر ڪئي هئي. انهيءَ ڏينهن مون کي لڳو ته هي جيون بيڪار آهي، هي جيون نه کپي. انهيءَ عورت جيڪو رپيو ڏنو هو، اهو ناليءَ ۾- گٽر ۾ اڇلائي، ٻاڪڙا هوٽل جي چٻوتري تي روئندو ليٽي پيس. ’سڀني جي ماءُ آهي، منهنجي به آهي، پر مان کيس ڏسي نٿو سگهان، ساڻس گڏ رهي نٿو سگهان. هاءِ...‘ آئون ڪنجهي رهيو هوس.

هڪ ڏورانهين آس اڃا دل ۾ هئي ته ناٽڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ گهر ويندي ويل هوءَ مون تي ترس کائي مون کي سڃاڻي گهر وٺي ويندي. اُنهيءَ رات ٽين وڳي تائين در تي اوسيڙي ۾ بيٺو رهيس، پر هن مون ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو. مڙس جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي کلندي کلندي اچي هوءَ تيار بيٺل موٽر ۾ ويهي هلي ويئي.

انهيءَ رات مون کي ننڊ ئي نه آئي، اچڻ جا آثار به نه هئا. لڙڪ لاڙيندو چرين جيئن شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رلندو رهيس. ڌڪا کائي جڏهن ٿڪس ته ريلوي اسٽيشن تي وڃي هڪ ڪنڊ ۾ سمهي پيس.

اڃا تائين اهو خفت منهنجي ذهن مان نڪتو ناهي. مان جڏهن به وچولي ڄمار جي عورت کي ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته اها منهنجي ماءُ ته ناهي! ائين سوچي روئندو آهيان. ماءُ جي هوندي به، هوءَ منهنجي نصيب ۾ ناهي. کيس ياد ڪري روئڻ مان ڪو فائدو ناهي. مان کيس ڏسي نٿو سگهان. هوءَ پڻ مون کي ڏسي نٿي سگهي. مون کي ڏسي هوءَ مون کي سڃاڻي نه سگهندي ته مان سندس پٽ آهيان. مون هيستائين هزارين عورتن کي ڏٺو آهي، انهن مان ڪا هڪ شايد منهنجي ماءُ هوندي! پر اها ڪيئن سڌ پوي ته فلاڻي منهنجي ماءُ آهي؟

سمجهي ويا نه؟ منهنجو هن سنسار ۾ ڪوبه ناهي. مون کي اها به خبر ناهي ته منهنجو نالو ڇا آهي. مون کي سڏيندڙ به ’اي بوٽ پالش‘ چئي چئي سڏيندا آهن. منهنجو اهو ئي نالو آهي. سچي پچي بي سهاري ماڻهوءَ جو ڪو نالو هجي به، ته ان ۾ ڇا رکيو آهي؟ ماءُ آهي، ته به نه جي برابر. خبر ناهي، پيءُ ڪير اٿم؟ سڀ ٿي سگهن ٿا، پر انهيءَ عجيب سنسار ۾ مان لاوارث آهيان. مون کي جنهن پيدا ڪيو، اُهو اِها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن سنسار ۾ مون کي جنم ڏيندڙ ماءُ به اها ڳالهه نٿي قبولي سگهي هن سنسار ۾. ها، مون جهڙا لاوارث... اسان جو جيون، ڏاڍو عجيب جيون... ڪُتن جو جيون ته ڪنهن طرح چڱو آهي، اسان جو ته انهن کان به ويل آهي. گُلر به ته پنهنجي ماءُ- پيءُ سان گڏ رهندا آهن. اسان کي ته اهو به نصيب ناهي. ڪهڙي پاپ جي آهي هي سزا؟ اهو ڪهڙو پاپ آهي جو اسان ڪيو آهي؟ اسان جو جيئڻ ڪنهن لاءِ؟ پوءِ به اسان جيئون پيا. جيئڻ لاءِ هي بوٽ پالش! انهيءَ ڪري اهو ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهي. اهو ڇڏي ڏيان ته باقي منهنجو ڪجهه به ناهي. منهنجي ڪا آس ناهي، نه ڪا خواهش.

’بوٽ پالش... بوٽ پالش. رڳو هڪ آنو سائين، وڌيڪ نه، پالش... بوٽ پالش.‘

 

چنڊ تارا

ميرپور ماٿيلو مان ٻارن جي پسند جو رسالو ’چنڊ تارا‘ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل آهي.

گهرائڻ لاءِ لکو:

لطيف ادبي اڪيڊمي

معرفت ماڊرن بوڪ اسٽال

مئن روڊ، ميرپور ماٿيلو

خان محمد پنهور

سنڌ ۾ ٻاراڻو ادب ۽

ادبي تحريڪون

سنڌ جا ٻار به اوترائي ذهين آهن، جيترا دنيا جي ٻئي ڪنهن حصي جا ٻار. انهن ۾ به ايتريون ئي صلاحيتون آهن، جيتريون ٻين ٻارن ۾ ليڪن فرق صرف اهوئي آهي ته اسان جي ٻارن کي پنهنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو نه ٿو ملي، انهن جي همت افزائي رهنمائي ۽ رهبري صحيح طريقي ۾ نه ٿي ٿئي. اهي گهڻي ڀاڱي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن، لائبررين ۽ شهري ماحول کان محروم آهن. سنڌ جا ٻار گهڻي ڀاڱي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، جيڪي پاڻ ته ٺهيو پر انهن جا مائٽ به بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. اهي ٻار جيڪي هن سائنسي دنيا کان محروم هجن انهن جي تعليم تربيت لاءِ پورو بندوبست نه هجي، انهن جا مائٽ ته ٺهيو پر سندس استاد به پريشانين ۾ پورا هجن، ان صورت ۾ ڪهڙو طريقو آهي جو انهن ٻارن جي ڄاڻ ۽ ادبي ذوق وڌائڻ لاءِ انهن جي تربيت ڪجي. انهن جي رهبري ۽ پوئواري ڪجي. ان مان هڪ طريقو ته اهو آهي ته ٻاراڻو ادب ۽ ٻارن جي ادبي تحريڪن کي همٿائجي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب کان سواءِ ٻاراڻي ادبي ميدان ۾ پڻ اها کوٽ محسوس ڪئي وئي بس ڪو هڪ اڌ رسالو ڇپيو. بند ٿي ويو. هلڪو ٿلڪو ٻاراڻو ادب اخبارن ۾ شايع ٿيو. هڪ اڌ انڌو منڊو رسالو ڇپجڻ لڳو خاص طور تي مرتضيٰ ڀٽيءَ جو ”گلستان“ محمود يوسفاڻيءَ جو ”گلبهار“ ۽ ”ظلم جو ڄار“ سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ”گل ڦُل“ جنهن جو باني غلام رباني ”سنڌي“ هو جيڪو ڪجهه وقت بند رهڻ کان پوءِ ٻيهر شايع ٿي رهيو آهي. جنهن جو ايڊيٽر اڳ شوڪت حسين شورو هو جنهن سنڌي ٻارن ۾ ادبي چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ان کان پوءِ انور هالائي نئين ڍنگ سان رسالو ڪڍندو رهيو ۽ هاڻي اڪبر جسڪاڻي گل ڦل کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان شايع ڪرائي ٻارن تائين ٻاراڻو ادب پهچائي رهيو آهي! انهن رسالن کان علاوه سنڌي اخبارن ۽ ڪن ٻين ادبي رسالن ٻارن لاءِ خاص صفحا مخصوص ڪيا. اخبارن ۾ روزانه عبرت، هلال پاڪستان ’خادم وطن‘ مهراڻ ۽ رسالن ۾ اديون قابل ذڪر آهن. انهن اخبارن ۾ ٻارن لاءِ جيڪي صفحا شايع ٿيا آهن انهن صفحن جي نالي سان ٻارن تنظيمن جون شاخون ٺاهڻ شروع ڪيون، جيئن ”ٻارڙن جي ٻاري“ ”معصومن جي مجلس“ ”گلن جهڙا ٻار“ وغيره. سنڌي اخبار روزانامه عبرت حيدرآباد ٻارن جي هن تحريڪ کي تمام گهڻو همٿايو. ان دور ۾ ٻارن جي ٻاري انچارج ”ماما موجي“ يعني پير مظهرالحق ٻارڙن جي سجاڳيءَ جي تحڙيڪ ۾ خاص بهرو ورتو ”ڪل سنڌ ٻار ڪنوينشن“ عبرت جي طرفان شروع ڪيا ويا هئا جي پوءِ ٻين ادارن ۾ شروع ٿيا. ان کان سواءِ جن ماڻهن يا ادارن ٻاراڻي ادب جي واڌاري ۽ ٻارن جي تحريڪ ۾ سرگرم ٿي حصو ورتو اهو هو ٽنڊي محمد خان جو اياز پاٽولي ۽ سندس ادارو گلشن ادب ۽ ”بزم گلشن“ ان وقت ۾ ٻارڙن جي ٻاري ۽ بزم گلشن جي شاخن جي پاڻ ۾ چڱي چٽاڀيٽي هوندي هئي. ٻنهي تنظيمن سنڌي ٻارن جي سجاڳيءَ لاءِ چڱو پاڻ پتوڙيو. ان کان علاوه گلزار ادب حيدرآباد محل پبليڪيشن شڪارپور، منڇر ادب دادو، ۽ ٻيون به ڪجهه ٻارڙن جون تنظيمون ۽ ادارا هئا ۽ ذاتي طور وڏا توڙي ننڍا ٻارن جي تحريڪن ۾ جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪندا هئا اهو ڪو گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه نه آهي پر صرف پاءُ صديءَ جي اندر اندر جو ذڪر آهي. ان دور کان هن مهل تائين جن ٻارن جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ همٿايو تن ۾ قابل ذڪر نالا (جيڪي ياد آهن) غلام رباني سنڌي، پير مظهر الحق، اياز پاٽولي، فدا سرهيو، غلام مرتضيٰ ڀٽي، محمود يوسفاڻي (حيدرآباد) پروانو ڀٽي (حيدرآباد) اعجاز قريشي دادو، آفتاب چنا، بشير احمد ڀٽي، غلام سرور پنهور (دادو) حسام سومرو، صبغت الله ميمڻ، شمس الدين سومرو (حيدرآباد) عبدالرشيد، پرويز انصاري (هالا) شهناز قريشي نيلو فر ميمڻ (حيدرآباد) نذير ۽ غلام مصطفيٰ راهوجو، سليم چنا ۽ بيدل مسرور (شڪارپور)، اياز عالم ابڙو، ظفر قادري ۽ محمد صفر تنيو (قمبر علي خان) صلاح الدين پنهور (دادو) سڪندر ميمڻ (مورو) بشير سهتو دادو، نثار حسيني، منور جويو، منصور عالم ابڙو، عبدالغني ميمڻ، جي- ايم شاهه، اياز لطيف پليجو، همايون گل، غفران عاقلاڻي، ناز سنائي، نياز پنهور، حڪيم ميمڻ، خدا بخش ابڙو (حيدرآباد) خدا بخش جويو، قربان منگي، ريحانه گل” تنظيمن ۾ چڻنگ سنگت، گلن جهڙا ٻارڙا، ٻارڙن جي ٻاري، ساٿي سنگت، ڏياتي سنگت، سکا طرفان ٻارن لاءِ وغيره ٻارن ۾ ذهني سجاڳي لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ان کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي پڻ ٻارڙن ۾ ذهني شعور پيدا ڪرڻ لاءِ خاص پروگرام ترتيب ڏنا آهن، ريڊيو تان ٻارڙن جي ٻاري اڄ تائين هر هفتي نشر ٿيندي آهي، ريڊيو تي ٻارڙن جي رهنمائي لاءِ اڳ مصطفيٰ قريشي (ٻارڙن جو ادا) ۽ (ماما ملوڪ) هئا ۽ هاڻي حيدرآباد ريڊيو تي سرور بلوچ ٻارڙن جو ادا ۽ سڪينه بلوچ اديءَ جا فرائض انجام ڏيندا آهن ۽ ٻارڙن جي رهنمائي ڪندا آهن.

ٽيليويزن تان ”روشن تارا“ وارو خاص ڪري مهتاب چنا جو دور توڙي اڄ ڪلهه به پروگرام اچي پيو، ٻين ٻولين جي مقابلي جو نه آهي بهرحال ضرورت آهي ته هاڻي به ٻاراڻي ادب جي اوسر ۽ ٻارن جي ذهني تعليم ۽ تربيت لاءِ اديب ۽ استاد ٻار، وڏا، ريڊيو وارا، ٽي-وي اخبارون، رسالا سڀ گڏجي سنڌي ٻارن ۾ لڪل ذهني صلاحيتن کي به ظاهر رکجي، انهن کي استعمال ۾ آڻجي، وري ٻارن جا سال ميلا، ڪنوينشن، ٻاهرين دنيا جي دورن جا انتظام ڪجن.

وڏن ليکڪن کي ٻارن لاءِ وڌ ۾ وڌ لکڻ گهرجي، ٻين ٻولين ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ مواد ۽ ڪتاب موجود آهن پر سنڌي ۾ ايترو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي.

بهرحال ان ڏس ۾ بهتر آهي ته ٻارن جي واحد رسالي گل ڦل کي ٻاراڻي ادب جي ۽ ٻارن ۾ علمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ٻين ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ پهل ڪرڻ گهرجي.

 

ٽهڪڙو

هڪ چريو اسپتال ۾ تمام ڏاڍيان کلڻ لڳو- ڊاڪٽر پڇيس کلين ڇو ٿو. چيائين کلان انهيءَ ڪري ٿو، جو مان ۽ منهنجو ڀاءُ هم شڪل هوندا هئاسين. چوري هو ڪندو هو. پڪڙبو مان هوس. سٺو ڪم مان ڪندو هوس. انعام ان کي ملندو هو. پر هاڻ کلان انهيءَ ڪري ٿو، جو مري مان ويو آهيان. ماڻهو دفن ان کي ڪري آيا آهن.

پريشاني

ماڻهو اڪيلائي ۾ گهڻو ڪري پريشاني ۾ ويڙهجي ويندو آهي. ان جو سٺو علاج اهو آهي ته اڪيلائي ۾ ماڻهو پاڻ کي مشغول رکي ۽ مطالعو ڪري.

واحد لطيف کٽياڻ             ڪهاڻي نمبر-1

                                  سلسلو 14

پائيليٽ جو خواب

انور پنهنجي دوست اختر سان ڪچهري هڪ باغيچي ۾ ڪري رهيو هو، ايتري ۾ هڪ هوائي جهاز انهن جي مٿان اُڏاڻو.

جهاز انهن جي ڪچهري جي رڪاوٽ جو سبب بنيو ۽ انهن جي ڳالهين جو رخ پاڻ ڏانهن ڪري پاڻ ساڳي رفتار ۽ موج سان اڏامندو هليو ويو.

اختر انور کي چيو ته: يار انور ڪاش پاڻ به هينئر هن جهاز ۾ سوار هجون ها؛ ڪيترو نه مزو اچي ها. اسان ته صفا ڪي بدنصيب آهيون. گهران نڪرون اسڪول جي بهاني ۽ اچي باغ ۾ ويهي ڪچهري ڪريون. يار هاڻي اهڙي ته ڪا صلاح ڏئي جو پاڻ به جهاز ۾ سوار ٿيون ۽ جهاز جو مزو ماڻيون.

يار اختر تون ته مون کي اڄ بدليل محسوس ٿي رهيو آهين ۽ تو ته مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

(اختر انور جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي حسب معمول واريون ڳالهيون شروع ڪندي چوي ٿو) يار اختر رات اسان جي پاڙي ۾ هو گلو فقير آهي نه انهي رئيس يار محمد کان خيرات گهري رئيس ته آهي صفا ڪنجوس تنهن خيرات ڏيڻ جي بجاءِ کيس اهڙو ته ڌڪو ڏنائينس جو وڃي پريان روڊ تي وڃي ڪريو. پريان پوليس جي جيپ تيز رفتار سان پئي آئي، سا گلو جي مٿان چڙهي وئي.

گلو فقير موقعي تي مري ويو ۽ جيپ ساڳي رفتار سان زوزاٽ ڪندي هلي وئي يار اختر پنڻ وارن جا ته اهي ئي حال ٿيندا آهن. مائٽن کيس پڙهائڻ خاطر ته گهڻو ڪجهه ڪيو پر پاڻ نه پڙهيو پاڻ نڀاڳو ٿيو. سدائين ته مائٽ ڪونه کارائيندا آهن. انور پوءِ پنهنجو به نه اهو حال ٿئي سڄي زندگي ته مائٽ ڪونه کارائيندا پاڻ کي گهرجي ته پاڻ پڙهون. ها يار واقعي پاڻ کي پڙهڻ گهرجي، نه ته اڳتي تمام خراب حشر ٿيندو. ها يار اختر هڪڙي ڳالهه مون کي به هاڻ ياد اچي وئي آهي، صبح کان توکي ٻڌائڻ لاءِ ياد ڪندو پئي آيس پر پوءِ هتي پهچڻ سان وسري وئي، پر ها ٿيو هيئن جو رات جڏهن مان ننڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجي بستري تي سمهيس ته رات جو خواب ڏٺم.

مان ساڳي هن باغيچي ۾ ويٺو هيس ۽ تنهنجو انتظار ڪري رهيو هيس، تو اڄ هتي اچڻ ۾ ليٽ ڪئي هئي. مان پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هيس، ته ايتري ۾ منهنجن ڪنن تي آواز ٿيو ته:

پٽ السلام عليڪم: مان ڊڄي ويس پر پوءِ پاڻ کي سنڀاليندي چيم چاچا واعليڪم السلام.

منهنجي سامهون هڪ پوڙهو ماڻهو (جيڪو الله جو ٻانهو لڳي رهيو هو) بيٺو هو. مون چيومانس چاچا ويهو. پوءِ هو بزرگ اتي ويٺو. ان بزرگ مون کي چيو ته هتي ڪيئن ڪهڙي ارادي سان ويٺو آهين؟ مان چيم ته هڪ دوست جو انتظار ڪري رهيو آهيان.

جڏهن ته مون کي اسڪول جو لباس پهريل هو. ڪتاب به مون وٽ موجود هئا.

هو سمجهي ويو ته مان اسڪول ۾ پڙهان ٿو.

پڇيائين ته پڙهڻ ڇو نه وئين؟ چيم ته منهنجو دوست اچي پوءِ گڏجي وينداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com