سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :5

ان کان اڳ جو ٽيل ڪا چرپر ڪري سگهي، سپاهين کيس سوگهو جهليو ۽ پاڻ سان وٺي تلاوَ جي ڪناري تي پهچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو، جيئن ئي هو تلاوَ پار ڪري رهيا هئا ته هڪڙو وڏو طوفان لڳو.

لهرون ٻيڙيءَ سان ٽڪرائڻ لڳيون ۽ پاڻيءَ مٿان اوندهه ڦهلجڻ سبب خطرو اڃا به وڌي ويو هو. ٻيڙيءَ ۾ سوار سپاهين کي پتو ئي ڪين ٿي پيو ته هو ٻيڙيءَ کي ڪيڏانهن ورائين ۽ ونجهه ڪهڙي پاسي هلائين.

آخرڪار لاچار ٿي سپاهين جو اڳواڻ وليم ٽيل ڏانهن وڌيو ۽ چيائين، ”تون خلاصي آهين ۽ تلاوَ کي اسان کان وڌيڪ ڄاڻين ٿو، جيڪڏهن مان تنهنجا هٿ کولي ڇڏيان ته ڇا تون ٻيڙي بچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪندين؟“

”هائو ضرور.“ ٽيل چيو.

پوءِ هن سندس بند ڪاٽي ڇڏيا ۽ ٽيل آزاد ٿيڻ شرط ونجهه پنهنجي سگهاري هٿن ۾ سنڀالي ورتو. تلاوَ جي کيس چڱي پروڙ هئي. هن ترت ئي ٻيڙيءَ کي سلامتيءَ سان آڻي ڪناري تي رسايو.

ان کان اڳ جو هو ٻيهر کيس سوگهو ڪن. ٽيل پنهنجي ڪمان کڻي ڪناري تي ٽپو ڏنو ۽ ٻيڙيءَ کي زور سان ڌڪو ڏئي وري لهرن ۾ لاهي ڇڏيو.

”پڪڙيو، ماريو.“ سردار رڙ ڪئي پر ويل وهامي چڪي هئي، ايتري دير ۾ ٽيل پاڻ کي ڪناري تي نسريل ٻوٽن ۾ لڪائي چڪو هو.

تنهن کان پوءِ کيس پنهنجي جابلو گهر تائين پهچڻ ۾ ويرم ئي ڪين لڳي جتي هو آزاد هو ۽ ظالم گيسلر جي چنبي کان پري هو. ٿورڙي وقت کان پوءِ سموري قوم پنهنجي دشمن خلاف جنگ جوٽڻ لاءِ ڪمرڪشي اُٿي بيٺي. گيسلر مارجي ويو ۽ آخرڪار اُهي بهادر انسان جن جي اڳواڻي وليم ٽيل ڪري رهيو هو، آزاد ٿي ويا.

ننڍڙو ذهين شاگرد             انٽرويو ڪندڙ: شمس ڦلپوٽو.

اعجاز علي سيال

(سان ڳالهه ٻولهه)

اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ته باصلاحيت ۽ سُلڇڻا نونهال موجود آهن. جن کي خدا پاڪ طرفان اڻ ڳڻيون صلاحيتون ۽ ذهني قوتون عطا ٿيل آهن، جن کي ڏسي انسان دنگ رهجيو وڃي. اهڙي باصلاحيت نونهال شاگردن ۾ ادي اعجاز علي سيال کي به ڳڻي سگهجي ٿو. پاڻ 1976ع ۾ نئون ديرو شهر ۾ محمد خان مسرور سيال جي گهر ۾ ڄائو. ادو اعجاز علي سيال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو ۾ انٽر سائنس جو شاگرد آهي. ادب سان چاهه به اٿس. ٻارن لاءِ ڪجهه خاڪا، معلومات ۽ سائنسي مواد لکيو اٿس. مون ساڻس ڪجهه ڳالهيون ڪيون، جيڪي پيش ڪجن ٿيون:

شمس: ادا! توهان پرائمري تعليم ڪٿي ورتي؟

اعجاز: ادا مون پهريان ٻه درجا پرائمري اسڪول ۽ ٽي درجا اسڪول نمبر ٻئي ۾ حاصل ڪيم. مجموعي طرح مان پرائمري تعليم نئون ديرو ۾ حاصل ڪئي.

شمس: ادڙا! توهان جڏهن انگريزيءَ ۾ پهتا، تڏهن توهان جي تعليمي پوزيشن ڪهڙي هئي؟

اعجاز: ڀاءُ مان شروعات کان وٺي بي گريڊ جو شاگرد رهيو آهيان ۽ اڄ تائين پنهنجي پوزيشن رکيو اچان.

شمس: توهان ڪهڙن استادن کان متاثر ٿيا؟

اعجاز: ڀاءُ مان سڀني استادن جو ٿورائتو آهيان، جن  به مون کي تعليم ڏني، پر مان پرائمري تعليم دوران سائين عزيزالله جروار ۽ سيڪنڊري تعليم دوران، سائين انور علي مڱريو کان وڌيڪ متاثر ٿيس.

شمس: توهان تعليم دوران اسڪائوٽ ۾ رهيا ته، اوهان انسان ذات سان محبت ۽ همدرديءَ جو ڪو عملي مظاهرو به ڪيو يا نه؟

اعجاز: ڀاءُ، اسڪائوٽ هڪ اهڙي عالمي تحريڪ آهي، جيڪا صرف ڊريس ۽ سلوٽ تي محدود ڪونهي، پر عملي ڪم جو نالو آهي. مون به عملي طرح ڪم ڪندي باهه وسائي ۽ ڪيترا ڀيرا منهنجا هَٿ به سڙي پيا.

شمس: اوهان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪڏهن ڪم ڪيو؟

اعجاز: هائو ڀاءُ مون اسڪائوٽ دوران ڪيمپ ۾ خاڪا پيش ڪيا آهن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ننڍا ننڍا رول ڪري ڪافي داد حاصل ڪيو اٿم ڪجهه انعام به مليا آهن.

شمس: سنڌي ٻاراڻي ادب کان ڪيترو مطمئن آهيو؟

اعجاز: ڀاءُ مون سنڌي ادب پڙهيو آهي. مان ڏاڍو مطمئن آهيان. اسان وٽ ٻاراڻو ادب لکجي ٿو. اردو وارا ته اڃان پنهنجي ٻارن کي ديون، پرين ۽ جادوگرن جا قصا ٿا پڙهائن. اسان وٽ سائنسي بنيادن تي ٻاراڻو ادب پيو لکجي.

شمس: توهان ٻاراڻي ادب جي ڪهڙن سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن کان متاثر آهيو؟

اعجاز: ڀاءُ مون ٻاراڻي شاعري تمام گهٽ پڙهي آهي ۽ نثر ۾ مان اڪبر جسڪاڻي، پرواني سيوهاڻي، ادل سومري ۽ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کان متاثر آهيان.

شمس: شاگردن کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا نه؟

اعجاز: سياست شاگرديءَ جي دور ۾ منزل تي پهچڻ کان روڪي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترا شاگرد سياست جي شوق ۾ تعليم پرائي نه سگهيا. انهيءَ ڪري محنت ڪري عملي زندگيءَ ۾ اچي عوام سان سچو ٿي ۽ خدمت ڪن.

شمس: توهان ڪڏهن پنهنجي شرارت سبب گهر يا اسڪول ۾ مار کاڌي؟

اعجاز: ڀاءُ مان اسڪول ۾ ٿوري ٿڪي مار ضرور کاڌي، پر شرارت سبب گهر ۾ ڪٻٽ جو شيشو ڀڄڻ سبب بابي سٺي ٿمهه ڪڍي، جيڪا اڃا ياد اٿم.

شمس: توهان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ عملي زندگي ۾ ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟

اعجاز: ڀاءُ مان عملي زندگيءَ ۾ ٽي ويءَ جو پروڊيوسر ٿي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. مان اهڙن اديبن ۽ فنڪارن کي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جن کي نظرانداز ڪيو ويو هوندو.

شمس: آخر ۾ ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟

اعجاز: مان پاڻ پيغام وٺڻ واري عمر ۾ آهيان، پر پوءِ به منهنجي ٻارڙن کي اها اپيل آهي ته هو مستقبل جي لاءِ محبت، محنت ۽ سچائي جو دامن نه ڇڏن.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي ”شاهه“

اشرف زمان پير چنڊامي

ٻار سنڌ جا

خوب ٿا مون کي وڻن اڄ ٻار پنهنجي سنڌ جا

ٿا لڳن سهڻا سٺا سينگار پنهنجي سنڌ جا.

ڇا ڳڻي مان ڇا ڳڻيا منظر هتي مهراڻ جا،

ڇا ڪري مان ڇا ڪيان اظهار پنهنجي سنڌ جا.

آ مِصِر کان بي اڳي تهذيب منهنجي سنڌ جي،

ٿا ڏسن آڳاٽا ڪي آثار پنهنجي سنڌ جا.

گل به ڪنڊا لڳن ڄڻ مون کي ڌارين جا مگر،

ٿا لڳن بهتر گلن کان خار پنهنجي سنڌ جا.

ڇو وڃان ”لنڊن“ ۽ ”پئرس“ مان ڇڏي سنڌڙي ڀلا،

ڪيسين وساريان مان ڀلا دلدار پنهنجي سنڌ جا.

ڪيئن کاوان مان انهن سان يار ڏس گڏجي اڃا،

جيڪي ٿا مون کي سجهن غدار پنهنجي سنڌ جا،

هر گهڙي پنهنجي اهائي آ دعا دوستو،

ٻهڪندا ٻرندا وتن ٻڪرار پنهنجي سنڌ جا،

شعر لکندي ڳالهه هڪڙي ذهن تي آئي اٿم،

در بدر ڇو ٿا رهن حقدار پنهنجي سنڌ جا.

مجاهد راڌڻائي

مکڙيون ۽ گونچ

ننڍڙا ٻار اکين ٺار

ديس پنهنجي جا سي معمار.

رکجي تن جي خبر ۽ چار،

مسرت جا هِن جي مينار.

لاتيون مٺڙيون خوب لنون ٿا،

ٻولي مٺڙي جهڙو ٻار.

وڏڙن جو ٿا توجهه چاهين،

جيسين وڻ جان ڪڍن ڏار.

مکڙيون، گونچ ۽ جذبا آهن،

وڏڙا ٿي ٿيندا ڪنڌار.

جرڪي پوندي جوت جهان جي،

پڙهي جڏهن ٿيندا هوشيار،

نفرت واري ڪوٽ کي ڊاهي،

آڻيندا خوشيون انبار،

هوشو هيمون جيان ”مجاهد“،

ڪندا ديس تان جان نثار.

امير حسين خواجه                              مضمون نمر 1

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

6-3-1989ع جي صبح هجي هڪ بڇڙو ۽ ڇرڪائيندڙ آواز منهنجي ڪنن تي پيو. ڪجهه سيڪنڊن لاءِ آئون سوچڻ بيهي رهيس. آخر سمجهه ۾ آيو، ته اهو آواز ايمبولينس جو آهي، جيڪا اسان جي پاڙي ڏانهن اچي رهي هئي. آئون ٻين ڇوڪرن سان گڏجي انهي ايمبولينس وٽ پهتس ته خبر پئي ته انهي ۾ لاش آهي. سڀني ٻارن ۽ ماڻهن جي وات ۾ اها ڳالهه هئي ته اسلم گذاري ويو آهي. مون روئي ڏنو ۽ ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. سڀ ماڻهو روئي رهيا هئا. اسلم جي پوڙهي ماءُ ۽ سندس ڀائرن کي ٻيا ماڻهو دلاسا ڏيندا رهيا. اسلم جو پيءُ انهي وقت موجود ڪونه هو. جڏهن انهيءَ کي اِها خبر پئي، هو ويچارو بيهوش ٿي ويو اڄ مون کي اسلم جو اڳيون وقت ياد آيو. جڏهن هو هڪ ذهين شاگرد ۽ خوش اخلاق ڇوڪرو هو. هو مائٽن جو ڏاڍو دادلو هو، شايد انهي ڪري جو هو سڀني ۾ ننڍو هو. اسلم جو اِهو مسڪرائيندڙ چهرو مون کي هَر هَر ياد پئي آيو. پر اسلم جي دوستن تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي، مون کي ڄڻ ائين پئي لڳو. ڄڻ اسلم کي اسلم جي دوستن ماريو هجي. اهي اسلم جا دوست نه پر دشمن هئا. جن هڪ هوشيار شاگرد ۽ هڪ معصوم انسان کي رولو ۽ نشئي بنايو هو. اهي قاتل هئا. اُهي قاتل آهن. اوچتو منهنجي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو. جڏهن اسلم جو لاش ايمبولينس مان هيٺ لاٿو ويو، پر منهنجي ضمير، مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. ڇا اسلم جي مرڻ جاهي ڏينهن هئا ڇا؟ ابتا سبتا سوال، آئون سوچيندو رهيس ۽ روئيندو رهيس، آئون پڙهي، هڪ وڏو انجنيئر ٿيندس، پر جهازن جو انجنيئر“ اهي لفظ منهنجي پاڙيسري ۽ وڇڙيل دوست اسلم جا هئا جيڪو مون کي نصيحتون ڪندو هو. آخر انهي پڻ شڪست ڇو کاڌي، هو رولو ڇو ٿيو. انهي شام جو آئون اسلم جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيس، منهنجي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. ڄڻ اسلم مون کي الوداع چئي رهيو هجي. آخرڪار اِها منزل به پهچي ويئي. اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ ۾ عجيب ڏينهن هو. جيڪو اهڙا نشان ڇڏي ويو آهي. جيڪي نه وسرندا. اڄ به آئون ڪڏهن ڪنهن ٻار کي سگريٽ پيئندي ڏسان ٿو ته مون کي اسلم ياد ٿو اچي، ڇو ته اسلم جو موت سگريٽ ڇڪڻ جي ڪري ٿيو هو ۽ انهي کي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿي ويو هو ۽ هو ڪيترا ڏينهن اسپتال ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ رهيو. آخر شڪست کاڌائين. اهي سگريٽ هن کي اسلم رولو ۽ دشمن نما دوستن سيکاريا هئا. تنهن ڪري آئون سڀني ڀائرن کي چوان ٿو اهڙن دوستن کان پاسو ڪريو ۽ سگريٽ پيئڻ کان پاسو ڪريو ۽ علم سان چاهه وڌايو.

محمد هاشم عباسي                       مضمون نمبر 2

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

هونءَ ته هن ڪائنات ۾ هر قسم جا ظلم ۽ ستم ٿيندا رهن ٿا، پر هيءَ هڪ اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته:

افضل هڪ غريب هاري جو پٽ هو، جيڪو تمام گهڻو محنتي، هوشيار ۽ تمام سٺو سلڇڻو ۽ سچار ڇوڪرو هو ۽ هميشہ اسڪول ۾ ڪم هر روز ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينهن لاءِ ڪڏهن به نه رکندو هو، ان اسڪول ۾ جنهن ۾ افضل پڙهندو هو ان ئي اسڪول ۾ هڪ وڏيري جو پٽ انور پڻ پڙهندو هو، جيڪو تمام گهڻو آڪڙباز سُست ۽ نڪمو هو، جيڪو هميشہ ڪلاس ۾ دڙڪا کائيندو هو ۽ افضل غريب جو پٽ ٿي ڪري هميشہ استاد کيس شاباس ڏيندا هئا ۽ وڏيري جو پٽ انور، ان تي تمام گهڻو ڪاوڙبو هو ۽ چوندو هو ته ”يار“ هنن جي گهر ۾ ته لوڻ به ڪونهي ۽ هيءَ وري هتي مڙس آڪڙجي ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويهن ٿا،  اهي سڀئي ڳالهيون افضل ٻڌندو ٻڌندو رهيو. ائين وقت گذرندو رهيو آخر امتحان جو وقت به اچي ويو ۽ امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ افضل سڀئي ڪم پڪا ڪري ڇڏيا هئا. امتحان جي رزلٽ اچي چڪي هئي جنهن ۾ افضل پهريون نمبر آيو ۽ انور جيڪو افضل تي هميشہ ڪاوڙيل رهندو هو سو ويتر سڙي ويو ۽ هن پنهنجي ساٿين کي افضل سان وڙهڻ جي سٽ سٽي، موڪل ملڻ کان اڳ هو تيار هئا جيئن ئي افضل ٻاهر نڪتو ته هن کي انور پنهنجي مغروري مان اهڙي چماٽ هنئي جو وڃي زمين تي ڪريو ڪپڙا ڇنڊي افضل ته گهر هليو ويو پر انور ڏاڍو پڇتايو ته جيڪڏهن آئون به محنت ڪيان ها ته هوند افضل وانگر ڪامياب ٿيان ها. انهيءَ لاءِ پيارا ٻارو، محنت ڪرڻ گهرجي ۽ حسد ۽ ڪيني کان پاڻ کي بچائجي، ائين ڪرڻ سان اسين سٺا شهري بنجنداسين!!


 

جاويد گُل

او امان

ڪونه وٺو هيل ڪو مينهن امان،

ڪيڏا ڏکيرا هي ڏينهن امان!

ميرو تُنهنجو گج ۽ لانوَڻ،

ڪين وريو پر، سانئڻ! سانوڻ!

ڍِڪندي ڍڪندي ڍور مرن ٿا،

نچندي رڙندي مور مرن ٿا،

ساوڪاڻ سِوا ويران ڀِٽون،

سڃيون سُڃيون سُنسان ڀِٽُون،

ويراني ڪڏهن ويندي جيجل!!!؟

مينهوڳي ڪڏهن ايندي جيجل؟

ٿڌڪار ڪڏهن ٿيندي جيجل!؟

ڪڏهن وسندا ڀلا مينهن جيجي؟

۽ کٽندا ڏُکيڙا ڏينهن جيجي


 

انٽرويو وٺندڙ: سائين بخش رند               اسان جا اديب

 

عزيز ڪنگراڻي

 

سوال: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟

جواب: منهنجو جنم جنوري 1958ع ۾ هڪ هاري جي گهر ۾ ٿيو ۽ ننڍپڻ ٻهراڙيءَ جي عام ٻارن وانگر گذريو، پر هاءِ اسڪول ۾ ڪاليج وارو دؤر ڏاڍو ڏکوئيندڙ گذريو ڇاڪاڻ ته اوچ نيچ واري ماحول ۾ منهنجون ذهني، سماجي ۽ اقتصادي ضرورتون پوريون نه هيُون! تنهن هوندي به بهترين دوستن جي وسيع داري منهنجي همت افزا ئي ڪئي ۽ اڄ جو ڪجهه آهيان سو انهيءَ دوستي جي ڪري آهيان.

سوال: ٻارن لاءِ لکيو اٿو يا نه؟

جواب: مون ٻارن لاءِ گهڻو نه سَهي، پر ڪافي ڪجهه لکيو آهي. ماهوار گل ڦل، روزانه هلال پاڪستان ۽ ٻين ڪجهه رسالن ۾ شايع ٿيو آهي.

سوال: ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ جيڪو ادب ڇپجي پيو ان بابت راءِ؟

جواب: هر ٻولي جو ٻاراڻو ادب ريڙهه جي هڏي مثل آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻو ادب ڇپجي گهٽ پيو باقي لکجي تمام گهڻو پيو، گهٽ ڇپجڻ جو سبب اهو آهي ته نالي چڙهيا اديب نٿا لکن. اهي لکن ته ڇپجي، نه ته بَس؛ باقي اِها حقيقت آهي، ڇپيل ٻاراڻي ادب جو معيار تمام سٺو آهي.

سوال: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي ٻارن جي ذهني اوسر ۽ کين معاشري ۾ پاڻڀرو ڪرائڻ لاءِ ڪهڙو ادب لکجي؟

جواب: ٻار معاشري جو اثاثو آهي. جنهن جو مستقبل قوم سان ڳنڍيل آهي. جيئن ته ادب زندگي جو عڪس آهي، ان ڪري جيڪڏهن عڪس ئي ڌُنڌلو هوندو ته زندگي به ڌُنڌلي هوندي. ٻاراڻو ادب خوف ۽ ڊپ کان پاڪ هئڻ گهرجي.

ادب ذريعي تابعدار نه پر آزاد خيال ۽ خودداري جو سبق ڏنل هُجي ۽ اهڙو ادب هئڻ گهرجي جنهن ۾ معاشري جي بُراين جي نشاندهي حقيقي نموني ٿيل هجي تڏهين ئي ٻار جي اوسر مؤثر نموني ڪري سگهجي ٿي.

سوال: سنڌ جي ٻارن جا اهم مسئلا ڪهڙا آهن؟

جواب: ڪو هڪڙو مسئلو هجي ته ٻڌايان! اندروني سنڌ جا ٻارڙا ائين ته ننڌڻڪا آهن جو سندن نصابي توڙي غير نصابي تعليم بلڪل غير معياري بنجي چُڪي آهي. ٻار فطري طرح ان کي اوليت ڏيئي ٿو، پر ان لاءِ ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي. ان کان علاه ٻارن کي معلوماتي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن وغيره جي سهوليت ناهي ۽ ٻيو ته سائنسي تعليم بنا تجربن جي ڏني ٿي وڃي، جنهنڪري سندن ذهني اوسر ڪانه ٿي ٿئي.

سوال: سنڌ جا وڏا اديب ٻارن لاٺ گهٽ ٿا لکن ان جو ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

جواب: اهو سوال انهن اديبن کان پڇيو وڃي ته بهتر آهي منهنجي خيال ۾ ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، هڪ ته سندن نالو برک اديبن ۾ ليکجي ٿو. جنهن ڪري ٻارن لاءِ لکڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن، ٻيو ته ٻارن جي ذهني سطح مطابق لکڻ جو سندن ڏانءَ ڪونهي ۽ اها ڏات ڪنهن ڪنهن وٽ ٿئي ٿي، تڏهن به استاد بخاري، اَدل سومري ۽ اڪبر جسڪاڻي وسان نه گهٽايو آهي.

سوال: سنڌي ۾ جيڪو ٻاراڻو ادب ڇپيل آهي اُن مان ڪنهن کان متاثر آهيو؟

جواب: مون کي ڪنهن به متاثر نه ڪيو آهي.

سوال: سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ جيڪو پرائمري جو تعليمي نظام آهي، سو تمام پٺتي پيل آهي انهيءَ صورت ۾ توهان هتان جي ٻارن کان ڪهڙيون اميدون وابسته ڪري سگهو ٿا؟

جواب: جهڙو ٻڄ ڇٽيندؤ تهڙو سلو ڦٽندو! پرائمري جي تعليمي نظام جو تصور ايندي ئي، ڪنبڻي وٺي وڃي ٿي. خاص ڪري اندرون سنڌ ۾ پرائمري جو تعليمي نظام 80% ناڪاره آهي. پرائمري تعليم معنيٰ پيڙهه، جڏهن پيڙهه ئي ڪمزور هوندي ته اميدون وري ڪهڙيون وابسته ڪري سگهبيون سڌريل ملڪن جي ٻارن لاءِ جيڪو ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ نصاب آهي سو هتان جي نائين ۽ ڏهين جي نصاب کان به بهتر آهي. جيڪا ڳالهه يقينن هتان جي ٻارن لاءِ نقصان ڪار آهي پوءِ به ڪي ڪي ٻار تعليمي ميدان ۾ هتي به شاندار نتيجي سان پاڻ مڃائيندا اچن پيا، سو به سٺي ماحول ۽ ذهني آسودگي جي ڪري. باقي ٻارن جي نصاب کي ڏسي هتان جي ٻارن ۾ شاندار مستقبل جي اميد نٿي رکي سگهجي.

سوال: اسان جا سنڌي ٻاراڻا رسالا گهٽ وڪامن ٿا انهيءَ جو سبب؟

جواب: جيستائين سوال جو تعلق آهي ته رسالا نڪرن ئي گهٽ ٿا. جيڪي نڪرن ٿا سي لاڳيتو هلي نٿا سگهن. انهيءَ جو اهم سبب اِها آهي ته ٻارن ۾ مطالعي جو شوق نٿو پيدا ڪيو وڃي. اِهو ذميواري استاد تي اچي ٿي، پر خاص ڪري استاد جيڪڏهن اديب آهي ته اُن کي ٻٽي ذميواري آهي، استاد ٻار جي ذهني اوسر ارتقا لاءِ هڪ پُل مثل آهي. جڏهن ٻار ۾ ادبي مطالعي جي لاڙن کي اڀاريو نه ويندو ته رسالا وري ڪيئن وڪامندا. جڏهن پڙهڻ وارا ئي گهٽ هوندا ته وڪامبا به گهٽ.

سوال: ننڍپڻ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟

جواب: ڪهڙا واقعا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايانو. منهنجي زندگي اڻ وسرندڙ واقعن جو مجموعو آهي. ياد اٿم ته مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس مون هڪ ڪهاڻي پنهنجي اردو جي درسي ڪتاب تان ترجمو ڪري، تنهن وقت نڪرندڙ ٻاراڻي رسالي گلن جهڙا ٻارڙا ڏي موڪلي پر مون نالي سان سنڌيڪار لفظ نه لکيو هو. مون کي ته خبر نه هئي ته ترجمي ۾ اِهو لفظ اٽڪائبو آهي. بهرحال ڪهاڻي شايع ٿي، خوشي ته ڏاڍي ملي، پر جڏهن ساليانو نمبر نڪتو ته مان چورن جي لسٽ ۾ هُوس.

سوال: ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب: شال وڏا ٿي پنهنجي پيرن ٿي بيهي پنهنجي قوم جي سارسنڀال لهن. اِهو تڏهن ٿيندو، جڏهن دل لڳائي محنت ۽ مشقت سان تعليم حاصل ڪندا. سندن دم سان اڳتي هلي علم جي روشني پنهنجي سونهري ڪرڻن سان ڌرتي کي روشن ڪري ڇڏيندي، تنهنڪري گل ڦل جي پڙهندڙن کي چوندس ته صرف درسي ڪتابن ڏان ڌيان ڏين، پر اُن سان گڏوگڏ سٺن سٺن ادبي رسالن ۽ ڪتابن کي به پڙهن.

سنڌيڪار: محمد علي شيخ

بلبل ۽ جهرڪي

هڪ هو باغ ۽ اهو باغ پنهنجي خوبصورت گلن جي ڪري سڄي شهر ۾ مشهور هيو. ماڻهو پري پري کان ايندا هئا ۽ هن باغ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا- شام جو ايترا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا جو منجهند جي وقت خاص ڪري ڇوڪرا راند روند ڪندا هئا، ٻارن جي کيڏڻ جي ڪري باغ کي ڪو نقصان ڪونه پهچندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به هڪ ٻه ڇوڪرا ايندا هئا، جيڪي گليل سان پکين جو نشانو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. نشانو گسي پوندو هيو، اهو پکي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو هو.

هڪ دفعي اهڙو ئي نشاني باز ڇوڪر باغ ۾ آيو، هن گلن سان ڀريل هڪ ٻوٽي جي ٽاريءَ تي هڪ بُلبل کي ڏٺو، جيڪا خوشيءَ وچان ٻولي رهي هئي. هن کي ڪهڙي خبر هئي، ته هڪ ظالم ڇوڪرو هڪ وڻ هيٺان بيهي هن کي نشانو بڻائي رهيو آهي.

گليل مان گليلو نڪتو ۽ بُلبل جي پر ۾ لڳو، ويچاري ان ئي مهل رڙ ڪري، ڪري پئي. هو اتي ئي ٻوٽي جون ٽاريون هيڏانهن هوڏانهن ڪري هيٺ ڏسڻ لڳو جت هن بلبل کي ماريو هو. خوش قسمتيءَ سان بلبل اهڙي پاسي ۾ پئي هئي جت ڪنهن جي نظر نه پئي وڃي- ڇو ته اتي ڪيترائي ٻوٽا پکڙيل هئا ۽ انهن هيٺيان زمين نه ڏسبي هئي.

ڇوڪر بلبل ڳولهيو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو، آخر هار مڃي گهر ڏانهن موٽيو- بُلبل کي پر ۾ ڏاڍو سُور پئي ٿيو- هوءَ سمجهي وئي ته هُو ٿوري دير کان پوءِ مري ويندي- هو بس پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهي هئي ته هڪ آواز آيس.

بُلبل جي نڙيءَ مان آواز نه پئي نڪتو- وڏي مشڪل سان هن چيو ڪير آهي منهنجي حال پڇڻ وارو

آواز آيو! مان آهيان تنهنجي سهيلي هوائي

اهائي هوائي هڪ جهرڪي هئي، جيڪا هر روز هن سان ملاقات ڪندي هئي ۽ هوءَ ملاقات جي ڪري ئي پنهنجي آکيري مان اُڏامي ايندي هئي- هن جو آکيرو شهر جي ٻاهران هڪ انب جي وڻ تي هيو ۽ ان وڻ تي ٻين به ڪيترين جهرڪين جا آکيرا هئا.

بُلبل کي جهرڪيءَ سان ڏاڍي محبت هئي ۽ ان کي پيار مان هوائي چوندي هئي. هوائي ڀيڻ! مون کي ته هڪ ظالم ڇوڪر ڏاڍو زخمي ڪري ڇڏيو آهي- هاڻ مان ڪيئن اُڏندس.

هوائيءَ کي پنهنجي پياري سهيليءَ جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هوءَ هيٺ لهي آئي ۽ بُلبل جي ويجهو اچي چوڻ لڳي؟“

بُلبل ڀيڻ! ٻڌاءِ مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪيان؟ ڇا ڪري ٿي سگهان؟

هوائي ڀيڻ: مان ڇا ٻڌايانءِ تون منهنجي لاءِ ڇا ٿي ڪري سگهين. ڪجهه ڪندين ته ان لاءِ تنهنجيون لک مهربانيون.

مهرباني جي ڳالهه ڇڏ، هڪ ڀيڻ ٻي ڀيڻ لاءِ ڪجهه ڪري ان ۾ مهربانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي- ٻڌاءِ توکي بُک ته نه لڳي آهي- هوائي چيو.

نه هن وقت بُک نه آهي:

هوائي پنهنجي سهيليءَ کي هر طرح دلاسو ڏيئي اتان اڏي ۽ باغ جي هڪ اهڙي آکيري ۾ وئي جت هڪ ڪراڙو جهرڪ رهندو هيو. جيڪو ڏاڍو سياڻو سمجهيو  ويندو هو ۽ جنهن جهرڪ يا جهرڪيءَ کي تڪليف هوندي هئي- اهو ان وٽ ضرور ويندو هيو ۽ ان کي ڪو سٺو مشورو ڏيندو هيو، ٿي سگهندو هيس ته ان جي مدد به ڪندو هو.

هوائي هن کي پنهنجي سهيليءَ جي حالت ٻڌائي ته هن چيو.

ڌيءَ هوائي! تنهنجو فرض آهي ته هر روز هن جو پيٽ ڀر- جيڪو پاڻ کائين ٿي سو هن کي به ڏي.

هوائي چيو! اهيو ته مان هرروز ڪندس، پر هن جا زخم ڪيئن ٺيڪ ٿيندا؟“

بزرگ جهرڪ چيو: صبح جو سوير گلن تي ماڪ جا قطره ڏسندي آهين.

”ڏسندي آهيان بابا سائين“

ان پاڻيءَ سان هن جي اڃ لهي سگهي ٿي ۽ ٽيپن کي زخمن تي ڪرائڻ سان آهسته آهسته زخم ٺيڪ ٿي ويندا.

هوائي آکيري مان نڪري ۽ ٻي ڏينهن صبح جي وقت هن پنهنجي سهيليءَ بُلبل جو پيٽ ڀريو ۽ پوءِ پنهنجو- هن پنهنجي چنهنب ۾ ماڪ جو هڪ هڪ ٽيپو کنيو ۽ چار ڀيرا اهي ٽيپا کڻي هن وٽ آئي- انهن ٽيپن سان بُلبل جي اڃ به ختم ٿي ۽ زخمن جو سور به گهٽ ٿيو.

هوائي روز ائين ڪندي هئي- جيستائين ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي سنگتياڻيءَ جي اڃ ۽ بک نه لاهيندي هئي تيسين آکيري ۾ نه ويندي هئي.

ست ڏينهن گذري ويا، بُلبل جي حالت پهريان کان چڱي هئي، پر اڃا هوءَ اڏڻ لائق نه ٿي هئي. هوءَ هوائي جي ڏاڍي شڪر گذار هئي، هن جي ئي مهربانين جي ڪري هوءَ جيئري هئي- پر اهيو سلسلو جاري رهي نه سگهيو، ٿيو ائين جو جنهن ڇوڪري بُلبل کي گليل سان پٿر هڻي زخمي ڪيو هيو، ان هڪ ڏينهن جهرڪيءَ کي به زخمي ڪري ڇڏيو- وڏي مشڪل سان هوءَ پنهنجي آکيري ۾ پهچي سگهي ۽ بيهوش ٿي وئي هن جا ٻچا وڏا ٿي آکيري مان اُڏي ويا هئا ۽ هوءَ اڪيلي هتي رهندي هئي.

جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي ته هن کي پنهنجو فڪر ته ايترو نه هو جيترو پنهنجي سهيليءَ بُلبل جو هيو- هاڻي ڪير پيٽ ڀريندو ۽ ڪير هن جي وات ۽ زخمن تي ماڪ جا ٽيپا وجهندو- اهيو خيال هن کي تڪليف ڏئي رهيو هيو- هاڻي هن جي اُڏڻ جو سوال نه پيو ٿئي- هن دعا ڪئي ياالله منهنجي ڀيڻ اچي ته مان ان کي بُلبل ڏي موڪليان“ هن جي دعا قبول ٿي، ٿوري دير کان پوءِ هن جي ڀيڻ آئي.

هوائيءَ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي چيو:

ڏس منهنجي پياري ڀيڻ- مان توکي هڪ درخواست ٿي ڪيان.“

ڇا ٿي چوين هوائي- هن جي ڀيڻ پڇيس.

جيڪو ڪم مان ڪندي آهيان، هاڻ اهو تون ڪر“ ۽ هوائيءَ ان کي بلبل جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو- پر هوائي تون منهنجي ڀيڻ آهي. مان پنهنجي ڀيڻ کي ڇڏي ڪنهن اهڙي پکيءَ جي مدد ڪيئن ڪندس جيڪو اسان جي برادريءَ جو نه هجي.“

هوائي ڪاوڙ مان چيس: جي تون ان جو خيال نه ڪندينءَ ته مان توکان ناراض ٿي ويندس ۽ هميشہ لاءِ رهندس- اهي اکر ٻڌي هوائي جي ڀيڻ واعدو ڪيس ته هو بُلبل جي ضرور مدد ڪندي- هوائي جي ڀيڻ جڏهن به اَن داڻو کڻي ايندي هئي، هوائي ان کان ضرور پڇندي هئي.

”ڀيڻ“ سچ سچ ٻڌاءِ منهنجي پياري سهيليءَ جو پيٽ ڀري آئي آهين، هن جي زخمن تي ٽيپا ڪرائي آئين.

ها هوائي! مان باقاعدگيءَ سان اهيو ڪم ڪيو آهي.

ست ڏينهن ٻيا گذري ويا- هوائيءَ جي حالت اڃا خراب هئي هن جا زخم آهسته آهسته ٺيڪ ٿي رهيا هئا.

هڪ ڏينهن سج نڪتو هوائيءَ جي ڀيڻ نه آئي.

”اڙي الله! ڪٿي هن ظالم ڇوڪر منهنجي ڀيڻ کي ته زخمي ڪري نه وڌو؟“ هو دير تائين روئيندي رهي پوءِ هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هڪدم هن جي ڪن ۾ آواز آيو.

”هوائي ڀيڻ!“

هوائيءَ اکيون کوليون:

ها: تون آهين- منهنجي پياري سهيلي.

ها مان آهيان تنهنجي پياري سنگتياڻي بُلبل، تون ڪيئن آئي آهين!

ڇو نه اچان هاڻي ٺيڪ جو ٿي وئي آهيان!

الله سائين تنهنجو شڪر آهي لک لک شڪر آ-“

”هوائي!“ بلبل چوڻ لڳي ”مان تنهنجي ڀيڻ کي جهلي ڇڏيو آهي ته هاڻ هوءَ تنهنجو خيال نه ڪري“ اهيو فرض مان ادا ڪندس.

”پر ڏس“

هڪ لفظ به چوڻ جي ضرورت ڪونهي- مان اجهو اچان ٿي.“ ۽ ان ئي مهل بُلبل ان جو داڻو ڳولهڻ وئي.

کل ته سهي

·                هڪڙي موالي جي گهر ۾ نانگ آيو، سندس گهر واري رڙيون ڪرڻ لڳي، نانگ ڙي نانگ

موالي چيس: پوءِ گهراءِ ڪنهن مرد کي گهر واري چيس: تون به ته مرد آهين موالي هو نشي ۾ سو چيائينس، ”واقعي مان مرد آهيان ته پوءِ کڻي اچ لٺ“

سڄڻ علي ڏيپر ميهڙ

·                هڪ ڇوڪر (پيءُ کان پڇيو) بابا توهان ڪتي کان ڊڄو ٿا

پيءُ نه پٽ. پٽ: شينهن کان؟ پيءُ: نه پٽ

پٽ: ڀلا: امان کان؟

پيءُ آهستي ڳالهاءِ ٻنهي لاءِ مصيبت ٿي پوندي

نور محمد نور ڪنڀر

·      هڪ ماڻهو کي گڏهه چوڻ جي ڪني عادت هئي، هڪ ڀيري حجم کان وار پي ٺهرايائين ته اوچتو حجم کي چيائين گڏهه، هينئر تائين گهڻا گڏهه وار ٺهرائي ويا آهن.

حجم چيو: سائين هاڻ ڏهون گڏهه ويٺو آهي جنهن جا وار ٺاهي رهيو آهيان

غلام حيدر راهو نواب شاهه

·      ٻن چورن هڪ هنڌان پئسن جي چوري ڪئي، ورهاست وقت هڪڙو ڪُپت ڪري رهيو هو، ۽ ڳالهائي به رهيو هو

ٻي ساٿي کي چيائين: يار دنيا ۾ سڀ انڌا هجن ها ته

دوست چيس: پوءِ ته تون مون کي ٽڪو به نه ڏين ها، ڇو ته هينئر اکين آڏو استادي پيو ڪرين

غلام قادر لطفياڻي ڏيپلو

·                مالڪ: اڄ جي اخبار ڪٿي آهي؟

نوڪر: سائين ڪلهه کان ڳوليان پيو لڀي ئي نه ٿي

·                جميل رات مون هڪ خوفناڪ خواب ڏٺو

مون ڏٺو ته مون کي ڪنهن گولي هنئي آهي، مان رڙ ڪري اٿي آئيني ۾ ڏٺم ته منهنجي منهن ۾ سوراخ هو

نديم: پوءِ ڇا ٿيو

جميل: وات بند ڪيم ته سوراخ بند ٿي ويو

اسماء شيرين شڪارپور

·                مينهن وسي رهيو هو، دڪاندار جو گاسليٽ ٻاهر پيو هو

گراهڪ چيس: يار گاسليٽ جو دٻو اندر ڪري ڇڏ پاڻي ٿو پويس

دڪاندار چيس: يار ملاوٽ مان ٿوريئي ٿو ڪريان قدرتي پئي ٿئي.

عبدالقدير سومرو پريالوءِ

سلام سنيها

·      شهناز سنڌو: ادا ڪهاڻي موڪلي رهي آهيان شايع ڪندا، ان کان سواءِ ڪافي ٻيو مواد به موڪليو اٿم (ڀيڻ، اوهان جو مواد ملندو رهي ٿو، پر ايترو پني تي ڳتيل هوندو آهي، جو ان تي درستي به نه ٿي ڪري سگهجي، ان لاءِ مهرباني ڪري پني جي هڪ پاسي وٿي ڇڏي لکندا ڪريو.)

·      مشتاق احمد ميمڻ سجاول: ادا، هن پرچي ۾ جنهن مضمون نگار کي شامل ڪيو ويو آهي، ان اهو مضمون نائين ڏهين جي سنڌي ڪتاب جي سبق نمبر ڇهين تان نقل ڪيو آهي، ان لاءِ مان رشيد احمد ڪليري کي چوندس ته اهڙي چوري ته نه ڪري (ڀاءُ رشيد احمد ڪليري ضرور هي خط پڙهندو ۽ سوچيندو ته نقل نه ڪري ها ته سٺو.)

·      راجا وسيم سوڍر لاڙڪاڻو: ادا، توهان ڀڃ ڳجهارت شروع ڪري اسان تي ٿورو ڪيو آهي (پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني)

·      حمايت علي راشدي شهدادپور: ادا، توهان وٽ انصاف آهي ئي ڪونه، توهان مسعود احمد بهلول جو مضمون ڇپيو آهي، جيڪو ٽئين ڪلاس، سنڌي مان نقل ڪيل آهي (ادا سٺو هي چوري به پڪڙي هاڻ نقل ڪندڙ ٻارن کي ضرور احساس ٿيندو ته چوري ڪنداسين ته ظاهر ٿينداسين)

·      منير احمد سميجو رتوديرو: ادا ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان شايع ڪندا (ادا هي ڪهاڻي ته لوڪ ادب ۾ ڇپيل آهي ۽ ڳوٺن ۾ هر ماڻهو کي ياد هوندي آهي)

·      الاهي بخش گانڌي ڳوٺ ڇتو گانڌي: ادا ڪهاڻي ڇپيو نه ته مان اهو هلائيندس ته اڪبر ڪهاڻي ڇپڻ جا سئو رپيه وٺي ٿو (ڀاءُ ڏس ايڏو وڏو الزام پنهنجي ڀاءُ تي هڻندي)

·      بابر منير قاضي ڪراچي: ادا، رسالي کي بهتر ڪرڻ لاءِ صفحا وڌايو ۽ پروفن جو خيال ڪريو (ڀاءُ اوهان جي راءِ نوٽ ڪئي وئي آهي)

·      عقيل عباسي خواجه ڪڍڻ: ادا، پرچو سٺو هو، ۽ نئون سلسلو ڀڃ ڳجهارت به پسند آيو (سلسلو پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني)

·                اسدالله پهوڙ نئون ديرو: ادا ڀڃ ڳجهارت سلسلو بهترين آهي (پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني)

·      مقصود ميمڻ سجاول: ادا ڳجهارتن وارو سلسلو سٺو آهي، هن سان اسان کي ڳجهارت ڳولڻ لاءِ ذهني طور تي سوچڻو پوندو، جيڪو سٺو عمل آهي (مواد پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني)

گل ڦل قلمي دوستي

·                نالو: نانڪرام

ڪلاس: ستون بي

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو

·                نالو: معشوق علي گوپانگ

ڪلاس: ڏهون سي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قمبر

·                نالو: انور علي لغاري

ڪلاس: ڏهون اي

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي

·                نالو: مدد علي ٽڳڙ

ڪلاس: اٺون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول زيد ڪالوني لاڙڪاڻو.

·                نالو: برڪت علي شيخ

ڪلاس: نائون اي

وندر: سنڌي ٻولي سان پيار

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو

·                نالو: عرفان علي پيرزادو

ڪلاس: اٺون بي

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت لال بخش پيرزادو سبزي مارڪيٽ شاهي بازار هالاڻي

·                نالو: رستم علي شيخ

ڪلاس: پنجون الف

وندر: سنڌ سان پيار ڪرڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: شاهه لطيف لائبرري باقراڻي لاڙڪاڻو.

ننڍڙا اديب

انسانيت جو احساس

پيارا ٻارؤ!

منهنجا امتحان هلي رهيا هئا. سنڌي جو پيپر هيو، صبح جو سوير اٿندي الله تعالي! جو نالو وٺي دعا گهري تياري ڪري پنهنجي جيجل مٺڙي امڙ کان دعا وٺي امتحان سينٽر ڏانهن روانو ٿيس، امالڪ مون روڊ تي هڪ پوڙهو ايڪسيڊنٽ ٿيل ڏٺو جيڪو بيهوشي جي حآلت ۾ تڙپي رهيو هو. مگر ان کي ڪوبه اسپتال ڏانهن پهچائڻ وارو ڪونه هيو. مون ۾ انسانيت وارو جذبو اڀري آيو ۽ هڪ احساس پيدا ٿيو ۽ مان اڳتي وڌي ان پيرسن پوڙهي کي رڪشا تي کڻي اسپتال پهتس، اتي سندس ملم پٽي ڪرائي گهر پهچائي آيس. ان کان پوءِ امتحان سينٽر ڏانهن روانو ٿيس، پرچو هلي رهيو هو دير پهچڻ سبب مون کي اندر اچڻ نه ڏنو ويو. مان سپريڊنٽ صاحب سان مليس ۽ هڪ انسان جي مقدس زندگي بچائڻ واري حقيقت ٻڌايم، تنهن ڳالهه تي سپريڊنٽ صاحب کي رحم آيو ۽ مون کي پيپر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٽائيم ڏنائين ۽ پڻ شاباس ڏيندي چيائين ته: ”اسان وٽ اهڙا انسا ۽ خلق خدمت جو جذبو رکندڙ شاگرد به اڃا موجود آهن، جيڪي انسانن جي خدمت ڪرڻ پنهنجي عبادت سمجهن ٿا.“

ان ڏينهن مون کي پيپر ڪندي ڏاڍو لطف اچي رهيو هيو، ڇو جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هڪ تڙپيندڙ انسان جي مدد ڪئي هئي ۽ پڻ خوشي محسوس ٿي رهي هئي، جيتري غلام کي آزاد ٿيڻ تي، بي اولاد کي اولاد ملڻ تي، انڌي کي روشني ملڻ تي، محنتي شاگرد کي ڦل ملڻ تي، بکايل کي ماني ملڻ تي، اڃايل کي پاڻي ملڻ تي، سپه سالار کي جنگ کٽڻ تي خوشي محسوس ٿيندي آهي.

نمبر کڻي. ارشد گهمڻ جو ڏاڍو شوقين هو. اسڪول مان اچڻ شرط ڪتاب رکي ماني کائي سڌو شهر ڏانهن گهمڻ ويندو هو، گهر ۾ به ڪونه پڙهندو هو. ارشد جا مائٽ اڳئي شاهوڪار هئا. جيڪو گهرندو هو، سو پورو ڪندا هئا. پر هن کي پڙهائي سان ڪوبه شوق نه هوندو هو، جڏهن ڪو ڳوٺ مان مائٽ ايندو هو ته ان کي شهر مان چڪر هڻائي ايندو هو، نه ته بس، رشيد جڏهن اسڪول مان ايندو هو، ڪتاب رکي هٿ منهن ڌوئي، ماني کائي، ٻه ڪلاڪ آرام ڪري، پوءِ اٿي ڪتاب کڻي پڙهندو هو. رشيد جا مائٽ اڳيئي غريب هئا. پر رشيد کي چوندا هئا ته پٽ پڙهي پنهنجو ۽ پنهنجي استاد جو نالو روشن ڪندو رهجان.

جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن استاد چيو توهان سڀئي ڇوڪرا تياري گهران فل ڪري آيا آهيو، سڀني ڇوڪرن هٿ کڻي مٿي ڪيا رشيد نماڻو ٿيو ويٺو هو. جڏهن استاد جي نظر وڃي رشيد تي پئي، تڏهن استاد چيو: رشيد اڄ موڳو ڇو پيو نظر اچين ڇا اسڪول جي تياري ڪونه ڪري آيو آهين ڇا؟ رشيد وراڻيو: سائين مان ته تياري دل سان ڪري آيو آهيان. توهان ٽيسٽ وٺو، پوءِ خبر وئجي ويندي. جڏهن استاد ٽيسٽ وٺڻ شروع ڪئي، ٽيسٽ وٺي بس ڪيائين ته استاد سڀني ڇوڪرن کان ڪاپيون ورتيون. ارشد جي ڪاپي ڏٺائين. ارشد جون پنج چڪون هيون، اکر به بيڪار لکيل هئا. جڏهن رشيد جي ڪاپي استاد ڏٺي ته اکر به سڀئي صحيح ۽ اکر سهڻا لکيل هئا. تنهن تي استاد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڏ ڪري رشيد کي پهريون نمبر ڏنو ۽ چيائين پٽ سدائين ائين محنت ڪندو رهجان. پنهنجو ۽ پنهنجي ديس جو نالو روشن ڪندو رهجان.

الهڏنو خاصخيلي

پورو انصاف

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ دڪاندار جو پٽ هو جيڪو ٿورو گهڻو پڙهي، شهر جي قاضيءَ جو نائب ٿيو هو. هن تي اهو ڪم رکيل هو ته شهر جون سڀ بازاريون وڃي گهمي ۽ تارازيون ۽ تور جا وٽ چڪاسي ڏسي. هن جو پيءُ ٺڳ واپاري هو ۽ گهٽ تور ماپ ڏيندو هو. هي هڪ انصاف پسند ماڻهو هو، هن کي پنهنجي پيءُ جي ٺڳيءَ تي پڪو شڪ هو. تنهن ڪري هن ارادو ڪيو هو ته هن جي اها دغا بازي ظاهر ڪري کيس سزا ڏياريندو ته جيئن اڳتي ٺڳي ڪرڻ کان توبهه ڪري ۽ ٻيا به سبق حاصل ڪن. ان ڪري هو پنهنجي پيءُ جي دڪان جي دروازي تي بيهي چوڻ لڳو ته ”پنهنجا ”وَٽَ ۽ تارازي“ کڻي اچو ته چڪاسيون“ دڪاندار حڪم جي تعميل ڪرڻ بدران، کلي ماٺ ڪري ويهي رهيو. پڻس وري ٻيهر چيو: پر هن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي، آخر هن پنهنجي پٽيوالن کي حڪم ڏنو ته ”دڪان جي تلاشي وٺو، هو وڃي ڳولي ڪري کوٽيون تارازيون ۽ وٽ کڻي آيا ۽ هن هڪ دم چڪاسي ڀڃرائي ڇڏيا.

پٽ جي اها حالت ڏسي، دڪاندار ڏاڍو خفي ٿيو، پر اڃا به هن کي اميد هئي ته هن، مون کي خلق ۾ ته. خوار ڪيو آهي، پر ٻي ڪا سزا نه ڏيندو. پر هن اهڙي سخت سزا ڏنس جو ڄڻ ته پيءُ کي سڃاڻي ئي ڪونه ٿو. کيس 50 رپيه ڏنڊ وڌائين ۽ 50 چهبڪن هڻڻ جو حڪم ڏنائين. جڏهن حڪم جي تعميل ٿي وئي، تڏهن نائب قاضيءَ هڪ دم ٽپ ڏئي پيءُ جي پيرين پئي چوڻ لڳو ته ”بابا سائين مون اهو پنهنجي خدا جو ۽ خدا جي رسول جو ۽ پنهنجي بادشاهه جو، پنهنجي ملڪ جو ۽ پنهنجي عهدي جو فرض ادا ڪيو آهي. هاڻي آئون اوهان کان ادب سان معافي ٿو گهران. ڇاڪاڻ ته انصاف انڌو ٿيندو آهي.

اسماء شيرين

نتيجو هڪ ڏينهن جي ڳالهه

ماهه جون 1989ع جي پرچي ۾ هڪ ڏينهن جي ڳالهه تحت اسان کي هيٺين ٻارن جا مضمون پهتا، جن مان پهرين ٻن نمبر کي انعام ڏبو، باقي نالا شايع ڪجن ٿا.

1-                امير حسن خواجه ڪلاس اٺون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڍڻ بدين

2-               محمد هاشم عباسي گورنمينٽ هاءِ اسڪول زيد ڪالوني لاڙڪاڻو

3-     ذوالفقار مهر حيات پتافي 4- ويرو مائنري بلڙي شاهه ڪريم 5- اشفاق احمد ميمڻ هنڱورجا 6- خادم حسين گل گهنڃو هنگورو 7- معشوق علي گوپانگ قمبر 8- نسيم غني قريشي وحدت ڪالوني حيدرآباد 9- عبدالمالڪ آصف پلي صوفي فقير 10- عبدالغفور صديقي سکر 11- سرور سنڌي داد لغاري 12- وحيد الزمان مگسي صوڀو خان مگسي 13- امتياز علي دايو ميرپور ٻرڙو 14- راجا شبير احمد ميمڻ سجاول 15- محمد اسماعيل جوڻيجو ڏوڪري 16- جميل احمد جتوئي ميرپورخاص 17- محمد نور گاڏهي ميهڙ 18- زاهده پروين صالحاڻي شهدادپور 19- محبوب علي بروهي فقير جو ڳوٺ 20- محمد جعفر نواب شاهه 21- امر لال جي مينگهواڙ ڏهرڪي 22- فياض حسن ميمڻ راڻي پور 23- عذرا پروين عباسي نواب شاهه 24- مجروح ميوومل ڪڍڻ 25- جاويد علي لاشاري نواب شاهه 26- رجب علي مڱڻهار سرهاري 27- محمد عمران ڪلهوڙو دادو 28- محمد اسلم شيخ کهڙا 29- غلام بابر رڏ ڪوٽ ڏجي 30- صبخت الله زاهد ميرپور ٻرڙو 31- آزاد خان ڪڍڻ 32- امين علي خواجه تلهار 33- اياز ڀٽو نئون ديرو 34- محمد مبين لاکو مجيد ڪيريو 35- زاهد پروين شهدادپور 36- فرخ فضل يوسفاڻي ڏيپلو 37- غلام فريد هيسباڻي نئون ديرو 38- قمر ڀٽي ڄام شورو 39- ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو 40- مهيندر لعل هرجاني حيدرآباد 41- عقيل عباس خواجه ڪڍڻ 42- عبدالڪريم کٽي سجاول 43- مظهر علي ڪورائي پنوعاقل 44- الهڏنو سمون ٽنڊوالهيار 45- سعيد سنڌي هنڱورو 46- احمد بخش مغيري لاڙڪاڻو 49- فتح الله جسڪاڻي پنو عاقل 50- رابيل اي. ايس جوکيو رڪ شريف 51- آغا نيڪ محمد پٺاڻ گهوٽڪي 52- خان محمد ٻروسر ميرپور ساڪرو 53- نصرالله ميمڻ سجاول 54- سعيد احمد ميمڻ محرابپور جنگشن 55- خادم سعيد احمد پنهور گرڪڻ 56- گل حسن ڪوري جوهي 57- درشن ڪمار خانپور مهر 58- مظفر احمد چانڊيو وارهه 59- آغا اقبال پٺاڻ ٽنڊو شهباز 60- اياز احمد انصاري سکر 61- ايم رمضان سيلرو نم شريف 62- نياز علي شاهه سکر 63- محمد علي شيخ پنوعاقل 64- عبدالغفور ڏيٿو لونگ ڏيٿو 65- اختيار حسين نئون ديرو 66- عبدالجبار پنهور گرڪڻ 67- حمايت علي راشدي شهداد پور 68- شاهنواز ميراڻي گڊو 69- خير محمد لغاري قاسم آباد حيدرآباد 70- مجيب الرحمان شيخ لاڙڪاڻو 71- عبدالرحيم ڪونڌر خانواهڻ 72- سنتوش ڪمار ڇاٻڙيا خانپور مهر 73- فدا حسين سنديلو داد لغاري 74- ڪاشف علي سندراڻي دڙي سندراڻي 75- عائشه عزيز الله شيخ لاڙڪاڻو 76- خالد گل سمون ٽنڊو محمد خان 77- محمد عمران عباسي دادو 78- ايم ممتاز ابڙو شهبيگ مري 79- مسعود جوڻيجو ڏيپلو 80- عبدالباسط ڀٽو لاڙڪاڻو 81- نثار احمد چنا ڏيپارجا 82- اشفا جامداڻي ڏيپلو 83- زاهد حسين شيخ گمبٽ 84- حسن علي ميرجت بهار خان ميرجت 85- دائود علي گولو خان زنئور 86- مير حسن بروهي ٺٽو 87- اشفاق احمد ميمڻ ٽنڊوباگو 88- ڀاونداس ڪانجواڻي ٻٻرلوءِ 89- لياقت علي قاضي ماڪن قاضي 90- عبدالرؤف ڏيٿو لونگ ڏيٿو 91- غلام علي سومرو بهادرپور 92- غلام رسول بروهي کڏهر 93- رجب علي گانداهي محبت ديرو جتوئي 94- اسدالله ڀٽي نواب شاهه 95- رياض احمد رتوديرو 96- رخسانا ميراڻي نئين گڏ 97- عبدالله شاهاڻي سن 98- ڪشور ڪمار ڪڍڻ 99- امير بخش ڪلوڙ گهوٽڪي 100- منور علي ميرجت بهار خان ميرجت 101- عابد علي چانڊيو عاليوال 102- محمد اسماعيل چاچڙ جتوئي چاچڙ 103- بشير احمد گبول مير خان گبول 104- اصفر علي عمراڻي گولو عمراڻي 105- ڪلثوم مصطفيٰ بروهي شهدادڪوٽ.

 

ٻه سئو رپين جي ورڇ

نتيجو ڀڃ ڳجهارت-1 ظاهر ڪيو ويو

 

هن سلسلي ۾ اٽڪل ٻن هزارن ٻارن حصو ورتو ، ٽن ڳجهارتن جا درست جواب ڏيندڙن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا ۽ انعام حصي آهر ٻن ٻارن کي موڪلبو

ڀڃڻي: 1- ڏيئو 2- مور 3- آڪسيجن

1.      مجيب الرحمان شيخ ڪلاس اٺون گورنمينٽ لٽل فوڪس اسڪول لاڙڪاڻو.

2.     رحمت الله ولد قادر بخش پليجو پوسٽ هنڱورجا ضلعو خيرپور ميرس.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه-3

”اچو ته مضمون لکون سلسلو“ جي جاءِ تي ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جي عنوان کي ٻارن پسند ڪيو آهي. هن عنوان کي ذهن ۾ رکي، جيڪي محسوس ڪريو ٿا، اهو لکي موڪليو، ان عنوان تحت آيل مواد ۾ ٻن ٻارن کي پهريون ۽ ٻيو نمبر انعام ڏبو باقي نالا شايع ڪبا، هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا.

موضوع ٻارن جي حوالي سان هجي، مضمون ٻن وڏن پنن کان وڌيڪ لکيل نه هجي، مواد موڪلڻ وقت لفافي تي ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ لکڻ ضروري آهي.

مضمون موڪلڻ جو پتو

”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“

ايڊيٽر گل ڦل سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070

مرتب: قلندر شاهه لڪياري

انعامي مقابلي ڀڃ ڳجهارت- 3

ٻه سئو رپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 28 آگسٽ 1989ع آهي ٻارؤ! توهان جي خواهش موجب ”گل ڦل خال ڀريو“ سلسلو ختم ڪري ان جي جي جاءِ تي، توهان جي وندر، ورونهن ۽ سوچ ويچار لاءِ ”ڀڃ ڳجهارت“ جاري ڪري رهيا آهيون هي سلسلو جناب قلندر شاهه لڪياري لکي رهيو آهي.

صحيح جواب اچڻ تي، ڪڻن وسيلي ٻارن کي انعام ڏبو، ها ٻارؤ! هن ڳجهارتن متعلق پنهنجي راءِ به ته موڪلجو هي سلسلو اوهان کي ڪيئن لڳي ٿو. اسان کي اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.

-         آءُ ڳجهارت گڏجي ڳوليون پيار ڀريون ڪي ٻوليون ٻوليون

-         سوچي سوچي سوچ وڌايون، لال لڀڻ جي لوچ وڌايون

-         سوچيندڙ جو شاهي شان، ملڪ مٺي جو ٿيندو مان.

قلندر لڪياري

ڳجهارت-3

(1)         ڇوري، منڊي، ڪاري ڪاري

سردي ۾ پئي آ سُونڍاري

گرمي ۾ ٿي جاڳي جلوان

مينهن ۾ روئي زارو زار

(2)                   ڪنهن کي چپٽي، ڪنهن کي چُنهنڊي

ڪنهن کي ڇلو، ڪنهن کي مُنڊي

ڀائي بندرو، زالون چار

چئني کي ڏي ڪيڏو پيار

(3)        هڪڙي دٻلي ٻٽيهه موتي

جهلمل جرڪي تنهنجي جوتي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com