سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1988ع

باب: --

صفحو :2

لقمان حڪيم باران کي سڀ کان پهرين هيءَ نصيحت ڪئي ته خدا کي هميشہ وحده لاشريڪ مڃڻ، ماڻهن کي ڀلائي جي طرف سڏڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪجان.

ٻي نصيحت اها ڪيائين ته زمين تي ڪڏهن به آڪڙجي نه هلجان.

ٽين نصيحت اها ڪيائينس ته ماڻهن سان ڳالهائڻ وقت تڪبر سان سينو نه تانڻجان.

چوٿين نصيحت اها ڪيائينس ته ڪڏهن به ڏاڍيان نه ڳالهائجان الله تعاليٰ کي نياز ۽ نوڙت پسند آهي- ان ڪري هميشہ نياز ۽ نوڙت سان رهجانءِ.

اظهر هيسباڻي

ٻار

آهن جيءَ جيارا ٻار،

سر ۽ ساهه کان پيارا ٻار

ٻول جنين جا مٺڙا ٻول،

روح جي راحت سارا ٻار.

ابي امڙ جي آٿت آهن،

ڀورا ڪوجها ڪارا ٻار

منهنجي روح جا راڻا آهن

منهنجي اکين جا تارا ٻار

ٻاجهاري آ ٻولي جن جي

پاڻ به هِنِ ٻاجهارا ٻار.

تن جون ڳالهيون ساهه سيباڻيون،

آهن قرب قرارا ٻار.

دودا جوڌا ٿيندا ”اظهر“،

هوشو جيئن هاڪارا ٻار.

مس عطيه جوڻيجو ”عطنه“

آمان

تون هينئر اچين پير تنهنجا چمان،

او منهنجي امان.....

تنهنجي ياد سان مون کي خوشبو اچي ٿي،

تڏهن من جي محبت ويتر مچي ٿي،

۽ دل ۾ وري پيا اُٿن اُڌما،

او منهنجي امان.....

ٻين جون دنيا ۾ پئِي مائر ڏسان

مگر مٺڙي تو مٽ نه ڪائي پسان

جڏهن پيار تنهنجو ڪريان ياد مان

او منهنجي امان.....

تو ”عطنه“ سڏي ظاهر ڪيو پيار هو

اِهو امڙ محبت جو اظهار هو

سو شعرن ۾ تخلص بڻايان ٿي مان

او منهنجي امان.....

سليم صديقي

ڪمي جو گهر

ڪمي کي هڪ ڏينهن خيال آيو، ته اجايو روز روز پراون گهرن ۾ رهي مسواڙ ڀرجي ٿي، ڇو نه مان پنهنجو گهر پاڻ ٺاهيان، اهو پختو ارادو ڪري، هن گهر ٺاهڻ شروع ڪيو. ڪُمي آهستي آهستي ڪک پن گڏ ڪري پنهنجو گهر ٺاهڻ شروع ڪيو، جيڪو هن وڏي محنت کان پوءِ تيار ڪيو.

ڪميءَ جهڙيءَ طرح ان گهر جو نقشو ذهن ۾ چٽيو هو. اهڙي طرح هن گهر ڏسي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. سو هن پنهنجي خوشي ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن کي ڀرواري ڳوٺن ۾ جيڪي رهندا هئا، انهن کي چانهه پارٽي جي دعوت ڏيڻ لاءِ رواني ٿي.

ڪميءَ کي جتي به رستي تي ماڻهو ملي، هوءَ ان کي دعوت ڏي پئي، صبح جو نڪتل کي موٽندي موٽندي، منجهند ٿي وئي، هن کي ڳوٺ ۾ شام جو پارٽيءَ لاءِ پڻ انتظام ڪرڻو هو، ان ڪري هي تڪڙي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن اچي رهي هئي ۽ هي سوچي رهي هئي ته چانهه پارٽي ۾ ٻيون ڪهڙيون شيون رکان، جيڪي کين پسند هجن ۽ آخرڪار هو پنهنجي دوستن جي پسند وارين شين کي ياد ڪري رهي هئي، ته ايتري ۾ سندس گهر به اچي ويو، هي اوچتو پنهنجو گهر ڊٺل ڏسي، حيران ٿي وئي، هن وٺي وڏيون وڏيون دانهون ڪيون ته منهنجو گهر ڪنهن ڊاٺو آهي. هن جي دانهن جا آواز ٻڌي هن جي پاڙي واري ڪمي پنهنجي گهران نڪري آئي، هن ان کان پڇيو ”ادي منهنجو گهر ڪنهن ڊاٺو آهي“ هن ان کي جواب ڏنو ته ”ادي جيڪو گهر تون زمين سمجهي ان تي ٺاهيو هو، اها زمين نه هئي، پر اهو ته وڏو واڳون هو جيڪو ڪجهه ڏينهن جي لاءِ زمين تي رهڻ آيو هو، سو هو اڄ جڏهن تون ئي شهر دعوتون ڏيڻ وئين ته، مون ڏٺو ته اچانڪ تنهنجو گهر لڏي رهيو هو. سو مان جلدي ۾ ايڏانهن آيس ته ڏسان ته وڏو واڳون درياهه ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ تنهنجو گهر واڳون جي هلڻ جي لوڏن تي ڊهي ڪري پيو. اهو ٻڌي ڪمي روئي پئي.

شام به ٿي ۽ مهمان به اچڻ شروع ٿيا، جڏهن مهمانن ڪمي کان روئڻ جو سبب پڇيو ته ڪمي کين سڄو احوال ٻڌايو، ان تي مهمانن ڪمي کي همٿ ڏياري ۽ وري گڏجي گهر اڏڻ شروع ڪيو جيڪو ٻئي ڏينهن تائين مڪمل ٿي ويو. ڪميءَ مهمانن جو ٿورو مڃيو ۽ پوءِ وري هنن جي پارٽي جهليائين.

هاڻي ڪميءَ وارو گهر اڳئين گهر جي نقشي کان وڌيڪ سُٺو ٺهيل آهي هن ۾ ٻه ڪمرا هيٺ ۽ هڪ مٿي ڪوٺي ٺهيل آهي، ڪمي ان ۾ پردا به هڻايا آهن. ڪمي هاڻي سڄو ڏينهن انهن درين وٽ ويهي درياهه جي ٿڌي هير جو مزو وٺندي آهي.

حفيظ ڪنڀر

ونجهه وٽي

پيارا ٻارؤ رانديون ته اوهان گهڻيون ڏٺون ۽ ڪيون هونديون مثال ڪرڪيٽ، هاڪي، فٽ بال، والي بال وغيره وغيره پر اڄ اوهان کي اهڙي راند بابت واقفيت ڪرائجي ٿي، جيڪا پنهنجن ڳوٺن ۾ عام طور کيڏي وڃي ٿي، خبر اٿئو اها ڪهڙي راند آهي، اها آهي ونجهه وٽي يا ٻيو نالو اٿس دري راند.

دري راند يا ونجهه وٽي ۾ رانديگر جي ڦڙتي ۽ خبرداري تمام اهم شيءِ ليکبي آهي، هن راند جي لاءِ هموار ميدان جي ضرورت هوندي آهي، مستطيل نما ميدان ٺاهڻو پوندو آهي، ڪنهن هموار زمين جي ٽڪري تي،، چُن سان يا ڪوڏر سان زمين ولي سڌا ليڪا ڪڍيا ويندا آهن ۽ خانا جنهن کي دريون سڏجي ٿو. بنايان ويندا آهن، ونجهه وٽي راند جو ميدان ويڪر ۾ ٻارهن کان پنڌرهن فٽ ۽ ڊيگهه ۾ ويهن کان پنجويهه فوٽن تائين ٿي سگهي ٿو. انهي مستطيل نما ميدان ۾ هڪ جيترا خانا ٺاهيا ويندا آهن. ۽ خانن کي ورهائڻ لاءِ هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٻن متوازي ليڪن سان خانو ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي گهوڙي چيو ويندو آهي. گهوڙي جي ذريعي ”دريءَ“ جي ورهاست ٿيندي آهي، ۽ دري جي هر حصي کي ٻارو چئبو آهي، ٻين لفظن ۾ اڌ دري کي ٻارو چئبو آهي.

پيارا ٻارو گهوڙي جي ويڪر هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين هوندي آهي، ۽ ڊيگهه بابت ته ٻڌايو ويو آهي ته اُها ميدان جي ڊيگهه جي برابر هوندي آهي هن راند لاءِ ٻن درين يعني ٽيمن جو هئڻ لازم آهي، هن ۾ امين جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ رانديگرن کي هڪ ٻئي تي ويساهه رهندو آهي. رانديگر جو تعداد درين کان ٻيڻو هوندو آهي يعني هڪ دري ته ٻه رانديگر گڏيندا آهن. جڏهن ته ونجهه وٽي ۾ درين جو تعداد چئن کان اٺ تائين هوندو آهي.

ٽيم ٺاهڻ يا رانديگرن جي چونڊ ۾ ٻه سٺا رانديگر يا مک کيڏاري الڳ الڳ ڪندا آهن- رانديگرن جي چونڊ جو طريقو هيئن هوندو آهي، ٻه پڪا پختا رانديگر ”ڌوڙي ڀيچي“ جي وسيلي اها چونڊ ڪندا آهن، انهي طريقي ۾ ٻه رانديگر لڪي وڃي پنهنجا نقلي نالا رکي، اچي انهي مُکي رانديگر يا ٻنهي ڪپتانن اڳيان ساڳيا نالا پڌرا ڪندا مثال ”ادا! ڪنهن کي کپي شينهن، ڪنهن کي کپي عقاب يا هرڻ، ڪنهن کي کپي ڦاڙهو ڪپتان ٻنهي رانديگرن مان هڪ رانديگر کي ساڳئي رکيل نالي سان سڏ ڪري پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪندو ۽ اهو ڌوڙي سڏبو يعني ٽيم جو ميمبر انهي چونڊ ۾ ٻي هي خاص ڳالهه آهي ته ٻنهي ڪپتانن کي واري واري سان چونڊ ڪرڻي پوندي آهي.

ٻنهي ٽيمن جي چونڊ مڪمل ٿيڻ بعد اکر ڀوري يعني ٽاس ڪري هڪڙي ٽيم وڃي دريون سنڀاليندي. ڪپتان هميشہ اڳين دري تي بيهندو ۽ گهڻو ڪري ٻي ٽيم جو ڪپتان به پنهنجن رانديگرن يا ”ڌوڙين کي ميدان ۾ بيهاري اچي هڪڙي ٽيم جي ڪپتان سامهون بيهندو. کيڏيندڙ ٽيم جي ڪپتان کي جڏهن اطمينان ٿيندو تڏهن سامهون ڪپتان سان تاڙي ملائي، راند جي شروعات ڪندو. تاڙي کي تاڙو به سڏجي ته ڪٿي ڏارو ملائڻ به چئجي. درين تي بيٺل ٽيم جي ڪپتان کي پهرين نمبر دري کان آخر دري تائين ويندڙ گهوڙي مان ڪوبه رانديگر کاپائڻ يا کاچائڻ جي اجازت هوندي آهي، هن راند ۾ دري تي بيٺل رانديگر سامهين رانديگرن کي دري ٽپڻ وقت کاپائيندو آهي، يعني دري ٽپڻ وقت، هو پنهنجو هٿ ٽپندڙ رانديگر کي هڻندو، ڪوبه رانديگر کيڏيندڙ ٽيم جي ڪنهن به راندير کي، ائين دري ڪراس ڪندي ڌڪ يا هٿ هڻي ويو، ته سڄي ٽيم آئوٽ سمجهي ويندي، يا ڪوبه کيڏيندڙ ميدان وارو ليڪو ٽپي ويو ته رانديگر سڙي ويندو ۽ انهي صورت ۾ به ٽيم آئوٽ ٿي ويندي.

هن راند کٽڻ جو طريقو هي آهي، ته ڪوبه رانديگر بنا کاپڻ جي آخري دري ٽپي، واپسي ۾ ساڳيون دريون بنا کاپڻ جي ٽپي، پهرين دري ٽپي وڃي آخري دري کيڏيندڙ رانديگر يا پهرين رانديگر کان آخري تائين کيڏيندڙ رانديگر مان ڪوبه رانديگر جڏهن دري ٽپي، مخالف پاسي ويندو ته دري سنڀاليندڙ رانديگر هڪل ڪندو، پڪي پڪي معنيٰ ته هاڻي راند فيصلي ڪُن مرحلي ۾ داخل ٿي چُڪي آهي، ڪنهن ڪنهن مهل دري سنڀاليندڙ رانديگر کي مخالف ٽيم جا ٻه ٻه رانديگر به سنڀالڻا پوندا آهن. جيڪڏهن اڃا رانديگر وڌيڪ ٿيندا ته ڪپتان جنهن کي گهوڙي ۾ ڪنهن به رانديگر (مخالف ٽيم جي) کي کاچائڻ ڪار هوندو آهي ته اُهو مدد لاءِ پهچي ويندو آهي، ائين رانديگر کي دري جي اڌ يعني ٻاڙي ۾ سوگهو ڪيو ويندو آهي ۽ ٻاڙي مان جيڪڏهن ڪوبه رانديگر گهت هڻي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته دريون ۽ گهوڙي سنڀاليندڙ رانديگر مان ڪوبه رانديگر انهي کي کاپائيندو پر دري کان ٻاهر ٽپي کاپائي نٿو سگهي.

 

علي مرتضيٰ ڌاريجو               آخري قسط

ڄڀ (Tongue) جي آتم ڪهاڻي

 

جانڻ هڪ عام مرد آهي ۽ جنت سندس زال هڪ عام عورت. جانڻ 47 سالن جو ته جنت 42 سالن جي آهي. کين ڪل ٽي ٻار آهن. سندن عضوا (جن مان ڪي رڳو جانڻ جا ته ڪي جنت جا آهن. جڏهن ته ٻنهي ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳيا) پنهنجي پنهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن. مضمون جو هي سلسلو ”دَ باڊي اينڊ هائو اٽ ورڪس“ تان کنيل آهي.

هاڻ ته اها به خبر پئجي چڪي آهي ته سواد جي حس به ورثي ۾ ملندي رهي ٿي. اهڙي نموني سان ڄڀ ۾ به ايتري لياقت هوندي آهي ته ڪنهن نئين شيءِ سان پاڻ ٺهڪائي سگهي اهو ئي سبب آهي جو جانڻ اهڙن کاڌن کي به قبول ڪرڻۡ شروع ڪيو آهي جيڪي شروعات ۾ سندس لاءِ برداشت کان ٻاهر هوندا هيا. اهڙيون شيون جهڙوڪ: رس، مصاليدار ٻوڙ پلائن ۽ مرض وارن کاڌن وغيره سان پاڻ ٺهڪائڻ ۾ مون کي وقت لڳو هو. هڪ دفعو جڏهن آئون اهڙين ڳالهين سان هري مري ويندي آهيان ته پوءِ اهي وساري نه ڇڏيندي آهيان. جڏهن ته جانڻ جي جسم جا ٻيا ڪيترائي عضوا وساري ڇڏيندا آهن. آئون عمر ۾ وڌڻ کان پوءِ به ڀڙ رهندي آهيان جڏهن ته جانڻ جي نظر ۽ ٻڌڻ جي حس گهٽجي ويندي آهي پر سندس ذائقو نه. نوي سالن جي عمر ۾ ڪڪڙ جو رَهو پيئندي به گهڻا ماڻهو ايترو ئي سواد ماڻي سگهندا آهن جيتوڻيڪ ڏهن سالن جي عمر ۾.

جيئن مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ته جانڻ مون کي وقت به وقت تپاسيندو رهندو آهي ۽ جڏهن منهنجي مٿان ڪو تهه چڙهيل ڏسندو آهي ته هو انهيءَ کي قبضيءَ يا هاضمي جي خرابي جي نشاني ڀائيندو آهي. پر اهو ضروري به ناهي ته ائين هجي، جو سخت قبضيءَ جي حالت ۾ به ڪيترن جي ڄڀ بلڪل صاف رهندي آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي قبضي نه هوندي به سندن زبان تي ساواڻ مائل اڇو تهه چڙهي ويندو آهي. اهو تهه ٻيو ڪجهه نه پر کاڌي جي ننڍڙن ذرڙن ۽ پراڻن سيلن جو هوندو آهي جيڪي منهنجين مکڙين جي وچ ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ خوردبيني جيوڙا انهن تي گڏ ٿي ويندا آهن (اهي سڀ صاف به ٿيندا رهندا آهن). جيڪي ماڻهو اهڙي وات رستي ساهه کڻندا آهن اهي خاص طور تي بيمار ٿي پوندا آهن.

ڄڀ کي ”بيمارين جو آئينو“ به سڏيو ويندو آهي ۽ عام طور تي ڄڀ ڪن ٻين هنڌن تي ڪنهن پيدا ٿيل گڙٻڙ جو اطلاع ڏيندي آهي. رت جي گهڻي پوڻائيءَ (Pernicious anaemia) جي حالت ۾ آئون عام طور تي ڳاڙهي، لسي ۽ لڳڙي لڳندي آهيان. ڪامڻ (Jaundice) جي حالت ۾ ڦڪي ٿيو وڃان ته پيليگرا (Pellagra) جي مرض ۾ باهه جهڙي ڳاڙهي ريتي ۽ فن جاءِ (Fungi) جي حملي ڪري ڪاري ٿي ويندي آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com