سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 1 ۽ 2

غلام رباني

گذارش

سنڌ جا ٻار- منھنجي ڀيڻ، منھنجا ڀاءُ!

 

پاڻ ڏيڍ سال ھڪٻئي کان جدا رھيا آھيون! بيشڪ، اھو وڏو عرصو آھي. ايڏي عرصي ۾ گھڻو ڪجھھ بدلجي سگھي ٿو، ۽ درحقيقت گھڻو ڪجھھ بدلجي ويو آھي. پر ھڪ ڳالھھ اڳي وانگر پنھنجي جاءِ تي قائم آھي- اھا آھي؛ ”گل ڦل“ جي پڙھندڙن جي ”گل ڦل“ سان محبت، ۽ محبت وڏي ڳالھھ آھي! جنھن بھ شيءِ جو بنياد محبت تي آھي، اھا پائيدار آھي. فارسي زبان جي ھاڪاري شاعر ”حافظ“ شيرازيءَ چيو آھي؛

خلل پذير بود ھر بنا کھ مي بيني،

بجر بنائي محبت کھ خالي از خلل است![1]

”گل ڦل“ جو آخرين پرچو ”جون“ ١٩٦١ع ۾ نڪتو. جون ١٩٦١ع کان وٺي ويندي اڄ تائين، اوھان جا خط اسان وٽ پھچندا رھيا آھن- شڪايتون، دڙڪا ۽ دھمان، ڏوراپا، ميارون، منٿون، آزيون نيزاريون،- اوھان ڇا ڇا نھ لکيو آھي! عجب جي ڳالھھ آھي تھ رسالي جي ڇپائي ڏيڍ سال بند ھئڻ کان پوءِ بھ اوھان جا نوان نوان ساٿي رسالي جي خريداريءَ لاءِ اڃا تائين چندا موڪليندا رھن ٿا! اوھان جي ايڏيءَ محبت کي ڪير نظر انداز ڪري سگھندو ۽ ڪيئن ڪري سگھندو؟ سو، آخر اوھان جي من جون مردوان پوريون ٿيون ۽ اسان تان ميار لٿي- اجھو ھي ”گل ڦل“ اوھان  جي ھٿن ۾ آھي!

”گل ڦل“ جي ھن پرچي کي جڏھن اوھان اڳين پرچن سان ڀيٽي ڏسندا تھ اوھان کي مستقبل عنوانن واري حصي ۾، ڪي عنوان، کٽل نظر ايندا؛ مثلن، ”ھنن سان ملو“، ٻارن جي ڦلواڙي“... وغيرھ. اھو انڪري آھي، جو انھن عنوان لاءِ گھربل تازو احوال اسان وٽ موجود ڪو نھ آھي، ھينئر، جيئن رسالو اوھان کي پھچندو تھ اوھين دستور موجب احوال لکي اسان کي موڪليندا، تھ ايندڙ پرچن ۾ شايع ڪنداسين.

”گل ڦل“ جو ايندڙ پرچو وري ٻن مھينن بعد نڪرندو، يعني اپريل جي آخر ۾. ھي پرچو جنوري ۽ فيبروريءَ جو آھي. ايندڙ پرچو مارچ ۽ اپريل جو نڪرندو. اھو انڪري جو رسالي جي ڇاپيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ“ فيصلو ڪيو آھي تھ ”گل ڦل“ رسالو ٻھ- ماھي ڪري ڪڍيو وڃي. سو، بورڊ جي انھيءَ فيصلي موجب، ”گل ڦل“، ٻن ٻن مھينن کان پوءِ نڪرندو. انھيءَ ڪري اسان رسالي جو ساليانو چندو بھ ٽي رپيا رکيو آھي. في ڪاپي قيمت بھرحال، اڳي وانگر اٺ آنا يعني پنجاھھ نوان پئسا ھوندي. پڪيءَ خريداريءَ لاءِ ڇھن مھينن جو چندو نھ ورتو ويندو، رڳو ساليانو چندو قبول ڪيو ويندو. اوھان مان جن جا جيڪي پئسا اسان وٽ آھن، انھن وٽ في ڪاپي اٺين آني (پنجاھھ پئسا) جي حساب سان رسالو ايندو. حساب ڪتاب جي باري ۾، اوھان کي ڪا بھ ٻي ڳالھھ پڇڻي ھجي تھ مئنيجر کي خط لکندا تھ ھو اوھان کي سمورو گھربل احوال موڪليندو.

آخر ۾ اچو تھ ڌڻيءَ کان گڏجي دعا گھرون تھ شال ”گل ڦل“ ھاڻي بنا روڪ رنڊڪ جي ھميشھ نڪرندو رھي، ۽ ڪنھن بھ سبب ڪري وري ڪڏھن بھ پنھنجي وچ ۾ جدائي نھ پوي.

”ماروءَ پاس ملير ۾، شل ھميشھ ھجان!“

- غلام رباني


 

[1] . فارسي شعر جو مطب آھي تھ ھن دنيا جي ھر شيءِ آخرڪار خراب ٿي ختم ٿي وڃي ٿي، سواءِ انھيءَ جي جنھن جو بنياد محبت تي ٻڌل آھي- ڇو تھ ”محبت“ ھر خلل خرابيءَ کان پاڪ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com