سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :5

 

ديس ديس جون خبرون

 

پاڪستان

سنڌ جي فلم

اولھھ پاڪستان سرڪار جو اطلاعات کاتو، ”واديءِ مھراڻ“ (مھراڻ جي ماٿري) نالي سان سنڌ جي ھڪ فلم تيار ڪري رھيو آھي. انھيءَ فلم ۾ موھن جي دڙي واري دور کان وٺي موجودھ دور تائين، سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي ترقي ڏيکاري ويندي.

فلم کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو آھي: پھريون حصو موھن جي دڙي کان وٺي سنڌ تي عربن جي حملي تائين آھي؛ ٻيو حصو عربن جي فتح کان وٺي (١٩٤٧ع) پاڪستان ٺھڻ تائين آھي، ۽ ٽيون حصو پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي موجودھ دور تائين آھي.

اھا فلم تيار ٿيڻ بعد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن کي مفت ڏيکاري ويندي.

ڪعبتھ الله جو غلاف

ڪعبتھ الله جو غلاف، جو اڳ مصر ملڪ ۾ تيار ٿيندو ھو، سو ھن سال پھريون ئي دفعو پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويو آھي. غلاف شريف، نھايت نفيس ۽ مضبوط ڪپڙي مان ٺاھيو ويو آھي. ڪپڙي جو رنگ دستور موجب ڪارو آھي. غلاف جو پھريون حصو اڳيئي مڪي شريف روانو ٿي ويو آھي، اھو پنج سؤ گز ھو. ھي ٻيو حصو، مارچ جي آخري تاريخن ۾ موڪليو ويندو. تازو انھيءَ حصي جي سنڌ جي وڏن شھرن: حيدرآباد، ٽنڊوآدم، شھدادپور، نوابشاھھ، سکر ۾ عام زيارت ڪرائي ويئي.

 

ھندستان

شاگردن جي سھوليت واسطي لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال تي بندش

اجمير مان نڪرندڙ روزاني ”ھندو“ اخبار، لکيو آھي تھ اتي ١٥ مارچ کان مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ ڪري، سرڪار لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال ڪرڻ تي بندش وڌي آھي. انھيءَ ڪري تھ جيئن پيپر لکڻ مھل گھڻي گوڙ ڪري شاگردن کي تڪليف نھ ٿئي. صبح جي وقت ڪير بھ لائوڊ اسپيڪر ڪم آڻي نھ سگھندو. رڳو شام جو چئين بجي کان اٺين بجي تائين لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ جي اجازت ھوندي، سا بھ انھيءَ شرط سان تھ آواز گھٽ ھوندو. جيڪي بھ دوڪاندار يا شادين وغيرھ وارا سڄو ڏينھن ۽ رات لائوڊ اسپيڪر پيا وڄائيندا، تھ انھن کي سؤ رپيا ڏنڊ ۽ جيل جون سزائون پڻ ڏنيون وينديون.

 

آمريڪا

وسيع ڪائنات جي گھراين ۾

ڪالٽيج سائنسي تجربيگاھھ ۾، سائنسدانن سڄي رات پيئي ڪم ڪيو. اسر جو جڏھن ھو واندا ٿي جاءِ مان ٻاھر نڪتا تھ گھڻي ڪم ۽ اوجاڳي ڪري ٿڪجي ساڻا ٿي پيا ھئا، پر پوءِ بھ ھنن جي دل نٿي گھريو تھ پنھنجي گھرن ڏانھن ھليا وڃن. ٿڌي ھير پئي لڳي، ۽ ماڪ جي ڪري ھرڪا شيءِ گھميل ھئي. ھو تجربيگاھھ جي ٻاھران، اوڀر طرف آسمان ۾ اکيون کپائي بيھي رھيا. ان مھل اوڀر طرف آسمان ۾ زھرھ تارو چمڪي رھيو ھو.

اھا گذريل ڊسمبر جي مھيني جي ڳالھھ آھي. انھيءَ رات، آمريڪي سائنسدانن، ڪالٽيج سائنسي تجربيگاھھ مان، زھرھ تاري ڏانھن نقلي گرھھ- ”مرائينر ٻيو“- موڪليو ھو. مرائنر ٻيو، وسيع ڪائنات جي گھراين ۾، ٽي ڪروڙ ۽ سٺ لک ميل پنڌ ڪري، زھرھ تاري تي پھچڻو ھو ۽ اتان آمريڪي سائنسدانن کي اھو اطلاع موڪلڻ وارو ھو تھ زھرھ تاري تي ماڻھو وڃي سگھي ٿو يا نھ.

زھرھ تارو حقيقت ۾ تارو ناھي، پر ھو اسان جي ڌرتيءَ وانگر ھڪ گرھھ آھي. سائنسدانن ڪيترين صدين کان اِھي انومان پئي ظاھر ڪيا آھن تھ شايد زھرھ تاري تي، ڌرتيءَ وانگر، ڪي ساھوارا رھندا ھجن! انھيءَ ڳالھھ جي پڪ ڪرڻ لاءِ آمريڪي سائنسدانن مرائينر ٻيو زھرھ ڏانھن موڪليو. جيڪڏھن مرائينر ٻئي جي وسيلي زھرھ بابت ڪا پختي خبرچار سائنسدانن کي ملي پيئي تھ پوءِ تھ تمام وڏي ڳالھھ چئبي! پر ساڳي وقت اھا ڳالھھ بھ گھٽ ڪين ليکبي، جيڪڏھن ماڻھوءَ جي ٺاھيل مشين، وسيع ڪائنات جي گھراين، لکين ڪروڙين ميل پنڌ ڪري وڃي پنھنجي منزل تي پھچي!- آمريڪي سائنسدانن کي اھا ڪاميابي نصيب ٿي. مرائينر ٻيو پنھنجيءَ منزل تي پھچي ويو. اھا ڪاميابي فقط آمريڪي سائنسدانن جي ڪانھي،  پر سموريءَ انسانذات جي ڪاميابي آھي!

مرائينر ٻيو زھرھ تي پھتو ۽ ٽي دفعا ان کي چوڌاري ڦري آيو: پھريائين انھيءَ جي اونداھي پاسي جي مٿان لنگھيو، پوءِ اونداھين ۽ روشن پاسن جي آرپار ويو ۽ آخري دفعي انھيءَ جي روشن پاسي جي مٿان ڦري آيو. ان وقت سائنسدانن کي جيڪي اطلاع موڪليائين، انھن مان معلوم ٿيو تھ زھرھ جي ٻنھي پاسي گرميءَ جو درجو ذري گھٽ ھڪجيترو آھي- ۽ اھو ٨٠٠ ڊگريون فارن ھائيٽ آھي. (ياد رکو تھ ٦٢١ ڊگرين تي شيھو بھ پگھرجڻ شروع ڪندو آھي!) لوئي ڪپلان، جنھن مرائينر ٻيو ٺاھڻ ۾ گھڻو ڪم ڪيو آھي، تنھن خيال ظاھر ڪيو آھي تھ مرائينر ٻئي جي موڪليل معلومات جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تھ زھرھ جي زمين تي، ھوا جو داٻ ڌرتيءَ جي زمين کان گھٽ ۾ گھٽ ڏھوڻو ۽ وڌ ۾ وڌ ويھوڻو آھي!“ ۽ اھو پڻ چئي سگھجي ٿو تھ ”زھرھ جي ھوا ۾ پاڻيءَ جو بخار شايد ڪونھي.“ مرائينر ٻئي اھو بھ ثابت ڪيو آھي تھ ”زھرھ، اسان جي ڌرتيءَ وانگر پنھنجي محور تي چوڌاري ڦري ٿو. ان جي ڦرڻ جي رفتار تمام گھٽ آھي، جنھن جو نتيجو اھو آھي تھ زھرھ جو ھڪ ڏينھن، ڌرتيءَ جو ٢٢٥ ڏينھن جيترو ٿئي ٿو.

آمريڪي سائنسدان، مرائينر ٻئي جي موڪليل معلومات تي غور ڪري رھيا آھن، ۽ اڃا وڌيڪ نتيجن ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ آھن. ساڳئي وقت، ھي سائنسدان، ”ٻڌ“ تي پڻ ٽيون نقلي گرھ موڪلڻ جون تياريون ڪري رھيا آھن.

ڪالٽيج سائنسي تجربيگاھھ جي آمريڪي سائنسدانن جي اڳواڻ، رابرٽ مگر بليان، چوي ٿو تھ ”مرائينر ٻئي جو تجربو تھ شروعاتي قدم ھو. اسان اڳتي جيڪي ڪجھھ ڪرڻ وارا آھيون، انھيءَ جي ڀيٽ ۾ ھيءُ قدم ايتريءَ اھميت وارو ڪينھي.“- ”ٻڌ“ تي جيڪو آمريڪي گرھھ ويندو، سو ان جون ويھھ چِٽيون تصويرون ڪڍي موڪليندو ۽ انھي ڳالھھ جي پڻ خبر ڏيندو تھ اتي ”ٻڌ“ تي ڪي ساھوارا رھندڙ آھن، يا نھ. ٻڌ جي باري ۾ سائنسدانن جون عجيب و غريب چميگويون ٿي رھيون آھن. ڪي تھ ائين بھ چون ٿا تھ ”ٻڌ“ تي اھڙا وڻ آھن، جيڪي نھايت سمجھو ۽ ھوشيار آھن ۽ اھي اتي زمين تي ھيڏي ھوڏي گھمندا ڦرندا آھن؛ جيئن ھتي اسان وٽ ڌرتيءَ تي جانور گھمندا آھن.

 

  

ڀلا ٻڌايو تھ...

 [ھيٺين سوالن جا صحيح جواب، جن پڙھندڙن وٽان پھچندا، انھن جا نالا ”گل ڦل“ جي ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا. –ادارو]

سوال موڪليندڙ: سڪندر پنوھر

١. سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجھھ وقت اڳ اخبارن ۾ گھڻو چؤٻول ٿيو ھو، سو ڇا جي ڪري؟

ھاڻي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ڪھڙي آھي؟

سوال موڪليندڙ: نظير شيخ

٢. قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ڇاکي ڪوٺين ٿا؟

سوال موڪليندڙ: گلناز خاتون

٣. شاھھ ڀٽائيءَ جو ميلو، ھر سال ڪھڙي مھيني ۾، ڪھڙيءَ تاريخ ۽ ڪٿي لڳندو آھي؟

 

 

پرولي تھ ڀڃ

 مظفر جويو:

١. ملڪ آھي پر ماڻھو ڪونھن، شھر آھن پر جايون ڪينھن، ٻيلا آھن پر وڻ ڪونھن؛ ڍنڍون آھن، پر پاڻي ڪونھي- ٻڌايو تھ ڇا آھي؟

٢. اھو ڪھڙو ٽن اکرن وارو ملڪ آھي، جنھن جي پٺيان ”ي“ اکر وجھجي، تھ کائڻ جي شيءِ جو نالو ٺھي پوي.

٣. سياري سڪيو وڃن، ساوڻ ۾ ٿين جام،

اھڙا ويڄ عام، وڪامن بازار ۾.

نجمه شيخ:

٤. نھ چڪ چڙھي، نھ ڪنڀر گھڙي،

بنا کوھھ مٺي پاڻيءَ ڀري.

٥. گھر گھر ۾ ناچو نچي.

٦. گھر ۾ گھر ھڪڙو، تنھن ۾ بھ گھر گھڻا.

٧. ٻھ پير، اٺ ٽنگون، پڇ پٺيءَ ۾. ٻڌايو تھ ڇا آھي؟

٨. وروڪڙ نانگ جيان، پر نانگ بھ نھ آھي؛

وھي ٿو ڏاند جيان، پر ڏاند بھ نھ آھي؛

ماءُ ڏئيس ھٿڙا، پر ٻار بھ نھ آھي،

ٻڌايو تھ ڇا آھي؟

٩. اھو ڪھڙو چئن اکرن وارو ملڪ آھي، جنھن جو پھريون اکر ڪڍي ڇڏجي تھ کائڻ جي شيءِ جو نالو ٺھي پوي.

قربان پنوھر:

١٠. ھيڏڙو ھيڏڙو پاڻ تکي تلوار ساڻ.

١١. ماس مٽيءَ جو، ڪنڌ ڪپھھ جو، لڳس واءُ، ويس ساھھ.

١٢. اھا ڪھڙي شيءِ آھي، جا جيترو وڌندي، اوترو گھٽبي.

 

تواب

(1) نحثو، (2) مپر، (3) وڃڻو، (4) ڇانهين، (5) منڍيئڙو، (6) مانارو، (7) ٺاهمي، (8) ائٽ، (9) تپان، (10) وڇون، (11) ڙيئو، (12) ڃمر.

 

کل تھ سھي

موڪليندڙ: رحمت الله عباسي.

مان ۽ منھنجو ھڪ دوست ھوٽل ۾ ويٺا ھئاسون تھ ھڪ نوجوان ڪڇ ۾ ٽرانزسٽر ريڊيو کنيو،  اسان جي سامھون واريءَ ميز وٽ اچي ويٺو. ويھڻ سان ھن ٽرانزسٽر جي سئيءَ کي ايڏي تھ وڏي آواز تي رکيو جو اسان کي گوڙ ۾ ھڪٻئي جو آواز بھ ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. اھو ڏسي منھنجي دوست واڪو ڪري مون کي چيو ”ڀانئجي ٿو تھ ڪو وڏيرو آھي.“ مون کلي، زور سان چيو ”وڏيرو ڪونھي، ميراثي آھي. اڳي ميراثي ساماڻا آھن، جي ريڊيو بغل ۾ کنيو پيا وڄائيندا وتن.“ اھو ٻڌي ٽرانزسٽر  واري ھمراھھ جون ٻھ بھ ويون ڇھھ بھ ويون. ڪجھھ شرم آيس ۽ ٽرانزسٽر بند ڪري، ٻين وانگر ٺھي ويٺو.

موڪليندڙ: اميد علي

ھڪ دفعي، ھڪ پوليس واري جي ڊيوٽي رات جو لڳي. کيس سندس صاحب چيو تھ ھوشيار رھجانءِ، مان جانچ تي ايندس. رات ھئي سياري جي، سو غريب پوليس وارو ڪنھن نانوائيءَ جي گرم تنو روٽ وڃي ويٺو. اتي باھھ جي تو تي کيس ننڊ اچي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نانوائيءَ جي دڪان ۾ ڪنھن ڪتي ھڏيون ڳوليندي، سندس پير کي ڦونگھيو. پوليس وارو ڇرڪ ڀري ھڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ھڪدم سواءِ ڏسڻ وائسڻ جي سئليوٽ ڪري چيائين، ”سائين، مان تھ جاڳيس پئي!“ جواب جو ڪونھ مليس، سو اکيون پٽي سامھون ڏٺائين تھ ڪتو! بس، ان مھل ڪو ويھي سندس حالت ڏسي ھا!

موڪليندڙ: محمد عمر ”شيخ“

ھڪ دفعي، مان پنھنجي ھڪ دوست، ڪاليجي شاگرد سان ملڻ ويس. اڃ لڳيم، سو مون کانئس پاڻي گھريو. ھن پاڻيءَ جو گلاس ڀري مون کي ڏنو. مون پاڻي پي گلاس ميز تي کڻي رکيو. گلاس ميز سان لڳڻ شرط ٻھ ٽڪر ٿي پيو! اھو ڏسي مان ڏاڍو شرمندو ٿيس تھ منھنجو دوست دل ۾ ڇا چوندو. پر منھنجي دوست مون ڏي نھاري کلي چيو، ”ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ڳالھھ ڪانھي. ٻن مھينن کان وٺي گلاس انھيءَ حال ۾ آھي، پر پاڻ بھ پيا گذر ڪريون.“

 

 

سلام ۽ سنيھا

ادا، عرض تھ انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون، مگر ھن وقت تائين ”گل ڦل“ اڃا مارڪيٽ ۾ نھ آيو آھي. جيتوڻيڪ توھان بار بار ائين لکندا آھيو تھ ”گل ڦل“ جلد مارڪيٽ ۾ ايندو.“- ڪجھھ ڏينھن ٿيا تھ توھان وٽان ڪارڊ آيو، جنھن ۾ دستور مطابق ائين لکيل ھيو تھ ”گل ڦل“ جلد مارڪيٽ ۾ ايندو.“ آخر حقيقت ڇا آھي؟

- عزيز الله،  لکي در، شڪارپور.

پيارا ايڊيٽر، بعد اسلام عليڪم جي عرض تھ سال (١٩٦٢ع) وڃي پنھنجي پرين کي پھتو، پر ”گل ڦل“ جو پتو اڃا ڪونھ پيو. خبر نھ آھي تھ نئون سال (١٩٦٣ع) پاڻ سان ”گل ڦل“ آڻيندو يا انھيءَ ۾ بھ اميد نھ رکون؟

-                    ڪريم بخش، ميرپور ماٿيلو.

جنابا، خذمت ۾ عرض آھي تھ اوھان جو ماھنامو، يعني ٻارڙن جو نڪرندڙ اخلاقي ۽ ادبي رسالي ”گل ڦل“ جي ھڪ ڪاپي ڪنھن دوست کان ھٿ آئي، جنھن جو باقاعدي مطالعو ڪيم. اوھان ٻارن جي ذھن لاءِ رسالي ۾ جيڪي رنگ ڀريا آھن، تن لاءِ اوھان کي دلي مبارڪباد ڏجي ٿي ۽ اداري جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھجي. اميد تھ ھيءُ رسالو اڳتي ھلي اڃا بھ زيادھ ترقي ڪندو.

ادا سائين، مون کي اوھان جي رسالي جي خريدار بنجڻ جو گھڻو شوق آھي، تنھنڪري في الحال ڇھن مھينن لاءِ مون کي پنھنجي رسالي جي خريدارن ۾ داخل ڪندا.

-                    محمد عمر ٿيٻو.

ڀاءُ بعد اسلام عليڪم جي لکجي ٿو تھ مھرباني ڪري ھڪ سال لاءِ، مون کي پنھنجي رسالي ”گل ڦل“ جو خريدار ڪندا، ۽ اھو وي. پي. ڪري موڪليندا.

- مير مشتاق علي خان ٽالپر.

محلو، بچل شاھھ بخاري. خيرپور ميرس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com