سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 5/ 1994ع

باب: --

صفحو :5

رب نواز ”آزاد“ سمون

ڳل ۽ ڳوڙها

رات اونداهيءَ جو ثمر ميڙي، پنهنجو سفر پورو ڪيو، ۽ سج پنهنجي روشنيءَ جي ثمر سان ڪَر کنيو. هرڪو هاري ناري، تازو توانو ٿي، پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن روانو ٿيو. بلبلون ۽ ڪوئلون پنهنجي مٺڙي آوازن سان وڻن جي تازن تازن پنن ۽ ٽارين تي جهونگاري، خدا کي ياد ڪري رهيون هيون. ڌنار پنهنجا پنهنجا ڌڻ ڪاهي چارڻ لاءِ روانا ٿيا. مطلب ته هر انسان ۽ جانور پنهنجن پنهنجن مقصدن ۽ گهرجن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر ٿي نڪتا، پر ڳوٺ وارن حبن جي روز جيان اهائي ڪار هئي. سندس سوڙ ۾ ماڻس جا هٿ ۽ پاڻ ڇڏائڻ ۾ مشغول هو.

”اڙي ڇورا، اُٿين ٿو يا.........“

ماڻس کيس دڙڪو ڏيندي چيو.

”مان اسڪول ڪونه ويندس!“

حبوءَ جي چپن تي روز جيان اهي لفظ ورجندا رهيا.

”اڙي حبن جا پيءُ، ڏسين ٿو پنهنجي پٽ جا افعال! چوي ٿو ته مان اسڪول ڪونه ويندس!.... وڃي کڏ ۾ پئي!“

سندس ماءُ اهو چئي، پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويئي. حبوءَ جو پيءُ اهو ٻڌي، ڳاڙهو لال ٿي ويو، اچي حبوءَ مٿان بيٺو.

”اڙي اٿين ٿو نه، ڪميڻا!“، حبوءَ کي ڪاوڙ مان چوڻ لڳو.

”مان ڪونه پڙهندس! مان ڪونه...“

سندس اهو چوڻ ۽ سندس پيءُ جي پادرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. وڌيڪ موچڙن جي ڀوؤ کان، پراڻو ۽ ميرو ٿيلهو کڻي، ان ۾ ڪجھ ڪتاب مروٽي سروٽي وجهي، حبن اسڪول ڏانهن روانو ٿيو.

حبوءَ لاءِ اهو روز جو ڄڻ ته معمول ٿي چڪو هو. جيستائين صبح جو سندس ماءُ يا پيءُ جي پادرن جو ناشتو نه ڪندو هو، تيستائين کيس مزو ئي ڪونه ايندو هو. سندس پڙهڻ لاءِ، سندس پيءُ هر اها ضرورت ۽ آسائش پوري ڪندو هو، جيڪا هڪ ٻار لاءِ ضروري هوندي هئي. هاري هئڻ جي باوجود کيس نوان نوان ڪپڙا، سينڊل ۽ بوٽ وٺي ڏيندو هو. پر حبو مجال جو پڙهي. اسڪول ته هن لاءِ چڙ هئي.

سندس اهو سلسلو ڪجھ وقت تائين جاري رهيو. سندس پيءُ گردن ٽوڙ بخار جي ڪري گذاري ويو. هاڻ سندس سفر پنهنجي اڪيلي پوڙهيءَ ماءُ سان گذرڻ لڳو. سندس پيءُ جي گذارڻ کان پوءِ ويتر حبو نڀاڳو ٿي پيو هو. ڪني ماحول پنهنجا پر کولي کيس وڪوڙي ڇڏيو هو. کانئس پڙهڻ مورڳو وسري چڪو هو. وڏيري جي اوطاق، جيڪا پنهنجا بيرحم ڪر کنيو بيٺي هئي، تنهن کيس پنهنجي پيٽ اندر آڻي ڇڏيو هو. وڏيري جي اوطاق تي ننڍي نسل کي نشي جو عادي بڻائي، کانئن ڪڌا ڪرتوت ڪرايا ويندا هئا. حبن جي زندگيءَ جو سفر هڪ اونهي ڪُنَ ۾ پئجي چڪو هو. سندس جسم اندر هر نشي آکيرا ٺاهي ڇڏيا هئا. سندس ڪراڙي ماءُ، جنهن مٿس خوابن جا محل بنايا هئا، تنهن جا سڀ خواب شيشي جيان ٽُٽي چڪا هئا، ڇو ته حبو هاڻ ماءُ جي سنڀال ئي ڪونه لهندو هو ۽ پنهنجيءَ دنيا ۾ گم هوندو هو. سندس سڌاري لاءِ سندس ماءُ ڪئين پِير فقير رلي، پر حبو سڌريو ئي ڪونه.

سندس زندگيءَ جو سفر ڏاڍو نازڪ رستي تان هلي رهيو هو. نشي سان گڏوگڏ، هو هاڻ هيروئن جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. واپارين جو نشو کڻي، هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ پهچائيندو هو، ۽ کيس ان جي معاوضي ۾ صرف هڪ چڪر سان هڪ هيروئن جي پڙي ملندي هئي. اهڙيءَ طرح، هو پنهنجي زندگيءَ جو انڌو سفر طئي ڪندو رهيو.

هڪ ڏينهن هو ڳوٺ جي رستي تان سائيڪل تي ڪجھ نشو کنيو ٿي آيو ته سندس نظر پوليس جي گاڏيءَ تي پئجي وئي. گهڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر پوليس کيس قابو ڪري ورتو.

سندس ماءُ کي جڏهن اها خبر پئي ته سندس ڇڏائڻ لاءِ ٿاڻي ڏانهن رواني ٿي. پوليس کي آزيون نيازيون ڪيائين، پر پوليس سندس هڪ به ڪانه ٻڌي، ۽ مجبور ٿي پنهنجن ڀاڳن تي ڳوڙها ڳاڙيندي، گهر ڏانهن رواني ٿي.

حبو کي ڳوٺ واري وڏيري جو آسرو هو ته کيس ضرور ڇڏائيندو، ڇو ته سندس زندگيءَ کي ان موڙ تي آڻڻ ۾ وڏيري جو وڏو هٿ هو. پر سندس اهو خيال به غلط نڪتو ۽ جيل جي دال ۽ ڪڻڪ جي اڻڀي ماني کائي، ماضيءَ جا ترورا سندس اکين آڏو اچڻ لڳا. ان ڏينهن کان پوءِ سندس ڳوڙهن ۽ ڳلن جو رشتو تمام نزديڪ ٿي چڪو هو، ۽ هميشه سندس ڳلن تي ڳوڙها ڳڙندا رهندا هئا.

واحد ڪلهوڙو

وچن

”جاني هي ڏس، هن ٻاراڻي رسالي ۾ منهنجي ڪهاڻي ڇپي اٿئي.

”ڇا؟ امر، رسالي ۾، وري تنهنجي ڪهاڻي!“

”ها، جاني، منهنجي ڪهاڻي“.

”امر، مون کي ڏي اهو رسالو ته مان پڙهي ڏسان تنهنجي ڪهاڻي.“

”واقعي، يار، نالو تنهنجو آهي ۽ ها، امر، ڪهاڻيءَ ۾ ڪيڏي نه سٺي منظر ڪشي ڪئي اٿئي. هڪ شاگرد ڪلاس مان مسلسل پندرهن ڏينهن غير حاضر آهي. صبح جو شاگردن جي حاضريءَ وقت استاد صاحب ان جي غير حاضريءَ بابت ڇوڪرن کان پڇي رهيو آهي ته ان شاگرد جي پاڙي وارو شاگرد استاد کي ٻڌائي رهيو آهي، ته سائين هو بيمار آهي، هن جو پيءُ پيرسن ۽ غريب آهي. وري ڪيئن نه استاد هڪدم حاضريءَ جي رجسٽر تان قلم هٽائي، سوچن جي دنيا ۾ وڃائجي ٿو وڃي ۽ هن جو خيال گذريل سال اسڪول ۾ ٿيل تقريري مقابلي ڏانهن پيو وڃي، جنهن ۾ ان شاگرد، شاهه لطيف رح جي موضوع تي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، ۽ پوءِ موڪل جي وقت ان جي پاڙي واري شاگرد سان گڏجي بيمار شاگرد جي گهر وڃي ٿو ۽ ها، ان شاگرد سان گڏجي سرڪاري اسپتال وڃي ٿو، ۽ ان کي اتان دوا ۽ گوريون به وٺي ٿو ڏئي، ڪجھ ڏينهن گذرڻ بعد اهو شاگرد تندرست ٿي روزانو اسڪول ۾ اچي ٿو.“

”امر، بس، تو ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. امر، سچ پڇين ته پنهنجي اسڪول ۾ به اهڙا ڪيترائي شاگرد هوندا، ويچارا غريب. امر، ٻيو وري ڪيڏو ته پيارو رسالو آهي. رسالي جي مين پيج تي ننڍڙي سندر ڇوڪريءَ جي تصوير ڄڻ ته گڏي! رسالي جي اندرين صفحن ۾ دل کي وندرائيندڙ گيت، ڪهاڻيون، مضمون، ٽهڪڙا ۽ سائنسي ڄاڻ به. امر، ڀلا ٻڌاءِ صحيح، هيءَ ڪهاڻي تو ڪيئن لکي؟ ڇا، مان به تون وانگر ڪهاڻي لکي سگهان ٿو؟ ۽ منهنجي به ڪهاڻي تو وانگر رسالي ۾ ڇپجندي؟“

”ها، جاني، تون ڪهاڻي لکي سگهين ٿو، ۽ تنهنجي ڪهاڻي هن رسالي ۾ ضرور ڇپجي سگهي ٿي“.

”ته پوءِ ٻڌ، ڀٽائي بازار ۾ ڪتابن وارو بوڪ اسٽور آهي ته ڪجهه مهينا اڳ اتان جاميٽري باڪس وٺڻ ويس ته اُتي شيشي جي ڪٻٽ ۾ هن جهڙو، سهڻيءَ تصوير سان رسالو پيو هو، اسٽور واري کان مون رسالي جي قيمت معلوم ڪئي.“ هن چيو ”بابلا، هي اوهان ٻارن جو ۽ ٻارن لاءِ رسالو آهي. هن جي قيمت صرف پنج رپيا آهي.“ ”مون وٽ پنج روپيا هئا. جاميٽري باڪس سان گڏ رسالو به وٺي آيس. رسالي ۾ اهڙا ته گيت، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٽهڪڙا هئا جو پڙهڻ سان ذهن کي سڪون ملي ويو. هاڻي ته اهو رسالو هر مهيني خريد ڪندو آهيان.“

”ها، جاني، هر ماهه نئون رسالو پڙهندو هوس. هڪ ڏينهن بس، اوچتو، ذهن ۾ مضمون لکڻ جو خيال آيو. خبر اٿئي، جاني، منهنجي مضمون جو عنوان ڇا هو؟“ ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“ اهو مضمون لکي، پاڻ واري ڪلاس ٽيچر سائين سڄڻ کان سيٽ ڪرائي، هن رسالي جي ائڊريس تي موڪلي ڇڏيم، اهو به هن ڪهاڻيءَ وانگر رسالي ۾ منهنجي نالي ڇپجي ويو. وري ائين ئي هن ڪهاڻيءَ جو پلان منهنجي ذهن تي آيو. ڪاغذ تي لکي، وري به سائين سڄڻ کان سيٽ ڪرائي، هن ئي رسالي جي ائڊريس تي موڪلي ڇڏيم، جيڪا تنهنجي سامهون آهي... ۽ ها جاني، هن ڪهاڻي لکڻ تي مون کي سائين سڄڻ پنهنجي پين انعام طور ڏني هئي. ها، جاني ڀاءُ، تون به ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي سگهين ٿو، ان لاءِ توکي هر ماهه هڪ ٻه ٻاراڻا رسالا خريد ڪري پڙهڻا پوندا... پوءِ تون ڪوبه عنوان پنهنجي ذهن ۾ سوچي، قلم هٿ ۾ کڻي، ڪاغذ تي لکڻ ويهه... پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿا لفظ جڙندا وڃن ۽ ڪيئن ٿي تنهنجي هڪ بهترين ڪهاڻي جنم وٺي. جاني، مون وٽ گذريل مهينن جا رسالا آهن، جيڪي توکي پڙهڻ لاءِ ڏيندس.“

”ها امر ڀاءُ، اڄ مان توسان اهو وچن ٿو ڪريان ته هر ماهه ضرور ٻاراڻو رسالو خريد ڪندس، ۽ پڙهندس، ۽ ها، امر، سڀاڻي اسڪول جي موڪل جو ڏينهن آهي. سڀاڻي ڀٽائي بازار واري بوڪ اسٽور تان هن مهيني جو تازو رسالو خريد ڪرڻ هلنداسين.“

خط

ادا، فيبروري 1994 جو گل ڦل هٿن ۾ آهي. هر لحاظ کان بهتر آهي. شيخ اياز جي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات ڏيڻ تي اوهان جي مهرباني، ملهار سنڌيءَ جو نظم ”ٻارن کي نصيحت“ پسند آيو، سائين مقصود گل جي ”الف بي پٽي-“ پڻ پسند آئي. ان جي اڳين حصي جو انتظار آهي، ڪهاڻين ۾ ”شيطاني چال“، ”پر اسرار حويلي“، ”امڙ جي جهوليءَ ۾ لولي“، ”اڏامندڙ منڊيون“، ”گلن وارو ڇوڪرو“ ۽ ”شوق ۽ محبت“ بيحد پسند آيون. ياسر قاضيءَ شاعرن ۽ اديبن جا اصل نالا ڄاڻايا، ان لاءِ سندس مهرباني، ادا هڪ شڪايت آهي ته گل ڦل دير سان ٿو پهچي ان لاءِ مهرباني ڪري رسالو جلدي ڪڍندا ته جيئن پڙهندڙ وقت تي مواد موڪلي سگهن.

اوهان جو ڀاءُ

اسد الله منگي رتو ديرو

 

پيارا ساٿي: جيئن اوهان کي خبر آهي، آءٌ اڳ کان وٺي گل ڦل رسالا گهڻي شوق سان پڙهندو آهيان. 1990ع کان وٺي گل ڦل رسالا پڙهندو آيس، پوءِ شهر نصيرآباد ۾ 1992 کان گل ڦل رسالا بند ٿي ويا ۽ مان مجبور ٿيس ۽ پوءِ دل تمام بيتاب هئي ۽ هاڻي 1994 کان گل ڦل رسالا اچڻ شروع ٿيا، جڏهن رسالو اکين سان ڏٺم ته ان رسالي کي کڻي ڇاتي سان لڳائي خوش ٿيس.

اوهان جو ٿورائتو،

ساگر مختيار احمد شابراڻي

نصيرآباد سنڌ.

 

ادا، اميد ته خوش هوندا، عرض ته فيبروري وارو رسالو تمام سٺو آهي. ٻي ڳالهه ته رسالو اسان وٽ 21 فيبروري تي پهتو سو ڇو؟ اميد ته آئينده جلدي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا، ۽ ٻي ڳالهه ته خطن کي شامل ڪرڻ کان پوءِ انهن جا جواب به ڏيندا ڪريو، سلسلو (کل ته سهي) کي ٻيهر شروع ڪريو ته مهرباني ٿيندي. اميد ته خط ضرور شامل ڪندا، خالن بدران سوالن جو ڪوپن ڏيو ۽ هيٺ ائڊريس جي جاءِ لکو ته وڏي مهرباني ٿيندي.

اوهان جو پنهنجو،

احمد خان مري ۽ اڪرم علي

ڳوٺ حاجي مولا بخش مري.

 

ادا، فيبروري جو گل ڦل منهنجي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ سڀ سلسلا سچا ۽ سندر لڳا، ۽ ڀائرن جا لکيل خط پڙهي انهن جي سوچن جي ۽ گل ڦل جي اشاعت ۾ جهموريت جي خوشبوءِ محسوس ڪيم.

ادا، هن پرچي يعني فيبروريءَ واري پرچي ۾ منهنجو انٽرويو، جيڪو ڊسمبر ۾ گل ڦل ۾ ڇپيو هو، جي اختلاف ۾ محمد رمضان ڪوريءَ جو خط پڙهي، اهو پتو پيو ته ماڻهو اڃا تائين ان ڪم کي ناممڪن سمجھندا آهن، جيڪو هو پاڻ نه ڪري سگهندا آهن.

ادي جو خيال هو ته ”ڪيترو به شاگرد هوشيار هجي، پر جيڪڏهن هو راندين ۾ حصو وٺي ٿو، تقريري مقابلن ۾ حصو وٺي ٿو، دڪان به هلائي ٿو، امر جليل، خليل جبران، شيخ اياز، نورلهديٰ شاهه ۽ عبدالقادر جهڙن ليکڪن کي پڙهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ عابده پروين کي به ٻڌي ٿو، ته آءٌ چئلينج ڏيئي چوان ٿو ته ڪو شاگرد جيڪڏهن انهن سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو ته اهو پوزيشن ته کڻي سگهي ٿو پر صرف موجوده نظام تعليم مان فائدو وٺندي.“

جڏهن ته مان ان جي جواب ۾ صرف اهو چوندس ته، جيڪڏهن ڪو شاگرد ايڏا ڪم بنا جهجهڪ جي ڪري سگهي ٿو، ته ڇا هو هڪ بگاڙيل نظام پنهنجي بچاءَ جو انتظام نٿو ڪري سگهي. ڇا پنج ئي آڱريون برابر ته نه آهن لازمي نه آهي ته، جيڪا شيءَ اوهان وٽ بگڙيل هجي اها اسان وٽ به بگڙيل هجي. اسان جنهن درس گاهه ۾ درس پرايو آهي. اها ملڪ جي اها عظيم درس گاهه آهي. جنهن ۾ شاگردن جي دل ۾ ڪاپي ڪلچر خلاف ته صرف نفرت جو جذبو اڀاريو وڃي ٿو، پر هڪ شاگرد جي لڪيل صلاحيت کي اڀارڻ لاءِ ماهر استاد پنهنجي هر صلاحيت وقف ڪري ڇڏيندا آهن.

جيڪڏهن محمد رمضان ڪوري چئلينج ڏيئي چوي ٿو ته ڪوبه شاگرد جيڪو سڀني سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو. اهو پوزيشن نٿو کڻي سگهي ته اڄ مان به کين چئلينج ڏيئي چوان ٿو ته انهن سڀني ڄاڻايل سرگرمين ۽ منهنجي پرايل علم مان جيڪڏهن هو مونسان مقابلو ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو ڇو جو بگڙيل اسان جو نظام نه پر سوچون آهن.

ادا، معاف ڪجو جواب لکڻ ۾ دير ٿي وئي، ڇو جو آءٌ ڪجھ ڏينهن لاءِ ”نيو علي ڳڙهه گورمينٽ ڪاليج ٽنڊو آدم“ طرفان انگلش ڊپيٽ لاءِ نامزد ٿي لاهور ويل هئس. ڇا پوري ڪاليج مان انگلش ڊبيٽ لاءِ چونڊجڻ ۽ لاهور وڃڻ ۽ لاهور ۾ وڃي اتان انعام حاصل ڪرڻ به ڪاپي آهي؟

مونکي اميد آهي ته توهان منهنجو هي خط شايع ڪري، منهنجو پيغام انهن ساٿين تائين پهچائي ڇڏيندا. جيڪي هر مشڪل ڪم کي ناممڪن سمجھندا آهن.

فقط، معشوق علي مير جت

بهار خان مير جت ٽنڊوالهيار،

 

ادا سائين، آئون ماهوار گل ڦل ڏاڍي شوق ۽ پريت سان پڙهندو آهيان. آئون رسالي جو ساليانو چندو ڏيندو آهيان ۽ رسالو مون کي پوسٽ ذريعي ملندو آهي. منهنجو خريداري نمبر 61 آهي.

ادا سائين رسالو ”گل ڦل“ ٻارن لاءِ مفيد آهي. آئون پنهنجن ڀائرن کي اهو عرض ڪندس ته هو (گل ڦل) پاڻ پڙهن ۽ پنهنجي ڀائرن کي به پڙهائن ته جيئن اسان جو پيارو گل ڦل، ترقيءَ جي منزل طرف گامزن رهي.

ادا سائين گل ڦل ۾ سڀئي سلسلا پسند آيا پر مون کي وڌيڪ پسند هي سلسلا آيا. شيخ اياز (شيخ مبارڪ علي) جي باري ۾ چند ڳالهيون، ڪرسچن اينڊرسن، ڪنگ جو انجام، شيطاني چال، پراسرار حويلي شاعرن ۽ اديبن جا اصلي نالا، وسند ۽ اجگر، اڏامندڙ منڊيون، گلن وارو ڇوڪرو، مضمون پاڻي، بيوقوف ڪير ۽ خوابن جو سير، اهي سلسلا مون کي پسند آيا.

فقط توهان جو ڀاءُ،

سيد امداد علي شاهه بخاري

اسٽيشن پليجاڻي

 

ادا، جيئن ته توهان ڏانهن هي پهريون خط موڪلي رهيو آهيان، اها مون کي اميد آهي ته توهان هي منهنجو خط ضرور شايع ڪندا، فيبروري جو رسالو هٿ ۾ آهي. اسان کي هن رسالي ۾ وسند ۽ اجگر جي ڪهاڻي وڻي ۽ شيطاني چال، سنڌ جون رانديون، ڪڪڙين پالڻ جو فارم ۽ نظم مٺڙي امڙ پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي.

اوهان جو ڀاءُ،

عبدالسميع لکڻ

ڳوٺ ايوب لکڻ

 

ادا، آئون ”گل ڦل“ پسند ڪندو آهيان ۽ سوال مڪمل ڪرڻ ۾ حصو وٺندس مونکي توهان جي رسالي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏاڍو شوق آهي. ادا هي خط مان سڪ ۽ محبت مان لکي رهيو آهيان، مون کي لطيفي لات- سنڌ جون رانديون، شيطاني چال، گل ڦل قلمي دوستي ڏاڍو وڻيا، اميد آهي ته اڃا به رسالي کي وڌيڪ اجاگر ۽ سهڻيون لکڻيون ڇاپي ڪري شوق وڌائيندا.

اوهان جو ڀاءُ، عبدالخالق چانڊيو ميهڙ.

 

رسالو ”گل ڦل“ فيبروري جو ورتوسون تمام گهڻو پسند آيو، منهنجي ڳوٺ جي ڪافي نوجوانن پڻ پسند ڪيو، خاص ڪري هن جا سلسلا، شيخ اياز جي باري ۾ معلومات وڻي. ارشاد احمد اي گڏاڻي جي تحرير شيطاني چال، عبدالجبار ”عبد“ جي تحرير پراسرار حويلي، جيجل مٺڙي امڙ  انجم قاضي صاحب جا ٻارن لاءِ شعر، ياسر قاضي جو سلسلو شاعرن ۽ اديبن جا اصلي نالا ۽ گلن وارو ڇوڪرو ڏاڍو دل کي وڻيا. ٻيا سلسلا به تمام گهڻا سٺا هئا. اميد ته هي ضرور شايع ڪندا.

غلام رضا ورياهه،

ورياهه محلو شهر اجن شاهه.

 

ادا سائين! خط موڪلي رهيو آهيان ڇاڪاڻ جو ”گل ڦل“ مونکي تمام پسند آهي. ادل هي خط مان پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان. سو مهرباني ڪري مون کي مايوس نه ڪندا.

فقط اوهان جو ڀاءُ

معراج الدين پٺاڻ.

گل ڦل قلمي دوستي

* نالو: اربيلو مهر.

ڪلاس: نائون (اي).

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

عمر: 17 سال.

ائڊريس: معرفت محمد صيفل مهر دڪاندار ريلوي اسٽيشن روڊ گهوٽڪي.

* نالو: پرديپ ڪمار.

ڪلاس: ستون (اي).

وندر: رسالا پڙهڻ.

عمر: 12 سال.

ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل.

* نالو: پير محمد ملاح.

ڪلاس: اٺون (بي).

وندر: سٺا ڪتاب پڙهڻ.

عمر: 14 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول تلهار.

* نالو: محمد صالح درس.

ڪلاس: اٺون (اي).

وندر: رسالا پڙهڻ.

عمر 14 سال.

ائڊريس: مير محمد ڪيبن وارو پوسٽ آفيس ٽنڊو غلام علي.

* نالو: محمد شريف احمدني.

ڪلاس: اٺون (بي).

وندر: ريڊيو ٻڌڻ.

عمر: 13 سال.

ائڊريس: معرفت محمد عثمان دوڪاندار اسٽيشن روڊ تلهار.

* نالو: عنايت علي خاصخيلي.

ڪلاس: ڇهون.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ.

عمر: 15 سال.

ائڊريس: ڪوهستان ڊرائي ڪلينرز ٿاڻو بولا خان.

* نالو: عزيز الله خان ڇڄڙو.

ڪلاس: ڏهون (بي).

وندر: علم سان چاهه.

عمر: 16 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شاهه پنجو سُلطان.

* نالو: مشتاق احمد مهر.

ڪلاس: ستون (اي).

وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ.

عمر: 12 سال.

ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل.

* نالو: محمد يوسف.

ڪلاس: ستون (بي).

وندر: علم سان چاهه.

عمر: 13 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه

* نالو: دودو چانڊيو.

ڪلاس: ستون (بي).

وندر: ريڊيو ٻڌڻ.

عمر: 14 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين.

* نالو: آفتاب احمد جتوئي.

ڪلاس ستون (اي).

وندر: خوشخطي ڪرڻ.

عمر: 12 سال.

ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول، پنو عاقل.

* نالو: غلام رباني مهڙ.

ڪلاس: ستون (بي).

وندر: ادب سان چاهه.

عمر: 15 سال.

ائڊريس: معرفت حاجي شاهنواز مهڙ شاپ ڪيپر سڪرنڊ روڊ عظيم ڪالوني نواب شاهه

* نالو: سنجي ڪمار.

ڪلاس: ستون (اي).

وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ.

عمر 12 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهارو.

* نالو: اعجاز علي ڪانڌڙو.

ڪلاس: پنجون.

وندر: علم سان چاهه.

عمر: 11 سال.

ائڊريس: پوسٽ آفيس نصيرآباد معرفت حاجي خان محمد ڪانڌڙو ڳوٺ بازاري ڪانڌڙا ضلعو لاڙڪاڻو.

* نالو: عبدالحڪيم ابڙو.

ڪلاس: يارهون پري ميڊيڪل.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

عمر: 16 سال.

ائڊريس: بسم الله ميڊيڪل اسٽور ڊکڻ محلو جيڪب آباد

* نالو: مسڪين لعل محمد سومرو.

ڪلاس: پنجون.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

عمر: 11 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول فئملي لائين جيڪب آباد

* نالو: عبدالباسط ڀٽو.

ڪلاس: نائون (اي).

وندر: ڪتاب پڙهڻ.

عمر: 16 سال.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماٿيلو (مومل جي ماڙي گهوٽڪي)

* نالو: شتروگهن.

ڪلاس: ستون (اي).

وندر: علم سان چاهه.

عمر: 12 سال.

ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنو عاقل

* نالو: ونود ڪمار.

ڪلاس: پنجون (اي).

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

عمر: 10 سال.

ائڊريس: ڪوهستان بڪ اسٽال گهارو ضلع ٺٽو

* نالو: سروڻ ڪمار.

ڪلاس: پنجون (اي).

وندر: سنڌ سان پيار ڪرڻ.

عمر: 10 سال.

ائڊريس: ڪوهستان بڪ اسٽال گهارو ضلع ٺٽو.

* نالو: منور علي چاچڙ.

ڪلاس: نائون.

وندر: قلمي دوستي رکڻ.

عمر: 15 سال.

ائڊريس: چاچڙ هائوس نزد نهرو شاهه روڊ گهوٽڪي

* نالو: مهيش ڪمار واسواڻي.

ڪلاس: ستون (سي).

وندر: رسالا پڙهڻ.

عمر: 14 سال.

ائڊريس: شڌاني ڪول ڪارنر خانپور مهر

* نالو: غلام حُسين منگي.

ڪلاس: نائون (ڊي).

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ.

عمر: 17 سال.

ائڊريس گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول اوٻاوڙو

 

نتيجو رنگ ڀريو- 9

هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀريو سلسلي ۾ رنگ ڀري موڪليا. محترم طارق عالم ابڙي سڀ تصويرون ڏٺيون جنهن ۾ پهريون نمبر آيو. عبدالقدير شيخ لاڙڪاڻو.

 

نتيجو سوال مڪمل ڪريو- 9

 

هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا.

جواب 1- صوبائي 2- 1976ع 3- 1989ع 4- 1948ع 5- 1951ع.

1- عبدالصمد شيخ معرفت خيرپور بڪ اسٽال سچل سرمست شاپنگ سينٽر خيرپور ميرس.

2- دليپ ڪمار راجا ميڊيڪل اسٽور ماٿيلو گهوٽڪي.

3- آصف علي کوسو ڳوٺ ڌنگ شراف شهدادڪوٽ.

دين محمد ”انجم“ قاضي

نظم ڪهاڻي

 

’هُئو گداگر هڪڙو ٻار،

دردن جو هو ان تي بار.

 

هڪ ڏينهن صبح سويري ٻارو،

سيٺ ڏي آيو هو ويچارو.

 

هڪ روپئي جي سين هنيائين،

الله نالي خير گهريائين.

 

ڪاوڙ مان تنهن ڇڙٻون ڏنيون.

نينگر سي سڀ سر تي سٺيون.

 

ڪري نماڻو منهن سو، ٻارو،

موٽيو خالي هٿ ويچارو.

 

هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي،

مانيءَ جي پڻ گهرج گهڻي هئي.

 

سارنگ نالي ٻار ڏٺائين،

مانيءَ لاءِ ان کي چيائين.

 

سارنگ کي پڻ رحم اچي ويو،

هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.

 

سارنگ تنهن کان سوال پڇيو،

ماضيءَ جو احوال پڇيو.

 

نينگر پنهنجو حال ڪيو،

سيني جو سڀ سور سليو.

 

ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ مري ويو،

ماءُ ڇڏي وئي، جيءُ مري ويو.

 

سڻندي سارنگ درد ڪهاڻي،

آيس جلد اکين مان پاڻي.

 

سڪ مان ان کي پائي ڀاڪر،

دوست بڻايئين جلد گداگر.

 

رنگ ڀريو- 11

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار سٺو رنگ ڀريو هوندو. ان کي مهيني جو رسالو موڪلبو.

 

خال ڀريو- 11

هيٺ ڏنل خال ڀري موڪليو. جن ٻارن جا سمورا جواب صحيح هوندا انهن کي ان مهيني جو رسالو موڪلبو.

1. عالمي ادارو صحت (W.H.O) ……… سن ۾ قائم ٿيو.

2. آءِ. ايم. ايف. هي ادارو ڊسمبر ……… سن ۾ قائم ٿيو.

3. پهريون ڀيرو … سن ۾ نيلسن منڊيلا کي جيل ۾ وڌو ويو.

4. ٻارن جي ڀلائي وارو ادارو يونيسيف … سن ۾ قائم ٿيو.

5. مهاتما گانڌي … ۾ هندستان جي صوبي گجرات ۾ ڄائو.

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com