سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 5/ 1994ع

باب: --

صفحو :4

بادشاهه هڪ اک بند ڪري، ٻيءَ اک سان پڙهي رهيو هو. امالڪ هن چيو: ”مون کي ته ان ۾ ڪجھ معنيٰ نظر اچي ٿي. ان ۾ لکيل آهي، مون کي ترڻ نٿو اچي.“ ڇوڙي، ڇا تون تري نٿو سگهين؟“

هن ڏوهاريءَ کان سوال پڇيو.

ڏوهاريءَ پشيمانيءَ سان ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”ڇا، مون کي ڏسڻ سان ائين لڳي ٿو؟ مان ته...“

اصل ۾ ڏوهاري ڪاغذ جو ٺهيل هو. ترڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي.

”خير، ٺيڪ آهي، اڳتي لکيل آهي، هتي سڀئي ڄاڻن ٿا. منهنجي خيال ۾ هتي جيوريءَ جي ميمبرن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. پوءِ لکيل آهي، جيڪڏهن معاملو اڳتي وڌي وڃي.“ ان مان مراد راڻيءَ سان آهي. صاف صاف ته چوي ٿو، ”مون هن کي هڪ ڏني هئي. مطلب ته ڪچوريون چورائي، هن ٻين ۾ ورهائي ڇڏيون.

ايلس ان تي اعتراض اٿاريو، پر بادشاهه ان جي ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو.

بادشاهه چيو: ”ان کان وڌيڪ صاف ڳالهه ٻي ڇا هوندي: ”هاڻي ڳالهه پکڙجي چڪي آهي، اسين ڦاسنداسين ٻئي.“ اڳتي چيل آهي، ”ڀلو چاهين ته راز نه ٻڌاءِ. ”ڇو، راڻي صاحبه، اوهان جو ته ڪڏهن ڪو راز نه رهيو؟ ائين آهي نه؟“

”نه!“ راڻيءَ ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي ۽ هن مس ڪپڙي کڻي ڪرڙيءَ کي هنئي.

ڪرڙيءَ گهڻي دير کان لکڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ سليٽ تي پنهنجي آڱر ڦيري ڦيري ٿڪجي پئي هئي. مٿي تي مس ڪپڙي لڳڻ سان هن ڇرڪ ڀريو ۽ سندس مُنهن تي ڪارنهن پکڙجي وئي. هن مس مان آڱر ڀري، لکڻ شروع ڪري ڏنو.

بادشاهه امالڪ ڪاوڙ ۾ چيو، ”ان ۾ اوهان سان ٺٺول ڪئي وئي آهي. انهن لفظن جو ٻٽو مطلب نڪري ٿو. جيوريءَ جا ميمبر پنهنجي راءِ ڏين.“

”نه، نه!“ راڻيءَ رڙ ڪئي. سزا پهرين، راءِ پوءِ.“

”اها ڪهڙي بڪواس آهي؟ سزا پهرين ۽ وري راءِ پوءِ!...“

”پنهنجي زبان بند ڪر!“ راڻيءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿيندي چيو.

”نه ڪنديس!“ ايلس جواب ڏنو.

”هن ڇوڪريءَ جي ڳچي فوراً ڪپي وڃي!“

راڻيءَ ڏاڍي زور سان رڙ ڪئي، پر ڪو به سپاهي اڳيان نه وڌيو.

”هتي ڪنهن کي به تنهنجي پرواهه ڪانهي.“ ايلس راڻيءَ کي چيو. هاڻي هوءَ پنهنجي اصلي قد ۾ اچي وئي هئي. هاڻي هن کي ڪنهن جو به ڊپ ڪونه هو. هن چيو: ”اوهين آهيو ڇا؟ فقط تاس جا پتا ئي ته آهيو اوهين!“

ان ڳالهه تي سڀ پتا هڪدم هوا ۾ اُڏريا ۽ ايلس جي مٿان اچي ڪريا. ايلس ڪجھ ڊپ جي ڪري ۽ ڪجھ ڪاوڙ سبب رڙ ڪئي ۽ زور زور سان پنهنجا هٿ هلائڻ لڳي.

ايلس اکيون کوليون ته ڏٺائين ته هوءَ نديءَ جي ڪناري پنهنجيءَ ڀيڻ جي هنج ۾ سُتل هئي، جيڪا ايلس جي منهن ۽ وارن تي هٿ ڦيري سُڪل پنن کي پري ڪري رهي هئي، جيڪي هن جي مٿان اچي ڪريا هئا.

”ايلس!... ايلس، ڀيڻ!... اُٿ“ هن جي ڀيڻ کيس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

”اُٿ. ڪيتريءَ دير کان تون سُتي پئي آهين!“

”اوه! ادي مون هڪ عجيب غريب خواب پئي ڏٺو.“ ايلس چيو ۽ اُٿي ويهي رهي.

هن پنهنجيءَ ڀيڻ کي اُهي سڀ واقعا ٻڌايا، جيڪي هن خوابن جي سير دوران ڏٺا هئا. آکاڻي ٻڌائيندي وقت، ڪڏهن ڪڏهن کيس اهو وهم ٿيندو هو ته اڃا تائين خوابن ۾ سير پئي ڪري. پر پنهنجيءَ وڏي ڀيڻ کي سامهون ڏسي، آخر يقين اچي ويس ته هوءَ خوابن جي دنيا مان واپس اچي وئي آهي.

سڄو قصو ٻڌي، هن جي وڏيءَ ڀيڻ چيو: ”واقعي تو وڏو عجيب غريب خواب ڏٺو آهي. هاڻي گهر هل، اما نيرن لاءِ سڏي رهي آهي.“ ايلس ڊوڙي گهر هلي وئي.

الحاج ولي محمد طاهر زادو

باب يارهون

سنڌ جون رانديون

بال کينهوڙي يا ڏڙهي سان رانديون:

اڳين زماني ۾ اڳڙين کي ڪنهن ڳوڙهي مٿان ڇڪي ويڙهي ٽوپا ڏيئي ڳُتي مٿان سُٽ سان مڙهي گول کينهون يا کينهوڙو يا ڏُڙهو ٺاهيندا هئا. (هاڻ ربڙ جا بال آهن جي هلڪا ۽ ٿيڙ کائيندڙ آهن، ڏڙهو تمام سخت هوندو هو؛ ۽ ان سان راند ڪبي هئي.

1 سٽ ڪُٽ راند: هڪ ڇوڪر بال مٿي اڇليندو، جنهن جهٽيو يا کنيو، سو ڀر واري ڇوڪر کي ڪشي هڻندو. جي گُسي ويو ته ٻيو ڇوڪر کڻندو. اهڙي ريت ميدان ۾ ڇوڪر پکڙجي بيهندا. جنهن وٽ بال ايندو سو ٻئي کي پيو هڻندو.

2 بال جهٽيءَ راند: هڪڙو ننڍو گول ليڪو ڪڍي ان ۾ هڪ ڇوڪر بيهندو ۽ بال مٿي ۽ پرڀرو اڇليندو. ٻيا نينگر بال جهٽڻ خاطر پکڙجي پري پري ٿي بيهندا پوءِ جنهن بال جهٽيو سو اچي آگ وٺندو. پر جي پٽ تي ڪِري پيو، ته گول ۾ بيٺل ڇوڪر کي اُڇلي ڏيندا؛ جيستائين ڪو جهٽي.

3 پير پڇنڊ کينهوڙي راند: ننڍي اجرڪ، پوتڙو يا ٽوال کڻي ان جا ٽي پلاند کُنجي، گڏي ڦيرائي ڳنڍ ڏيئي: کينهوڙو ٺاهين ۽ چوٿون پلاند يا ڪُنڊ ڇڪي پڇ وانگر ٻاهر ڪن- پوءِ ٻه ٽوليون راند ۾ شامل ٿينديون- هر هڪ ڇوڪر ڌرتيءَ تي تِريون کوڙي اُٽو ٿي پير جي آڱوٺي واري ٻيا نگڙي ۾ کينهوڙي جو پڇ روڪي پنهنجن پٺن مٿان، پير سان کينهوڙي ابتي پاسي ڏانهن اڇليندو- جتي ڪِريو اتي سَنڌو ڪندا. اهڙيءَ ريت سڀئي نينگر کينهوڙو واري تي اڇليندا. پوءِ جنهن ٽوليءَ جا گهڻا ڇوڪر کينهوڙو پري اڇلي چڪا هوندا، سا ٽولي آگ وٺندي. يعني هارائيندڙ ٽوليءَ جي پٺن تي ويهندا ۽ اها جانورن وانگر چئن پيرن تي هلي مقرر جاءِ تان ٿي. موٽي آڻي پِڙَ ۾ لاهيندن ۽ وري نئي سر راند شروع ٿيندي.

4 سيڙهه کينهوڙي راند: هن راند کي نانگيل ڦُوسيل به چون، هن راند ۾ ٻه ٽوليون مقابلو ڪنديون آهن. هڪڙا بيهندا آگ وٺڻ ٻيا ويندا آگ ڏيڻ. پهريائين سيڙهه يا نانگيل ڦوسيل ٺاهيندا- ڇا ڪندا جو هڪڙي سڄي ساري سِرَ مُنڍي ڀر اُڀي ڪري رکندا. ان جي مٿان اڌ سِرَ جو، تنهن جي مٿان ٽُڪر ٽوٽو، تنهن جي مٿان ڀِتر ڀور؛ ان مٿان ٺِڪريون، ٺڪرين تي ٿُڪ هڻي مٿان مٽي سُڪي ٻُرڪيندا- اها سيڙهه ٿي تيار-

آگ وٺندڙ سيڙهه کان ويهن وکن جي وڇوٽيءَ تي ۽ آگ ڏيندڙ سيڙهه کان پنجن وکن جي مفاصلي تي آمهون سامهون ٿي بيهندا- آگ وٺندڙ هڪڙو هڪڙو ٿي ڏڙهو سيڙهه کي چٽي هڻندو، جي ڏڙهو لڳو ۽ سيڙهه ڪِري پيئي ته، آگ وٺندڙ ٽولي جا رانديگر پيرن سان کينهوڙو ٿڏيندا پري ڌڪيندا ويندا؛ ۽ آگ ڏيندڙ يڪدم سيڙهه ٺاهڻ کي لڳي ويندا، سيڙهه ٺهي تيار ٿي ته واڪ ڏيندا سيڙهه بنجي ويئي. پوءِ آگ وٺندڙ به پنهنجن همراهن کي هوڪا ڪري سجاڳ ڪندا، ته سيڙهه تيار ٿي چڪي آهي- سيڙهه ٺهڻ جو واڪو ٻڌي آگ وٺندڙ ڏڙهي کي ٿڏڻ جي بجاءِ اتيئي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڄندا: آگ ڏيندڙ جا ڪي همراهه: جي ٿُڏڻ وقت سندن پاسو جهليو پيا ويندا؛ سي جڏهن ٻڌندا ته سيڙهه تيار ٿي چڪي آهي ته، يڪدم بال يا کينهوڙي کي هٿ ۾ کڻي آگ وٺندڙ کي اهو به ڏُڙهو چُٽيندا. جي ڪنهن کي ڏڙهو لڳو ته اها ٽولي کاتي ۽ پوءِ اچي آگ ڏيندي. پر جي آگ وٺندڙ ٽوليءَ جي سڀني همراهن جي ڏڙهي هڻڻ سان سيڙهه نه ڊٺي ته اهي اچي آگ ڏيندا- پر جي آگ ڏيندڙن جو ڪنهن کي به ڏڙهو سيڙهه ٺاهڻ کان پوءِ نه لڳو، يا گُسائي پنهنجي پڙ تي پهچي ويو ته وري به پاڻ آگ وٺندا.

عبدالجبار ”عبد“

پڪو پھ

انور ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. هو هر سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻندو هو، پر جڏهن کان سندس پاڙي وڊيو گيم جو دڪان کليو هو، انور پنهنجي پڙهائيءَ طرف گهٽ ڌيان ڏيئي رهيو هو. منجھند جو جڏهن هو اسڪول کان موٽي ايندو هو ته ڪتاب گهر رکي وڊيو گيم جي دڪان تي ويندو هو ۽ اتي وڊيو گيم کيڏندو رهندو هو. هن کي انهيءَ راند ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو.

ارشد ۽ انور پاڻ ۾ ڏاڍا گهاٽا دوست هئا، ۽ ٻيئي نهايت ذهين هئا. ارشد اڪثر ڪري انور کي سمجهائيندو هو ته ”ادا، تون پنهنجو وقت انهيءَ وڊيو گيم ۾ اجايو برباد نه ڪر، بلڪ پنهنجيءَ تعليم تي ڌيان ڏي.“ پر انور، ارشد جي ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندو هو.

هاڻي ته انور اسڪول کان به گسائڻ لڳو هو. هو صبح جو ڪتاب کڻي اسڪول وڃڻ لاءِ گهران نڪرندو هو، پر سڌو وڊيو گيم جي دڪان تي اچي راند ڪندو هو. دڪاندار اندران دروازو بند ڪندو هو ته جيئن ٻاهر وارن کي اها خبر نه پوي ته اندر ڪير ڪير راند ڪري رهيا آهن.

انور کي وڊيو گيم جي عادت ايترو ته وڪوڙي چُڪي هئي جو پوءِ هو ان جي ڪري گهران چوري به ڪرڻ لڳو هو. هو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جا پئسا چورائي چڪو هو، جڏهن سندس پيءُ کي خبر پيئي ته هن کيس مار به ڏني، پر تنهن هوندي به انور جي چال ۾ ڪو ڦيرو ڪونه آيو.

اسڪول کان ٻه ٻه، ٽي- ٽي ڏينهن غير حاضر رهڻ سبب، استاد به انور کان بيزار ٿي پيا هئا. هو انور کي هينئر چڱيءَ نظر سان ڪونه ڏسندا هئا.

سڀ استاد ۽ شاگرد ڏاڍي زور ۽ شور سان سالياني امتحان جي تيارين ۾ هئا. سڀ ٻار پنهنجيءَ پڙهائيءَ ۾ مصروف هئا. هر ڪو ائين پيو چاهي ته هو ڪلاس ۾ نمبر کڻي. پر انور جيئن ته هن ڀيري پنهنجي ڪورس جي ڪتابن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو هو، ان ڪري نهايت مايوس نظر اچي رهيو هو.

ارشد کيس گهڻو ئي سمجھايو ته ائين مايوس ٿيڻ مان ڪجھ به نه ورندو، تون هاڻ به محنت ڪر ۽ دل مان فيصلو ڪري ڇڏ ته آئيندي ڪڏهن به وڊيو گيم جي ويجهو نه ويندين، ته هن سال نه، ته ٻئي سال تون امتحان ۾ ضرور نمبر کڻندين.

جڏهن امتحان جو ڏينهن ٿيو ته سڀئي ٻار امتحاني ڪاپين ۾ سوالن جا جواب لکي رهيا هئا، پر انور جيئن ته ٿوري به محنت نه ڪئي هئي، ان ڪري هو ڪجھ به نه لکي سگهيو ۽ خالي ڪاپي ئي ڇڏي آيو.

اسڪول ۾ اڄ سمورا ٻار نهايت خوش ۽ سرها نظر اچي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اڄ امتحان جو نتيجو ظاهر ٿي رهيو هو. اوچتو استاد صاحب ڪلاس ۾ آيو ته سڀ ٻار اٿي بيٺا. استاد کين ويهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ٻارن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”ٻارو، اوهان کي خبر آهي ته اڄ امتحان جي رزلٽ ظاهر ٿيڻ واري آهي. مان اوهان کي ٻڌايان ته جنهن شاگرد ڪلاس ۾ هن سال پهريون نمبر کنيو آهي، سو ارشد آهي؛ جڏهن ته نياز ۽ سليم ڪلاس ۾ ٻيو نمبر آيا آهن، ۽ جاويد ڪلاس ۾ ٽيون نمبر کنيو آهي.“

ان کان پوءِ استاد صاحب پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکندي چيو ته ”مون کي نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ڪلاس جو هڪ ذهين شاگرد، جيڪو هر سال ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻندو هو، سو هن سال فيل ٿي پيو آهي. يعني انور کان سواءِ ڪلاس جا باقي سڀ شاگرد پاس ٿيا آهن. آئون پهنجي طرفان انهن سڀني کي مبارڪباد ٿو ڏيان.“

اهو ٻڌي، سڀ ٻار ڏاڍا خوش ٿيا، پر انور کي امتحان ۾ فيل ٿيڻ ڪري روئڻ لڳو، جنهن ڪري ارشد ۽ ٻيا استاد کيس دلداري ڏيڻ لڳا.

استاد صاحب انور کي چوڻ لڳو ته، ”انور، جيڪڏهن تون اڳ جيان محنت ڪرين ها ته هن سال به ڪلاس ۾ نمبر کڻين ها پر مون کي افسوس اهو آهي ته تون هڪ اهڙيءَ راند ۾ پنهنجو وقت وڃايو آهي، جنهن مان ڪوبه فائدو نه آهي. هڪ ته ان راند سان وقت ۽ پئسي جو زيان آهي ۽ ٻيو ته ان سان اکين کي پڻ نقصان رسي ٿو. پر ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن اوهين ڪرڪيٽ، اکٻوٽ، فوٽ بال، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ ٻيون اهڙيون رانديون کيڏندا، ته انهن سان اوهان جي جسماني ورزش پڻ ٿيندي.“

انور روئيندي چوڻ لڳو ته ”سائين، مون هينئر انهيءَ وڊيو گيم کان توبهه ڪئي! مان هاڻي پنهنجو سمورو وقت پنهنجيءَ پڙهائيءَ ۾ صَرف ڪندس.“

انور هاڻي پڪو پهه ڪيو هو ته آئيندي هو ڪڏهن به وڊيو گيم نه کيڏندو. ان ڪري اهو پنهنجو سمورو وقت ڪورس جي ڪتابن جي پڙهڻ ۾ صرف ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته ايندڙ سال هن کي ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻڻو هو.

ٻارو، اوهان ڏٺو ته ان وڊيو گيم جي ڪري ڪيئن نه انور پنهنجي ڪلاس ۾ فيل ٿيو، ۽ اوهان کي اها به خبر پيئي ته انهيءَ وڊيو گيم مان ڪو به فائدو ڪونه آهي

الهورايو بوزدار

ريڊيو جي ماضيءَ ۾ جهاتي

پيارا ٻارو، اوهان وٽ ريڊيو ته ضرور هوندو، جنهن جي وسيلي اوهين سوين هزارين ڪلوميٽر پري جي ريڊيو اسٽيشن تان معلوماتي ۽ تفريحي پروگرام ٻڌندا آهيو. راندين جي خبرن کان وٺي، پنهنجيءَ پسند جي موسيقيءَ تائين، ڪيترا نه اهم پروگرام اسين گهر ويٺي مزي سان ٻڌندا آهيون. بي. بي. سي، وائس آف جرمني، وائس آف آمريڪا، آل انڊيا ريڊيو ايران ۽ زاهدان جهڙن عالمي اسٽيشن تان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جون خبرون ٻڌي، اسان جي ڄاڻ ۾ ڪيترو نه اضافو ٿيندو آهي.

ٻارو، ڪڏهن ريڊيو جي ماضيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو سوچيو اٿو؟ اچو ته اڄ پنهنجي هن ننڍڙي ساٿيءَ جي ننڍپڻ جو قصو ٻڌون.

پيارا ٻارو، سڀ کان پهريائين، 1864ع ۾، انگلنڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي هڪ استاد، جيمز ڪلارڪ ميڪسويل، ريڊيائي لهرن بابت تحقيق ڪئي، ۽ هن ٻڌايو ته انهن لهرن جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ آهي.

ميڪسويل اها ڳالهه معلوم ته ڪئي، پر ڪنهن به ان تي ڌيا نه ڏنو. هن کانپوءِ، 1879ع ۾، هڪ شخص ايڊورڊهگز، هڪ رسيور ٺاهي، ميڪسويل جي دريافت ڪيل لهرن کي خود ٻُڌو. مگر ميڪسويل وانگي، هن جي ڳالهين طرف به ڪنهن ڌيان نه ڏنو. پوءِ ستن سالن کان پوءِ، 1886ع ۾، هڪ جرمن سائنسدان، هنرچ هارٽز، پنهنجي هڪ تجربي وسيلي اهو ثابت ڪيو ته ميڪسويل ۽ ايڊورڊ هگز جيڪو ڪجھ ٻڌايو، اهو درست آهي.

هارٽز اهو واضع ڪيو ته ڪائنات ۾ هر وقت ريڊيائي لهرون موجود هونديون آهن، ۽ صرف انهن کي متحرڪ آڻڻ سان اهي سواءِ تارن جي خلا ۾ سفر ڪن ٿيون. هارٽز جون ڪوششون جاري هيون جو، 1894ع ۾، سرا وليورلوجِ ريڊيائي لهرن کي ڏيڍ سئو ميٽرن تائين پهچايو. ان کان اڳ، 1884ع ۾، برطانوي ٽپال جي هڪ چيف انجنيئر، وليم پريس، ان ميدان ۾ ڪجھ پيش رفت ڪئي هئي.

ان کان پوءِ، 1896ع ۾، اٽليءَ جي هڪ سائنسدان، گگ ليمو مارڪوني، وائرليس ٽيليگراف ايجاد ڪري ورتو، ۽ 1898ع ۾ مارڪوني روشنيءَ جي هڪ مناري کان ايسٽ گڊون نالي هڪ بحري جهاز تائين ريڊيو ذريعي پيغام پهچايو. اهو مفاصلو 12 ميل هو. 1899ع تائين سڄي دنيا ريڊيو ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي. ساڳئي سال برطانيه جي شاهي ٻيڙي جي ٽن جنگي جهازن جي وچ ۾ 74 ميلن جي مفاصلي تي ريڊيائي پيغام پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ساڳئي سال آمريڪا جي ٻيڙي پڻ پنهنجن جهازن ۾ ريڊيائي اسٽيشنون قائم ڪرڻ شروع ڪيون.

1901ع ۾، جرمنيءَ جي الائيڊ ڪمپنيءَ پنهنجي جهازن تي ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون. ۽ برطانيه جو ”ايس- ايس شيمپلين“ اهو پهريون بحري جهاز هو، جنهن تي ريڊيو لڳايو ويو. ”ڪارنيوال“ برطانيه ۾ ”پولد“ نالي هڪ هنڌ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ بعد، 12 ڊسمبر 1901ع تي پيغام روانا ڪيا، جن کي خود مارڪوني، سينٽ جو تر، نيو فائونڊلينڊ ۾ 2170 ميل جي مفاصلي تي موصول ڪيو، ۽ انهن پيغامن ذريعي پهريون دفعو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کي پار ڪيو ويو. اهڙي نموني، ميڪسويل جي اڳڪٿي، هارٽز جي ترجربن ۽ پريس جي محنت کي مارڪوني توڙ رسائي، انسانذات کي هڪ نئين خوشخبري ٻڌائي، ۽ ريڊيو اسان جي زندگيءَ جو هڪ حصو بڻجي ويو.

هاڻ ڪجھ احوال ريڊيو اسٽيشن جي باري ۾ ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ ڪم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو اٿس. ته پيارا ٻارو، ريڊيو اسٽيشن جا ٻه حصا هوندا آهن. هڪ براڊ ڪاسٽنگ هائوس، جنهن ۾ اسٽوڊيو وغيره ٿين ٿا، ۽ ٻيو حصو ٽرانسميٽر جو آهي، براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ هڪ مائڪرو فون ٿيندو آهي، جنهن وسيلي آواز جي لهرن کي برقي لهرن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. هر ريڊيو اسٽيشن ۾ هڪ ڪنٽرول روم ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪجھ برقي مشينون لڳل هونديون آهن، جن تي ريڊيو انجنيئر ڪم ڪندا آهن. اهي مختلف ڪلن جي مدد سان مائڪرو فون مان ايندڙ برقي لهرن کي قوت ڏيئي، انهن کي تارن جي مدد سان ٽرانسميٽر ڏانهن اماڻين ٿيون، ۽ ٽرانسميٽر وري انهن کي تارن جي مدد سان ٽرانسميٽر ڏانهن اماڻين ٿيون، ۽ ٽرانسميٽر وري انهن لهرن کي نهايت طاقت سان ريڊيائي لهرن حوالي ڪري ڇڏيندا آهن، يعني اسٽوڊيو ۾ پيدا ٿيندڙ آواز ٽرانسميٽر مان برقي لهرن جي شڪل ۾ هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان چئني طرفن پکڙجي وڃن ٿا. اهي لهرون فضا ۾ سفر ڪندي، اچي اسان جي ريڊيو سيٽ جي ايريل سان ٽڪرائجي، ريڊيو سيٽ اندر داخل ٿينديون آهن، ۽ ريڊيو سيٽ اندر نصب ٿيل مختلف ڪلن وسيلي برقي لهرون وري آواز ۾ تبديل ٿي وينديون آهن ۽ اسين گانا ٻڌڻ لڳندا آهيون.

عبدالله ”عاصم“ سومرو

عبدالجبار ”عبد“

]ٻارن جو ليکڪ[

عبدالجبار عبد ٻارن جي لاءِ ڏاڍو سٺو لکي رهيو آهي، هيل تائين ٻارن لاءِ سندن ڪهاڻين جا نو کن ڪتابڙا شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه سندس ليک سنڌي ٻوليءَ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. اچو ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪريون:

س: ادا عبد! اوهان پنهنجو پورو تعارف ڪرائي سنڌ جي ٻارڙن کي واقفيت ڪرائيندا؟

ج: ادا منهنجو اصل نالو عبدالجبار سومرو آهي، پر مان ادبي دنيا عبدالجبار ”عبد“ جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو. مان 20، ڊسمبر 1960ع ۾ ڳوٺ مريد سيٺار ۾ جان محمد سومري جي گهر ۾ تولد ٿيس. پرائمري تعليم اتي ئي حاصل ڪيم ۽ باقي سموري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيم. تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي ايڊ آهي. هن وقت گورنمنٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 شڪارپور ۾ هڪ ايڇ ايس ٽي استاد جي حيثيت سان فرائض انجام ڏيئي رهيو آهيان.

س: ادا ننڍپڻ کان هن وقت تائين تعليم جا مرحلا ڪهڙي طرح طئي ڪيا اٿو؟

ج: ادا جيئن ته مان مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته پرائمري جا پنج درجا ڳوٺ ۾ پڙهيم، ان کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 شڪارپور ۾ ۽ انٽر گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ پڙهيس ۽ بي. اي جي ڊگري پرائيويٽ طور پاس ڪيم. اهي سڀئي امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيم، ادب سان لڳاءُ هئڻ ڪري فرسٽ ڪلاس کنيم.

س: ٻالڪپڻي جي ڪا حرڪت يا شرارت جيڪا اوهان کي اڃا تائين ياد هجي؟

ج: ادا ننڍي هوندي ڪوٺي تان ڪري پيو هوس، جنهن ۾ منهنجي کاٻي ٻانهن ڀڄي پئي هئي.

س: اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو ۽ اوهان جي پهرين ڪاوش ڪڏهن ۽ ڪهڙي رسالي يا اخبار ۾ شايع ٿي؟

ج: ادا مون کي ننڍپڻ کان ئي مطالعي جو شوق هوندو هو، جنهنڪري مون کي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، منهنجي پهرين شيءَ جيڪا شايع ٿي سا سلام عقيدت جي نالي سان شاعري هئي، جيڪا مون حضرت امام حسين رضه جي عقيدت ۾ چئي هئي، جيڪا اطلات کاتي جي رسالي پيغام ۾ شايع ٿي هئي.

س: ادا اوهان ٻارن لاءِ هيل تائين ڇا ڇا لکيو آهي؟

ج: ڀاءُ! ٻارن لاءِ جيترو به لکجي سو ٿورو آهي تنهن هوندي به مون ٻارڙن لاءِ هيٺيان ڪتاب لکيا آهن.

1. عقلمند فقير (عبدالرحمان جتوئي سان گڏ) 2. راڪاس ۽ برڙ باڪاس (ڪهاڻيون)

3. چور جي ڳولها (ڪهاڻيون) 4. ضدي ٻالڪ (ڪهاڻيون) 5. اوڌر ۽ نقد (ڪهاڻيون) 6. جادو جو ڏنڊو (ڪهاڻيون) 7. ڏائڻ شهزادي (ڪهاڻيون) 8. ڏيڏر شهزادو (ڪهاڻيون) 9. جادو جي ٽوپي (ڪهاڻيون).

منهنجا مٿيان سڀ ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ انهن مان ڪن جا ٻه ٻه، ٽي ٽي ڇاپا شايع ٿيا آهن. ان کان علاوه ٻارن لاءِ ٻه ٻيا ڪتاب به تيار ڪيا اٿم جيڪي قلمي صورت ۾ آهن.

س: اوهان جي خيال ۾ ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ ڏکيو آهي يا سولو؟

ج: ادا! ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ذهن، سوچ ۽ دلچسپين کي نظر ۾ رکڻو ٿو پوي. اهوئي سبب آهي جو وڏا اديب ٻارن لاءِ گهٽ لکندا آهن تنهن هوندي به ايئن چوندس ته ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ سولو نه آهي.

س: اڄڪلهه جيڪو ٻاراڻو ادب تخليق ٿي رهيو آهي، ان مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

ج: ٻاراڻو ادب هينئر سٺو تخليق ٿي رهيو آهي، پر ادا مان ان مان مطمئن ڪونه آهيان، ڇاڪاڻ ته اردو ۾ جيترو ٻاراڻو ادب تخليق ٿي رهيو آهي، سنڌيءَ ۾ ان جي مقابلي ۾ نه هجڻ جي برابر آهي. خاص ڪري اسان جي وڏن ليکڪن کي ٻارن لاءِ لکڻ گهرجي.

س: اوهان جي خيال ۾ ڪهڙو ٻاراڻو ادب ٻارڙن جي ذهني اوسر لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو؟

ج: ڀاءُ! ٻارن لاءِ اهڙي قسم جو ادب ئي مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو خاص ٻارن لاءِ لکيو ويو هجي ۽ ٻارن جي عقل ۽ سمجھ مطابق هجي ۽ انهن ۾ ٻارن جي دلچسپي جو سامان مهيا ڪيو ويو هجي. اهڙي قسم جو ادب پڙهڻ سان ٻارن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿيندو.

س: اڄڪلهه ٻارڙن جي لاءِ جيڪي سنڌي رسالا نڪرن ٿا، انهن مان اوهان جو پسنديده رسالو ڪهڙو آهي؟

ج: ادا سچي ڳالهه اها آهي ته ٻارن جا هن وقت جيڪي به رسالا نڪري رهيا آهن جهڙوڪ: گل ڦل، گلڙا، گلستان، مرڪ، ارچڪ مرچڪ وغيره مون کي اهي سڀئي رسالا پسند آهن.

س: اوهان جي خيال ۾ ڪهڙيون اخبارون ٻاراڻو ادب پيش ڪري رهيون آهن؟

ج: ادا سنڌي اخبارون به ٻارن کي وندر فراهم ڪري رهيون آهن جهڙوڪ: هلال پاڪستان، روزاني عوامي آواز ۽ روزاني جاڳو، برسات وغيره هفتيوار ٻارڙن جا صفحا پيش ڪري ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪري رهيون آهن.

س: ادبي حوالي سان اوهان جو ڪو کنيل انعام يا اعزاز؟

ج: ادا تازو گذريل سال ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ٻاراڻي ادب تي انعام کٽيو اٿم ۽ سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن شڪارپور پاران بيسٽ رائيٽر آف 1994 جو ايوارڊ به کٽيو اٿم.

س: سنڌ جي ناميارن اديبن کان ٻارن کي اڪثر شڪايت هوندي آهي ته هو ٻارن جي لاءِ نٿا لکن. ان سلسلي ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: ادا ٻارن جي اها شڪايت بلڪل درست آهي پر تنهن هوندي به وڏن اديبن مان به ڪي اديب ٻارن لاءِ مسلسل لکي رهيا آهن. انهن مان ڊاڪٽر نواز علي شوق، شمس الدين عرساڻي، الطاف شيخ ۽ سائين نثار بزميءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.

س: ادا جيئن ته اوهان استاد آهيو، ان ڪري اهو ٻڌائيندا ته تعليم کي بهتر معيار تي ڪيئن آڻجي؟

ج: ادا ان معاملي ۾ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا، يعني ته جيستائين معاشري مان سفارش، اقرباپروري، رشوت ۽ لاقانونيت ختم نه ٿيندي تيستائين تعليم جي معيار ۾ ڪو خاطر خواهه سڌارو ڪونه ايندو.

س: ادا، اوهان سنڌ جي ڪهڙن اديبن ۽ شاعرن کان متاثر آهيو؟

ج: ادا مان حضرت شاهه عبداللطيف رح، سچل سرمست ۽ مرحوم ۽ مرزا قليچ بيگ کان خاصو متاثر آهيان.

س: ادا ٻارن مان ڪاپيءَ جو رجحان ڪيئن ختم ڪجي؟

ج: ادا ان معاملي ۾ اول ته انتظاميه کي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي يعني امتحاني سينٽرن جي ٻاهران ڪنهن به ماڻهوءَ کي بيهڻ نه ڏنو وڃي ۽ نه امتحان هال ۾ اهڙو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ٻار ڪاپي نه ڪري سگهن.

س: آخر ۾ سنڌ جي ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: ادا ٻارڙن کي گهرجي ته بري سنگت کان پاسو ڪن ۽ پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد سان رهن ۽ وڊيو گيم، وي سي آر ۽ ڊش اينٽينا جهڙن بي فائده مشغولين ۾ وقت وڃائڻ بدران اهو ٽائيم به پنهنجي پڙهائيءَ کي ڏين ته جيئن پنهنجي محنت سان پنهنجي منزل ماڻي سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com