سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:6 

خرڪار

رجب پيءُ، ماءُ جو اڪيلو پٽ هو. هن کي پيءُ، ماءُ ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپايو هو، سندس پيءُ هارپو ڪندو هو، پر پوءِ سندس ذهن ۾ اها سوچ هئي ته پُٽ کي پڙهائي آفيسر ڪنداسين. رات جي وقت ٻئي زال مڙس چلهه وٽ ويهندا هئا ۽ رجب به ڀرسان ڪتاب کولي ويهي پڙهندو هو. هن کي پيءُ گهر ۾ ڪوبه ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو.

رجب هاڻ ڇهين جماعت ۾ اچي داخل ٿيو هو. هنن جو گهر اسڪول کان ٻه ميل کن پرڀرو هو. ان ڪري رجب کي بس تي اسڪول اچڻ پوندو هو، بس جيڪا دادوءَ کان جوهيءَ ايندي هئي. تنهن ۾ رجب روڊ تي اچي چڙهندو هو. هڪ ڏينهن رجب بس جي انتظار ۾ روڊ تي بيٺو هو ته هڪ ٽرڪ هن جي ڀرسان بيٺي. ٽرڪ مان هڪ ماڻهوءَ هن کي سڏ ڪيو. رجب هن ڏانهن وڌي ويو، رجب کان هو ڪنهن رستي جو پُڇڻ لڳا ۽ اوچتو ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هڪ همراهه رومال ڪڍي رجب جي منهن تي نڪ وٽ آندو رجب بيهوش ٿي ويو ۽ هن کي کڻي ٽرڪ ۾ وڌائون.

شام ٿي چڪي هئي. رجب گهر ڪونه آيو هو، سندس پيءُ ۽ ماءُ سخت پريشان ٿي ويا

هئا ته ٻچڙي الائي دير ڇو ڪئي آهي. رجب جي پيءُ ڪجھه وقت انتظار ڪري پوءِ آيو شهر ڏانهن جاچ ڪرڻ، رجب جي ماءُ در تي پئي پُٽ جو انتظار ڪيو، رجب جي پيءُ شهر ۾ اچي استاد کان گهر ۾ اچي رجب جو پڇيو، جنهن ٻڌايس ته ڪالهه رجب ته اسڪول ۾ آيو ئي ڪونهي. اها ڳالهه ٻڌي هن جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن رجب کي جاچڻ لڳو، هر اسڪولي ٻارن کان پڇيائين. پر ڪنهن به ڪونه ٻڌايس، شهر ۾ جاچ ڪري گهر ڏانهن راهي ٿيو، واٽ تي ڪجھه ڳوٺ هئا اتان به جاچ ڪندو اچي گهر پهتو، پري کان زال پڇيس. ”منهنجو ٻچو ڪٿي هو؟“ پر نهڪر تي سنهين رڙين جو آواز گهر ۾ گونجڻ لڳو.

ٽرڪ روڊ تي ڊوڙندي رهي ۽ رجب بيهوش پيو رهيو، ٽرڪ مسلسل هلندي رهي پوءِ هڪ ڪچي رستي تان هلي هڪ ڪئمپ وٽ اچي بيٺي، جنهن تي رجب کي کڻي آيا ٺيڪيدار وٽ. جنهن کان پنج سؤ رپيا وٺي هليا ويا، ڪافي دير کان پوءِ رجب کي هوش آيو. اکيون کولي ڏٺائين ته چؤطرف جهنگ ئي جهنگ هو ۽ اتي بيٺل گڏهن جو لشڪر هو ۽ ڪافي ٻار نظر آيس. هن هٿ کي سيريو ته پاڻ کي ٻڌل محسوس ڪيو ۽ اوچتو روئڻ شروع ڪيائين. هڪ ٿلهو شخص اندر آيو ۽ اچڻ شرط رجب کي چماٽ هڻي ڪڍيائين، رجب کي چيائين ”اسان توکي خريد ڪيو آهي ۽ هاڻ توکي گڏهن تي مٽي کڻڻي آهي، جي ٿوري به حرڪت ڪندين ته توکي ماري ڇڏينداسين“. رجب ماٺ ٿي ويو، هن سمجهيو ته پڪ ئي پڪ اهي خرڪار آهن، جن جي لاءِ هن ماءُ کان ٻڌو هو ته ”پٽ اهي خرڪار ماريا اهڙا حرامي آهن، جو ننڍن ٻارن کي کڻي ويندا آهن“. رجب اهو سوچي ماٺ ڪري ويٺو. هن کي مرچن سان گڏ هڪ ماني ڏنائون جا هن اڌ کاڌي اڌ ڪانه کاڌائين. انهيءَ وچ ۾ رات اچي ٿي، خرڪارن سڀني ڇوڪرن کي آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڄڻو بندوق کڻي انهن تي پهرو ڏيڻ لڳو. اتي ڪنهن به ڇوڪري کي ٻي سان ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هئي. رجب سوچيو ته ڦاٿو ته مصيبت ۾ آهيان پر هتان ضرور ڀڄي نڪربو، سڄي رات سوچيندو رهيو ته ”امڙ روئيندي هوندي، بابا پريشان هوندو“. ائين سوچيندي اچي ڏينهن ٿيو ۽ ٻين ٻارن سان گڏ رجب کي به اٿاري گڏهه ڏنائون ته ”مٽي کڻي بند تي وجهي“.

هوڏانهن رجب جي ماءُ روئي روئي اچي کٽ ڀيڙي ٿي هئي، ڪيترائي پير، فقير ڀيٽيائين. سندس پيءُ سڄي تعلقي ۾ پٽ کي ڳوليو، پر ڪٿي به پتو ڪونه پيس، انهيءَ وچ تي گهڻائي ماڻهو ڪوڙ هڻي ٻڌائيندا هئس ته فلاڻي هنڌ چون ٿا ته ڇوڪرو آهي، ته اتي رجب جو پيءُ ويندو هو، پٽ جي ڳولا ۾ ڍڳن جو جوڙو به کپائي ڇڏيو هئائين. رجب پورا ٻه مهينا خرڪارن جي ڪئمپ ۾ ڪم ڪندو رهيو، انهيءَ وچ ۾ ڪافي ڀيرا هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ويو. انهيءَ تان هن کي مار به ڏاڍي ملندي هئي، انهيءَ ڪئمپ ۾ روزانو ڪيترائي معصوم ٻار ايندا هئا ۽ ڪيترن ئي معصوم ٻارن کي روزانو مارون ملنديون هيون.

هڪ ڏينهن رجب هڪ ڪنڊ ۾ روئي رهيو هو ته هڪ ڇوڪري هن کي ڏسي ورتو، هو هن وٽ آيو ۽ اچي هن کي چيائين، ته ٻڌ، ”وڏو سيٺ آيو آهي ۽ سڀ جمادار (خرڪار) ان وٽ ويٺا آهن، تون ڀڄين ته ڀڄين سگهين ٿو. رجب ڇوڪري کان واعدو ورتو ته ٻڌائيندي ته ڪونه. ٻنهي هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو.“ رجب سر سهائي وٺي ڀڳو، هن رستو اصل ڪونه ورتو، جهنگ ڏانهن منهن ڏيئي ڀڄڻ لڳو ۽ لاڳيتو ڀڄندو رهيو، گهڻي دير کان پوءِ رجب جي ڀڄڻ جي خبر خرڪارن کي پئجي ويئي. جن ان ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني ۽ ڪافي خرڪارن جا ماڻهو رجب جي پٺيان ڊوڙايائين، رجب ڀڄندو ڀڄندو هڪ ڳوٺ ۾ آيو ۽ هڪ گهر اڳيان پريشان ٿي اچي بيهي رهيو، نه ڄاڻ اهو گهر، ان ڳوٺ جي رٽائرڊ هيڊماستر جو هو ۽ هو ان مهل اوطاق کان

ٿي گهر پي آيو، رجب کي ڏٺائين. اڃان رجب کان پڇيائين ڪونه ته رجب روئي ڏنو. هن کي رحم اچي ويو ۽ رجب کي دلاسا ڏيئي گهر وٺي آيو ۽ پوءِ مٺيون ڳالهيون ڪري رجب کان سارو احوال ورتائين، رجب جو حال ٻڌي هيڊماستر جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ سڄي گهر ۾ ڪافي پاڙي جا ٻار اچي ڪٺي ٿيا. جيئن ته رٽائرڊ هيڊماستر ڏاڍو نيڪ دل هو، ان ڪري ننڍڙي کي شهر جي پوليس اسٽيشن تي وٺي آيو، جتان پوليس چاڙهي ڪئمپ تي پهتو، خرڪارن ڪافي ڇوڪرا لڪائي ڇڏيا هئا. سندن وڏو سردار به لڪي ويو هو، پر رجب جي سڃاڻپ تي ڪافي جاين تي ڳولا ڪري ڇوڪرا هٿ ڪيا ويا، ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري پوليس لاڪپ ۾ وڌو ويو.

هيڊماستر رجب کي پوليس کان وٺي گهر وٺي آيو ۽ پوءِ تيار ٿيو رجب کي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ. رجب جي دل ۾ اڃا تائين به ڊپ هو. نيٺ جڏهن دادوءَ ۾ اچي پهتا ۽ جوهيءَ واري بس ۾ چڙهيا، تڏهن رجب جي دل ۾ ساهه پيو، ڪافي ماڻهن رجب کي سڃاتو ۽ پڇڻ لڳس، رجب سڀني کي پنهنجي کڄي وڃڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، ائين ڳالهين ۾ سندس ڳوٺ جو بس اسٽاپ اچي ويو، اتي رجب هيڊماستر سان گڏ لٿو، سڏ پنڌ ڪري اچي گهر ڀيڙو ٿيو. پري کان امڙ جي روئڻ جو آواز ٻڌائين. هن کان به روئڻ نڪري ويو ۽ اتان وٺي ڊوڙ پاتائين، هيڊماستر هن جي پٺيان هلندو آيو. هن در ٽپي وٺي رڙ ڪئي ”امان امان“. مائي کان به رڙ نڪري ويئي. ”منهنجا

ٻچڙا تون ڪٿي هئين!“ پوءِ ته رجب کي اچي چنبڙي پئي، ڪافي وقت تائين پٽ کي ڀاڪر پائي روئيندي رهي، سندس پيءُ ٻئي ڳوٺ ويل هو، ٿوري دير کان پوءِ اتان موٽيو، ٻاهر در تي هيڊماستر سان اچي مليو ۽ ان کي وٺي اچي گهر ۾ ويهاريائين. پوءِ اچي رجب کي چنبڙي پيو. سڄي رات ٽيئي ڄڻا هر هر هڪ ٻئي کي ملي روئيندا رهيا. رجب سڄي ڳالهه ماءُ پيءُ کي ٻڌائي، جن هيڊماستر جو ڏاڍو ٿورو مڃي ۽ هن کي پيرن ۾ چنبڙي پيا ته تو اسان تي احسان ڪيو آهي. صبح جو ڪافي ڳوٺن کان ماڻهو ۽ هڪ جيڏا ٻار رجب کي ڏسڻ آيا ۽ سڄي شهر ۾ ڳالهه پهچي ويئي ته رجب خرڪارن جي ڪئمپ مان ڀڄي آيو آهي، اها ڳالهه ڳوٺ جي ڪن ڇوڪرن اسڪول ۾ به ڪئي، ان ڪري اسڪول جا سڀ استاد رجب جي ڳوٺ آيا ۽ رٽائرڊ هيڊماستر سان به مليا ۽ رجب کي به پيار ڪرڻ لڳا، رجب جي مائٽن ٽي- چار ڏينهن هيڊماستر کي رهائي ڇڏيو، رجب جي پيءُ پٽ جي خوشيءَ ۾ خيرات ڪئي، خيرات جي ماني کائي، ٻئي ڏينهن تي هيڊماستر موڪلائي ڳوٺ لاءِ تيار ٿيو، ۽ هنن هيڊماستر کي سوکڙيون ڏيئي اچي بس اسٽينڊ تي بس ۾ ويهاريائون.

ٻئي ڏينهن تي رجب اسڪول لاءِ تيار ٿيو، ماڻس چنبڙي پيس، ابا نه وڃ. پر رجب سمجهايس ته امڙ سدائين ائين ڪونه ٿيندو. رجب کي پيءُ اچي بس ۾ ويهاريو، رجب جيئن ئي اسڪول پهتو ته ڪافي هڪ جيڏا مُڙي ويس. رجب سڀني کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو. اسڪول جي هيڊماستر به اسيمبليءَ ۾ رجب جي ڀڄي اچڻ واري بهادريءَ کي ساراهيو ته هڪ ننڍڙو معصوم ٻار ڪيئن نه بهادري ڪري خرڪارن جي ڪئمپ مان ڀڄي نڪتو ۽ پوءِ هڪ رٽائرڊ استاد وٽ پهتو، جنهن ڪهل ڪري پوليس کي ٻڌايو ۽ پوليس ڪئمپ تي ڇاپو هنيو ۽ رجب اچي گهر پهتو. رجب اسڪول مان پڙهي بس ۾ اچي گهر واري اسٽينڊ تي لٿو ته پڻس اڳ ۾ انتطار ۾ بيٺو هو، گهر آيو ته ماڻس جون اکيون در ۾ هيون. اڄ ان ساڳئي گهر ۾ وري ساڳيون خوشيون موٽي آيون ۽ اجڙيل گهر ۾ سکن جي بهار اچي وئي.

 

ڪيڏي ڌرتي

 

ننڍڙو گهر هنن لاءِ جنت مثل هو. محمود جڏهن به آفيس مان ٿڪجي ايندو هو، تڏهن پنهنجي ننڍڙي نياڻي مارئي کي کڻي جهول ۾ وجهندو هو ۽ ان وقت سڀ ٿڪ دور ٿي ويندا هئس، ٻئي زال مڙس، هڪ ٻئي کان وڌيڪ ڇوڪريءَ کي ڀائيندا هئا. ننڍڙي جي کير لاءِ انهن چئن سؤن ۾ هڪ ٻڪري ورتي هئي. جنهن جو کير رات جو مارئي کي پياريندا هئا. ۽ پنهنجي استعمال لاءِ چانهه وغيره به ٺاهيندا هئا. مارئي تان ٻئي زال مڙس پيا ساهه صدقي ڪندا هئا. شل نه ننڍڙيءَ کي ڪجھه ٿئي، پوءِ ته شهر جو ڪوبه ڊاڪٽر نه ڇڏيندا هئا، ڇو ته جڏهن پهريون ڀيرو انهن کي نياڻي ڄائي هئي ته سڀني مائٽن ناراضگي جو اظهار ڪيو هو، پر، انهن ان جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي هئي. انهن جي نظر ۾ ڌيءَ يا پٽ ڪا ڳالهه ڪانه هئي، انهن کي صرف اولاد سان محبت هئي، ٻئي زال مڙس پاڻ کي بکيو رکي مارئي کي خوش رکندا هئا، مارئي جي ڇٺي به اهڙي ڪئي هئائون. جهڙي پٽن جي ڇٺي ٿيندي آهي.

زندگي، رڙهي پئي، مارئي به جيون جون منزلون ماڻيندي اچي پنجن سالن جي ٿي هئي. هڪ ڏينهن انهن جي ٻڪري بيمار ٿي پئي ۽ مري وئي. سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مارئي ته ٻڪري

لاءِ روئي روئي ٿڪجي پئي هئي!

ٻڪريءَ کي ننڍڙي ڇيلي هئي، جا مهيني کن جي هئي، ان کي کير پيارڻ لاءِ گهر جي ڀرسان ٻئي پاڙي ۾ رمون وارن جي گهر ٻڪري هئي، اتان ڇيليءَ کي مارئي جي ماءُ کير پيارڻ لاءِ کڻي وئي، اتي ٻڪري ڌاريو ڦر ڏسي ڏاڍيون ٺينگون هنيائين. پر انهن ٻڪري کي سوگهو جهلي ڇيلي کي کير پياريو هو.

اها ڳالهه مارئي جي ماءُ جي اندر ۾ پيهجي وئي، جي مري وڃان ته منهنجي مارئي جو ڇا حال ٿيندو، ڪير پاليندس، ڇا ائين ڌڪا کائيندي، اکين ۾ لڙڪ تري آيس! ۽ گهر ۾ اچڻ شرط کڻي مارئي کي ڀاڪر وڌائين. مارئي ماءُ کي ڀاڪر پائي ڏسندي رهي عجب مان ۽ ماڻس جي اکين مان لڙڪ سانوڻي جي مينهن جيان وهڻ لڳا.

محمود شهر مان موٽي آيو هو. هن پنهنجي گهر واري کي اداس ڏٺو. سبب پڇيائين. مڙس جي ٿوري پڇڻ تي روئي ڏنائين ۽ ٻڪري جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين! محمود کلي ڏنو. پر هوءَ وياڪل (غمگين) هئي. روئيندي محمود کان پڇيائين، ”محمود ڏس منهنجي پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، اڄ مران يا سڀاڻي. تون ٻي شادي نه ڪجان“. محمود کلي کڻي چيس تون چري آهين. تون ٿورو ئي مرندينءَ تنهنجي حياتي مون کان به وڏي آهي!

محمود جي گهر واري جي پيٽ ۾ پاڻي ڀرجندو ويو ۽ ان جو اثر جيري تي ٿيو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مارئي جي ماءُ مارئي ۽ محمود اڪيلو ڇڏي ٻئي جهان هلي وئي. محمود کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڪيترا ڏينهن ويڳاڻو ويڳاڻو هلڻ لڳو. مارئي روئي روئي بيمار ٿي پيئي. آخر ڌيءَ جي حالت ڏسي پاڻ کي ڪنٽرول ڪيائين!

محمود مارئي کي ماءُ وانگيان پالڻ لڳو. مارئي ستين جماعت ۾ اچي پهتي هئي. محمود کي سڀ مائٽ چنبڙي پيا شادي ڪر. پر محمود نهڪر ڪندو آيو. آخر مائٽن ايڏو مجبور ڪيس جو ٻي شادي ڪيائين: پهريان ٻه مهينا مارئي کي ويڳي ماءُ قرب ڏيندي رهي. پر پوءِ آهستي آهستي ڇنڀيندي رهيس ۽ ٿوري گهڻي غلطي تي هاڻ مار ڏيڻ به شروع ڪري ڏني هئائين. محمود ويچارو زال آڏو مجبور هو. جي ڪجھه ڪڇيو ٿي ته زال جي جهيڙي ۾ ڦاسي ٿي پيو. هڪ ڏينهن محمود آفيس جي ڪم سان ٻاهر ويل هو. هن ويڳي ماءُ، مارئي کي ايترو ماريو جو بت مان رت سيٽون ڪري وهڻ لڳس. مارئي روئيندي گهران نڪتي. هنن جي گهر کان ٿورو پريان ريلوي اسٽيشن هئي. اتي ان وقت ريل گاڏي بيٺي هئي. مارئي بنا سوچ جي ريل گاڏي جي زناني دٻي ۾ چڙهي ويٺي!

گاڏي هلڻ لڳي، جڏهن گاڏي ٻه- ٽي اسٽيشنون ڪراس ڪري ويئي، تڏهن مارئي کي اڪيلائپ جو احساس ٿيو ۽ روئڻ لڳي مارئي جي ڀرسان هڪ عورت ويٺي هئي، جنهن هن کي ريهي ريبي هن کان سڄو حال ورتو، هو به ماسترياڻي هئي، دل تي ڏاڍو اثر ٿيس ۽ مارئي کي ڀاڪر پائي چيائين ڌيءَ منهنجو مڙس به مري ويو آهي ڪو اولاد ڪونهي. تون منهنجي ڌيءَ آهين، جي مون سان هلين ته هل. مارئي کڻي ان کي ڀاڪي پاتي. ان مان مارئي کي حقيقي ماءُ جي خوشبوءِ آئي. مارئي کي هن پاڻ وٽ رهايو ۽ پڙهائڻ شروع ڪيو.

محمود گهر ۾ ڌيءَ کي نه ڏسي ڄڻ ته اڌ چريو ٿي پيو. سندس گهر واري اهڙي هيس جو ٻچو ته پري ڪيائين پر گهر جو ستياناس ڪري، محمود کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين.

مارئي اتي پرائيويٽ امتحان ڏيئي انگريزي نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. محنت سان پڙهندي رهي، ٻن سالن جو عرصو گذرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. مارئي مئٽرڪ سائنس ۾ پهريون نمبر ۾ آئي. سندس انٽرويو ۽ فوٽو اخبار ۾ ڇپيو. اها اخبار محمود جي اڳيان اچي ويئي. ڌيءَ جو

نالو ۽ پنهنجو نالو ڏسي فوٽو کي ڏسڻ لڳو. فوٽو ڏسڻ سان ڇڪ محسوس ٿيس. ان وقت گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺو. سڌو ان اسڪول ۾ آيو! جتان مارئي امتحان ڏنو هو ۽ انهيءَ اسڪول ۾ اها ماسترياڻي هئي، جنهن مارئيءَ کي نپايو هو. ماسترياڻين جي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا هئا، محمود جو سڄو حال ٻڌي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. اتي مارئي کي گهرايائون، مارئي پيءُ کي ڏسڻ سان چنبڙي پئي هئي. رت جي ايڏي ڪشش هئي جو 5-4 سالن جو عرصو ڄڻ ته هو ئي ڪونه!

محمود ماسترياڻي کي چيو ڀيڻ هيءَ تنهنجي ڌيءَ آهي. پر مون کي اجازت ڏئي ته مان ڌيءَ کي ڳوٺ وٺي وڃان پوءِ موٽائي موڪليندس. سندس ماسترياڻي هن کي چيو ته ادا مون کي ڪو ڀاءُ ڪونهي تون منهنجو ڀاءُ آهين. اچي هت رهي پئو. محمود هڪ ڀيرو ڳوٺ گهمائڻ لاءِ مارئي ۽ ماسترياڻي کي وٺي ويو ۽ پوءِ اچي ٽيئي کير کنڊ ٿي گڏ رهڻ لڳا ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي ۾ جڪڙجي ويا.

 

چؤ واٽو

 

ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته پپو لاءِ سوچيم ڪو رانديڪو وٺيو وڃان. شهر مان ننڍڙو جهاز ورتم. واٽ تي سوچيندو رهيس. پپو جهاز ڏسي ڪيترو نه خوش ٿيندو!

گهر ۾ گهڙيس ته صفا ماٺ ڇانيل هئي. ننڍڙو پپو کٽ تي پيو هو. سڪي ڪاٺي ٿي ويو هو. ماڻس مٿان پکو هڻي رهي هيس. مون کي ڏسي منهنجي ڀيڻ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ”ادا پپو خدا جو مهمان آهي“. مون ڏٺو پپو جو ساهه لڪيءَ ۾ هو. پپو ڪري سڏ ڪيم ته نماڻيون اکيون کڻي ڏٺائين. مون جهاز اڳيان وڌايومانس. هٿ ڊگهيري وري هيٺ ڪري ڇڏيائين. منهنجي اکين ۾ به پاڻي اچي ويو.

گهر ۾ امڙ ٻڌايو ته ”ابا پپو کي سيکاري ويو هئين، ٽاءِ، ٽاءِ“ سو هر هر ڪنهن کي پيو ٽاءِ، ٽاءِ ڪري، هر ڪو پيو چوي ته ٽن سالن جو ٻار ڪيترو نه چالاڪ ٿي ويو آهي. ماڻس چيو ”ادا تنهنجي ڀاڻج کي نظر لڳي آهي. ملياڻي چيو آهي ته نظر به لڳي اٿس ۽ پريءَ جو پاڇو به پيو اٿس! ۽ ملان چيو آهي ته جنڙيءَ ڏيکارو ڏنو اٿس.“ مان ماٺ ڪيو ٻڌندو رهيس. رات ٿي امڙ چئو
 

واٽي تان مٽي کڻي آئي. ان سان گڏ ڦٽڪي کنيائين ننڍڙي پپوءَ جي مٿان ست ڀيرا گهمائي مٽيءَ کي گهٽيءَ ۾ ست موچڙا هڻي آئي ۽ ڦٽڪي کي باهه ۾ وجهي ڇڏيائين! ۽ پوءِ ڦٽڪي ڪڍي چوڻ لڳي. ڏسو ڦٽڪيءَ ۾ مائي ٺهي پئي آهي. ڪنهن چيو ته پريءَ جو مهانڊو آهي. مان ماٺ ڪيو ڏسندو رهيس! صبح ٿيو سوچيم ڊاڪٽر وٽ پپوءَ کي کڻي وڃان!

ڏسان ته امڙ پپو کي تئي جي ڪارنهن منهن تي هڻي رهي آهي ۽ ان کان پوءِ زناني جتيءَ سان ٽي- چار ڀيرا سنوڻ ڪيائين.

مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هڪ معصوم ٻيو بيمار- ٽيون ان سان اها تعدي- سڀ سنوڻ ساٺ ڪري ماٺ ڪيائون- مون ڀيڻ کي سڏ ڪري سمجهايو مانس ”اجايو پنهنجي پٽ کي مارين ٿي، امڙ پراڻي جڳ جي آهي- ان کي ڇڏي ڏي- کڻي هلينس ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريون“.

اسان پپو کي کنيو ته امڙ چيو ”اجايو ڊاڪٽر وٽ کڻي ٿا وڃو. هينئر خدا جي شئي آهي- بيماري ڪانه اٿس- پريءَ جو پاڇو پيو اٿس. اسان زوري پپو کي ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين- ڊاڪٽر پهرين پپو جي ڳلي ۾ تعويذن جا انبار ڏسي چيو- ننڍڙي جي وزن کان وڌيڪ هي، تعويذ وڌا اٿو.“ مون کلي ڏنو- ڊاڪٽر ڪينچي سان سڀ ڌاڳا ڪٽي ڇڏيا.

ننڍڙي پپوءَ کي ڏسي، دوائون لکي ڏنائين! ۽ چيائين ٻه هفتا کن لڳندس ٺيڪ ٿيڻ ۾. ڇو ته بخار وڏو ٿي ويو اٿس؟ اسين دوائون وٺي گهر آياسين، امڙ ڪاوڙيل هئي. مون تي ۽ منهنجي ڀيڻ تي، ڇو ته پپوءَ کي امڙ نپايو هو ۽ ڏهٽاڻ هونئن به مٺو ٿيندو آهي.

دوا پيارڻ سان پپو کي الٽي اچڻ لڳي. امڙ چيو ڏٺو. مون ڪڇيو ڪونه، سڌو ڊاڪٽر وٽ ويس! جنهن کان ٻي دوا وٺي آيس، ٻي ٽي ڏينهن ڳوٺ رهي. واپس حيدرآباد هليو آيس. پپوءَ جي اها خبر پئي ته اڳي کان هاڻ خوش آهي!

مهيني کان پوءِ وري ڳوٺ ويس: اڃا گهر جي ٻاهران چؤ واٽي تي هوس جتان امڙ پپو جي لاءِ مٽي کڻي پپو جي مٿان گهمائيندي هئي ته پريان آواز ٻڌم ”ماما ٽاءِ ٽاءِ!“ ننڍڙو پپو جيڪو ٻارن سان گڏ کيڏي رهيو هو. سو هينئر ٺيڪ هو. مون ٿيلهو رکي وڃي کنيومانس. امڙ کي پري کان ڏسي چيم. امان ڏٺوئي پريءَ جي پاڇي کي ڊاڪٽر ڀڄائي ڇڏيو. امڙ ڪانه ڪُڇي. ڀيڻ ڀاڪر پائيندي چيو ”ادا تون نه اچين ها ته منهنجو پٽ ائين وڃي ها هليو.“ مون پپوءَ ڏانهن ڏٺو جيڪو کلي رهيو هو! ۽ مون کي ڏسي رهيو هو!

 

مسيحا

 

سارنگ جڏهن هن اسڪول ۾ بدلي ٿي آيو هو. تڏهن اسڪول ۾ داخل ڇوڪرا 20-25 هئا، پر ايندو هڪ ڇوڪرو به ڪونه هو.

سارنگ اچڻ شرط، ڇوڪرن جي مائٽن سان مليو ۽ ڳوٺ مان ٻن ٽن چڱن ذهن رکندڙن کي ساڻ ڪري، مٿي آفيسرن ڏانهن درخواستون ڪرايائين ته اسڪول فرنيچر ڏنو وڃي، هن اسڪول ۾ اچڻ شرط 70- 60 کن داخلا ڪئي ۽ روزانو 30- 35 ڇوڪرا اسڪول ۾ اچڻ لڳا. ٿوري ئي عرصي ۾ 50- 60 شاگرد روزانو اچڻ لڳا ۽ سارنگ کي هڪ نائب ماستر به ملي ويو. سارنگ ٻارن سان ٻار هوندو هو. پڙهڻ وقت پڙهائڻ ۽ راند جي وقت ۾ راند کيڏڻ. ٻارن جي هن سان ڏاڍي پريت هوندي هئي، ڪوبه ڇوڪرو هڪ ڀيرو اسڪول اچي، پوءِ ٻيو ڀيرو گسائڻ کان ونءُ پيو ويندو، سارنگ ڳوٺاڻن ماڻهن سان به ائين هلڻ لڳو، جو هر ماڻهو جيءَ ۾ جايون ڏيڻ لڳس، سارنگ طبيعت ۾ به ڏاڍو سادو، ۽ صفائي پسند هوندو هو، پر هڪ ٽنگ کان معذور هو، ٻار ڪافي ڀيرا پاڻ ۾ سس پس ڪندا هئا ته سائين کي الائي ڇا ٿيو آهي، پر ڪو پُڇندو ڪونه هوس.

هڪ ڏينهن سارنگ رجسٽر ۾ يڪو مهينو کن غير حاضر ڏسي، ڇوڪرن کان پڇيو ته، ”پٽ سچل ڇو نه ٿو اچي“ هڪ ڇوڪر اٿي بيهي چيو.

”سائين سچل کي الائي ڇا ٿيو آهي ۽ پيٽ وڌي وڏو ٿي ويو اٿس ان لاءِ گهر ۾ ئي آهي.“ سارنگ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻئي ڏينهن تي هڪ شاگرد سان گڏجي سچل جي گهر ويو، سچل کي هن گهمندي ڏٺو، پر پيٽ وڌيل هوس، سچل اچي هن سان مليو ۽ سچل جو پيءُ ۽ چاچا، ماما به اچي هن سان مليا.

سچل جي باري ۾ سچل جي پيءُ چيو ته:

”ماستر صاحب! ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، خدا کان لکيل هو، سارنگ ٻنيءَ تان پي آيو ته ڏيکارو اچي ويس ۽ هينئر هي حال اٿس، گهڻا پير فقير ڀيٽيا اٿئون، پر ڪوبه فرق ڪونه ٿو ٿئي، هاڻ مالڪ ڪا مهرباني ڪريس، نه ته ٻچي جي حالت ڏاڍي خراب ٿي پئي آهي“.

اهي لفظ ٻڌي سارنگ سوچن ۾ گم ٿي ويو، هن کي سچل جي زندگي جهرندي محسوس ٿي، ٿڌو ساهه ڀري چيائين ”چاچا، سائين اهو ڏيکارو ٻيکارو ڪونهي، پر بيماري آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو“. سچل جي پيءُ ٺهه پهه چيو ”ماستر صاحب توهان پڙهيل ڳڙهيل زوراور آهيو، ڊاڪٽر کي به ڏيکاريو اٿئون، ڊاڪٽر چئي ٿو ته آپريشن ٿيندو، ڀلا آپريشن ۾ اسان جو ٻچو مري پوي ته.... سارنگ سمجهائيندي چين ”چاچا اڄڪلهه اهو آپريشن تمام سولو آهي ۽ هن ۾ ڪوبه نقصان ڪونه پوندس“. سچل جي پيءُ ماستر ڏانهن ڏسندي چيو ”ڀلا ماستر صاحب توکي ڇا ٿيو؟“ هن ٽنگ ڏي اشارو ڪيس سارنگ اهي لفظ ٻڌي، ماٺ ٿي ويو، پوءِ مرڪندي چيائين، ”چاچا، مان به سچل جي عمر جيترو هوس ۽ رانگ کيڏڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هوس، هڪ ڀيري هڪ بال اچي منهنجي پير ۾ لڳو، مون ڪو خيال ڪونه ڪيو، پر اهو زخم ٿي وڌڻ لڳو، ۽ ايترو زخم ٿي پيو جو آئون هلڻ چلڻ جهڙو به نه رهيس ۽ مائٽ، ويچارا توهان وانگر هئا ٻهراڙي ۾، سو ڪڏهن ڇا پئي ٻڌائون ته ڪڏهن ڇا، آخر ۾ منهنجي ٽنگ ايتري خراب ٿي پئي جو، مون سمجهيو ته هاڻ آئون مري ويندس ۽ مائٽن به مون مان آسرو پلي ڇڏيو هو، پر پوءِ ڀلو ٿئي، منهنجي هڪ دوست جو، جو ان جو پيءُ ڊاڪٽر هو، ان پيءُ سان ڳالهه ڪئي، جنهن مون کي اچي گهر ۾ ڏٺو ۽ اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جو چيائين، پر مائٽن نه پئي مڃيو، مون گهڻو زور ڀريو مان. نيٺ مون کي اسپتال ۾ داخل ڪرايائون، ڊاڪٽر ٽنگ جو ڦوٽو ڪڍي ڏٺو، چيائين ته آپريشن ٿيندو مائٽ ته راضي نه پئي ٿيا، پر مان راضي ٿي ويس ۽ ضد ڪري بيٺس ته آپريشن مان ضرور ڪرائيندس نيٺ منهنجي ٽنگ جو آپريشن ڪيو ويو. ڊاڪٽرن منهنجي ٽنگ جي خراب حصي کي ڪڍي ڇڏيو۽ جي مان مهينو اڳ اسپتال ۾ داخل ٿيان ها ته اها ٽنگ ڪپائڻي به نه پوي ها.“

سڀ ماڻهو ڏاڍي ڏک ۾ ماستر صاحب جي ڪهاڻي ٻڌي رهيا هئا، ۽ آخر ۾ سچل جي پيءُ چيو، ”سائين اوهان جو ٻچو آهي، جيئن سمجهه ۾ اچيو تيئن ڪيو.“ سارنگ مائٽن کي دلداري ڏيندي چيو ته ”ڪابه خراب ڳالهه ڪانهي، مان سڀاڻي سچل کي اسپتال وٺي ويندس ۽ توهان به هلجو.“ سچل جي ماءُ جو آپريشن جو ٻڌو ته روئڻ پٽڻ لڳي ۽ روئيندي سامان سڙو ٻڌڻ لڳي.

ٻئي ڏينهن صبح جو سارنگ هنن کي ڳوٺ واري بس ۾ وٺي حيدرآباد ۾ اچي اسپتال ڀيڙا ٿيا، اسپتال ۾ ماستر سارنگ جو هڪ ٻه ڊاڪٽر دوست سڃاڻو هئا. ڇو ته اهي سارنگ سان گڏ پڙهيا هئا. ان ڪري هنن کي داخلا ملڻ ۾ دير ڪانه ٿي. ڊاڪٽر چڪاس ڪري چيو ته هن جو آپريشن ٿيندو، هنن چيو ته ٺيڪ آهي، آخر ٻن ڏينهن کان پوءِ سچل کي آپريشن روم ۾ وٺي ويا. سچل جا ماءُ پيءُ ٿورو سست ٿي ويا، پر سارنگ هنن کي دلداري ڏيڻ لڳو. سچل جي ماءُ هر هر پئي سارنگ کي چيو، ”ابا، منهنجي ٻچي کي تڪليف ته ڪونه ايندي“.

سارنگ دلداري ڏيندي چيس ته ”امڙ، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، اڄڪلهه ته ماڻهو دل جو آپريشن به ڪرائين ٿا پيا. جو ڏکئي ۾ ڏکيو آهي.“ هي بيٺا هئا ته سچل کي ڏوليءَ ۾ کڻي آيا. سچل جي ماءُ پٽ ڏانهن وڌڻ لڳي، سارنگ روڪيندي چيس ”امڙ، هينئر ته هو نشي ۾ بيهوش آهي ۽ هينئر ڳالهائيندو ڪونه جڏهن نشو لهندس ته پوءِ ڳالهائيندو.“ ماءُ جي مامتا به عجيب آهي، ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، سچل جو پيءُ به سست هو، پر ماٺ ۾ هو، پوءِ ڊاڪٽر سچل کي سُيون وغيره هڻي بستري تي ليٽائي ڇڏيو، ۽ هنن کي ٻڌايائون ته ٻارنهن ڪلاڪن تائين هن جو خيال ڪجو، متان مريض جسم کي چوري ڦوري، ڇو جو تازا ٽانڪا لڳل آهن.

ٻئي ڏينهن سچل هوش ۾ آيو ۽ سڀني سان ڳالهائين. ماءُ پُٽ جو ڳالهائڻ ٻُڌي باغ بهار ٿي ويئي ۽ ڊاڪٽرن کان وڌيڪ ماستر کي دعائون ڏيڻ لڳي. ڊاڪٽرن هن کي ٻن هفتن رهڻ جو چيو. ان لاءِ سارنگ ڊاڪٽر کي پارت ڪري انهن کي اتي ڇڏي پاڻ اسڪول ۾ موٽي آيو، ۽ ڳوٺ ۾ اچي سچل جي چاچن مامن کي خير صلاح جي خبر ٻڌايائين.

ٻن هفتن کان پوءِ سارنگ وري موٽي ويو ۽ ڏٺائين ته سچل جو پيءُ ٻاهر در ۾ اکيون کپايو ويٺو هو. هن کي ڏسندي چيائين ته ”ابا ماستر خدا ڪيو جو تون آئين، سچل ٻچو ته خوش ٿي ويو آهي، ۽ ڊاڪٽر چيو آهي ته ڳوٺ وڃو.“ سارنگ جي منهن تي مرڪ تري آئي، اچي سچل کي ڏٺائين. سچل نوڙي استاد سان مليو. سچل جو وڌيل پيٽ هينئر پيٽن جهڙو پيٽ هو.

سچل جي امڙ سارنگ کي دعائون ڏيندي چيو ”ابا اسان جي اک تو پٽرائي نه ته منهنجو جگر جو ٽڪر مري وڃي ها، تون اسان جي لاءِ فرشتو ٿي آيو آهين.“ سارنگ صرف مرڪندو رهيو، ڊاڪٽر انهن کي وڃڻ جي اجازت ڏني. سڀ اچي ٻئي ڏينهن شام جو ڳوٺ ڀيڙا ٿيا. سچل جو پيءُ ماستر سارنگ جي نيڪي ڪندي نه پيو ٿڪجي. سڀ ڇوڪرا سچل کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مائٽ عزيز به ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سڀ سارنگ جي تعريف جا ٻول ٻولڻ لڳا ته هي ماستر آيو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ چار چنڊ لڳي ويا آهن ۽ جيڪي ڇوڪرا رلندا هئا، اهي هينئر پڙهن ٿا. ”هوند سڀ ماستر اهڙا هجن ته ڳوٺن ۾ تعليم سان گڏ تربيت به اعليٰ درجي جي ٿي وڃي“. اهي لفظ هڪ پوڙهي چيا.

 

ننڍڙو ٻار اوچي سوچ

 

چؤطرف ماٺ هئي، ائين پئي سمجھه ۾ آيو، ڄڻ پاڙي وارا لڏي ويا آهن. هر هڪ پنهنجي گهر ۾ ڊنو ويٺو هو. ڇهون ڏينهن هو جو لڳاتار برسات پي وٺي. غريبن جا گهر پٽ پئجي ويا هئا. نفسا نفسيءَ جو عالم هو. هر هڪ کي پنهنجي جان بچائڻ جو فڪر هو. ننڍڙو سانول پنهنجي ڪچيءَ جاءِ ۾ ويٺو هو. سندس پيءُ ته ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، باقي ماءُ ۽ ٻه ڀينر هوس. پراڻي وقت جي جاءِ، جا هنڌان هنڌان پئي ٽمي. تنهن کي بچائڻ لاءِ سانول سوچن ۾ هو. جتان ٿي جاءِ ٽمي اتي انهيءَ وقت ئي ڇار وڌائين، ننڍڙو ٻار اهڙي مصيبت ۾ به ذهن کان ڪم وٺڻ لڳو. ننڍڙي عمر ۾ هن جنهن حال ۾ جاءِ کي بچايو. سا ڳالهه وسهڻ جهڙي ته ڪانهي. آڌيءَ جو به ڪوڏر هٿ ۾ کنيو، گهر جو پاڻي ٿي نيڪال ڪيائين. سانول جي امڙ به پٽ سان تڏ واهه جي مدد ڪئي. ڀلا ننڍڙو گهر، جنهن ۾ سواءِ ٻار جي، جي ڪو مٽ نه هجي ته اُتي ڪهڙو حشر ٿيندو. سانول جڏهن ڏٺو ته متان جاءِ ڪري پوي. ان لاءِ گهر ۾ پيل پيش جا ٺهيل گڏا کڻي، مٿاهين جاءِ تي ٿوڻيون، کوڙي ننڍڙو ڇاپرو ٺاهيائين، پوءِ ماءُ ۽ ڀينرن جي مدد سان، گهر جو سامان اتي رکيائين. انهيءَ دير ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا جهڳا جهڻ ٿي ڪري

چڪا هئا، گهر ڊهي چڪا هئا، گهڻا ماڻهو سستي ۽ ڪاهليءَ ڪري، رڳو گهر مان جان بچائي نڪتا هئا.

سانول پنهنجي محنت کي لڳو رهيو. سانول پنهنجي جاءِ کي ڪِرڻ کان بچائي ورتو. جڏهن برسات بند ٿي وئي، تڏهن سڀ ڪو پنهنجي ڊٺل جاين کي ڏسڻ لڳو، پاڙي وارا پنهنجين جاين کي ڪِريل ڏسي، سانول تي ساڙ کائڻ لڳا. هن هر هڪ کي چيو ته ”ڀائو! مون ۽ امڙ گڏجي پنهنجي جاءِ کي بچايو آهي، ڏسو جي اسين سستي ۽ ڪاهلي ڪري آرام ڪيون ها، ته پوءِ اسان جي جاءِ به ته ڪري پوي ها، ۽ ڪير اسان کي ٺهرائي ڏئي ها“. اهي لفظ ٻڌي، سندس پاڙي وارا ڏاڍا شرمندا ٿيڻ لڳا ته، هڪ ننڍڙي ٻار محنت ڪري، پنهنجي جاءِ کي بچايو آهي، پر اسان وڏن جي سستي ڪري، اسان جا ڀونگا ڍيري ٿي ويا آهن، ننڍڙو سانول پنهنجي محنت تي ڏاڍو خوش هو، جو اڄ سندس گهر سلامت هو.

  

آيا

 

هن کي صاحب جي گهر وڃڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. روز ماءُ کي چوندو هو، امان مون کي صاحب جي گهر وٺي هل. هن جي نظر ۾ صاحب جو گهر تمام سٺو هوندو هو، ڇو ته صاحب جي گهران جيڪا ماني هن جي ماءُ کڻي ايندي هئي، سا هي پاڻ کائيندو هو، ۽ ماني هن کي ڏاڍي لذيذ لڳندي هئي! هن جي پيءُ کي مُئي ڪافي وقت ٿي چڪو هو، ان ڪري سندن ماءُ ٻارن جي پيٽ پالڻ لاءِ هڪڙي صاحب جي گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي! جمعي جي ڏينهن موڪل هجڻ ڪري هي به ماءُ سان گڏ صاحب جي گهر هلڻ لاءِ تيار ٿيو، ماڻس هن کي صاحب جي گهر وٺي آئي، هن کي صاحب جي گهر ۾ ماڻس رڌڻي ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ويئي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ. هي اتي ويٺو ماءُ کي ڏسندو رهيو، جيڪا ويچاري گهر جي ڪم ڪار کي لڳي پئي هئي. صاحب جا ٻه ننڍڙا پٽ هر هر اچيو هن جي ماءُ کي آيا چون ۽ وري ڊڪندا پي ويا، ڪيترا ڀيرا هن جي ماءُ جي پوتي کي ڇڪي پي ورتائون، اهو ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک ٿي ٿيو- پر ماٺ ڪيو ڏسندو رهيو هو.

ٿوري دير کان پوءِ گهر ۾ اندر ننڍن ٻارن سان صاحب به اچي رئڪيٽ راند ڪرڻ لڳو،
 

هن کي ڏاڍو احساس ٿيو ته مون کي به بابا هجي ها ته ائين پيار ڪري ها ۽ راند ڪري ها- هن جي دل ۾ به تمنا ٿي ته راند ڪيان! ان ڪري اتان اٿي اچي ٻارن جي ڀرسان بيٺو. راند لاءِ صاحب جنهن وقت بال کي ڌڪ ٿي هنيو ته ننڍن ٻن ٻارن ٿي کليو، ۽ هن به پنهنجي ليکي کلڻ شروع ڪيو، هڪ ڀيري صاحب بال کي ڌڪ هنيو، هي ڊوڙيو بال کڻڻ لاءِ ته صاحب جي هڪڙي پٽ هن کي چماٽ هڻي ڪڍي. هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. صاحب صرف مشڪيو ۽ راند ۾ پنهنجن ٻارن کي وندرائڻ لڳو. هي اچي وري رڌڻي ۾ ويهي رهيو. سندس ماءُ گهر جو ڪم ڪار لاهي پوءِ وٺي آئي صاحب جي ٻارن کي ۽ انهن کي وهنجارڻ لڳي، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي آئي، پنهنجي ماءُ تي، پر ماٺ ڪيو ڏسندو رهيو، ماني وغيره تيار ڪري سندس ماءُ گهر هلڻ لاءِ تيار ٿي. هي به پٺيان هلندو رهيو، هڪ اکر به ماءُ سان ڪونه ڳالهايائين. گهر ۾ ڪاوڙجي ويهي رهيو، صاحب جي گهر جي ماني ڪونه کاڌائين. ماءُ سان ضد ڪري ويهي رهيو ته اڳتي صاحب جي گهر نه ويندي ڪر، هو سٺو نه آهي، ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. چيائينس ”پُٽ! پوءِ کائينداسين ڪٿان!“ اهو سوچي سوچ ۾ پئجي ويو. ۽ ڳپل دير تائين روئيندو رهيو. سوچيائين هي وڏا ماڻهو ڪهڙا آهن. جيڪي پئسن تي اسان جي مائرن جو پيار وٺن ٿا! اوچتو ذهن ۾ خيال آيس ماءُ کي ڀاڪي پائيندي چائين. امڙ، مان اسڪول کان پوءِ ڇولا وڪڻندس ۽ تون امڙ، گهر ۾ رليون ٺاهجان! باقي صاحب جي گهر نه وڃجان، تون آيا نه ٿي، پر منهنجي ماءُ ٿي. هن جي امڙ جي اکين ۾ وري به لڙڪ تري آيا ۽ هن کي ڀاڪي ۾ ڪندي چيائين ”منهنجا ٻچا! کڏ ۾ پوي اها نوڪري تون خوش ٿي منهنجا ٻچا! اُهي لفظ ٻڌي هن جي اکين ۾ جوت اچي ويئي، ماءُ کان ٻه روپيا وٺي تڪڙو تڪڙو ويو دڪان تان چڻا وٺڻ لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org