سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:3 

صبح جو سوير پَٽي اُٿاري کڻي نانيءَ کي چيو ته ناني مون کي اسڪول ڇڏي اچ. نانيءَ اهي لفظ ٻڌي مون کي ڏسندي رهي، پوءِ چيائين ”ابا ڪيئن خدا تنهنجي ذهن ۾ اهو عقل ويهاريو؟“ ڏاڍو خوش ٿي مون کي اسڪول وٺي هلي. اتي مون کي سائين عيدن وٽ هلي ويهاريائين. اهو منهنجو مائٽ هو، پر مارڻو ڏاڍو هو، پر مون کي ڪڏهن چماٽ به نه هنيائين پر روز آنو ٻه آنا خرچي ڏيندو هو، جنهن ڪري مان روز اسڪول وڃڻ لڳو هوس، ناني رسيس جي وقت ۾ اچي ٻاهر بيهندي هئي. مان ٻاهر نڪرندو هوس ته نانيءَ جي هٿ ۾ ڪنهن وقت ٽافيون، يا فروٽ هوندو هو، نه ته ڪڏهن اتي چڻا وٺي ڏيندي هئي. مون کي اها خبر پوءِ پئي ته سائين جيڪي روزانو پئسا ڏيندو هو، سي پنهنجي کيسي مان ڪونه ڏيندو هو، پر اڳ ۾ نانيءَ پئسا ڏئي ويندي هيس. سائين عيدن جي مار جي ڊپ کان ڪافي ڇوڪرا ڀڄي ويندا هئا ۽ وري نه اسڪول جو منهن ڏسندا هئا، خاص طرح سان سيني ۾ اهڙيون چهنڊڙيون هڻندو هو، جو ڇوڪرن کان رڙ نڪري ويندي هئي. گهڻن کي سؤ سؤ ڀيرا اٿ ويهه ڪرائيندو هو، ڪن جا هٿ فرش تي رکائي، مٿان ڪرسيءَ جي ٽنگ رکندو هون، پوءِ ٻارن جون رڳو آسمان ڏاريندڙ رڙيون هونديون هيون، پر اها سزا گهڻو ڪري گوسڙو ڇوڪرن کي ملندي هئي.

شل نه مون کي ڪو بخار يا مٿي ۾ سور پئي. پوءِ نانيءَ ويچاريءَ جو سُک ڦٽي ويندو هو. هر هر اچي پڇندي هئي ته ”ابا ڪيئن آهين؟“ هڪڙي پُٽ هجڻ ڪري منهنجون ڏاڍيون پِيرن تي سُکائون ڏنائين. خاص طرح سان قلندر شهباز تي چانديءَ جي زبان ٺهرائي ڏني هئائين ۽ ٻيو ڪيترن پِيرن فقيرن تي وڃي خير خيرات يا پَڙ چاڙهيندي هئي. صدقي لاءِ ٽئين چوٿين مهيني ڇيلو خيرات ڪرائيندي هئي. هڪ ڀيري مون کي مدي جو بخار ٿي پيو. علاج ۾ ڪو فرق ڪونه آيو. هفتي ڏيڍ کان پوءِ ڪجھه فرق پيو. هڪ ڏينهن گهر ۾ آڙي پکيءَ جو پلاءُ ڪيائون، مان ننڍي هوندي کان آڙي پکيءَ جي پلاءُ جو شوقين هوندو هوس ٻيو ته اڪيلي پٽ هجڻ ڪري ٻوٽيون به گهڻيون ملنديون هيون. سو جيسين ٻوڙ کٽندو ڪونه هو، تيسين مان به چانورن ۽ ٻوڙ جي جند ڪونه ڇڏيندو هوس.

گهر ۾ جو پکي چڙهيو سو ناني ويچاريءَ جي دل، مون کي چيائين ته ”ابا ٻه ٽي گرهه کڻ“ ٻه ٽي گرهه ڇا مون موج سان پکيءَ جو پلاءُ کاڌو. اڌ رات ٿي، اچي ٿي طبيعت خراب ٿئي، لڇ لڇان هجي، ان وقت ناني ويچاري اڪيلي لالٽين هٿ ۾ کڻي، وڃي ڊاڪٽر کي وٺي آئي، ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي پر فرق ڪونه پيو، سڄي رات لڇندو رهيس ۽ ناني ويچاري سڄي

رات دعا گهرندي رهي. امڙ کي ٿوري ننڊ ٿي آئي ته ان کي ٿي ڳالهاءُ ڏنائين، هر هر پوتيءَ جو پلئو ڳاٽي ۾ وجهي خدا کان پي دعا گهريائين. صبح جو هڪ گهر ۾ بيٺل ٻڪري گهرائي ان جو گوشت ورهايائين. مان هفتو ڏيڍ لاڳيتو بستري تي پيو رهيس، دوا هلندي رهي. پر نانيءَ جا عجيب غريب سوڻ به ٿيندا رهيا. خاص طرح سان روزانو صبح جو سوير هڪ ٺڪر جي دکي کڻي پوءِ چوندي هئي ته دکيءَ ۾ اندر منهن وجهي چئو ”دکي جهاتي، منهنجو بخار تنهنجي حوالي مان وڃان ٿو قلندر جي زيارت تي“. پوءِ چوندي هئي ته گهر جي هن در کان نڪري ٻاهر وڃ، ٻئي در کان واپس موٽي اچ. يا ڪڏهن ڪنهن وڻ جو ڇوڏو ٻڌندي هئي ڳلي ۾. ٻيو ته صبح جو سوير اٿاري هلائيندي هئي ۽ پٺيان ڪهاڙي کڻي چوندي ايندي هئي: ”تنهنجو بخار ٻرو ڪپيان، ٻرو ڪپيان، ٻرو ڪپيان“. پوءِ به وري ان در کان اچڻ ڪانه ڏيندي هئي.

جڏهن مان ٺيڪ ٺاڪ ٿيس، تڏهن چيائين ته مون مخدوم بلاول جي سکا باسي هئي، سو اتي هلي سکا ڏيندس. پاڙي ۾ سڏ ڏياريائين. ٻه ٽي ڏينهن گهر ۾ سهرا هليا ۽ هڪ ڏينهن جيپ ٻڌي، مون کي وٺي هلي سکا ڏيڻ لاءِ مخدوم صاحب تي. ماين جي سهرن جي واڄٽ تي، اسان وياسين مخدوم صاحب تي، اتي مون کي ياد آهي ته هڪڙي مائيءَ سهرو چيو هو ته ”ابل منهنجو ضلعي جو نباب آ“. اتي هڪ بيٺل ماڻهو چيو هو: ”پر مڙس ڏسو آهي تيليءَ کان به سنهڙو ۽ ٿئي ٿو نواب ضلعي جو“. مقصد ته مخدوم صاحب تي پڙ ڏيڻ کان پوءِ باقي ڀٽ شاهه جو ڇيلو باسيل هو، جيڪو پري هجڻ ڪري نه ڏيئي سگهي هئي ۽ ڇيلو اتي خيرات ڪيو هئائين ۽ آخر تائين ايترو يادگيرو هوندو هوس، جو جڏهن مان حيدرآباد مان آيس تڏهن مون کي ان وقت 30 رپيا ڏنا هئائين ته ”ابا اهي وڃي ڀٽائي سائين تي ڏجانءِ“ پر مون اهي 30 رپيا حيدرآباد ۾ ئي کپائي ڇڏيا هئا ۽ اڄ تائين شاهه لطيف جو 30 رپين جو قرضي آهيان.

نانيءَ کي سياري ۾ مٿي ۾ سور يا زُڪام ٿيندو هو ته سنڍ، ٻاجهر جو اٽو ۽ ٿوم اهي ٽيئي گڏائي انهن کي ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙهيندي هئي ۽ جڏهن مَلائي جهڙو ٿيندو هو ته لاهي ٺاري پوءِ کائيندي هئي. اسان گهر جي ڀاتين مان ٻيو ڪير به نه کائيندو هو. چوندي هئي ته ”اهي ٽڪيون کائي اندر ساڙيندئو. هي کائو ته زڪام لهي ويندوَ“. پر اسان ته ويجهو به ڪونه ويندا هئاسين، ٻيو سونف، مٺي ڪاٺي، دالچيني ۽ ڦوٽو پاڻيءَ ۾ وجهي، ڪاڙهيندي هئي، اهو پاڻي ڪاڙهي ڪاڙهي پوءِ پيئندي هئي، مون اهو ڪاڙهو ڪيترا ڀيرا پيتو هو ۽ زڪام لهي ويندو هو.

اسان جا مائٽ شروع کان وٺي اسان سان ڪونه ٺهندا هئا. نانيءَ چوندي هئي ته اڃا توهان جو پيءُ هت هوندو هو، تڏهن نانيءَ وارا ٻئي پنهنجي گهر ۾ رهندا هئا، اتي انهن سان مائٽ ڪونه ٺهندا هئا، ايتري تائين جو انهن کي رات جو پٿر به لڳندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهر جي پٺ ۾ ڏيئا ٻرندا هئا، ڏيئن ٻرڻ جي ڊپ کان ناني اوڏانهن ويندي ئي ڪانه هئي. ناني کي چوندي هئي ته اهو ٻه ٽي ڳالهاءُ ڏيئي سمهي پوندو هو. پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو والد اتي رهيو ۽ لڪي جاچ ڪرڻ لڳو، اڌ رات جو ٽائيم هجي ته ڏٺائين هڪ مائي آهي، جنهن وٽ ڪا شيءِ هٿ ۾ آهي ۽ ان جي اندر روشني آهي، جيڪا اچي نانيءَ جي گهر جي پٺيان بيٺل وڻ ۾ ٽنگي ويئي، بابي جو ويجهي کان ڏٺو ته مار! ٺڪر جي دکيءَ کي پاسن کان سوراخ هئا ۽ اندر ٻه ٽي ڏيئا پيا ٻرن. بابا اهو ڏسي، موٽي آيو. ٻئي ڏينهن تي ساڳي ٽائيم کان اڳ ۾، پاڙي جو هڪ وڏو به آڻي ويهاريائين. ان جي خبر ڪنهن کي ڪانه هئي، ۽ سمهڻيءَ کان پوءِ ساڳي مائي دکيءَ ۾ ڏيئا وجهي کڻي آئي، بابا وڃي ٻانهن کان ورتس، ڪافي اداڪاري ڪيائين ته ”مان جن آهيان! ڍيڍ آهيان“ پر ٻيا ماڻهو ۽ چڱو مڙس به اچي ويو. مائي وائکي ٿي ويئي (مائٽياڻي هئي).

ان ڏينهن کان پوءِ نانيءَ وارا اچي بابا سان گڏ ويٺا. هن پراڻي گهر ۾ جنن جي ڊپ کان سرود به ڪرايو هئائون ۽ هڪ جن ڪڍندڙ فقير به آندو هئائون. ان سرود تي ڪنڌ هنيو، اندر ڪوٺين ۾ به ويو، ناني چوندي هئي ته ”سياري جو وقت هو، سڀ ماڻهو مچ تي ويٺا هئا، هيءَ جيئن ڪوٺيءَ مان نڪتو ته توبهن توبهن ڪندو اچي چيائين ته مچ ٻاريو مچ ٻاريو، هن جن کي ساڙيندس ۽ باهه جي پاسن کان ٽپ ڏيڻ لڳو، اتفاق سان باهه ڪپڙن کي لڳي ويس ۽ مرندي بچيو هو“.

انهن حالتن ڪري نانو ۽ ناني اچي بابا سان گڏ رهيا هئا. نانا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اسان جي مائٽن ڏٺو ته هاڻ هي عورتون آهن سو ڇا ڪنديون. وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳا. اسان جي گهر جي اڳيان رهندڙ احمد کوکر کي چوريائون. ان ڇا ڪيو جو اسان جي گهر واري پاسي کان رات جو کاٽ هڻي صبح جو پوليس وٺي آيو ته منهنجي چوري ٿي آهي ۽ اها حاجي ڄام جي سس ڪرائي آهي. پوءِ صوبيدار جاءِ واردات تي آيو. اتي کاٽ جي ٻاهران اٽو هاريل هو ۽ ڪوڪلا ٻير به. ان صوبيدار، جيڪو بابا جو دوست هو تنهن ناني کان پڇيو، جنهن چيس ته ”ابا بس ذاتي ڪاوڙ آهي، اسان جي مائٽن چوريو اٿس“.

صوبيدار هن کي چيو ته عزت پياري اٿئي سچي ٻڌاءِ نه ڪيانءِ ٿو اندر. هي چور اٽو ۽ ٻير ڇو هاري ويندا. تڏهن همراهه وائڙو ٿي ويو ۽ صوبيدار کي چيائين ته ”مون کي فلاڻن فلاڻن مڇرايو هو“.

ان کان پوءِ اسان جا مائٽ اسان کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪوڙيون درخواستون ڪندا رهندا هئا، پر بابا پهرين پوليس ۾ پيري هوندو هو، ان لاءِ ڪجھه پوليس ۽ جمعدار وغيره ان جا دوست هوندا هئا ان لاءِ درخواستن تي غور ڪونه ٿيندو هو، ڇو جو انهن کي خبر هئي. ايترين زيادتين جي باوجود نانيءَ ڪنهن مائٽ کي ڪانه ليکيندي هئي. اسان جي مائٽن اسان جي پيءُ جي پري جي سؤٽ کي مڇرايو ته جاءِ مان حصو وٺين. ان اسان تي مختيارڪار وٽ ڪيس داخل ڪيو. مختيارڪار اهو ڪيس راڄوڻي فيصلي ۾ ڏياري موڪليو. سرائي پنهون خان جيڪو ٻٻر ذات جو هو، تنهن فيصلو ڪيو. مون کي ياد آهي مان ننڍو هوس، اسان جا سڀ مائٽ هڪ پاسي هئا ۽ ناني اڪيلي ڳالهائڻ واري هئي. اسان جي مائٽن سان اهڙي ڪيائين جو فيصلي ۾ ويٺلن ڪافي ماڻهن اهو پي چيو ته ”مائي ته نه آهي، هيءُ مڙس جو مٽ آهي“. فيصلو ٿيو، اسان جي جاءِ بدران انهن جي جاءِ جو اڌ به اسان ڏي پئي آيو. همراهن اها جو حالت ڏٺي ته خاموش ٿي ويا. ناني ويچاري ان وقت ۾ ڏاڍي پريشان هوندي هئي، پر چوندي هئي گهر ۾: ”منهنجا موليٰ، مان ڪنهن جي مدي ڪانه آهيان، تون ڏسين ٿو. هنن ڇورن ڇنن جي توکي پارت آ. نه ابو اٿن نه ٻيو ڪو. تو کان سواءِ ٻيو ڪو ڌڻي سائين نه اٿن!“

اسان جي مائٽن جي دل ۾ جيڪي بغض هئا، اهي دل ۾ رکيو آيا. جن ماڻهن ٻڌايو ته اسان جو بابا سعودي عرب ۾ گذاري ويو آهي، تن مان جن ڏانهن بابا جو چوپايو مال بيٺل هو، سي کائي ويا. هڪڙي ڪنڀر کان بابا زمين ورتي هئي، جنهن لاءِ ناني چوندي هئي ته (بابا) حاجن کي هئي حج جي سنبت سو ٻنيءَ جا پئسا ڏنا هئائين مسجد ۾ ۽ فلاڻا فلاڻا شاهد هئا. هن جڏهن بابا جي مرڻ جو ٻڌو ته ڦري ويو چيائين ته ”مون زمين ڪونه ڏني هئي“. فيصلو ٿيو، شاهد مٿان بيهي ويس. همراهه چيو ته ”مان قرآن کڻندس“. سڀني چيس ته قسم نه کڻ ڪوڙو آهين. پر همراهه قرآن کڻي ڦري ويو ۽ اها زمين ڦٻائي ويو.

ٻيو هڪ بابا جي دوست وٽ 50 ٻڪرين جو ڌڻ بيٺل هو ۽ ان به ڏٺو ته هاڻ حاجي مري ويو تڏهن چيائين ته ”بيماري ۾ سڀ ٻڪريون مري ويون باقي چار ڪن آهن“. ان لاءِ به فيصلو ٿيو، هو قسم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. نانيءَ چيس ته ”نيت“ اٿئي قسم لاءِ سنبريو آهين ته کڻي چڪين. هاڻ اسان جي نيت اٿئي. ائين سڄو ڌڻ اسان جو ڦٻائي ويو. ٻين ڪيترن هنڌن تي بابا جو ڳائو ۽ ماهيو مال بيٺل هو، جيڪي سڀ هضم ڪري ويا. ڪي بابا جا جگري دوست هئا.

ناني چوندي هئي ته ”توهان جي پيءُ جڏهن حج تي ويو هو، تڏهن گهر ۾ صرف 10 رپيا پيل هئا“. جيڪي پئسو پنجڙ هو سو سڀ بابا کڻي ويو هو. پوءِ اهو نانو ۽ ناني هئا، جن جي ڪجهه زمين هئي، ڪجھه ماهيو مال هو ۽ ٻيو بتيون ٻاري ۽ رات جو چونڪيون ڏيئي، پاڻ کي ڏکن ۾ رکي، اسان کي پاليائون.

نانيءَ جي ايتري پيار جي هوندي به اسان کي بابا جي پيار جو شديد احساس ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ ويهي (ڀيڻ ڀاءُ) چوندا هئاسين ته ”الله سائين تون بابا کي آڻ ته اسان هيترو ورهائينداسين.“ ڪڏهن ڪڏهن روئندا به هئاسين. پاڻ ۾ ويهي چوندا هئاسين ”اسان الله جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جو بابا اسان کان ڇني ڌار ڪيو اٿس“.

اسان جي گهر جو ماحول ڪنهن وڏي ڏينهن تي اُداس ٿي ويندو هو. مون کي ان وقت ڏاڍو احساس رهندو هو، جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي نوان ڪپڙا پارائي عيد جي ڏينهن تي شهر گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو هو. تڏهن مان دل ۾ چوندو هوس ته منهنجو به بابا هجي ها! مون کي ائين وٺي وڃي ها. ڪافي ڀيرا ڪن مائٽن سان گڏجي عيدگاهه تي ويس، جتي هو پنهنجي اولاد کي پاڻ سان گڏ نماز ۾ بيهاريندا هئا ۽ مون کي وري جوتن وٽ حفاظت لاءِ ڇڏي ويندا هئا. هڪ ڀيرو مان بوٽن وٽ ويٺو هوس ۽ ٻين ٻارن کي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ نماز پڙهندي ڏسي سوچڻ لڳس ته ”جي وڏو ڀاءُ هجي ها ته به چڱو“. پوءِ اتان اُٿي اچي ناني جي قبر تي پهتس. جتي ننڍڙي عمر ۾ دل کولي رنس، ڪي پاڙي جا ماڻهو ڏسي پنهنجي منهن توبهه توبهه ڪندا ٿي ويا. ان ڏينهن مان گهر ۾ اچي وري روئڻ ۾ پئجي ويس. عيد جي خوشيءَ جو ڏينهن غم ۾ تبديل ٿي ويو، ڪنهن به ماني ڪانه کاڌي هئي، مان روئي روئي وري نانيءَ کي چوندو هوس: ”ناني الله سائين بابو ته ڦري ورتو، پر نانو به هليو ويو ۽ ڪو ڀاءُ به ڪونه ڏنائين“. ناني ويچاري صرف دلاسا ڏيندي رهي ته ”ابا مان جو ويٺي آهيان!“ امڙ ويچاري ته مون کان وڌيڪ ڏکاري. سا مون کي روئندو ڏسي پاڻ به روئڻ ۾ پوري هئي. اڄ به اهو منظر جڏهن منهنجي ذهن تي تري ايندو آهي ته منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. ڀلا هڪ ٻار جنهن پيءُ جو پيار نه ڏٺو هجي، جنهن کي ادا چوڻ لاءِ ڀاءُ نه هجي، ماما چوڻ لاءِ مامو نه هجي، چاچا چوڻ لاءِ چاچو نه هجي ته، اهو ٻار ظاهر آهي ته اهو ئي سوچيندو ٻيو ڇا سوچيندو.

اڪيلو ٻار هجڻ ڪري مان شرارتي به ڏاڍو هوندو هوس. هڪ ڀيري امڙ وارا گاهه تي ويل هئا، منجهند جو وقت هو، منهنجي وڏي ڀيڻ ويٺي هئي پنهنجي خيال سان، مون ڇا ڪيو جو ماچيس کڻي تيلي ٻاري، کڻي گاسليٽ جي بالٽيءَ ۾ اڇلايم، گاسليٽ جي بالٽيءَ ۾ تيلي اندر وئي ته وسامي ويئي، مون کي ڏاڍو عجب لڳو، مون ٻيو ڀيرو تيلي ٻاري کڻي بالٽيءَ جي ڀرسان جهلي، اچي ٿي بالٽيءَ جي پاسن کان باهه لڳي. باهه چوڌاري بالٽيءَ کي وڪوڙي ويئي، مان ماٺ ڪيو ڏسندو رهيس، صفا وائڙو ٿي ويو هوس.

منهنجي ڀيڻ جو اهو ڏٺو ته وٺي دانهون ڪيائين، پاڙي جا ماڻهو ڀڄندا آيا، جن اچي گاسليٽ تي مٽي وڌي ۽ باهه وسايائون. اها خبر گاهه ڪندي جڏهن ناني ۽ امڙ کي پيئي ته گاهه ڦٽو ڪري ڀڄنديون آيون. امڙ مون کي ڳالهايو. نانيءَ چيو ته ”ڳالهائينس ڇو ٿي، ٻار آهي، تون ماچيس لڪائي وڃين ها“.

مان گهر ۾ ڪنهن کان به ڪونه ڊڄندو هوس، پر پاڙي ۾ چاچي محمد خان لاشاريءَ کان ڊڄندو هوس، جي ٿوري حرڪت به ڪندو هوس ته امڙ چوندي هئي: ”ادا محمد خان اڪبر حرڪت ٿو ڪري“. هو چوندو هو ته ”اچان ٿو.“ پوءِ مان رکندو هوس کڙين تي زور. ننڍي هوندي منهنجو هڪ پاڙي جو دوست هوندو هو. هئاسين ٻئي شرارتن ۾ هڪٻئي کان چٽيل، پر هو مون کي اڪثر استعمال ڪندو هو. پر حرڪت ڪندو مان هوس، موچڙا هي کائيندو هو، ڇو ته نانيءَ جي ڪري مون کي ڪو چوندو ڪونه هو. وڌ ۾ وڌ دانهن نانيءَ وٽ ايندي هئي، جيڪا صرف ايترو چوندي هئي: ”ابا ڪنهن سان حرڪت نه ڪر. تنهنجو ڪير آهي جو تو پاران پوندو“.

اسان جون حرڪتون به عجيب قسم جون هونديون هيون. خاص طرح سان ڪنهن جو مال وڻ هيٺان ٻڌو بيٺو هوندو هو ته جي وڻ ۾ ماکي هوندي هئي ته ان کي پٿر هڻي اٿاريندا هئاسين، يا ٻنيءَ ۾ پاڻي پوندو هو ته هاريءَ جي اک ٽيٽ ڪري پاڻي ٻنيءَ مان لوڙهي ڇڏيندا هئاسين، يا خاص طرح سان گڏهه ڪاهي ويندا هئاسين، پرايا ڍڪ ۾، ڍڪ منشي اسان کي خرچي ڏيندو هو. جڏهن مالڪن کي خبر پوندي هئي ته اسان ڏئي آيا آهيون، تڏهن منهنجي نانيءَ کي دانهن ۽ هن جي پيءُ کي دانهن ڏيندا هئا. مان ته بچي ويندو هوس باقي هو اهڙا موچڙا کائيندو هو (جيئن اُٺ پتڻ تي ڪٽبو آ). اهڙن موچڙن کان پوءِ شام جو وري اچي ملندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪنهن سان ويڙهائي پاڻ وري پري ٿي بيهي رهندو هو. هڪ ٻه دفعا مون ٺاهوڪي مار ٻين ٻارن هٿان کاڌي هئي. هي اهڙو استاد هوندو هو جو پاڻ وري انهن ٻارن سان انهن جو يار لڳو وتندو هو. اسان جي پاڙي ۾ ٻارن هودڙي راند شروع ڪئي هئي، هي اتي کيڏڻ لڳو، پر منهنجي لاءِ انهن کي چيائين ته ”هن کي نه کيڏايو“. انهن مون کي کيڏڻ نه ڏنو. پَرپُٺ مون کي وري چوريائين ته بيهي بيهي نيٽ جي لڪڙي ڪيرائي ڀڄي وڃ. مون ائين ڪيو. ڇوڪرا موچڙن هڻڻ لاءِ پٺيان ڊوڙندا هئا ۽ مان گهر ڀڄي ايندو هوس. نانيءَ جي ڳالهاءَ جي ڪري گهر ڪونه ايندا هئا. مان به وري اهڙو هوندو هوس، جي ڪنهن ٿورو به ڌڪ هنيو ته وٺي رڙيون ڪندو هوس ۽ ناني اُتان چوندي هئي: ”ابا ڪنهن ماريئي، صدقي ڪيان، مان اچان ٿي“. اهو ٻڌي ڇوڪرا ڀڄي ويندا هئا. هڪ ٻه ڀيرا ته مان بهانو ڪري هيٺ زمين تي ڪري پيس. پوءِ ته ناني ڏاڍو لُڙ ڪندي هئي، انهن جي گهر ۾ وڃي انهن جي مائٽن سان جهيڙو ڪندي هئي ته ”منهنجي ڇوري ڇني کي نٿا سهو، سڀ ٿا ماريوس“.

مان به ايڏو اچي ضد پيو مان جو صبح جو سوير ئي گهر جي لوڙهي مان ڍنگهريون پٽي وڃي گرائونڊ تي اڇلائيندو هوس. وري شام جو، جي اچي ڏسندا ها ته ڏاڍي ڪاوڙ  ٿيندي هين.

ٻارن جي ائين ويڙهه ويڙهاند ڪري مان هاڻ اڪثر شهر ۾ گذاريندو هوس ۽ مان ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ به پهچي چڪو هوس. پر اسان ٻنهي جي ياري هوندي هئي. هڪ ڀيرو مون کي چيائين ته پئسا ڪيون ته تعويذن جو ڪتاب ٿا وٺون، پوءِ تعويذ ڪرڻ سکنداسين. مان گهر ۾ آيس. ان وقت ڪٻٽ ۾ 10 رپيا پيا هئا، سي مون امڙ ۽ نانيءَ کان چوري ڪري کيسي ۾ وڌا ۽ اچي پنج رپيا هن کي ڏنم ۽ پنج رپيا کڻي شهر ۾ آيس. اتي هڪ رپئي جي پين ورتم، ڪجھه شيءِ ورتم، پنج ئي رپيا ائين کپائي ڇڏيم.

هڪڙي موچيءَ جو دڪان هوندو هو، جيڪو بابي جو دوست هوندو هو، ان جي دڪان تي اچي مان ويهندو هوس، سو ان جي پٽ نانيءَ کي چيو ته ”اڄ اڪبر ڏاڍو خرچ ڪيو آ. پئسا الاءِ جي ڪٿان آندا اٿئين.“ نانيءَ اها ڳالهه اچي امڙ سان ڪئي. امڙ مون کان پڇيو، مون ڪوڙ هڻي بابا جي دوست چاچي الهڏتي جي نالو ٻڌايو ته ان ڏنا آهن. (چاچو الهڏتو اڄ به اسان سان مائٽن وانگيان آهي. بابا جي دوستن مان اهو ئي آهي جو مستقل لاڳاپو رکندو ٿو اچي). امڙ اتفاق سان ڪٻٽ کولي جو ڏسي ته پئسا لڀن ئي ڪونه، اچي ورتائين مون کي موچڙن سان. ان وقت مون سچي ڪئي ته واقعي مون پئسا کنيا آهن. ناني ان وقت ننڊ ۾ هئي.

ڌڪن جو آواز ڪنن تي پيس ته اُٿي آئي. اچڻ شرط امڙ کي ڌڪ هڻي پري ڪيائين. مان ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌو مانس. امڙ مون کي کانڀڻين مان ڇڪي اچي وري موچڙن سان ورتو. مان رڙيون ڪرڻ لڳس. نانيءَ روئي ڏنو ۽ امان کي ٻه ٽي چنبا هڻي مون کي ڇڏايائين. پوءِ ناني مون کي ٻانهن کان وٺي ڪاوڙجي کٽولو کڻي. پراڻي ڇپر هيٺان هلي وئي. امڙ ڪافي ڀيرا آيس آئي گهر هل. پر ناني اصل ڪانه آئي، چئي: ”تون ماءُ ٿورو ئي آهين. ڏانئڻ آهين، ٻچڙي کي اهڙو ماربو آهي ڇا؟“

مون کي پئسا ڏنائين. مان بسڪيٽ وٺي آيس. اڳي جهرڪيءَ جي نموني جا بسڪيٽ هوندا هئا، جيڪي چئن آنن جا کوڙ ملندا هئا. امڙ نانيءَ کي چوندي هئي ته ”تون خراب ٿي ڪرينس. اڄ اها چوري ڪئي اٿس سڀاڻي ٻي چوري ڪندو“. پر نانيءَ اصل ڪونه مڃيو. ان ڏينهن اتفاق سان اسان جي گهر ڪي مهمان آيا، انهن جي ڪري ناني اچي گهر ۾ ويٺي.

امڙ جي اها مار اڄ به مون کي ياد آهي ۽ انهيءَ چوريءَ کان پوءِ مون کي ٻي چوري ياد ڪانهي، جو مون ڪئي هجي. پر مون واري يار جي پيءُ کي جو خبر پئي ته هن اڪبر کي چيو آ ته چوري ڪر، سو همراهه کي کٽولي جي پائي سان ٻڌي ڏاڍي مار ڪڍيائينس ۽ ان مار جو اثر اهو ٿيس جو همراهه پورو هفتو کٽ تي پيو هو ۽ پورا ٻه مهينا اسان پاڻ ۾ ڪونه ڳالهائيندا هئاسين. پر پوءِ وري پرچي ويا هئاسين ۽ اڄ اهو پاڻ پرائمري استاد آهي. جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته چوندو آهيانس: ”يار ڏي خبر“ تڏهن چوندو آ ”يار ننڍپڻ ننڍپڻ هو، هينئر ته رڳو آهن ڳڻتيون“.

جڏهن رات ٿيندي هئي، تڏهن مان ۽ منهنجون ڀينرون نانيءَ کي ڏاڍو ستائيندا هئاسين. ڪاوڙ ڪندي هئي، وري پرچائڻ سان پرچي ويندي هئي. نانيءَ جي وات ۾ هڪڙو به ڏند ڪونه هو. مان اڪثر ڪري پنهنجي آڱر نانيءَ جي ڦد ۾ ڏيئي چوندو هوس ”ناني چڪ هڻ“ ناني منهنجي دل رکڻ ڦد سان زور ڏيندي هئي ۽ مان وٺي ڏاڍا ٽهڪ ڏيندو هوس. سندس چهري تي خوشيءَ جي مرڪ تري ايندي هئي. مان ڏينهن جو ڀڳڙا وٺي ايندو هوس. پوءِ چوندو هوس: ”ناني وات پٽ“ ناني وات پٽيندي هئي، مان ڀڳڙا وات ۾ وجهندو هو مانس. ويچاري نانيءَ کي هجن ڏند ته چٻاڙي. پوءِ چوسي چوسي ڦٽي ڪندي هئي يا ڪڏهن مون کان ٻيا ڀڳڙا وٺي ڪٽي اهي کائيندي هئي. ماني کائڻ وقت گوشت جون ٻوٽيون مون کي پنهنجي ٻوڙ مان ڪڍي ڏيندي هئي. جي هڪ اڌ ٻوٽي وات ۾ وجهندي هئي ته پوءِ ان کي وات ۾ پيئي پنج ڇهه منٽ ڦيرائيندي هئي ۽ پوءِ ڳيت ڏئي ڇڏيندي هئي. ناني ڏندن لاءِ چوندي هئي ته ”ڏند مون اڌ وهيءَ ۾ پاڻ ئي ڀڃي ڇڏيا هئا. ڇو جو ڏندن ۾ سور ڏاڍو پوندو هو ۽ ڪيترا ڀيرا دوا ورتم! پر فائدو ڪونه ٿيو. پوءِ ويهي جنهن ڏند ۾ سور هوندو هو تنهن کي سڄو ڏينهن لوڏي لوڏي ڪڍي ڇڏيندي هيس“. ائين ٻن مهينن ۾ سڀ ڏند ڪڍي ڇڏيا هئائين.

ناني اڪثر ڪري پنهنجي پُٽ، اسان جي مامي لاءِ چوندي هئي ته ”هينئر هجي ها ته جوان هجي ها. اسان کي اهڙي تڪليف ڪانه ٿئي ها“. اسان جو مامو ننڍي هوندي ماتا جي بيماريءَ ۾ مري ويو هو. هيءَ انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن ماتا واري مريض کي ”ٺار ماتا ٺار، هِندن جي ڳايل لولي ڏيندا هئا“ يا ڪنهن هندو مرد يا عورت کي وٺي اچي ان جي زيارت ڪرائيندا هئا، ڇو جو ماڻهن ۾ اهو وهم هوندو هو ته ماتا هڪ ساهه واري واڻياڻي عورت آهي، جيڪا ٿئي ٿي ۽ هندوءَ جي منهن پوڻ سان هلي وڃي ٿي!

جڏهن گاهه جي موسم ٿيندي هئي، تڏهن منجهند جي وقت ۾ اسان ٻنيءَ تان گاهه کڻڻ ويندا هئاسين. پاڙي مان ڪنڀرن کان گڏهه وٺندا هئاسين، نانيءَ کي چوندو هوس: ناني تون چڙهه. پر پاڻ ڪانه چڙهندي هئي. هڪ ڀيري چيومانس: ”ناني ڏس جي ٻئي گڏهه تي چڙهي هلون ته جلد هلي پهچنداسين“. تڏهن چيائين: ”توهان ننڍڙا هوندا هئا، مان گاهه کڻڻ اڪيلي گڏهه ڪاهي ويندي هيس، هڪ ڀيري مان گڏهه تي وڃي رهي هيس ته پريان بس پئي آئي، سو گڏهه وٺي ٽاهه کاڌو ۽ ڀڄڻ لڳو. رستو ڇڏي وڃي ٻٻرن ۾ پيو. ابا ڏاڍا ڪنڊا لڳا ۽ ايڏا ته ڪڏ

ڏنائين جو مان هيٺ ڪري پيس. مئي لغام جو رسو منهنجي هٿ ۾ ويڙهيل هو، سو ابا گڏهه مون کي ڪافي پنڌ تائين گهليندو ويو ۽ منهنجي سڄي پٺي پٿرن لڳڻ ڪري ڦٽجي پئي ۽ مس مس وڃي گڏهه بيٺي، مان اُٿيس پر منهنجي پيرن ۽ هٿن ۾ به ڪافي ڪنڊا لڳا هئا. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مان وري نه گڏهه تي چڙهي آهيان“. جي مان گڏهه تي چڙهندو هوس تڏهن اڪيلو مون کي نه ڇڏيندي هئي، لغام وارو رسو هٿ ۾ هوندو هوس.

هڪ ڀيري زمين تي بٽئي ٿيڻي هئي، نانيءَ ۽ مان گڏجي وياسين. اتي اَن نانيءَ کي گهٽ نظر آيو. ناني ماٺ ڪيو بٽئي ڏسندي رهي. ناني سدائين ڪُڍي اتي انهن هارين کي ڏيندي هئي، پر ان ڏينهن اٿي وڃي جو ڪڍيءَ ۾ هٿ وجهي ته اُن ۾ اَن پيو هجي، نانيءَ چين: ”توهان کي پنهنجو حياءُ ٿئي ها. مان ڪڏهن توهان وٽ لاباري وقت به ڪانه ايندي هئس. جي گهرڻو هجيو ها ته منهن سان گهرو ها“. هاري خاموش ٿي ويا. نانيءَ اڌ ڪڍيءَ جو ورهائي کڻائي آئي.

ٻئي ڏينهن تي اهو ساڳيو هاري آيو، جنهن اچي نانيءَ کان معافي گهري ۽ چيائين ته ”اهو سڄو ڪم منهنجي ڀائٽي جو آهي، مون کي ڪا خبر ڪانهي“. نانيءَ ان کي به چيو ته ”ابا نيت اٿوَ مان ڪنهن جي مَدي ڪانه آهيان، جي بي ايماني ڪندو ته به پاڻ پيا لوڙيندو“.

نانيءَ کي شهر ۾ اڪثر ڪري ”ناني بتين واري“ ماڻهو چوندا هئا. جڏهن شهر ۾ ويندي هئي ته ڪيترائي ماڻهو مذاق ڪري چيڙائيندا هئس. جن کي ناني ڳالهاءُ ڏيندي هئي. هڪ ڀيري نانيءَ شمعدان ۾ تيل پئي وڌو، اهو شمعدان هڪ وڏي ماڻهوءَ جي در تي لڳل هو. ان نانيءَ کي چيو ته ”تون گاسليٽ بتيءَ ۾ ٿورو ٿي وجهين رات جو جلدي وسامي ٿي وڃي“. نانيءَ ڪاوڙ مان چيو: ”ابا! اچي هڻينس، منهن ۾ بتي ڏسي ته ڀريل آ يا خالي“. انهن جو اهو لفظ ٻڌا ته وٺي ٽهڪ ڏنائون ۽ پوءِ ٽيپ رڪارڊ کوليائون ته نانيءَ جو اهو آواز ۾ ڀرجي ويو. ناني وائڙي ٿي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آئي. ٽيپ رڪارڊ کي گهور ڪري ڏسڻ لڳي. هن چيس ته تو اسان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي اسان هيءَ رپورٽ وڃي سيڪريٽريءَ کي ٿا ڪيون. نانيءَ چيس ته ”موڪل اٿوَ“. ان وقت اڃا ٽيپ رڪارڊ عام نه ٿيا هئا.

نانيءَ بابي جي انهن پڳ مٽ يارن سان به ڏاڍي جُٺ ڪندي هئي، جن لاءِ چوندي هئي ته مانيءَ تي ڪريا پيا هوندا هئا. پائڻ لاءِ قميص ڪانه هوندي هين، کائڻ لاءِ اَن ڪونه هوندو هون ته اچي ميسڻا ٿي چوندا هئا: ”ادا بُک ٿا مرون، ڪجھه مدد ڪر“ ۽ هينئر ان جي ٻچن تي رحم جو هٿ به نٿا ڦيرين.

هڪ ڀيري ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ ڪا آڊٽ ٽيم آئي هئي. گاسليٽ کڻڻ لاءِ ناني ويئي ته آڊٽ آفيسر نانيءَ کي چيو ته ”امڙ تون هيترو ٿي ٻڌائين ۽ هت ته وڌيڪ لکيل آهي تنهنجي صحيح به ٿيل آهي“. نانيءَ چيس ته ”سائين مان اڻ پڙهيل آهيان مون کان صحيح وٺندا آهن، پوءِ الاءِ جي ڇا لکندا آهن“. انهيءَ ڳالهه تي سيڪريٽري نانيءَ تي ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍو ڪاوڙيو ته تو ائين ڇو چيو. نانيءَ چيس ته ”بي ايماني توهان ڪريو ۽ قيامت ڪاري وري ڪوڙ ڳالهائي مان ڪيان!“ پوءِ جڏهن به ڪو آفيسر ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ ايندو هو ته سيڪريٽري نانيءَ کي چوندو هو ته ”ٻن ڏينهن جو گاسليٽ کڻي وڃ، سڀاڻي آفيس نه اچجانءِ.“

پاڙي ۾ ٻارن سان رس نه هئڻ ڪري، مان اڪثر وقت شهر ۾ گذاريندو هوس. هڪ استاد سائين محمد يوسف هوندو هو، جنهن جا اکر موتيءَ جي داڻن جهڙا هوندا هئا. اهو پهريون پڙهائيندو هو. پوءِ تعلقي ماستر ٿيو هو. (استادن کي پگهارون ڏيندو هو) تنهن جي اسان ماني ڪندا هئاسين. مون کي پُٽ وانگر ڀائيندو هو ۽ مان پوءِ سڄو وقت سائينءَ وٽ هوندو هوس. سائين نانيءَ کي امڙ ڪري سڏيندو هو.

سائين ڏاڍو حسابن ۽ سنڌيءَ ۾ هوشيار هوندو هو. مون کي ڏاڍو چيائين ته اکر لکڻ سک، پر مان ڪونه سکيس. چوندو هو ته ”سڄي شهر جي ٻارن کي مون اکر لکڻ سيکاريا، پر تون پنهنجو ٿي ڪري، ڪونه سکئين“. سائين پوءِ جلدي رٽائر ڪري ڳوٺ هليو ويو ۽ مان شهر ۾ شام جو والي بال راند ڏسڻ تي وقت وڃائيندو هوس. مون ڇهين درجي انگريزي ۾ داخلا ورتي هئي. ناني ڏاڍو خوش ٿي هئي: ”تون (مئٽرڪ) فائينل ڪري وٺ ۽ روزگار سان لڳ، پوءِ الله سائين ڀلي مون کي ماري“. پر اتفاق اهو ٿيو جو جڏهن مان ستين جماعت ۾ آيس ته جوهي شهر ۾ واپڊا وارن اچي سروي شروع ڪئي. ڳالهه شهر ۾ پکڙجي ويئي. اسان ڏاڍو خوش ٿيندا هياسين، پر ناني ويچاري مايوس ٿي ويندي هئي. مان چوندو هوس ته ”موليٰ جلد بجلي آڻ“ تڏهن چوندي هئي: ”ايترو ٿئي ها، تون (مئٽرڪ) فائينل ڪري وٺين ها، پوءِ بجلي اچي ها! من پنهنجي روزگار جهڙو ٿي پوين ها“.

اسڪول ۾ جڏهن سائين هيڊماستر کي خبر پئي ته مان تمام مسڪين ماڻهو آهيان. تڏهن في ته معاف ڪيائين پر راند جا مهيني ۾ ٻه رپيا هر شاگرد ڏيندو هو، اهي سائين پاڻ ڀريندو هو. ان وقت سائين غلام حيدر سولنگي هيڊماستر هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org