سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:2 

بتين واري ناني

مان جڏهن سمجهه ڀريو ٿيس، تڏهن گهر ۾ بابا ناني کي چوندو هوس. نانو تمام پيرسن هو. ڏاڙهي ۾ اڇا وار چانديءَ وانگيان چمڪندا هئس، نانو مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هو شهر ۾ چوڪيداري ڪندو هو. صبح جو واپسيءَ وقت اڃا گهر جي در وٽ هوندو هو ته رڙ ڪندو هو ”ٻچڙا“. مان اڳ ۾ شيءِ جي لالچ ۾، ڪن کڙا ڪيو ويٺو هوندو هوس. آواز ٻڌڻ شرط، ڊوڙي وڃي ڀاڪر وجهندو هومانس، نانو مون کي ڀاڪر پائي شيءِ ڏيندو هو. ايتري ۾ منهنجيون ٻئي ڀيڻون به ڊوڙنديون اينديون هيون. نانو کيسي مان ٻي شيءِ ڪڍندو هو ۽ اها انهن کي ڏيندو هو، منهنجي لاءِ اڪثر مائو وٺي ايندو هو. نانو چوڪيداري کانپوءِ وري نانيءَ سان گڏ شهر ۾ شمعدانن ۾ گاسليٽ وجهڻ ويندو هو.

مان ان وقت بابا به نانا کي سمجهندو هوس. پر پوءِ ٻنهي ڀيڻن جي واتان ٻڌم ته اسان جو بابا حج تي ويو، اُتي ئي مري ويو. ڪڏهن ڪڏهن امڙ به بابا لاءِ روئيندي هئي، ۽ نانيءَ پرچائيندي چوندي هيس: ”ماٺ ڪر- الله توکي پٽ ڏنو آهي، جيڪو قدرت کي منظور هو، اهو ٿيو. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن“. اهي لفظ ٻڌي مان حيران ٿي ويندو هوس ۽ امڙ کان پڇندو هوس، ”اما بابا ڪيڏانهن ويو آهي“. ”امڙ بابا ڪڏهن ايندو؟“ چوندي هئي ”پُٽ ايندو“. مان ضد ڪري چوندو هومانس ”اما، نه ته مان وٺڻ ويندو مانس.“ اهي لفظ ٻڌي امڙ هارجي ويندي هئي، مون کي ڇاتي ۾ ڪري چوندي هئي ”ٻَچا شل منهنجي حياتي تنهنجي حوالي ٿئي تون شل جيئنءَ“.

نانو گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري بيمار رهڻ لڳو هو. ڊاڪٽرن چيو هو ته هن کي ٽي. بي آهي. گهر ۾ امڙ ۽ نانيءَ پريشان ٿي ويا هئا، ته هاڻي ڇا ٿيندو گهر ۾ اهو سهارو آهي.

نانو روزانو شام جو لٺ کڻي کنگهندو ساهيون پٽيندو ويندو هو، شهر ۾ چوڪي ڏيڻ. ڪيترن ماڻهن- نانيءَ کي چيو ته ”مڙهو، شهر ۾ مئو پيو هوندو. خوامخواهه ماڻهو کلندا. هاڻ نوڪري ڇڏرايوس“. نانيءَ امڙ کي چيو ته ”تون چئينس منهنجو چوڻ ڪونه وٺندو“.

امڙ ناني کي چيو، ”بابا تون تمام ڪمزور ٿي ويو آهين، هاڻي چوڪيداري تي نه وڃ. چاڪ ٿي پوءِ وڃجانءِ“. ان وقت شام جو وقت هو. ناني اهي لفظ ٻڌا ۽ شروع ٿي ويو نانيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ. ”اها ٿي چئي ته مڙهو، پوڙهو ٿيو آهي. مري ويندو، ماڻهو کلندا، رن کي اها خبر ڪانهي ته ٻچا ڪٿان کائيندا“، نانو گهٽ وڌ لفظ نانيءَ کي چوندو لٺ کڻي کنگهندو روانو ٿي ويو هو، چوڪيداريءَ تي.

پوءِ نانيءَ سوچيو ته هاڻي ائين مڃيندو ڪونه، سو شهر ۾ دڪاندارن کي چيائين ته ”هاڻ پوڙهو سخت بيمار ٿي پيو آهي. توهان چئوس ته جيسين ٺيڪ ٺاڪ ٿئي، تيسين اسان ٻيو چوڪيدار رکون ٿا“.

هڪ ڏينهن صبح جو نانو وات هڻندو آيو، مان ڊوڙي ويو مانس کيسي مان شيءِ ڪڍي ڏنائين. اکين ۾ ڳوڙها هوس، نانيءَ کي ڏاڍا ڳالهاءَ ٿي ڏنائين. چئي ”هاڻ ٻچا ڪٿان کائيندا. هيءَ دڪاندارن کي چئي آئي آهي ته جواب ڏيوس“.

نانو جيئن نوڪري کان موٽي آيو ته اچي کٽ تي پيو. اُتي ئي ماني يا پاڻي پياريندا هئس. اسان ٽيئي ڄڻا (ٻه ڀيڻون ۽ مان) ناني کي زور ڏيندا هئاسين. ان وقت نانو آسمان ۾ اکيون کپائي چوندو هو ”جي ڪجھه وقت مهلت ڏين ها ته ڇا ٿئي ها؟“ اهي لفظ ٻڌي منهنجون ڀيڻون روئينديون هيون ۽ مان به انهن سان گڏ روئيندو هئس، پوءِ نانو پيار ڪري چوندو هو ”ٻچا چئو پنهنجي قسمت کي“.

سانوڻي جي موسم هئي، بارش تمام تيز پئجي رهي هئي، رات جو وقت هو، نانو سڪرات ۾ هو. ان وقت لڇ لڇان هئس، سامت ۾ آيو ٿي ته چيائين ٿي- ”مون کي ٻاهر ڪڍو“. جڏهن ٻاهر مينهن بند ٿئي پيو ته امڙ ۽ هڪ مائٽ حاجي ناني کي ٻاهر ڪڍي اڱڻ ۾ پي آيا، وري جڏهن مينهن تيز ٿيو پئي ته ناني کي اندر وٺي پئي آيا، ائين سڄي رات نانو لڇندو رهيو.

صبح جو کوڙ ساريون مايون اسان جي گهر ۾ گڏ ٿي ويون هيون. مان انهن آيل ٻارن سان راند کيڏڻ لڳو هوس ته مون کي وڏي ڀيڻ وٺڻ آئي. امڙ ڀنل اکين سان چيو ”ابا ناني کي ڀاڪر پاءِ!“ مون ناني کي ڀاڪر پاتو، ناني جي اکين مان لڙڪ نار وانگي وهڻ لڳا. هڪ پوڙهي مائي چيس ”ادا جمعا! ٻچن جي پارت ڪنهن کي ٿو ڏين.“ تڏهن اکين کي کولي، سڀني ڏانهن ڏسي، هٿ مٿي آسمان ڏانهن ڪيائين. پوءِ نانيءَ جون ڪيهون پئجيون ويون. مان به انهن کي ڏسي روئڻ لڳي ويس ۽ خبر پئي ته نانو اڄ اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو!

پوءِ مسلسل ٽي چار ڏينهن اسان جي گهر مايون اينديون رهيون ۽ اسان هيٺ تڏي تي سمهندا هئاسين. مون کي ان وقت مزو لڳندو هو، جڏهن اسان جي گهر ۾ ڪا نئين عورت ايندي هئي ته امڙ ۽ نانِي ڏاڍيان روئينديون هيون ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ويهي انهن سان نانَي جون ڳالهيون ڪنديون هيون، جيڪي اڃا به ڪجھه ڪجھه مون کي ذهن تي آهن. پر هڪڙي ڳالهه ته اسان جي گهر ۾ ڪو مرد ماڻهو ڪونه هو، ان ڪري مردن جو تڏو اسان جي هڪ اڌ پري جي مائٽ ڪيو، جيڪي ڏينهن جو ويهندا هئا. مردن ۾ تڏي تي ناني جون ڳالهيون ڪري ٽهڪ ڏيندا هئا.

ڳالهه- 1: نانو هڪ ڀيري چؤنڪي ڏيندي سمهي پيو هو، مٿان پوليس پئٽرول تي آئي، انهن ڏٺو ته چوڪيدار ستو پيو آهي، سو هڪ سپاهي چيو ته هن جي لٺ لڪائي کڻي ٿاڻي تي هلجي. سو جيئن سپاهي ڀرسان آيو ته ان وقت نانو ننڊ ۾ هو، سو سپاهي کي ڪو جانور سمجهي ننڊ جي خمار ۾ ٺڪاءِ ڪرايائينس ڏنڊو. ٻيا سپاهي ناني کي ڦري آيا. ناني چيو ته ”مون سمجهيو چور آهن. ان لاءِ مان ڇپ هڻي ويهي رهيو هوس، سوچيم ته اڳتي مٽين يا ڪجھه ڪن ته دانهون ڪري پڪڙايان“. پر اهو سڀ ڪجھه ناني ائين چيو هو، اصل ۾ هو ننڊ پئجي ويو هو.

ڳالهه- 2: هڪ ٺڳ فقير ناني کي ڪوڙا ڏٽا ڏيئي ناني کان اجرڪ ورتي. فقير اڃا سڏ پنڌ جو ڪونه ڪيو ته ناني کي خيال آيو ته مار اجرڪ ته دغا ڪري ڦري ويو، سو اتان وٺي ڀڳو، ۽ ٻن ميلن تي وڃي ان ٺڳ کي پڪڙيائين ۽ پنهنجي اجرڪ وٺي آيو.

ڳالهه- 3: هڪ دڪاندار ناني کي چؤنڪي جا پئسا ڪونه ڏيندو هو، ناني شهر جي ٻين دڪاندارن کي چيو، پر هو دڪان وارو صفا ٺڪر هو. هڪ ڏينهن ناني رات جو هڪ ڪتو آڻي ان جي دڪان (جنهن جو دخل روڊ کان مٿي تختي جو ٺهيل هو)، تي ٻڌي ڇڏيو، سڄي رات ڪتي اتي هڻي ڪِن ڪري ڇڏيو، صبح جو نانو گهر هليو آيو، دڪاندار اچي ته سڄو ٻاهريون اڱڻ ڪِن لڳو پيو آهي. ٻين دڪاندارن کي چيائين، جن چيس ته ”يار پئسا ڏين ڪونه، باقي چوڪيدار جو ڇا وڃي.“ همراهه ڳالهه سمجهي ويو. ان وقت پنج ڇهه رپيا ڀنگي کي ڏيئي دڪان صاف ڪرايائين ۽ گهر ويٺي اچي ناني کي چؤنڪي داري جا پئسا ڏيئي ويو. ٻيا به ڪيترائي قصا مون ٻڌا هئا، جيڪي هن وقت ذهن تي ڪونهن.

نانو ڇا گذاري ويو هو، ڄڻ ته گهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هو. امڙ روئي چوندي هئي، ”منهنجا موليٰ اڪن جي پيءُ کي ته پنهنجو ڪيئي، پر بابي کي به وٺي وئين.“ نانيءَ دلداري ڏيندي هيس. ناني کان پوءِ اسان جو ابو ۽ نانو نانيءَ هئي. نانيءَ ويچاري جهور عمر ۾ سڀني ڏکن کي کڻي اکين تي رکيو هو. صبح جو اٽڪل چئين پنجين بجي ڌاري ڏاڪڻ کڻي وڃي شهر جا شمعدان وسائي ايندي هئي ۽ پوءِ وري صبح جو وڃي انهن ۾ گاسليٽ وجهي ايندي هئي، ۽ شام جو ڏاڪڻ کڻي وڃي اهي ٻاري ايندي هئي. اتان ان وقت نانيءَ کي 60 رپيا ملندا هئا، جن مان گهر جو خرچ هلائيندي هئي. ان کان سواءِ ڪجھه مينهون هونديون هيون، جن جي کير تي اسان جو گذر سفر هلندو هو. مينهون اسان جو هڪ مائٽ رمضان چاريندو هو. جنهن کي ان وقت 20 رپيا پگهار ڏيندا هئاسين. ان کي عام طور گورنر جي نالي سان سڏيندا هئا، پر قسمت جي اچي اهڙي ڪا ڦٽي، جو اهو ويچارو به ڪُک جي سور پوڻ ڪري گذاري ويو.

پٺيان مينهون ڪجھه بيماري ۾ مري ويون، ڪجھه کپائي ڇڏيونسين. باقي وڃي ٻه ٽي بچيون. مينهن جي ڪري نانيءَ جي ننڊ رات جو حرام هوندي هئي، اڌ رات جو ڪتن جي باهوڙ ٿيندي هئي ته اُٿندي هئي، وڏي واڪي الله کي سڏ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو جو رات جو ڪي چور اسان جي گهر جي ٻاهران رستي تان ويا پئي، ناني ”الله“ ڏاڍيان چيو، انهن کي ڪو چرچو سُجهي آيو، ناني کي پٿر اڇلائي هنيايون. ناني وٺي چور چور ڪئي ۽ سڄو پاڙو کڻي ڪٺو ڪيائين.

هڪ ڀيري رات جو جهڙ هو، تارا نظر ڪونه پئي آيا، نانيءَ سمجهيو ته صبح ٿيڻ وارو آهي. سو ڏاڪڻ کڻي ويئي شهر ۾ شمعدان وسائڻ. ان وقت پوليس پئٽرول تي هئي، نانيءَ کي چيائون ”امڙ توکي ته مرد هئڻ کپي ها“. هينئر ٻه پيا ٿين، تون آئي آهين شمعدان وسائڻ. ناني چين ”ابا- جهڙ هو. مون کي ڪهڙي خبر.“ ان رات شمعدان وسائيندي هڪ هنڌ پهتي ته ٽي چور ڏٺائين. پر دانهن ڪانه ڪيائين، چور به سڃاڻي ويا ته فانوسن ٻارڻ واري پوڙهي آهي. سو ڀرسان اچي چيائونس ”امڙ اسان تنهنجا مدا ڪونه آهيون توکي پٿر اسان مذاق ۾ هنيو هو. تو ته اسان جو ساهه ڪڍي ڇڏيو هو.“ نانيءَ چين ابا الله سائين سڀ ڪنهن کي ڏسي ٿو.

هڪ ڀيري اسان صبح جو سياري جي موسم هئي، باهه تي ويٺا هئاسين. مان باهه ۾ ننڍڙيون ڪاٺيون وجهي، انهن کي کڻي ڀيڻين کي ڊيڄاري رهيو هوس. امڙ کير ولوڙي رهي هئي ته ٻاهران رڙ ٿي ”امان- مان مري ويس!“ اسان ٻاهر ڀڄندا وياسين نانيءَ سڄي رت ۾ لت پت هئي، هڪ ساڄي ٻانهن سڄي ڀڳي پئي هيس. اسان ٻارن ته وٺي رڙيون ڪيون، امڙ اچي نانيءَ کي کٽ تي ويهاريو، ۽ ڀرسان هڪ ڪنڀر رهندو هو، جيڪو ڀڳل عضون ٺاهڻ جو ڏاڍو ڄاڻو هوندو هو، تنهن کي وٺي آياسين. جنهن ڏسي چيو ”مار! سڄي ٻانهن ڀڳي پيئي آهي، ڇا کي ڳنڍجي“. تنهن هڏين کي ملائي پٽو چاڙهيائين. پٽي چاڙهڻ کان پوءِ امڙ ڊاڪٽر کي وٺي آئي جنهن اچي سور جون سُيون هنيون. نانيءَ سُين کان پوءِ ٻڌايو ته شهر ۾ شمعدان وسائيندي، جڏهن گهٽيءَ ۾ سميع الله جي گهر جي هيٺان شمعدان کي وسائي رهي هئي ته مٿان ڪاٺ جي ڪٽهڙي تي، جيڪو ڇت تي لڳل هو، انهيءَ تي مائيءَ ڪو رلي اڇلائي سڪائڻ لاءِ وڌي. ڪاٺ ڪو پراڻو هو، سو رليءَ سوڌو هيٺ هليو آيو. نانيءَ ان وقت شمعدان مان بتي ڪڍي وري ان ۾ رکي رهي هئي ته اچي مٿان ڪٽهڙي ڦهڪو ڪيو ۽ ناني ڏاڪڻ سميت اچي هيٺ فرش تي ڪري ۽ بيهوش ٿي ويئي. ڪيتري وقت تائين اتي پئي رهي گهر ڌڻين مان ڪوبه ٻاهر نه آيو. پوءِ ڪنهن اسان جي پاڙي واري جي نانيءَ تي نظر پئجي وئي، جيڪو نانيءَ کي اٿاري هوش ۾ آڻي گهر وٺي آيو هو. ڪيترن ماڻهن نانيءَ کي چيو ته فرياد ڪر. پر نانيءَ چيو ته ”مون غريب جي نيت اٿن“.

نانيءَ جي ٻانهن ڀڄڻ کان پوءِ. امڙ بالٽي ۽ ڏاڪڻ ڪلهي تي کنئي. نانيءَ به گڏجي ويندي هئس.

نانيءَ گاسليٽ ٽائون ڪاميٽيءَ مان کڻڻ ويندي هئي. مان به نانيءَ سان شهر گڏجي ويندو هوس. شهر جا اڪثر ماڻهو نانيءَ جي ڪري مون سان مذاق ڪندا هئا. مان گهٽ وڌ لفظ ڳالهائيندو هو مان، نانيءَ ويچاري چوندي هين ”ابا ڇڏيو ٻچڙي کي“. منهنجي خاص چيڙ هوندي هئي اها، جو عمر لوهر مون کي ڏسي مذاق ۾ کنگهندو هو ۽ مان پٿر چٽيندو هومانس. ٻيو هاشم ٿاڌل وارو، جيڪو ڏسي چوندو هو ”آيو آهين، بيهه ته سهي“. پوءِ گهٽ وڌ ڳالهائيندي نانيءَ جي پاسي ۾ لڪي ويندو هوس. شهر ۾ ڪوبه دڪاندار نانيءَ کي فروٽ کان ڪونه جهليندو هو. ان لاءِ مون کي ڪافي فروٽ کڻي ڏيندي هئي ۽ مان کائيندو هوس، پر مان ڪلفي ڏاڍي کائيندو هوس.

جڏهن مان وڏو ٿيس، تڏهن خبر پئي ته منهنجو والد جڏهن مان ڄائو هوس ته ڇهين ڏينهن منهنجي سنت (طهر) ڪرائي پاڻ حج تي هليو ويو هو. حج تي وڃڻ وقت به جوهي جا همراهه به گڏ هئس، جنهن لاءِ نانيءَ چوندي هئي ته انهن اُتي دشمني ڪري بابي کي ماري ڇڏيو هو ۽ نانيءَ وارن کي ڪو اطلاع ڪونه ڏنائون. جڏهن موٽي آيا ته نانيءَ وارا پُڇڻ وين ته ابتا سبتا جواب ڏيڻ لڳا.

ٻار پنهنجي پيءُ کي بابا چوندا هئا، تڏهن منهنجي دل ڀرجي ايندي هئي ۽ گهر ۾ اچي روئندو هوس ۽ منهن مٿي ڪري، ٻئي هٿ به مٿي ڪري چوندو هوس ”الله سائين منهنجي بابا کي آڻ مان مٺائي ورهائيندس“. پر بابا هجي ها زندهه ته اچي ها. جڏهن ناني مون کي روئندو ڏسندي هئي ته ڏاڍو دکي ٿيندي هئي ”منهنجا موليٰ- هنن معصومن ڪهڙو گناهه ڪيو جي پيءُ به وين ته نانو به“. نانيءَ جون اکيون ڀرجي اينديون هيون. مون کان منهن ٻئي پاسي ڪري ڳوڙها رئي جي پلوَ سان اگهي ڇڏيندي هئي ۽ مون کي وٺي هلي دڪان تان ڪا شيءِ وٺي ڏيندي هئي.

نانيءَ جي ٻانهن ٺهي وئي هئي، پر ڳنڍ ڪري وئي هئي، ان ڪري وزن ڪانه کڻي سگهندي هئي. پوءِ به صبح جو شمعدان وسائڻ پاڻ ويندي هئي. مان هاڻ جيئن ڪا ننڍڙي ڇيلي يا ڪو ڌاريل جانور مالڪ جي پٺيان لڳو وتندو آهي. تيئن مان به هر هنڌ نانيءَ سان گڏ هوندو هوس. ناني ويچاري پئي ساهه مون تي صدقو ڪندي هئي. اسان جي ڳوٺ جي ٻاهران الهداد فقير جو ميلو لڳندو آهي. مان چوندو هوس ”ناني، ميلي تي هلون“ ويچاري اسان ٽنهي ٻارن کي وٺي ويندي هئي، چوڏيل- ڦرڻيون گهمائي، شمعدان ٻارڻ جي وقت کان اڳ ۾ گهر وٺي ايندي هئي. ٻه ميل پنڌ ڪري اچڻ کان پوءِ ڏاڪڻ کڻي ويندي هئي، شهر ۾ شمعدان ٻارڻ.

هڪ ڀيري ڇا ٿيو، نانيءَ وٽ پئسا ڪونه هئا. مون چيو ته ”ناني، ڪلفي وٺي ڏي“ نانيءَ چيو ته ڪميٽيءَ (ٽائون ڪاميٽي) مان گاسليٽ کڻي پوءِ توکي ڪلفي وٺي ڏيندس. مان ڪاوڙجي پيس. اتي سيڪريٽريءَ کي چيم ته. ”اسان جي گهر ۾ کوڙ سارو گاسليٽ آهي“. سيڪريٽريءَ نانيءَ کي چيو ته ”امان هي ڇا ٿو چئي“ نانيءَ چيو ته ”ابا چئينس ته هلي ڏيکارئي“ سيڪريٽري مون کي چيو ته ”هلي ڏيکار ڪٿي آهي“، تڏهن مون چيو ”سائين نانيءَ ڪلفي وٺي نه ڏني آهي، تڏهن مون چيو آهي“. پوءِ سيڪريٽريءَ مون کي چار آنا ڪڍي ڏنا، جن جون مون ٻه ڪلفيون ورتيون. نانيءَ ٻاهر چيو ”ابا شابس اٿئي! جي هجي ها ڪو خراب آفيسر ته نوڪريءَ مان ڪڍرائين ها. وري به بک توهان ئي مرو ها“. پوءِ هيٺيون پهاڪو ڏيئي ٻڌايائين ”هڪ ماڻهو انڌو هو، جنهن پوٽي کي ورتو هٿ مان ۽ ڏهٽي کي کنيائين ڪلهي تي- اڳيان کڏ هئي، پوٽي چيو ته ڏاڏا کڏ اٿئي، پر ڏوهٽي چيو ته نانا! کڏ ڪانه اٿئي“. انهيءَ وقت ته اهو پهاڪو ائين ئي لڳو، پر اڄ جڏهن انهن لفظن تي سوچيندو آهيان ته لڙڪ اکين مان لڙي پوندا آهن.

اسان وٽ باقي چار مينهون کن هيون، جيڪي 10 بجي کان پوءِ نانيءَ ۽ مان جهنگ ۾ چارڻ ڪاهي ويندا هئاسين. ٿورو مينهن کي چڪر ڏيارائي پوءِ اچي پاڻيءَ جي شاخ ۾ ويهاريندا هئاسين. اُتي پاسي جا ٻيا به ميهار اچي ويهندا هئا، جيڪي سڀ نانيءَ کي ”ناني“ ڪري چوندا هئا. ٻيو ته نانيءَ جي ڪري ڪو S.D.O يا سرويئر (اوورسيئر) ايندو هو ته نانيءَ کي ڏسي چوندو هو ”امڙ توکي ڇا چئون سڄي شاخ بند لڳي پئي آهي“. ناني چوندي هئي ابا مال آ گگدام دعائون ڏيندوَ.

ڇوڪرا اچي نانيءَ کي پٽائيندا هئا ته ناني پوڙهي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، پر هجي سچي ڳالهه، نانيءَ جون هيٺيون ڳالهيون مون کي اڄ به ياد آهن، جيڪي هنن کي ٻڌائيندي هئي.

ڳالهه- 1: نانيءَ پيءُ جي دادلي هوندي هئي. اڳئين وقت ۾ ڪنهن پير جي زيارت تي جي ويندا هئا ته اُٺ ڪري ٽي چار ماڻهو ٿي پوءِ ويندا هئا. هڪ ڀيري ناني به پنهنجي پيءُ سان گڏ هڪ اولياءَ جي زيارت تي ويئي هئي. ان وقت ڪافي پاڙي جون ٻيون مايون به هيون. ڏهه اُٺ ڪري ويا هئا، اتي شام ٿي. مايون ڪنڌ هڻڻ لڳيون. هڪ مائيءَ لاءِ ناني ٻڌايو ته ان کي فقير چيو ته ”ٻانگ ڏي“ ته ڪرڻ لڳي ”ڪڪڙوڪو“ ۽ فقير ٻه ٽي تلهڙون جو هنيس ته چيائين ”سائين مون بس ڪئي، مان وري ڪونه اينديس“. ۽ پوءِ ناني سڄي رات انهن ڪنڌ وارين ماين تي ٽوڪون ڪندي رهي، جنهن تي ڪافي مايون چڙي پيس ۽ ڪن شام جو وري ڪنڌ هڻڻ وقت چيو ته اسين هن مائيءَ جو ڪنڌ ڀڃنداسون. (انهن مان هڪ مائي اڄ به زنده آهي، جنهن کي مون هڪ ڀيري چيو هو، جنهن پوءِ نانيءَ سان جهيڙو ڪيو هو).

ڳالهه- 2: اڳئين دور ۾ جهنگ تمام گهڻا هوندا هئا ۽ سوئر ڏاڍا هوندا هئا. ٻنين جون ٻنيون کائي چٽ ڪري ڇڏيندا هئا. نانيءَ اهي سوئر ڪونه ڏٺا هئا. نانيءَ اڪثر هارين کان پُچندي هئي ته سوئر ڪهڙي رنگ جا ٿيندا آهن. هڪ ڀيري ناني جوئر جي ڪانن مان پن روڙي رهي هئي. هڪ موڙي ڪري ٻڌي اها ڪلر واري صاف جاءِ ڏانهن اڇلايائين. ان جاءِ جي ڀرسان ڪنڊيءَ جو وڻ هو ۽ وري جوئر هئي. نانيءَ جيئن پنن جي موڙي گڏ ڪري رکڻ لاءِ اڇلائي ته اڇلائڻ سان اتان رڙ ٿي ۽ رڙ سان گڏ ناني به وڃي زمين تي ڪري ۽ سوئر اتان اٿي ڀڳو ۽ هليو ويو. نانيءَ گاهه اتي ڦٽو ڪري سڌو اچي گهر ساهه پٽيو.

ڳالهه- 3: هڪ ڀيري سياري جي رات جو ناني لالٽين کڻي مينهون ڏسڻ وئي. اُتي لالٽين جي روشنيءَ جي ڪري مينهن جو پاڇو ڀت تي هو. ناني ڊڄي ويئي، سمجهيائين ته ڪو جن آهي. سو ڏاڍا ڪلما پڙهيائين، پر پاڇو هٽي ئي نه. ان وقت ڏهڻ لاءِ نانيءَ کي مال ڪڍڻو ڪونه هو، ڇو ته رات اڃا وڏي هئي. پر نانيءَ سوچيو ته جي ڪنهن کي ٻڌائيندس ته کلون ڪندا. سو اهو سوچي کڻي مينهن جو رسو ڪلي مان ڪڍيائين. مينهن ٻاهر نڪري آئي ۽ بتيءَ جي روشنيءَ جو پاڇو پوڻ لڳو نانيءَ تي ۽ وري نانيءَ جهڙي مائي بيٺي هجي ڀت وٽ. اهو لقاءُ ڏسي ڊڄي وئي، پر اوچتو هٿ مٿي ڪري رئي کي ٺاهيائين ته ڀت تي به ائين ٿيو ۽ نانيءَ جي نظر وڃي پئي بتيءَ تي تڏهن سمجهي وئي ته سڄو ڪرشمو لالٽين جو آهي!

ڳالهه- 4: ناني ٻڌائيندي هئي ته هڪ دفعي راڻيپور جي پيرن وٽ بابا سان گڏ نانيءَ به وئي هئي. واپسيءَ وقت سکر ۾ ڪو بابا کي دوست ملي ويو، جنهن بابا کي رهايو. اتي بابا کي زوريءَ فلم ڏسڻ لاءِ تيار ڪيائون ۽ نانيءَ کي به چيائون ته ”امڙ تون به هلي فلم ڏس“. سو جڏهن ناني سئنيما هال ۾ ويٺي ۽ فلم چالو ٿي ته اچي ٿو نانيءَ جو مٿو ڦري، اتي ئي کڻي الٽي ڪيائين. اڌ ۾ فلم ڇڏي سڀ واپس موٽي آيا، ان لاءِ چوندي هئي ته ”ابا مئي ڪل جو هلي ته جيئرا جاڳندا ماڻهو وتن ڀت تي هلندا، سو مٿو نه ڦرندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟“

اهي ڳالهيون ٻڌي ٻار، وڏا ميهار وٺي ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ سڀئي کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئا.

گهر ۾ ناني ۽ امڙ مون کي وڌيڪ ڀائيندا هئا، مان ننڍڙي لاڪر ڏاڍو شرارتي به هوندو هوس. خاص طرح منهنجي وچين ڀيڻ مون سان وڙهندي هئي. اڳرائي مان ڪندو هوس ۽ جلديءَ ۾ روئي به ڏيندو هوس ۽ موچڙن جو وسڪارو وري منهنجي ڀيڻ تي ٿيندو هو. خاص طرح سان اسان جو جهيڙو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن گهر ۾ ڪو ڪپڙو کپائڻ کڻي ايندو هو ته پوءِ مان به اهو ڪپڙو پسند ڪندو هوس. جيڪو منهنجي ڀيڻ پسند ڪندي هئي. مان اهو ڪپڙو پائيندو ته ڪونه هوس، پر ريس جي ڪري وٺندو ضرور هوس، جي ڪو چوڙيون کڻي ايندو هو ۽ منهنجي ڀيڻ کي امڙ وارا ڪو چوڙين جو درجن وٺي ڏيندا هئا ته اُهي ڦُري ويندو هوس، يا ٻانهن ۾ پيل هونديون هيون ته ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هڪ ڀيري مون ان جون ڪاون جون چوڙيون کڻي کوڙ ساريون ڀڃي ڇڏيون. ان مون تي چوڙين جي ڪاوڙ مان پڪي سِر کنئي، مون به ان ۾ وڃي ٻئي هٿ وڌا. پوءِ هوءَ ڇڪي پاڻ ڏانهن مان ڇڪيان پاڻ ڏانهن، منهنجي ڀيڻ جي هٿ مان سِر ڇڏائجي ويئي. مان به سر کي کڻي نه سگهيس، سر اچي منهنجي پير تي ڪِري. منهنجو ساڄي پير جو آڱوٺو سڄو چپجي ويو. مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون. امان وارا ان وقت گاهه تي ويل هئا، منهنجي وڏي ڀيڻ ڊڪندي آئي ۽ اچي پير تي گاسليٽ هاريائين ۽ اڳڙي ٻڌائين،

امان گاهه ڪري موٽي آئي ته به منهنجو روئڻ چالو هو. جڏهن امڙ منهنجي ڀيڻ کي ٺاهوڪي مار ڏني، تڏهن مون روئڻ بند ڪيو. نانيءَ جڏهن شهر مان واپس آئي ته مون روئي ڏنو، نانيءَ وري امان کي ڳالهائڻ لڳي ته تون هن کي پاڻ سان وٺي وڃي ها. پوءِ مون کي نانيءَ ڊاڪٽر وٽ وٺي هلي، جتان پٽي ڪرائي شيءِ وٺي گهر آيو هوس نانيءَ سان گڏ.

ننڍي هوندي، مان استادن کان ڏاڍو ڊڄندو هوس. جڏهن نانيءَ چوندي هئي ته ”پُٽ اسڪول ۾ پڙهه“ تڏهن مان چوندو هوس ته ”مان ڪونه پڙهندس“ ۽ جي گهڻو تنگ ڪندي هئي ته چوندو هوس ته ”جي مون کي اسڪول وٺي ويندو ته مان کوهه ۾ ٽپو ڏيندس“. اهي لفظ ٻڌي ناني ويچاري مون کي ڀاڪر پائي چوندي هئي ”ٻچا شل منهنجي عمر به توکي خدا ڏي ائين نه چئو. تون ڀلي اسڪول نه وڃ“.

اسان جي گهر جي ڀرسان سائين ڪامل خان وارن جو گهر آهي. (هينئر ته سائين گذاري ويو آهي)، جيڪو بابي سان ڀائرن وانگيان هوندو هو ۽ وري هو اسڪولن جي مٿان سپروائيزر، سو نانيءَ سان روز جهيڙو ڪندو هو ته ”تون ڇوڪري کي گهڻو داد ڏيئي، خراب ٿي ڪرينس ۽ اسڪول موڪلينس نه ته رُلي ويندو“. نانيءَ چوندي هئي ادا اکين آڏو هڪڙو آهي، نٿو پڙهي اسان ڇا ڪيونس، ڪڏهن ڪڏهن نانيءَ ۽ سائين ڪامل خان منهنجي ڪري پري وڃي پوندا هئا.

مان جڏهن به سائين کي ڏسندو هوس ته رستو ڇڏي ڏيندو هوس.

منهنجون ٻئي ڀينرون قرآن شريف پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ وينديون هيون ۽ اهي ڪڏهن مسجد مان گسائينديون هيون ته امڙ موچڙا به هڻندي هين ۽ دَکيءَ ۾ ڇيڻن جو دونهون ڪري، منهن وٽ جهليندي هئن، جنهن ڪري توبهون ڪنديون هيون ته اسان سڀاڻي مسجد وينديونسين. مون کي به نانيءَ چيو پُٽ جي اسڪول نٿو وڃين ته ڀلا مسجد ۾ قرآن شريف پڙهه. هڪ ڏينهن مون کي نانيءَ مسجد ۾ وٺي وئي، اتي حافظ سڳورو اکين کان نابين هو، تنهن کي نانيءَ چيو ته ”سائين مئي جي نشاني آهي، دعا ڪرينس ۽ قرآن شريف پڙهائينس“، نانيءَ مون کي حافظ صاحب وٽ ڇڏي آئي. مان پٽيءَ تي لکيل الف- ب پڪي ڪري رهيو هوس ته ان وقت هڪ ڇوڪري جو سبق ڪچو ٿي پيو. حافظ صاحب اچي ان کي کجيءَ جي لٺ سان ورتو. مان پٽي اُتي ڦٽي ڪري گهر ڀڄي آيس. پٽي پوءِ منهنجون ڀيڻيون کڻي آيون. مان مسجد ۾ پوءِ پڙهڻ ڪڏهن ويندو هوس ڪڏهن به نه، ۽ آهستي آهستي مسجد ۾ وڃڻ گهٽائي ڇڏيم، وري نانيءَ ويچاري منٿون ڪرڻ لڳي. هڪڙي ڏينهن وري مون کي حافظ صاحب وٽ وٺي هلي. ان نانيءَ کي چيو ته ”هي ڪوڙو آهي، مان هن کي ڪونه پڙهائيندس، دادلو ٻار آهي، ان ڪري ڪونه پڙهندو“، نانيءَ گهڻيون منٿون ڪيس، مس مس وڃي حافظ صاحب راضي ٿيو. مان مسجد ۾ روز وڃڻ لڳو هوس، هڪ ڏينهن منهنجو سبق ڪچو ٿي پيو، سائين ڀر ڪري کجيءَ جي سونٽي مون کي هنئي، مان ڀڄي آيس. ان ڏينهن کان وٺي وري ان حافظ وٽ نه ويس.

مون کي پيٽ ۾ سور پوڻ لڳو هو، جنهن جي لاءِ ڳوٺ جا سڀ ڊاڪٽر ڏٺاسين، پر فائدو ڪونه ٿيو. پوءِ نانيءَ بابا جي دوست ”چاچا الهڏتي“ کي پئسا ڏنا، جيڪو مون کي حيدرآباد وٺي آيو هو. ان وقت ڪوٽڙيءَ واري پل تي ٽيڪس ماڻهن کان به وٺندا هئا، اسان ڪوٽڙي واري اسٽينڊ تي حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ اچي لٿاسين، اسان کي ڊاڪٽر عباسي جي اسپتال ڏٺل ڪانه هئي. هڪ رڪشا واري کي چيوسين، جنهن اسان کي ڦيرائي گهيرائي اچي اسپتال وٽ لاٿو. اتي ان وقت ڊاڪٽر عباسي ويٺو هو. تمام وڏي عمر جو هو. مون کي ڏسي چيائين ته فوٽو
 

نڪرندو، ايڪسري مشين جي مٿان جنهن وقت مون کي سمهاريائون ته منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. ان وقت عباسي صاحب جو پٽ به ڊاڪٽري پاس ڪري آيو هو. ان ڪري چيڪ ٻنهي ٿي ڪيو. مون کان ڊاڪٽر عباسي صاحب پڇيو ته پٽ تون پڙهندو آهين؟ مون ڪنڌ سان نهڪر ڪئي. صفا ڪاوڙجي ويو چيائين ”هيڏو سارو ٿيو آهين- پڙهين ڪونه ٿو. ڏس منهنجو پٽ پڙهيو آهي ته ڊاڪٽر لڳو پيو آهي. تون پڙهندين ته ڪامياب ويندين“. عباسي صاحب ڪلاڪ کن مون کي ليڪچر ڏيندو رهيو. هر هر پئي چيائين ته علم انسان لاءِ ضروري آهي. پڙهندين ته سٺو ٿيندئي. اسان ڊاڪٽر وٽان نڪري ٿورو پنڌ ڪري رسالا روڊ وٽ پهتاسين، اتان رڪشا تي چڙهي راڻي باغ گهمڻ آياسين. ان وقت راڻي باغ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. هاڻ جهڙا حال ڪونه هئس، پر اوج تي هو. ڪيترائي جانور هئس. راڻي باغ ڏسي اسان ڪوٽڙي اسٽيشن تي آيا هئاسين. اتان رات جو هڪ بجي ريل هلي هئي، جنهن اچي صبح جو اسان کي دادو ڇڏيو هو. مان چاچا سان گڏ جوهي واري بس ۾ چڙهي شهر ۾ آيس ۽ گهر جي در وٽ ئي هوس ته پري کان ناني ڊڪندي آئي ۽ اچي چمين سان ورتائين، مان خاموش ٿيو بيٺو رهيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org