سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: بتين واري ناني ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:10 

گلڙن جهڙا گهاءَ


 

انتساب

              پنهنجي دوست ”سانول ٿهيم (شريف) جي نالي

      اڪبر جسڪاڻي

وقت ۽ وير 

رات جا اٽڪل 12 ٿيا هئا، سڄي وايو منڊل ۾ ڏاڍو سناٽو ڇانيل هو، انور ڪتاب پڙهي رهيو هو. ڪتاب پڙهندي هن جي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا، جيڪي ڪتاب جي صفحن ۾ جذب ٿي ويا. ماءُ ۽ پيءُ ڏانهن ڏسي، هو ندامت محسوس ڪرڻ لڳو، ۽ سوچن جي وير ذهن ۾ تري آيس. هن پنهنجا ٻه سال ڪيئن نه گهمڻ ڦِرڻ ۾ وڃائي ڇڏيا. هينئر هو نئين سر امتحان جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هن جا ٻيا دوست ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي ويا هئا. اندر منجهه ڄڻ ته هن کي جهير پيا هجن، سوچڻ لڳو ”جي وقت پنهنجي جڳهه تي وري موٽي اچي ته مان پنهنجو هر هڪ سيڪنڊ قيمتي سمجهندس. پر ائين نه ٿيندو. ڪڏهن به ڪالهه اڄ نه ٿيندي. پاڻ اڄ ۾ بدلبي رهندي ۽ سڀاڻو ايندو رهندو. وقت ڏاند گاڏي وانگيان هلندو رهندو“. سوچيندي، سوچيندي هو ماضي جي ڀڙن ۾ گم ٿي ويو. جڏهن مئٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري حيدرآباد ۾ اچي داخلا ورتي هئائين، تڏهن هن جي ذهن ۾ رڳو اها سوچ هئي ته مان مائٽن جا پئسا سجايا ڪندس ۽ انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيندس. پر جيئن ئي ڪاليج ۾ پهتو ته اُتي اڳ ۾ ئي ٽن چئن سالن جا ڇوڪرا هئا. جن جو ڪم ئي هوندو هو نون ڇوڪرن کي پنهنجي پڙهائي جي مقصد کان هٽائي پاڻ جهڙو ڪرڻ. جڏهن کان وٺي هي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، تڏهن کان اهي ڇوڪرا هن وٽ ايندا هئا. پوءِ ڪڏهن فلم تي، ڪڏهن جبيس يا مِڊوي تي. چڪر، ۽ پوءِ رات جو هڪ يا ٻين تائين ويهي تاس راند کيڏڻ، هن کي ان وقت واقعي ڳالهيون خراب لڳنديون هيون. پر هڪ ٻهراڙيءَ جو اٻوجهه ٻيو وري شهر ۾ اچڻ ڪري هن کي گهمڻ جو شوق هو. ان ڪري هي انهن ڇوڪرن جي سوسائٽي ۾ اچي ويو. جن هن کي پهريون سبق هي ڏنو ته، فرسٽ ائيرڪيش ائير، ۽ انٽربنٽر، هي 2 بجي جو سمهندا هئا، ۽ صبح جو 10 يا 11 بجي اٿندا هئا. ان ڪري ڪاليج جا ٻه ٽي مکيه پيرڊ هليا ويندا هئن. پر هن سڀني ڳالهين، کان هيءُ بي نياز هو، مٿان فرسٽ ايئر جو امتحان آيو. پوءِ به اهي ساڳيا ڇوڪرا ڪچهريون ڪرڻ هن لاءِ اچن. ان وقت ته واقعي وقت جو احساس ٿيو هوس، پر ڇا ٿي ڪري
 

سگهيو. سندس پارٽنر، جيڪو هنن جي سوسائٽي کان تنگ اچي مسجد ۾ وڃي پڙهندو هو. پارٽنر هن کي چيڙائيندا هئا. پارٽنر هن کي ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته ”يار انور تون پنهنجي پڙهائي کي وٺ، وقت ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي ان ڪري پاڻ تي رحم ڪر.“ پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.

فرسٽ ايئر ۾ سبجيڪٽ ته ڪليئر ڪيائين، پر رڳو پاس مارڪون کنيائين. سندس پارٽنر 90 سيڪڙو مارڪون کنيون. هن کي ڪجھه احساس ٿيو ۽ پارٽنر سان گڏ اسٽئڊي ڪرڻ لڳو، پر هريل پٽ ڪاٿي ٿا مُڙن ۽ وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه هئا. انٽر ۾ به هن پنهنجو وقت ڳالهين ۽ گهمڻ ۾ وڃايو. جڏهن مٿان امتحان ۾ باقي وڃي مهينو بچيو هو هن کي پڙهڻ جو احساس ٿيو. پر سمجهه ۾ ڪجھه به ڪونه پئي آيس. ڪتاب کڻڻ سان اندر ۾ مونجهه ٿيڻ لڳيس. گهڻي ندامت محسوس ڪيائين، پر ڇا ٿي ڪري سگهيو. امتحان هليا، هن امتحان ته ڏنو، پر جڏهن رزلٽ نڪتي تڏهن هي ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. مائٽن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. سندس ماءُ چيو ته پٽ انور مون ته سمجهيو هو ته تون پڙهي ڊاڪٽر ٿيندين، پر هاڻ ته منهنجي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ دوستن جي ٽوڪن هن کي ڏاڍو شرمايو، سندس پارٽنر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. هن کي وقت جو احساس پوءِ ٿيو، ۽ پاڻ کي روڳي سمجهڻ لڳو. پارٽنر چيو ته، ”يار! هِن دور ۾ تون پاڻ کي روڳي ڇو ٿو سمجهين؟ زندگي ۾ جيئڻ لاءِ انسان پنهنجو سهارو ڳوليندو آهي، تون ته روڳ وٺي مري ويندين، پر مائٽن جو تو کان سواءِ

 

ڪير آهي. ڪڏهن ماءُ پيءُ کي ڏٺو اٿئي، ته هو توکي ڇا ٿا سمجهن، تون محنت ڪري ٻيهر انٽر ڏي“. انور کي ڪجھه روشني نظر آئي، پوءِ ٻيهر انٽر ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻ لڳو، امتحان ويجها هئا ۽ هو ماضيءَ ۾ گم هو ته ڪتاب هيٺ ڪري پيس، سوچ جي ساگر مان ڄڻ ته ٻاهر ڪناري تي نڪري آيو. رات جا اٽڪل ٻه لڳي رهيا هئا. ڪتاب رکي، ڊائري کولي لکڻ لڳو: ”وقت ۽ وير ڪڏهن به ڪنهن جو انتظار نه ڪندا آهن. جنهن انسان ۾ وقت سان گڏ هلڻ جي سوچ آهي، سو ڪڏهن به هن دنيا ۾ شڪست کائي نه ٿو سگهي. وقت جو هڪ سيڪنڊ به قيمتي آهي، جيڪو گذري وڃڻ کان پوءِ ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي. انسان ڌڪ کائڻ کان پوءِ زندگيءَ کي سمجهندو آهي. ان ڪري اسان کي کپي ته وقت سان گڏ هلون. هاڻ مون کي وقت ڏور ڪونه ڇڏي ويندو. مان وقت سان گڏ ڊوڙان پيو، ۽ زندگي ۾ مانَ ماڻڻ لاءِ ڊوڙندو رهندس. آئون وقت جون واڳون ورائڻ جي قوت رکان ٿو، پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ، جن جي حياتي منهن جي خاطر ڳري رهي آهي. آئون انهن کي سرخرو ضرور بڻائيندس، ضرور بڻائيندس.

ڪير نه ڪنهن جو

رات ڪافي گذري چڪي هئي، چوڏهين جو چنڊ آڪاش ۾ چمڪي رهيو هو، ڪوٽ جي در وٽ عثمان، ڇڳل کٽ تي پاسا ورائي رهيو هو. هن کي سور جي پيڙا کان ننڊ آئي ڪانه ٿي، سڄيءَ ڏينهن جي ٿَڪ هجڻ کان پوءِ، بيگم صاحبھ جي مار، هن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ڪري ڇڏيو هو.

 

جُمعي جي ڏينهن صاحب جي گهر مهمان آيا هئا. سڄو ڏينهن عثمان ڪم ڪندو رهيو هو. شام جو ٿَڪ کان صفا ساڻو ٿي پيو هو ۽ جيئن ئي ٽِري ۾ چانهه کڻي وڃي رهيو هو ته پير کي ٿيڙ آيس ۽ هٿ مان ٽري ڇڏائجي ويس، ٻه ٽي ڪوپ ڀڄي پيا هئا، بيگم صاحبه کي عثمان جو ڏک ته ڪونه ٿيو، جو گرم چانهه عثمان جي پيرن تي ڪري هئي ۽ عثمان جي پيرن تي ڦلوڪڻا ٿي پيا هئا، پر بيگم صاحبه اچڻ شرط اچي عثمان کي موچڙن سان ورتو ۽ هڏ گُڏ ڀڃي رکيائينس. مار مِلڻ کان پوءِ به هو يارهين وڳي تائين ڪم ڪندو رهيو هو، ۽ ٻارهين وڳي سڀني کي سمهاري ٿانوَ ڌوئي اچي کٽ تي ليٽيو.

عثمان جي اک چنڊ ۾ هئي، نيڻن ۾ لڙڪ هئس، چنڊ کي ايترو ڏٺائين جو اتي پنهنجي امڙ کي بيٺل ڏٺائين، ڀڻڪو ڪري چوڻ لڳو، ”امان! هلي آ ڏس- مون کي ڪيترو ٿا مارين....! امان! مون کي هتان وٺي وڃ“. هن اڃا ڀڻڪيو پئي ته هن جي ڦلڪڻن واري پير تي ڄڻ ته ڪنهن ٿڌو هٿ رکيو هجي، هن ڇرڪ ڀري ڏٺو، ننڍڙو ڪتو موتي، هن جي پير کي چٽي رهيو
 

هو. هن کان ٿڌي آهه نڪري ويئي، موتي کي کڻي ڀاڪُر وڌائين، ننڍڙو موتي پُڇُ لوڏي هن جي پيرن ۾ ڪري پيو هو، هن کي اوچتو ڪا ڳالهه ياد اچي ويئي، موتي کي هٿ ڦيريندي چيائين: ”يار، موتي تون هتان وڃ، وري نه تنهنجي ڪري موچڙا کاوان“. ڪتو هن جي پيرن ۾ ڪري پيو. هن کي اهو ڏينهن ياد اچي ويو. جڏهن هيءُ موتي کي وهنجاري بس ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ صابڻ سان پاڻ وهنتو پئي ته بيگم صاحبه ڏسي ورتو هوس، ۽ ڏاڍي مار ڪڍي هئائينس. بيگم صاحبه جا لفظ ڪنن ۾ گونجڻ لڳس. ”مئا، اهڙا صابڻ پڻهين به استعمال ڪيا هئا ڇا جو تون ٿو استعمال ڪرين“. هيءُ ڪونه ڪُڇيو هو. پر هڪ گهر جي ڪنڊ ۾ بيهي روئڻ لڳو، جو ان ڏينهن هن کي پنهنجو پيءُ ياد آيو هو، ۽ اڄ به هن کي پنهنجو پيءُ به ياد اچڻ لڳو هو. سندس پيءُ سيٺ جي ڪارخاني تي مزدوري ڪندو هو. سارين جي موسم ۾ هڪ ڏينهن ساريون کُڏ تي وڌيون هئائون ۽ اتان مشين ۾ پونديون ٿي ويون ۽ هيٺ گارڊر ٿينديون ٿي ويون، ڇِت ڪا ڪمزور هئي، ۽ عثمان جو پيءُ جيئن چانور ڊٻي سان پري ڪري رهيو هو ته ڇت اچي مٿان پيس، ۽ عثمان جو پيءُ دٻجي مري ويو هو، عثمان ننڍي عمر جو هو، ۽ اها خبر جڏهن عثمان جي ماءُ کي پئي تڏهن اُها به روئي روئي مري ويئي هئي. سيٺ، عثمان جي پيءُ جي مائٽن کي ڪجھه ڏنو هو، ۽ عثمان تي رحم جو هٿ رکي چيو هئائين! هن کي مان پنهنجي پُٽ وانگر رکندس. ان وقت عثمان کي سيٺ ڏاڍو سٺو لڳو هو، مهينو کن سيٺ عثمان کي پيار ڪندو رهيو، ۽ جڏهن ڪيس ختم ٿيو ۽ عثمان جي پيءُ جو موت اتفاقي ڪري پوليس ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن کان وٺي سيٺ ۽ بيگم صاحبه! عثمان تي ڪڙي نظر رکڻ لڳا هئا، ۽ عثمان جو به ڪير ڪونه هو، جو اوڏانهن وڃي. صرف هڪ نانو ۽ ناني هئس، عثمان اهي ڳالهيون ياد ڪري رهيو هو ۽ روئي به رهيو هو. سج اڃا ڪُني ڪانه ڪڍي هئي، پرڀات ٿي ويئي هئي، عثمان جي ذهن ۾ آيو، ڪيترو وقت هت ظلم سهندس. ڏکيو يا سکيو وڃي ناني ۽ نانيءَ وٽ ٿيان! اهو سوچي اُٿيو ڇنل کٽ تان ۽ آهسته آهسته ڪري ٻاهريون در کوليائين ته موتي اچي پيرن ۾ ڪريس، موتي کي هٿ جي ٿڦڪي هڻي چيائين: يار موتي، الله واهي! اکين ۾ لڙڪ تري آيس ۽ تڪڙو تڪڙو اتان ظلم جا ڄار مان نڪري، ناناڻن ڏانهن وڃڻ لڳو. جيڪي شهر کان سڏ پنڌ تي ويٺل هئا.
 

ميرو تن، اُجرو من

 

موڪل واري ڏينهن، اڪثر ڪري، مان شهر ۾ رلندو رهندو آهيان، ڪڏهن ڪِٿ ته ڪڏهن ڪِٿ. اُن ڏينهن اڪثر دڪان بند هوندا آهن، ان ڪري ٻارن جي ڄڻ ته عيد ٿي ويندي آهي، روڊ تي ٻارن جا هشام هوندا آهن. گهڻا رستن تي ڪرڪيٽ راند کيڏندا آهن، گهڻا ٻار ونجهوٽي راند ڪندا آهن. مان به اڪثر ڪري، راند ڏسڻ لاءِ بيهي رهندو آهيان، انهيءَ بيهڻ ڪري ڪافي ڀيرا ڪرڪيٽ جو بال به لڳو اٿم. پر وري به اتي ئي بيٺو هوندو آهيان. ويچارا ننڍڙا ٻار، ڪن به ڇا، هجن راند جا وڏا گرائونڊ ٺهيل ته ٻار اُتي راند ڪن.

هڪ ڏينهن شهر جي گهٽين مان رُلندو رُلندو هيرآباد ۾ اچي نڪتو هوس. هيرآباد جون جايون مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن ۽ پراڻين جاين تي اصل مالڪن جا اڪثر ڪري پيو نالا پڙهندو آهيان. اڄ اتان جيئن لانگهائو ٿيس ته ٻن ننڍڙن معصوم گدلن ٻارن تي نظر پئجي وئي، ننڍڙي انگوڇي جي گوڏ ٻڌل، قميص هنڌان هنڌان ڦاٽل هون. هڪ ننڍڙي معصوم ٻار کان رت ٿي وهيو. رت ڪافي وهي چڪو هوس، اُن لاءِ ان کي بند ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائون پئي، پر پٽي ٻڌڻ لاءِ ڪو ڪپڙو ڪونه هون. مون انهن کي پنهنجو رومال ڏنو. پهرين ته نه وٺڻ لڳا. پر پوءِ وٺي ٻڌائون. هيءُ ننڍڙا گلن جهڙا معصوم ٻار وري ڀر واري نالي ۾ هٿ وجهي اتان لوهه جا ٽڪرا ڀڳل شيشا، ۽ پراڻا رانديڪا ڪڍڻ لڳا، آئون اتي بيهي رهيس، هي ٻئي معصوم
 

وڏي اٿاهه سان نالي کي صاف ڪري رهيا هئا. اوچتو ننڍڙي ڇوڪري رڙ ڪئي، ”آڌي“، مون ڏٺو، ٻئي جي منهن تي به مرڪ اچي وئي! پوءِ اتان اٿڻ لڳا، ۽ ٿورو گهڻو ميڙيل لوهه جا ٽُڪر ڦاٽل قميص جي جهول ۾ وجهڻ لڳا. مون چيو مان ”انهيءَ آڌيءَ جو ڇا وٺندوء؟“ انهن کان ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ ته آڌيو مان ڦري وٺندوسان. هڪڙي آهستي ڳالهائيندي چيو. ”ماني“ مون چيومان ”آڌيءَ جي ماني مان پيٽ ڀرجي ويندو“. منهنجي انهيءَ ڳالهه کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري هلڻ لڳا.

اڻڀا وار، ڪپڙا ناليءَ جي ڪني پاڻيءَ سان ڀريل، منهن تي گَر جا تهه ڄميل هئن. مون وري چيو مان ”ڀلا توهان جا ماءُ پيءُ ڪونهن ڇا؟“ مون ڏانهن ٻئي نهارڻ لڳا. پوءِ هڪڙي چيو، ”امڙ روڊ تي ٻُهاري ڏيندي هئي ۽ هڪ ڏينهن جيئن ٻهاري ڏيئي بيٺي ته موٽر گاڏي چڙهي وئي هئس ۽ مري ويئي. باقي بابا اسان کي نه ڏيئي نه وٺي“. مون کي ڏک ته ڏاڍو ٿيو. مون کان زبان مان لفظ نڪري ويو. چيومان! ”ڀلا يتيم خاني ۾ ڇو نه ٿا رهو“. ڳپل دير تائين ڪو جواب ڪونه ڏنائون. پر پوءِ ننڍڙي ٻار چيو، ”اسين ڀنگي آهيون، اسان کي اتي داخل ٿوريئي ڪندا، هو ڏس....! ٻار کيڏن ٿا پيا، اُهي به اسان کي ڀنگي چئي ماريندا آهن، اسين نالين مان انهيءَ ڪري لوهه ڪڍندا آهيون جو اهو کپائي، پوءِ ماني کائيندا آهيون، ۽ اهي ٻار اسان جو لوهه اڇلائي ڇڏيندا آهن....!“

معصوم جا ٻول منهنجي اندر ۾ هٿوڙا هڻي رهيا هئا، ته هيءَ معصوم ٻار، جيڪي اسڪول ۾ هجن، سي ائين دَر دَر جون ٺوڪرون ٿا کائن. مان اهو سوچيندو انهن سان گڏ هلندو ٿي ويس ته هوٽل اچي ويئي. جتان ننڍڙي اَٺ آنا وڌائي هوٽل واري کان نانَ وٺڻ لڳو. هوٽل واري گهور ڪري نفرت مان نهاريس، ۽ بيدليو ٿي. ٻه نان ”سڙيل“ کڻي ڏنائينس. مون ٻه روپيا ڪڍي، هوٽل واري کي ڏنا ۽ هڪ پليٽ ڀاڄيءَ جي ۽ چار نان وٺي ننڍڙن ٻارن کي ڏنا پئي ته، بيري ڀاڄي ڦري ورتي ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيائين: ”ڀنگي آهن“، پوءِ اها ڀاڄي انهن کي هڪ نان ۾ وجهي ڏنائين. جيڪا اتي هيٺ پٽ تي ويهي کائڻ لڳا. آئون وڌيڪ بيهي نه سگهيس ۽ نه ڪجھه ڪُڇي سگهيس. ان لاءِ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو گهر هليو آيس.
 

ٻهراڙيءَ  جو  ٻار

 

جاويد جڏهن پنجون درجو پاس ڪيو، تڏهن هن کي چاچي چيو هو ته، ”پُٽ! هاڻ تون به تيار ٿي ته توکي شهر وٺي هلان ۽ اتي انگريزي پڙهائڻ ويهاريائين“. جاويد شهر جو ٻُڌي سڄو ڪومائجي ويو. تنهن کان سواءِ انگريزي اسڪول جو لفظ ٻڌي رهندو مايوس ٿي ويو. ڪڇيو اصل ڪونه. جاويد جو چاچو شهر ۾ هڪ انگريزي اسڪول ۾ پٽيوالو هو. ۽ موڪل جي ڏينهن تي ڳوٺ آيو هو.

 

هڪ ڏينهن جاويد کي چيائين: ”پُٽ اڄ تيار ٿي ته هلون“. جاويد جو ساهه سڪي ويو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس، مجبورن ڪپڙا لٽا پائي تيار ٿيو. ماڻس مٺي ماني پچائي ڏنس. سا به کنيائين، ۽ آخر ۾ چاچي سان ڀُنل اکين سان گهر ڇڏيائين. سڄي واٽ هن جي ذهن ۾ شهر ۽ اسڪول جو نقشو ڦرندو رهيو. شام جو اچي شهر پهتا، جاويد جو چاچو اسڪول ۾ ئي رهندو هو. جاويد پري کان پڪي جاءِ ڏسي سمجهيو ته ڪنهن وڏي ماڻهو جو گهر آهي، ڇو ته سندن ڳوٺ ۾ رئيس جو گهر ئي هو جو پڪو ٺهيل هو. پر جڏهن چاچي چيس ”پُٽ! اهو آهي تنهنجو اسڪول“ تڏهن وائڙو ٿي ويو. ٽنگن مان ست ڇڏائجي ويس، هن جو چاچو اسڪول جي اندر ئي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو، ان ڪري در کولي اچي ڪمري ۾ ويٺو. جاويد، چاچي سان اچي ويٺو ته سهي، پر سُک ڪونه پئي آيس. پڪي

 

جاءِ ڏسي جاويد عجب ۾ پئجي ويو هو، ان کان سواءِ ڪمري ۾ پکو هلندي ڏسي، رهندو عجب ٿيو هوس، ۽ چاچي کان پڇيو هئائين! چاچا هو ڇا آهي؟ جنهن ٻڌايو هوس ته پُٽ اهو بجلي تي هلندڙ پکو اٿئي. بجليءَ جي بلبن ٻرڻ سان هيڪر عجب ۾ پئجي ويو هو، ڇو ته ڳوٺ ۾ ته رڳو ڏٺا هئائين لالٽين، چمنيون ۽ رئيس جي گهر گولو. هن کي شهر ڏاڍو وڻيو هو. پر پوءِ انگريزي پڙهڻ جو خوف ذهن تي سوار هوس. سڄي رات هن کي ننڊ ڪانه آئي هئي. جهٽڪي سان جي ننڊ آئي هوس ته وري ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پيو ٿي.

صبح جو چاچي هن کي تيار ڪري چيو ته ”پٽ! هاڻ اچ ته توکي ڪلاس ۾ ڇڏي اچان.“ جاويد ڪلاس جو نالو ٻڌندي ئي پگهر ۾ شل ٿي ويو، بوڪ کڻي چاچي سان نڪتو، ٽنگن مان ڄڻ ته ست ڇڏائجي ويو هوس. سندس چاچو هڪ ڪلاس لنگهي ويو، اتي جاويد به ڏڪندو ڏڪندو چاچي جي پٺيان ويو. اتي جاويد جي چاچي، جاويد جي آڱر وٺي، ماستر کي ڏيندي چيو، ”سائين بابا هيءُ منهنجو ڀائٽيو آهي، پنج درجا پاس ڪيا اٿس، هاڻ اتي پڙهائڻ لاءِ وٺي آيو آهيانس“. ماستر صاحب جاويد جي مٿي تي هٿ رکي چيو، پٽ ”نالو ڇا اٿئي؟“ جاويد ڪڇيو ئي ڪونه، گهڻي دير کان پوءِ ڏڪندي ڏڪندي چيائين! سائين- جا- و- يد. ماستر مٿي تي هٿ رکي چيس! ”پٽ هاڻ هلي پنهنجن دوستن سان گڏ ويهه“. جاويد ماٺ ڪري بينچ تي ويهي رهيو، ڪافي ٻار ڳالهائڻ لڳس، پر هن ڪنهن سان به نه ڳالهايو. ماستر هن کي بوڪ تي اي. بي. سي لکي ڏني ۽ ان جا اُچار سنڌي ۾ لکي ڏنائينس ۽ سمجهايائينس ته پٽ اهو پڙهي پڪو ڪر.

جاويد بينچ تي ويهندي ئي سوچن ۾ ٻڏي ويو، هن جي آڏو پنهنجو اسڪول ڦري آيو، اوڏڪيون ڀتيون ۽ انهن جي مٿان ڪاٺيون رکيل ۽ مٿان ڇپر پيل، سو به تمام پراڻو هو، ۽ سج لياڪا پائيندو نظر ايندو هو. اسڪول ۾ بينچ ته ٺهيو، پر استاد به هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مس ايندو هو، ۽ امتحان جي ڏينهن ۾ ڇوڪرن کان ٻه يا ٽي سير گيهه جا وٺي صاحب کي ڏيندو هو، ۽ ڇوڪرا ائين گيهه يا ڪڪڙ ڏئي پاس ٿيندا هئا. هن جي آڏو پنهنجي استاد جو چهرو ڦري آيو، ڪانچ قميص پيل، سادي لباس ۾ استاد هوندو هو. ائين سوچي پنهنجي نئين استاد کي نهارڻ لڳو. جو سوٽ بوٽ ۾ هو. ٽيڏي نظر سان ڏسي منهن هيٺ ڪري ڇڏيائين! ۽ ڳوٺ ۾ رمون ۽ رَجو ياد اچڻ لڳس! سوچيائين هينئر ضرور شاخ تي مال آڻي ويهاريو هوندائون ۽ هينئر ضرور پاڻ شاخ ۾ تڙڳندا هوندا. هي پنهنجي سوچن ۾ غرق هو ته استاد سڏ ڪندي چيو، ”جاويد!“ جاويد ڄڻ ته اگهور ننڊ مان اُٿيو، ۽ ڏڪندو ڏڪندو استاد وٽ ويو. استاد پيار منجهان سمجهائيندي چيس. ”پٽ! ڊڄ نه تون منهنجو ٻچو آهين. هي سڀ ٻار منهنجو اولاد آهن، ۽ تنهنجا ڀائر آهن، ان لاءِ ڊڄ نه، پڙهه ويهي، جيڪي نه اچيئي سو مون کان پڇ. “

جاويد کي اسڪول ۾ مهينو کن گذري چڪو هو، هينئر هو اُنهيءَ اسڪول ۾ پراڻو ٿي چڪو هو، ۽ هن جي تصور ۾ ئي ڪونه هو ته هو پهرين اهڙو ڊڄندو هو، اسڪول جي ڪمن ۾ به هوشيار هوندو هو، ۽ هڪ هفتي ئي ٻئي اي. بي. سي ياد ڪري ڇڏي هئائين ۽ استاد هن جي هوشياري کي ڏسندي هن کي مانيٽر ڪري رکيو هو. جاويد اسڪول ۾ ڪرڪيٽ راند به ڪرڻ لڳو هو. هن کي شهر هينئر اهڙو ته ڀانئين پئجي ويو هو، جو مهينو رهڻ سان به ڳوٺ جي سڪ ڪانه ٿي هئس. هڪ ڏينهن سندس چاچي استاد کان موڪل ورتي ۽ چيائينس، سائين ٻن ڏينهن جي موڪل ڏيو ته ڳوٺان ٿي اچون، استاد جاويد کي موڪل ڏني.

جاويد اسڪولي يونيفارم پائي ڳوٺ هلڻ لڳو ۽ ذهن ۾ سوچڻ لڳو ته رمون رجو کان انگريزي ۾ پُڇندس ته وٽ از يوئر نيم، پوءِ جي نه ايندن ته ٻڌائيندو سان. ائين تصور پَچائيندو اچي ڳوٺ پهتا. هنن جي ڳوٺ جيپون وينديون هيون. ڇو ته هنن جو ڳوٺ ڪاڇيءَ ۾ هو. جڏهن هيءُ جيپ تان لٿا ته ڪافي ٻار هن کي گهور وجهي/ گهُوري نهارڻ لڳا، ۽ هيءُ خوش، خوش گهر وڃڻ لڳو. جڏهن گهر جي در وٽ پهتو ته امڙ کڻي ڀاڪر پاتس. پڻس به اچي ڀاڪر وڌس، پوءِ ڪافي ٻار چنبڙي ويس، جاويد ويٺو ئي هو ته، رمون ۽ رجو به ڊڪندا آيا، ٻکين پئجي ويا. پوءِ ويٺا گهر ۾ ٻاراڻا حال احوال ڪرڻ، جاويد هنن کي اسڪول جا اهڙا احوال ٻڌايا جو رمون ۽ رجو به تيار ٿي ويا پڙهڻ لاءِ، ۽ انهن مائٽن کي چيو، پر ماڻهن نه مڃيو، ۽ چيو ته ”پٽ! مال ڪير چاريندو“. جاويد ٻه ڏينهن رهي چاچي سان گڏ اسڪول لاءِ تيار ٿيڻ لڳو! پر هن ڀيري اکين ۾ جوت هئس، روشني هئس. ماءُ پيءُ کان موڪلائي، رجو ۽ رمون کان موڪلائڻ وقت انهن کي چيائين. ”ادا جڏهن مان آفيسر ٿيندس، تڏهن هت به انگريزي اسڪول کولرائيندس“.

 

گُلڙن جهڙا گهاءَ

 

اڄ فيبروري مهيني جي 11 تاريخ آهي. صبح جا 9 ٿيا آهن، آئون جاءِ مان تيار ٿي ٻاهر نڪران ٿو. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل آهي. اُتر جي هوا جا سُوسٽ پيا ٿا پون. سِيءُ به چئي ٿو اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. رستن تي هلندڙ ماڻهن سيءَ کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙن جو سهارو ورتو آهي. ڪِن جي ته مون وانگر ڄاڙي، ڄاڙيءَ سان پئي ٿي لڳي. ننڍڙا ٻار، روڊ تان ٽولن جي صورت ۾ اسڪول پيا ٿا وڃن، سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪِن کي سُئيٽر، ڪوٽ ۽ ڪن کي جرسيون پيون آهن. ڪي ٻار رڪشا ۾ چڙهي اسڪول وڃي رهيا آهن. سرنديءَ وارن مائٽن جا ٻار ڪارن ۾ ويٺا آهن. آئون اڃا اڳتي وڌان ٿو ته سامهون هڪ ٻار تي نظر پئجي ٿي وڃي. جو پريشان هوٽل جي ٻاهران بوٽ پالش پيو ٿو ڪري. مُکڙي جهڙو چهرو مرجهايل آهي. سندس مٿو اُگهاڙو، وار مِٽيءَ سان ڀريل، اکين ۾ پِچيون، ۽ منهن تي عمر کان وڌيڪ سنجيدگي جا آثار. سندس هٿ پالش ۾ ڀريل ۽ اهڙي سيءَ ۾ به رڳو هڪ ڦاٽل قميص ۽ سُٿڻ اٿس. هو هر ڳالهه کان بي نياز آهي. نه موسم جو احساس اٿس، نه وقت جو.

بوٽ کي برش هڻندي مون ڏانهن نماڻيون اکيون کڻي نهاري ٿو ۽ ٻاتي ٻوليءَ ۾ چوي ٿو، ”شائين فش ڪلاش پالس ڪري ڏيانو“- اهي لفظ منهنجي اندر ۾ بَڙڇي بنجي لڳن ٿا. سوچان ٿو، اهڙو معصوم ۽ اَبهم ٻار ائين فوٽ پاٿ تي نه پر اسڪول ۾ هجي. آئون چوانس ٿو ”ادل! پڙهين ڇو نه ٿو؟“ منهنجي انهيءَ جملي تي معصوم چهرو ڪومائجي ٿو وڃي، اکين ۾ سانوڻي جي جهُڙ وانگيان پاڻي ڀرجي اچيس ٿو ۽ چيائين، ”شائين پرهندو هئس، پر بابا، اٽي جي مڇين جي پتي ۾ اچي ويو، ۽ مري ويو. شيٺ اسان کي پنج شوء ڏنا، جي امان جي دوا تي خرچ ٿي ويا، هينئر ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي، منهنجي ماءُ  دم جي مريض آهي ۽ پئشا جڏهن کٽي ويا، تڏهن اشپتال مان به ڪڍي ڇڏيائون. هاڻ بوٽ پالش ڪندو آهيان ۽ انهن پئشن مان اٽو ۽ امان جي دم لاءِ ٽِڪيون وٺي ويندو آهيان“.

ننڍڙو ٻار ٻاتن ٻولن ۾ سڀ ڪجهه ائين چئي ويو، ڄڻ ته پهرئين درجي سنڌي جو بيت پڙهي ويو هجي. ايتري ۾ هڪ همراهه آيو، جنهن اٺ آنا اڇلائي ڏنس ۽ بوٽ کي ڏسي چيائين ”اڙي ڇورا! هيءَ پالش ڪئي اٿئي؟“ معصوم ٻار جي حاضر جواب ٻُڌي دنگ رهجي ويس، جلدي ۾ چيائينس، ”شائين جيڪا رپئي ۾ پالش ڪڙايو ٿا ان جهري ته آهي“. همراهه شڪي ٿيندي بوٽ جون ڪيهون ٻڌڻ لڳو. مون هن جي مٿي تي هٿ رکي، چيومانس، ”پٽ! پوءِ تون سڄي عمر ائين بوٽ پالش ڪندو رهندين“. مون کي گهور ڪري ڏٺائين ۽ چيائين ”شائين منهنجي ماءُ پڙهيل آهي ۽ روز مون کي پڙهائيندي آهي، ۽ مان ڪنهن کان پِنان ٿورو ئي ٿو. مان ته پورهيو ڪيان ٿو، شائين! مان پورهيو ڪندو رهندس ۽ آهسته آهسته پڙهندو رهندس، جڏهن آئون وڏو ٿيندس، تڏهن مزدوري به ڪندس ۽ پرهندش به. ان کان پوءِ آءُ وڏو آفيشر ٿيندش!“ ننڍڙي معصوم ٻار جو عزم ڏسي، مون کي پڪ ٿي وئي ته هي مستقبل ۾ ضرور وڏو ماڻهو ٿيندو. ايتري ۾ هو اڳتي وڌي ويو، برش هٿ ۾، بجڪي ڪلهي ۾، جنهن ۾ اسڪولي ڪتاب نه پر پالش جي دٻي ۽ ٻيو سامان هوس، ”بوٽ پالش- بوٽ…… پالش“ ڪندو اڳتي وڌي ويو. مون چؤطرف روڊ ڏي نهار ڪئي، اڃا تائين ڪيترا ٻار اسڪول وڃي رهيا هئا. مون سوچيو ”هيءَ ڪيڏي نه ويساهه گهاتي آهي. ڪي ٻار ڪارن ۽ موٽرن تي اسڪولن ۾ وڃن ٿا. پر ڪي ٻارڙا سڀ ڪجھه چاهيندي به اسڪول ۾ پڙهي نٿا سگهن“. مان اڃا سوچي رهيو هوس ته بس اچي ويئي، ۽ منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. مون کي پنهنجي نوڪريءَ لاءِ روزانو بس ۾ چڙهڻو پوندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org