سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:9 

سوريءَ جنين سيج

هر طرف افراتفريءَ لڳي پئي هئي، هر هنڌان باهه جا شعلا پي ڀڙڪيا، هر طرف راڙو ريهه لڳي پئي هئي، هرڪو پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ هو، هي لبنان جو شهر ’سيدون‘ هو، ڪجهه گهڙيون اڳ اسرائيلي جهاز بمباري ڪري هيڏي تباهي مچائي ويا هئا، ڪنهن کي به ڪنهن جي سُڌ ڪونه هئي، گهٽيون ڪريل عمارتن ڪارڻ بند ٿي چڪيون هيون، هر طرف لاش پکڙيا پيا هئا. سوين، بلڪ هزارين ماڻهو ڪرندڙ عمارتن ۾ دٻجي اجل جو شڪار بنجي چڪا هئا.

اوچتو ’سيدون‘ جي گهٽين مان هڪ پنڌرهن سورهن سالن جو ٻالڪ ڪرندڙ عمارتن ۽ رستي تي پيل لاشن کان پاڻ بچائيندو ان طرف ڊڪي رهيو هو، جنهن طرف شهر کان ڪجهه پر ڀرو اسرائيلي فوج جي ڪيمپ لڳل هئي، هو تکيون وکون کڻندو اوڏانهن ڀڄي رهيو هو. هن کي ظالم اسرائيلين تي ڏاڍا جکَ پي آيا، جن هن جي پياري کلندڙ ڪڏندڙ شهر کي کنڊراتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جن هن جا ماءُ پيءَ هن کان کسي ورتا هئا ۽ سندسن ننڍپڻ جو دوست منصور به کانئس کسي ورتو هو. اوچتو پريان هن کي هڪ جيپ ايندي نظر آئي، هيءُ هڪدم گهُت هڻي پاسي ۾ ڪريل عمارت ۾ گهڙي ويو، سٽ ڏيئي کيسي  مان ريوالور ڪڍيو، جيڪو بمباريءَ کان اڳ سندس ساٿي، حباش کيس ڏنو هو ۽ چيو هئائينس، ”حبيب! هي وٺ هيءَ ڇهه گوليون آهن ۽ هر گوليءَ سان هڪ دشمن مارج.... هڪ به گولي زيان نه ڪج.“ جيپ ويجهو ايندي ويئي ۽ شهر جي اولهندي پاسي کان ٺڪا ٺوڪي شروع ٿي ويئي. شايد رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺي فدائين اسرائيلي ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو هو، اوچتو جيپ هن کان ٿورو پرڀرو اچي بيٺي ۽ منجهانس ٽي فوجي لٿا ۽ لهندي ئي آسپاس گوليون هلائڻ لڳا. پر جواب ۾ ڪو به فائر ڪونه ٿيو. اهو ڏسي هو مطمئن ٿي اڳتي وڌڻ لڳا. هاڻ هو حبيب کان فرلانگ کن پري هئا، اهو ڏسي هن جي دل سانداڻ وانگر سهڪڻ لڳي ۽ هن نشانو وٺي لڳاتار ٻه فائر ڪيا ۽ ان سان گڏ ٻه هانءُ ڪنبائيندڙ رڙيون بلند ٿيون ۽ ٻن جسمن اچي ڦهڪو ڪيو. هيءَ گهت ڏيئي ڀڳل دريءَ مان ٽپي ڪجهه وکون ڊوڙي ڀت جي ڀر ۾ ليٽي پيو. هاڻ اسرائيلي فوجين جيپ جي آڏ وٺي فائرنگ شروع ڪري ڏني. گوليون هن جي مٿان ۽ پاسن کان زوزاٽ ڪنديون لنگهنديون ويون. هن جي پستول ۾ چار گوليون هيون ۽ فوجي به چار هئا، هن کي سندس ساٿي حباش جا چيل لفظ ذهن ۾ پڙاڏي وانگر گونجڻ لڳا، ”هڪ گولي به زيان نه ڪج، هر گوليءَ سان هڪ دشمن مارج.“ هن وري پستول سنئون ڪيو ۽ نشانو چٽي گهوڙو دٻايو، هڪ رڙ اُڀري ۽ هي سري وڃي وڻ جي پويان بيٺو، هاڻ فوجي انهن هنڌن تي گوليون چٽي رهيا هئا، جتي کين شڪ هو ۽ هنن کي ائين پي لڳو ته کنڊر اندر  هڪ کان وڌيڪ فدائين لڪل آهن. هن نشانو وٺي گولي اڃا مس هلائي، تيسين هڪ گولي زوزاٽ ڪندي اچي هن جي ڪلهي ۾ لڳي ۽ هن جي جسم ۾  گهڙندي ٿي وڃي، هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو ۽ هي غش ٿي ڪري پيو. هن کي جڏهن هوش آيو ته هن پاڻ کي اسرائيلي ڪمانڊو آڏو ڏٺو.

”سر! هي اهو ڇوڪرو آهي جنهن اسان جا ٽي سپاهي قتل ڪيا آهن.“ اهو سُڻي ڪمانڊو گهور ڪري هن ڏانهن نهاريو ۽ پڇيائين، ”ها ڇورا؟“ پر هن ڪابه ورندي ڪانه ڏني، هن کي رڳو اهو افسوس هو ته هن ڇهه دشمن ڇو ڪونه ماريا. ”هن کي وٺي وڃي فائرنگ اسڪواڊ جي حوالي ڪريو.“ اهو ٻڌي هن جوش مان نعرو هنيو، ”فلسطين سدا جيئي،“

(نوٽ: هيءُ ڪهاڻي فلسطيني ٻارن جي جدوجهد کان متاثر ٿي لکي وئي)

 

 

عظيم سوکڙي

 

اڄ شازيه تمام گهڻي خوش هئي ۽ ڇو نه هجي، اڄ هن جي سالگرهه هئي، ٽين بجي کان مهمان اچڻ لڳا هئا ۽ پنجين تائين سڀ مهمان ۽ شازيه جو ساهيڙيون اچي چڪيون هيون، پر شازيه کي جنهن جو اوسيئڙو هو، سا اڃا تائين ڪونه آئي هئي. اها زاهده هئي، شازيه هڪ سکر گهراڻي سان تعلق رکندي هئي، ان جي مقابلي ۾ زاهده جو پيءُ (سوئمنگ پول) ترڻ واري تلاءُ ۾ ترڻ سيکاريندو هو، جنهن مان ايتري آمدني ڪونه ٿيندي هئي،

پڻس ننڍي هوندي زاهده کي ترڻ سيکاري ڇڏيو هو. هڪ دفعي شازيه سڀني ساهيڙين سان تلاءُ جو سير ڪري رهي هئي ته اوچتو شازيه جو پير ٿڙي ويو ۽ ڌو وڃي تلاءُ ۾ ڪري. شازيه ٻڏڻ لڳي لڳي پر زاهده جيڪا ترڻ ڄاڻندي هئي، تنهن شازيه کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان واقعي کان پوءِ شازيه جي دل ۾ زاهده ڏانهن وڌيڪ محبت پيدا  ٿي.

سالگرهه جي ڏينهن شازيه جي نگاهه دروازي ۾ کتل هئي، اوچتو زاهده وڏي دروازي مان گهر ۾ داخل ٿي. زاهده جي هٿ ۾ هڪ خوبصورت پيڪٽ هو، شايد شازيه لاءِ سوکڙي آندي هئائين. زاهده جي ايندي ئي شازيه جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو، پر ان زاهده سان شڪايت ڪئي ۽ چوڻ لڳي، ”وڃ مون سان نه ڳالهاءَ! خبر اٿئي ته ڪيڪ چئين بجي ڪٽجي چڪو آهي ۽ تون پنجين بجي آئي آهين، يعني پورو هڪ ڪلاڪ دير سان.“

شازيه ڳالهه پوري ڪئي ته زاهده چيس، ”جيڪڏهن ٻُڌڻون اٿئي ته ٻُڌ، آءُ دير سان ڇو آئي آهيان. آءٌ توهان جي گهر اچي رهي هيس، ۽ رستي ۾ خبر ناهي ڇا سوچي رهي هيس، جو اوچتو مون سان اچي ڪير ٽڪرايو ۽ تنهنجي لاءِ خريد ڪيل تحفو يعني سنگ مرمر جو تاج محل هٿ مان ڪري پرزا پرزا ٿي ويو، جڏهن مون مٿي نهاريو ته منهنجي سڄي ڪاوڙ ختم ٿئي ويئي، اها هڪ انڌي عورت هئي، منهنجي پُڇڻ تي ٻڌايائين. ”ڌي! آءُ هڪ غريب ۽ انڌي عورت آهيان، منهنجي هڪ ڌيءَ آهي ۽ منهنجو گهر هتان گهڻو پري ڪونهي، آءُ پنهنجي گهر وڃي رهي هيس، مون کي معاف ڪر، لڳي ٿو ٿئي ته منهنجي ٽڪرائڻ سان تنهنجي ڪا شيءَ ڀڄي پئي آهي، مون کي ڪنهن شيءَ جي ڀڄڻ جو آواز آيو آهي.“ مون ان پوڙهيءَ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيم“ ’امان ڪا ڳالهه ڪانهي، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي هل ته توکي تنهنجي گهر ڇڏي اچان‘. اها عورت مون کي دعائون ڪرڻ لڳي. ۽ آئون ان کي سندس گهر پهچائي واپس گهر آيس. منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پي آيو ته تنهنجي لاءِ ڪهڙو تحفو وٺي وڃان. اوچتو منهنجي نظر گهر جي الماريءَ تي پئي، جنهن ۾ ”شاهه جو رسالو“ رکيو هو، جيڪو اڃا ڪالهه منهنجي پيءَ منهنجي لاءِ آندو هو، اهو ئي سوچي شاعرن جي سرتاج جي ڪلام جو ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ سوکڙي طور ڏيڻ لاءِ کڻي آئي آهيان.

اهو سُڻي شازيه، زاهده سان چهٽي ويئي ۽ چوڻ لڳي ”زاهده تون واقعي عظيم آهين.“ ان ڏينهن شازيه کي سڀ کان وڌيڪ اهو تحفو وڻيو ۽ ڇو نه وڻي! اها سوکڙي سندس عظيم ساهيڙيءَ جي هئي ۽ تحفو دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org