سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:8 

پوءِ هو سڄو ڏينهن انهن ڀاڄوڪڙ جانورن جي ڳولا ڪندا رهيا، پر هو کين ڪٿي به نظر نه آيا. ڪٿي هنن جي خوشبوءِ ٿي آئي ته ڪٿي هنن جو  آواز ٿي ٻُڌڻ ۾ آين، پر هو ڪٿي به نظر نٿي آيا. نيٺ ٿڪجي بيزار ٿي هو هڪ هنڌ ويهي رهيا. چيتي صلاح ڏني ته جيئن ته ڏينهن جو شڪار ڪرڻ ڏکيو پيو لڳي، تنهنڪري شام جو اوسيئڙو ڪيو وڃي. رات ٿي ته چنڊ ۽ تارن جي سهائيءَ ۾ وڻن جي ڏارن مان ليڪا پائڻ لڳي. اڇيون ۽ ڪاريون ليڪون ڏاڍيون وڻندڙ لڳي رهيون هيون. ان اڌ اونداهيءَ ۾ چيتي کي ائين محسوس ٿيو ته ڀرسان ئي ڪو جانور ساهه کڻي رهيو آهي. خوشبوءِ به زبيرا جهڙي هئي. چيتي سمجهيو ته زيبرا ويجهو آهي. هن ٽپ ڏنو ته ڪنهن کيس لت وهائي ڪڍي، لت هڻڻ جو اهو انداز زيبرا جو ئي هو. پر زيبرا ڪٿي به نظر نه آيس. چيتي رڙ ڪري چيو. ”اڙي او جانور! جنهن جي ڪابه شڪل ڪونهي. آءٌ توکي جلهي سڄي رات  دسيو ويٺو هوندس، ڇو ته تون اهڙي شيءِ آهين، جيڪا اونداهيءَ ۾ نظر نٿي اچين.“

ٿوري دير کان پوءِ اهڙا آواز اچڻ لڳا، ڄڻ ڪنهن کي دسيو پي ويو. دسجڻ وارو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پوءِ شڪاريءَ جو آواز آيو، هو چئي رهيو هو، ”مون ڪا اهڙي شيء جهلي آهي جيڪا آءٌ ڏسي ته نٿو سگهان. پر ان جي خوشبو زرافه جهڙي آهي ۽ ٽنگون به زرافه جيان ئي هلائي رهيو آهي. پر ان جي شڪل نظر نٿي اچي.“

اهو ٻڌي چيتي چيس: ”خبردار! مٿس اعتبار اصل نه ڪج. مٿس چڙهي ويهي رهو. جيئن آءٌ ويٺو آهيان. صبح تائين ويٺو رهج.“

ائين پوءِ هو ٻيئي صبح تائين ويٺا رهيا. سج جي سهائيءَ ٿي ته چيتي چيو. ”يار! تنهنجي حصي ۾ ڇا آيو آهي؟“

شڪاريءَ پنهنجو مٿو کنهندي چيو، ”پيرن کان وٺي مٿي تائين ڀوري ۽ ڳاڙهي رنگ جي  ڪا شيء آهي، جيڪا لڳي ته زيبرا ٿي. پر هن جي جسم تي وڏا وڏا گول نشان آهن.“ کن ترسي چيتي کان پڇيائين. ”تو وٽ ڇا آهي؟“

چيتي به پنهنجي مٿو کنهيو ۽ چيو، ”منهنجي هيٺان به ڪو ڀوري ۽ بادامي رنگ جو جانور آهي. پڪ سان اهو زيبرا ئي هوندو. پر هن جي جسم تي ڪارا ۽ ڳاڙها پٽا آهن.“ پوءِ هن زيبرا کي مخاطب ٿي چيو. ”اڙي او زيبرا! تو پنهنجو ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟ اڳ جڏهن تون وارياسي گاهه واري ميدان ۾ هوندو هيئن ته آءٌ توکي ڏهه ڪوهه پريان کان ئي ڏسي وٺندو هئس. پر هينئر ته تنهنجي شڪل ئي نظر نٿي اچي. ڪهڙا ماجرا آهي.“

زيبرا وراڻيس، ”چيتا! پراڻيون ڳالهيون وساري ڇڏ. ڇو ته هي ءَ پراڻي جڳهه ڪونهي. ڇا توکي اهو اندازو ڪونهي ته هاڻ ماحول گهڻو مختلف آهي.“

چيتي وراڻيس: ”ٺيڪ آهي... ڳالهه سمجهيم... پر اڃا اها ڳجهارت نه نبري آهي ته تون پنهنجو پاڻ کي هي ڇا ڪري ڇڏيو آهي؟“

هاڻ ٻنهين زيبرا ۽ زرافه کي ڇڏي ڏنو. زيبرا هڪ وڻ جي هيٺان وڃي بيٺو، جنهن جي وارن مان سهائي پٽا بنجي هن جي جسم تي پوڻ لڳي. زرافه وري هڪ ٻي وڏي وڻ وٽ وڃي بيٺو، جتي ڇانورو نشان بنجي هن جي جسم تي پوڻ لڳو. تنهن کان پوءِ زيبرا ۽ زرافه ٻنهي چيو، ”هيءَ ئي اهو طريقو آهي، جيڪو اسان اختيار ڪيو آهي. جنهن سان اسين ماحول ۾ ڪجهه ائين گڏجي ويندا آهيون، جو ان ۾ موجود هوندي به ڪنهن کي نظر نه ايندا آهيون.“

اهو چئي هنن هڪ ٻه ٽي تائين ڳڻيو ۽ پوءِ وٺي ڀڳا ۽ اک ڇنڀ ۾ گم ٿي ويا. شڪاري ۽ چيتو ٻئي هئه جا هٿ هڻندا رهيا. کين رڳو پري ڀڄندڙ پٽن ۽ نشانن وارا جسم نظر آيا. پر زيبرا ۽ زرافه جي شڪل ڏسڻ ۾ نه آين. ڪجهه دير کان پوءِ اهي ڀڄندڙ پاڇا به ٻيلي جي گهاٽي ڇانوري ۾ گم ٿي ويا.

شڪاري ڏاڍو حيران ٿيو. هن پنهنجي ساٿي کي چيو: ”يار! هي ته اهڙو ڪرتب آهي، جيڪو پاڻ کي به سکڻ گهرجي.“ پوءِ هو هڪٻئي سان کل مذاق ڪرڻ لڳا. چيتي کي شڪاري چيو: ”يار! تون مون کي ائين پيو ڏسڻ ۾ اچين ڄڻ صابڻ جي ڪا چڪي هجين، جنهن کي ڪوئلي جي کاڻ جي منهن تي رکيو ويو هجي.“

چيتي کلندي وراڻيو، ”واهه يار واهه! تو پاڻ کي ڏٺو آهي... ڄڻ ڪنهن ميٽ پيهي اٽي وانگر ڳوهي ڪوئلن جي ٻوريءَ تي ملي ڇڏيو هجي.“

اهو ٻُڌي شڪاري وراڻيس، ”ڀلي پيو مذاق ڪر. پر ان سان کائڻ جي لاءِ ڪجهه به نه ملندئي.“ پوءِ هن ڳنڀير ٿيندي چيس، ”اڄ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، تنهن مان اهو اندازو لڳايو اٿم ته اسين پنهنجي آسپاس جي ماحول جي رنگن سان نٿا برمچون، آءٌ ته بن مانس جي نصيحت تي عمل ڪندس، هن مون کي ٻُڌايو هو ته مون کي بدلجڻون پوندو ۽ جيئن ته مون وٽ اهڙي ڪابه شيء ڪونهي، جنهن کي بدلائي سگهان، سواءِ پنهنجي بُت جي رنگ جي، تنهنڪري مون کي پنهنجو رنگ بدلائڻون پوندو.“

چيتي خوشيءَ مان رڙ ڪندي پڇيس، ”پنهنجو پاڻ تي ڪهڙو رنگ ڪندين؟“

شڪاري وراڻيس: ”آءٌ پنهنجو رنگ ڪاراڻ جهڙو ڀورو ڪندس ۽ ان ۾ ٿورو آسماني ۽ هئڊو به شامل ڪندس، اهو رنگ انهن وڻن سان ميل کائيندو ته پوءِ آءٌ پري کان نظر اچي نه سگهندس.“

پوءِ هن پنهنجو پاڻ تي اهو نسخو آزمائڻ شروع ڪيو. هن جي بت جو رنگ بدلجي ويو. چيتو حيران به هو ته خوش به ٿيو. هن اڳ ۾ ڪنهن انسان کي رنگ بدلائيندي نه ڏٺو هو. جڏهن شڪاريءَ جو ڪارو رنگ چمڪڻ لڳو ته چيتي چيو، ”هاڻ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

شڪاريءَ صلاح ڏنيس: ”توکي به بن مانس جي نصيحت تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تنهنجي بُت کي ڪارن نشانن سان سينگارڻ کپي.“

”پر ان مان ڪهڙو فائدو؟“ چيتي پڇيس. شڪاريءَ جواب ڏنس. ”اهو تون زيبرا يا زرافه کان پڇي ڏس. هنن جي خيال ۾ هنن جي جسمن تي پٽا ۽ ڪارا نشان ئي آهي، جيڪي هنن جي تسلي ۽ اطمينان جو سبب آهن. ڇو ته ٻيلي ۾ انهن جي ڪري هنن جو بچاءُ ٿيو وڃي.“

اهو ٻڌي چيتو ڪجهه دير سوچيندو رهيو، پوءِ چيائين، ”پر آءٌ زيبرا جيان نظر اچڻ نٿو چاهيان.“

”سوچي وٺ!“ شڪاريءَ چيس، ”آءٌ توکان سواءِ شڪار نه ڪندس. پر جيڪڏهن تو پنهنجو سورج مُکيءَ جهڙو رنگ برقرار رکيو ته منهنجو توسان شڪار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. ڇو ته ٻيلي جي ماحول ۾ منهنجو ڪارو رنگ صاف نظر ايندو. اها ڳالهه مون کي نٿي وڻي. جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ مون کي اڪيلو ئي شڪار ڪرڻو پوندو.“

شڪاريءَ جو اهو حربو ڪارگر ثابت ٿيو ۽ چيتو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هن جي جسم تي ڪارا نشان لڳايا وڃن. ”پر اهي نشان اجايا وڏا نه هجن.“ چيتي رڙ ڪري چيو، ”آءٌ زيبرا يا زرافي جهڙو نظر اچڻ نٿو چاهيان.“

”ٺيڪ آهي! اهي نشان آءٌ پنهنجي آڱرين سان ٺاهيندس. منهنجي بُت تي اڃا گهڻي ڪاراڻ آهي. آءٌ ان سان تنهنجو جسم سينگاريندس.“

پوءِ شڪاريءَ پنهنجون پنجئي آڱريون ڪاراڻ ۾ ٻوڙي هوريان هوريان چيتي جي بدن تي لڳائڻ شروع ڪيون ۽ جتي جتي به آڱرين جا نشان ٿي لڳا، اتي ڪارا نشان پوندا ٿي ويا. پنج پنج نشان، بلڪل هڪٻئي جي ويجهو. هينئر به جيڪڏهن چيتي کي ڌيان سان ڏسبو ته اهي ڪارا نشان يا داغ بلڪل چٽا نظر ايندا. ڪن هنڌن تي شڪاريءَ جون آکريون ترڪي ويون ته اتي نشان ٿورو ڌنڌلائجي ويا. پر اڄ به ڪنهن چيتي جو جائزو وٺبو ته اوهانکي پنج پنج نشان بلڪل هڪٻئي جي ويجهو ئي نظر ايندا. اهڙا نشان، ڄڻ پنج ٿلهيون آڱريون ڪاري رنگ ۾ ٻوڙي هنيون ويون هجن.

جڏهن شڪاريءَ پنهنجو ڪم ختم ڪيو ته رڙ ڪندي چيو، ”واهه! هاڻ ته تون ڏاڍو سهڻو پيو نظر اچين. جيڪڏهن تون ڪنهن خالي هنڌ تي ويهين ته ائين لڳندو ڄڻ پٿرن جو ڪو ڍڳ هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو هجي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٽڪريءَ تي ليٽي پوين ته ائين نظر ايندو، ڄڻ ٽڪريءَ جا پٿر پکڙيا پيا هجن ۽ جي ڪنهن وڻ جو سهارو وٺين ته تنهنجا نشان ائين چمڪندا نظر ايندا، جيئن سج جي روشني پنن مان اندر ليئاڪا پائيندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن رستي جي بلڪل وچ ۾ ويهينءَ ته پوءِ ڪڏهن به نظر اچي نٿو سگهين. هاڻ ٿورو انهن منظرن جو تصور ڪر ۽ خوشيءَ مان هڪ زوردار نعرو هڻ.“

چيتي پڇيس: ”جيڪڏهن آءٌ اهو سڀ ڪجهه بنجي سگهان ٿو ته پوءِ ڀلا تو پنهنجي بُت تي اهڙا نشان ڇو نه ٺاهيا؟“

شڪاريءَ وراڻيس: ”مون کي سادي ۽ ڪاراڻ مائل کَل پسند آهي. هاڻ مون سان اچ ۽ ڏسون ته اسين انهن هڪ ٻه ٽي  چوندڙ جانورن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا يا نه؟“

اهو چئي هو اُتان روانا ٿي ويا ۽ پوءِ پنهنجي زندگي مزي سان گذارڻ لڳا.

هاڻ شايد ڪن ذهنن ۾ اهو سوال اُڀري ته ”ڇا آفريقي پنهنجو رنگ ۽ چيتو پنهنجا چٽڪمرا نشان بدلائي سگهي ٿو؟“ اهو خيال ته وڏي بيوقوفيءَ وارو آهي ۽ ڪنهن به ذهن ۾ نه اُڀري ها، جيڪڏهن چيتو ۽ آفريقيءَ هڪ ڀيرو اهڙي مڙسي نه ڪئي هجي ها، بهرحال ان سوال جو اهوئي جواب آهي ته هاڻ هو ائين نه ڪندا، ڇو ته هو پنهنجي حال ۾ مست ۽ خوش آهن.

شهيد جي ماءُ

 

ٻن ملڪن جي وچ ۾ جنگ ۾ هڪ ملڪ شڪست کاڌي ۽ ان جا ڪجهه علائقا ٻي ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا. انهن علائقن کي واپس وٺڻ لاءِ شڪست کاڌل ملڪ هڪ دفعو زبردست ڪوشش ڪئي، پر هو ان ۾ ڪامياب ڪونه ٿي، ان شڪست جو ٻڌي شڪست کاڌل ملڪ جو ٻچو ٻچو وطن تان سر گهورڻ لاءِ تيار ٿي ويو. والاريل علائقي کان ٽيهارو ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ هڪ ٻُڍي مائي جيني به رهندي هئي. هوءَ ڳوٺ وارن جو ڪم ڪار ڪري پيٽ گذر ڪندي هئي.

جنگ هڪ ڀيرو وري شروع ٿي، شڪست کاڌل ملڪ جو هر فرد محاذ تي وڃڻ لاءِ تيار هو. ان ملڪ جي سرڪار جنگ ۾ پنهنجي سپاهين جي مدد ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي هئي، ۽ هر هنڌ اهڙيون آفيسون کوليون هيون، جتي اِمدادي سامان وصول ڪيو ويندو هو. پوڙهي جيني جڏهن امداد لاءِ پنهنجي حڪومت جي دردمنداڻي اپيل ٻُڌي ته هوءَ پنهنجو ڦاٽل ٽٽل ميرو ٿيلهو کڻي ڪنهن ويجهي امداد وصول ڪرڻ واري مرڪز جي ڳولا ۾ نڪتي، نيٺ هوءَ هڪ مرڪز ۾ پهتي، جيڪو اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ قائم ڪيل هو. هوءَ اندر داخل ٿي، هن ڏٺو ته اُتي هڪ ڀورن وارن وارو جوان ميز تي جهڪيو ڪجهه لکي رهيو هو.

”امداد وصول ڪرڻ وارو مرڪز هيءَ آهي؟“ پوڙهيءَ پڇيو.

”هائو!.....“ نوجوان اُٿندي هڪ ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

هن ڏٺو ته ڪنڊ ۾ ڪپڙن جو ڍڳ لڳو پيو هو. “هون.... ته مون کان به وٺ.“ ائين چئي پوڙهي ٿيلهي مان مٺ ريزگاريءَ جي ڀري ڳڻڻ لڳي.

هڪ، ٻه، ٽي، چار.... ڏهه روپيا، پوڙهيءَ پئسن کي ميزي تي رکندي چيو. اهڙي طرح پوڙهي ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان ڳڻيندي ويئي. هن جي ڳڻڻ جو انداز ڏسي آس پاس جا ماڻهو اهو تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا.

”ڏهه روپيا، ويهه روپيا، ٽيهه روپيا.... اهڙي طرح ڏهن ڏهن روپين جون ڏهه ڍڳيون بنائي چوڻ لڳي، ”منهنجي طرفان وطن جي سورمن لاءِ هيءَ حقير امداد.“

”اوهان جو نالو....“ ڀورن وارن واري نوجوان پڇيو.

”نالو.... نالي جي ضرورت ڪانهي، پوڙهيءَ“

”مون کي ائين پيو لڳي ته هن مائيءَ پنهنجي سڄي ڄمار جي پونجي امداد ڏيئي ڇڏي آهي. منهنجي خيال ۾ تون ڪجهه روپيا هن کي موٽائي ڏي ته جيئن هيءَ ڪجهه ڏينهن آرام سان گذاري سگهي.“ اُتي بيٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻي ڀورن وارن واري نوجوان کي چيو.

”نه بلڪل نه...... آءُ هنن مان هڪ ڪوڏي به ڪونه کڻنديس.“ ائين چئي هوءَ وڃڻ لاءِ مُڙي ته ڀورن وارن واري جوان پُڇيس. ”امڙ تنهنجو نالو ۽ ڳوٺ ته ٻڌائي جيئن اسين داخلا رکي سگهون.“

”تون لک ڌرتيءَ جي هڪ غريب ڌيءَ پاران امداد.“

پوڙهيءَ وراڻيو.

”ڀلا تنهنجو ٻيو ڪير آهي.“ بيٺلن مان هڪ ڄڻي پُڇيو، اهو ٻڌي پوڙهي ڍري ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”هائو! هڪ ٻچڙو هئم، نالو هئس کمونءَ، گذريل جنگ ۾ جڏهن ڳوٺ جا ٻيا نوجوان محاذ تي ويا ته منهنجو ٻچڙو به ويو ۽ هو اُتي ڌرتيءَ ماتا جي حفاظت جي جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو....ان ڏينهن کان وٺي جڏهن کان کمونءَ جنگ تي ويو هو، مون پائي پائي ڪري هي پئسا ميڙيا هئا، ته جڏهن منهنجو کمون موٽندو ته انهن پئسن مان سندس پسند جون شيون وٺي کيس سوکڙي طور ڏينديس، پر کمونءَ جي شهيد ٿيڻ جو ٻڌي اها آس اندر ۾ رهجي ويم ۽ هاڻي جڏهن اسان جي بهادر سپاهين کي امداد جي گهرج آهي، ته سوچيم ڇو نه انهن کي ڏيان جيئن هن جي روح کي، جيڪو وطن ۽ ويڙهيچن جي آزاديءَ لاءِ تڙپي رهيو آهي، ڪجهه سڪون ملي.“ اهو چئي پوڙهي خاموش ٿي ويئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ بوندن وانگر ڳڙي رهيا هئا.

”افسوس..! اسان کي هن کي دوکي ۾ رکڻ نه گهرجي ۽ سڀ ڪجهه ٻڌائڻ گهرجي...“ بيٺلن مان هڪ چيو.

”هائو! مون  کي سڀ خبر آهي، هن ڀيري به  سوڀ اسان جي حصي ۾ ڪونه آئي آهي... هن ڀيري به دشمن سوڀارو ٿيو آهي، پر مون کي وشواس آهي ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن اسان جو وطن آزاد ٿيندو، پوءِ اسان انهن سوين کموئن جي قبرن تي گلن جي ورکا ڪنداسين، انهن جي شان ۾ گيت چونداسين.... ان لاءِ آءٌ اڄ کان ئي ايندڙ جنگ جي تياريءَ لاءِ پيٽ تي پٿر ٻڌي پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪنديس.“ اهو چئي پوڙهي وڃڻ لڳي، پويان بيٺل همراهن مان ڪنهن چيو، ”بيشڪ اها ڌرتي ڪڏهن به غلام نه ٿي رهي سگهي، جنهن جي ٻار توڙي ٻڍي ۾ آزاد رهڻ  جو جذبو آهي.“ (ماخوذ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org