سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: جبلن ۽ رڻن پٽن

۾ انساني زندگي

 

صفحو :1

جبلن ۽ رڻن پٽن ۾ انساني زندگي

محمد اسماعيل عرساڻي

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

منڍ

خدا تعاليٰ جي قدرت جو انت ڪونهي.  سڄي مخلوق  تي سندس اپار احسان آهن جن جي وستار ڪرڻ جي اسان جي زبان کي ڪابه طاقت نه آهي. هن پنهنجي حڪمت سان آسمان ۾ سج، چنڊ، تارا ۽ ڪتيون ۽ نکٽ نروار ڪيا آهن ته ڌرتيءَ تي وري ٻيون جوڙون جوڙيون اٿس_ ڪٿي زمين اُتاهين آهي ته ڪٿي ترائي_ ڪٿي آباد سڌا ميدا آهن ته ڪٿي رڻ پٽ ۽ بيابان آهن جي غير آباد آهن. ڪٿي - وري اتاهان جبل يا ٽڪريون آهن ته ڪٿي مٿاهيون واريءَ جون ڀٽون جي پڻ جبلن جو نظارو ڏيکارين ٿيون. ڪٿي پهڻ  واري زمين، ڪٿي پوک لائق مٽيءَ واري ڌرتي ته ڪٿي ڪارو ڪلر جنهن ۾ اوڀر نه اڀري. ڪٿي رڃ جو ڏيک ته ڪٿي رڻ پٽ_ ڌڻيءَ جي قدرت  جا اهي نظارا ڏسي اسان جي زبان مان سندس تعريف ۽ ساراهه جا ڪلما نڪريو وڃن ۽ اسان کي پڪ ٿئي ٿي ته هنن ڏيکن جو جوڙيندڙ ۽ انهن کي هلائيندڙ ۽ ڪنهن نظام ۾ رکندڙ ضرور ڪا وڏي طاقت آهي ۽ اها طاقت الله تعاليٰ جي آهي جنهن سڄو جهان جوڙيو آهي ۽  جنهن جي اسان کي دل وجان سان بندگي ڪرڻ گھرجي ۽ سندس ٿورا ڳائڻ کپن.

ٽڪرين ۽ جبلن تي مينهن پون ٿا جن جو پاڻي لاهن يا آبشارن رستي هيٺ ماٿرين ۾ ڪري ٿو جتي ڍنڍون ۽ چشما ٺهي پون ٿا ۽ وڌيڪ پاڻي نين رستي وهي درياءَ ٺاهي ٿو_ درياءَ وهي سمنڊن ۾ پون ٿا ۽ سمنڊن جو پاڻي سج  جي تپش رستي ٻاڦ جي صورت ۾ مٿي چڙهي آسمان تي ڪڪر ٺاهي ٿو جي وڄ  ۽ گجگوڙ ڪري زمين تي وسن ٿا ۽ اهو نار وارو ڦيرو پوري ترتيب سان هلندو رهي ٿو، جنهن تي انسانن، حيوانن، پکين ۽ پاڻيءَ جي ساهه وارن، سڀني جي جياپي جو آڌار آهي.  جيڪڏهن جبل ۽ ٽڪريون نه هجن ته برسات ئي هوند نه پوي. جي برسات نه پوي ته درياهه، ڍنڍون، تلاءُ ۽ چشما نه هجن. جي ائين نه  هجي ته زرخيز ميدان آباد نه ٿين.  نه پوکون هجن نه انُ ملي نه ميوو ۽ نه گل ڦل ۽ گاهه ملن_ نه ٻيلا هجن نه هُڙيون_ نه ڪو وڻ ٽڻ ٿئي نه اسان کي جاين ٺاهڻ ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪاٺيون ملن. نه ئي اسان کي باهه ٻارڻ ۽ کاڌي رڌڻ جو وسيلو ملي سگھي.  اسين انسان هڪ پاسي بک مرون ۽ ٻئي پاسي ساهوارا جيءُ تڳائي نه سگھن. هن پرٿويءَ جو سڄو ڪارخانو ڊهي پوي. زمين جي اندر جيو آهن سي سڀ ناس ٿي وڃن، جانور جي اسان کي کائڻ، سواري ڪرڻ ۽ کير ڏيڻ لاءِ مليا آهن تن جو وجود ئي ختم ٿي وڃي.

 

اسان جي پاڪ ڪتاب خدا جي ڪلام قرآن شريف ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن دنيا جا  سڀ وڻ قلم ٿي پون ۽ سمنڊ ۽ درياءُ مس ٿي پون ته به اسين پنهنجي خالق الله تعاليٰ جي صفت ۽ ساراهه لکي پوري ڪري نه سگھون.

هڪ بزرگ چيو آهي ته اسين خدا تعاليٰ جي قدرت تي جيڪڏهين غور سان نهارينداسين ته اسان کي ساون وڻن جي هر هڪ پن ۾ سندس قدرت ڏسڻ ۾ ايندي ۽ اسين سمجھي وينداسين ته هر هڪ پن خدا تعاليٰ جي قدرت جو هڪ وڏو دفتر آهي.  

اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو  ته رب تعاليٰ ڌرتيءَ کي ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. جن بابت اسان کي هن ڪتاب ۾ پڙهڻو آهي_ اهي ٽي مکيه ڀاڱا آهن.

ٽڪريون ۽ جبل ( اتاهيون زمينون) (2) سڌا پٽ ۽ ميدان (3) رڻ پٽ بيابان.

اچو ته اسين ڏسون ته ان هرهڪ ڀاڱي مان اسان کي حياتيءَ جون ڪهڙيون نشانيون ملن ٿيون ته اسان کي پتو پوي ته انهن ٽنهي ڀاڱن جي اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي. ڪنهن ڪويءَ يعني شاعر چيو آهي ته:

ڌڻي آهي قدرت سان ڌرتي بنائي،

ڪٿي ٿئي مٿاهين ڪٿي ٿئي ترائي.

پهڻ واري ڌرتي اتاهين ٿئي جا،

جبل ۽ ٽڪر عام ٿي ڪوٺجي سا.

انهيءَ تي پون مينهن، ڪڙڪا نيون ڪن،

سمونڊن جون لهرون، لڳن پڻ مٿي تن.

گسي ۽ ڦٽي ٿين ٽڪرا ٿيون ٽڪريون،

جڙن تن مان ريتي ڪڪري ۽ پهڻيون.

 

----

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com