سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب: جبلن ۽ رڻن پٽن

۾ انساني زندگي

 

صفحو : 4

باب ٽيون

ميداني علائقا

(ڀاڱو ٻيون)

ٽڪرين ۽ پهاڙي علائقن ۾ ڪهڙا ڪهڙا جانور رهن ٿا. ساڳيءَ طرح ميداني زمين تي ڪهڙا ڪهڙا جانور رهن ٿا. تن بابت اسين مختصر بيان ڪري چڪا آهيون. البت هوا ۾ اڏامندڙ پکين ۽ پاڻيءَ جي جاندارن بابت ڪجھ لکڻ باقي آهي. ٽاڪرو علائقن ۾ ڪونجون، جي خاص روهه جا پکي آهن، سي ٻين ملڪي حصن ۾ ڪونه ٿين. ٻيا پکي جھڙوڪ سرڻيون، باز، شڪرا، لغڙ ۽ ٻيا شڪاري پکي ٽاڪرو علائقا جي پيدائش آهن. تتر ۽ تلورون به ڪافي انداز ۾ ٽاڪرو پٽن ۾ ٿين ٿيون، جيتوڻيڪ اهي پکي ميداني علائقن ۾ به رهن ٿا. باز ۽ شڪرا شڪاري پکي آهن، جي ٻين ننڍن پکين کي شڪار ڪري چنبن ۾ جھلي کائيندا آهن. تتر، تلور، حلال پکي آهن، جي کائڻ ۾ ڪڪڙ کان به وڌيڪ لذيذ آهن. گگھه پکي. اُلو يا چٻرا ٽڪرائتن پٽن ۾ هوندا آهن، ساڳي وقت اهي صحرائن يا بيابانن ۾ به آباد هوندا آهن.

باغن جا پکي ته بي انداز آهن مثلاً بلبليون، چيها، ڳيرا، ڪبوتر، طوطا ۽اهڙي قسم جي ٻين ڪيترن پکين جون جنسون باغن جي سونهن آهن. ٻنين ۾ وري جھار_ جھرڪيون، جھنگ_ جھرڪيون ٻوڙيون اهڙا پکي آهن، جي اَن جي سنگن تي ويهي اَن کائي پوک کي ڪافي نقصان پهچائين. پاڻيءَ جي ڍنڍن تي وري پکين جي هڪ خاص مخلوق آباد آهي. پاڻيءَ جي پکين جا به ڳچ جيترا قسم آهن. مثلاً بدڪون، آڙيون، نيرڳيون، ڪنگ، ۽ ٻگھا وغيره.

 اسين ڍنڍن تي عام ڏسي سگهندا آهيون، نه ته انهن  جو ديدار اسان کي چڙيا گھرن ۾ ٿي سگھندو. جر جا جانور به عجيب آهن:  لڌڙا، واڳو، مانگر مڇ، ٻلهڻيون سمنڊن ۾ ڪثرت سان ملن ٿا. باقي مڇين جو ته ڪو شمار ئي ڪونه آهي.

 

مڇيون نه رڳو سمنڊن ۾ ملن ٿيون پر مٺي پاڻيءَ جي وهندڙ دريائن ۾ به ڪافي انداز ۾ ملن ٿيون. سنڌو درياءَ جي هڪ خاص مڇي ’پلو‘ نالي آهي، جا نهايت لذيّذ آهي. دريائن مان نڪتل ڍنڍن ۾ ته مڇين جي خاص پالنا ٿئي ٿي يا جبلن جي پاڻيءَ مان ٺهيل چشمن ۾ به ڪيتريون ئي سوادي مڇيون ٿين ٿيون، جن جو وڏو واپار هلي ٿو. مهاڻا يا مڇيرا جن جو گذر مڇين مارڻ تي آهي، سي ان مان ڪافي لاڀ وٺن ٿا. مڇين جو شڪار ڄارين ۽ ڪُڙهين جي ذريعي ڪيو ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جي پکين جو شڪار ڄارن ۽ بندوقن ذريعي ڪيو ويندو آهي. مطلب ته ميداني پکي، پاڻيءَ جا پکي ۽ مڇيون ۽ ٽڪرين ۽ ٻيلن جا هرڻ ، ڦاڙها، سامبر، ۽ روجھون وغيره سڀ الله تعاليٰ انسان جي مطيع  ڪيا آهن ته هو انهن مان حلال ڪيل ساهوارن کي کائي پيٽ قوت ڪري ۽ سندس شڪرانا بجا آڻي.

غور ڪري ڏسجي ته زمين جو هر هڪ ٽڪرو پنهنجي جاءِ تي ڪمائتو آهي. ائين چئي ڪونه سگھبو ته ٽڪريون نه هجن ها، يا رڻ پٽ هجي ها ته ڪهڙو هرج هو! پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هر ڪا شيءَ ضروري آهي. ٽڪرين جو به اهڙو ئي ضرور آهي جھڙو ميداني حصن جو؛ ۽ رڻ پٽ جي اهڙي ئي ضرورت آهي جھڙي باغن ۽ چمنن جي. هر هڪ ڀاڱي ۾ پنهنجون خاصيتون آهن ۽ هر هڪ زمين جو حصو انسان لاءِ اهڙو ئي ڪارائتو آهي جھڙو ٻيو حصو. خداوند ڪريم ڪابه شيءِ اجائي يا بي فائدي نه خلقي آهي. جبل، ٽڪر، ماٿر، ماٿريون، ٽڪريون، دڙا، ڀٽون ۽ باغ راغ سڀ انسان جي عبرت وٺڻ لاءِ خلقيا ويا آهن، جي انهن جي جوڙيندڙ جي ڪمال ڪاريگريءَ جي ساک ڀرين ٿا. جبلن ۾ شيهي، ٽامي، لوهه، سون، چاندي،  قلعي ۽ پتل وغيره جون کاڻيون آهن. ويرانن ۾ ڪوئلن، چن، سونا گيڙو، ڳاڙهي پٿر، سنگمرمر ۽ ڳاڙهي عمارتي پٿر ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جي پٿرن جا ذخيرا آهن. جي سڀ انسان جي آرام لاءِ خلقيا ويا آهن. پوءِ انسان تي ڪيڏي نه جوابداري آهي ته هو پنهنجي ساري جڳ جي پالڻهار کي سڃاڻي ۽ سندس ڏنل نعمتن تي ويچار ڪري، ۽ انهن مان جدا جدا ڪم وٺي. قرآن پاڪ ۾ آهي ته الله تعاليٰ اوهان تي لوهه نازل ڪيو، تان ته اوهين ان مان فائدو وٺو. ٿوروئي فڪر ڪيو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته جيڪڏهين هي لوهه نه هجي ها نه هي جھاز، ريلوايون، جايون، وڍ ڪٽ جو سامان، مشينون، انجڻيون ڪٿان اچن ها! ۽ اسين ڪيئن پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهون ها. زراعت لاءِ هر، ڦار ۽ ٻيا اوزار ڪٿان اچن ها ۽ اسين زمين کي ڪيئن آباد ڪري سگھون ها؛ ڪوڏرون، ڪهاڙيون رنبا ۽ ڦر نه هجن ها ته اسان آبادي هر گز ڪري ڪونه سگھون ها ۽ هي شيون ۽ باغ ائين نه ڏسون ها ۽ اسان کي پنهنجي حياتي جانورن وانگر گذارڻي پوي ها. انسان کي الله تعاليٰ ٻين ساهوارن کان وڌيڪ شان بخشيو آهي ۽ اسان کي مخلوقات ۾ برتر ۽ اشرف بنايو ۽ اسان جي مدد لاءِ هر ڪا ضرورت جي شيءِ اسان کي موجود ڪري ڏني. اسان کي ذهن ۽ دماغ ڏنو ته اسين پنهنجي مشڪلاتن جو حل ڳولي ڪڍون جو ٻيا جانور ڪري نٿا سگھن. مثلاً ڪنهن به جانور کي ڪو درياءُ پار ڪرڻو پوندو ته لاچار ٿي پٺ ورائي موٽي ويندو، پر ان جي برخلاف انسان ٻيڙي جوڙي درياءَ کي پار ڪري سگھندو. ان ڪري انسان کي جڳائي ته خدا تعاليٰ جي نعمتن کي ڪڏهن وساري نه پر انهن کي ياد ڪري سندس حڪمن تي هلندو رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com