سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مثالي شاگرد

 

صفحو : 6

 

مقصد رکڻ

اعلى تعليم:

اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته اعليٰ تعليم تائين، تمام ٿورا شاگرد پهچي سگهن ٿا ۽ اهي به تمام وڏين مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان. جيڪي شاگرد، پهرين ڪلاس ۾ داخل ٿين ٿا، سي سڀ پنجين ڪلاس تائين پهچي ڪونه ٿا سگهن. بلڪ اڌ ۾ رهجي ٿا وڃن. وري جيترا شاگرد ڇهين جماعت ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي به اڌ جيترا مس مئٽرڪ ۾ پاس ٿي نڪرن ٿا. تنهن کان پوءِ، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ تائين پهچندي پهچندي، شاگردن جو تعداد، نهايت ٿورو وڃي ٿو رهي.

انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن. هڪ وڏو سبب اهو آهي جو اسان جا مائٽ جن جون مالي حالتون تمام ضعيف آهن، سي ٻارن جي پڙهائيءَ جو خرچ سهي نه ٿا سگهن، جنهنڪري شاگرد کي جلد ئي پنهنجي تعليم ختم ڪرڻي پوي ٿي. ٻيو ته، جن مائٽن جي مالي حالت چڱي به آهي، انهن مان ڪن ۾ تعليم تي پورو ڌيان ڪونه ٿا ڏين. جنهنڪري ٻار، پنهنجي روءِ سوءِ هلي هلي، بيهي رهن ٿا. ڪي مائٽ وري چاهيندا آهن ته اسان جو اولاد، جلد ئي تعليم ڇڏي، ڪنهن ڌنڌي، نوڪريءَ يا پورهيي سان لڳي وڃي ۽ پنهنجي لاءِ يا اسان جي لاءِ ڪجهه ڪمائي. ڪن مائٽن کي ته پنهنجي اولاد لاءِ تعليم ۾ ڪو خاص فائدو نظر ڪونه ايندو آهي، جنهنڪري سندن دل کٽي ٿي پوندي آهي ۽ ٻارن کي وڌيڪ پڙهائڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ سندن تعليم کي روڪي وٺندا آهن. ڪي اهڙا مائٽ به آهن، جيڪي سرنديءَ وارا به آهن ۽ کين تعليم لاءِ چاهه به هوندو آهي، پر ڪن سببن جي ڪري، سندن اولاد اڳتي تعليم جاري رکي نه سگهندو آهي، تنهنڪري انهن جي تعليم اڌ ۾ ئي ختم ڪرائي ڇڏيندا آهن. ان جو سبب، شاگردن جي بلي، اهو هوندو آهي ته ڪن سببن جي ڪري، خاص ڪري نقل ڪرڻ جي عادت سبب، تعليم ۾ هو خاص نتيجو ڏيکاري نه سگهندا آهن، يعني پڙهڻ ۾ جڏا ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ اڳتي هلي نه سگهندا آهن.

انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي، هڪ خاص سبب ٻيو آهي جنهنڪري شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکي نه سگهندا آهن ۽ واٽ تي بيهي رهندا آهن. اهو سبب آهي ڪنهن خاص، پڌري ۽ مضبوط مقصد جو نه هئڻ. مطلب آهي ته انهن جي اڳيان ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو مقصد ڪونه هوندو آهي، جنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ کين محنت ڪرڻي پوي. اسان ڏٺو آهي ته اهڙا شاگرد به اسان جي قوم ۾ ٿي گذريا آهن، جن جي مائٽن جون مالي حالتون نهايت ڪمزور رهيون، جن جا مائٽ، کين پڙهائڻ ۽ تعليم ڏيارڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ کان عاجز رهيا، بلڪ ،ڪن شاگردن کي ته مائٽن منع به ڪئي ته تعليم جو سلسلو بند ڪري ڇڏين؛ پر اهي بامقصد ۽ باهمت شاگرد اڳتي وڌندا رهيا ۽ پنهنجي مقصد کي وڃي پهتا. يعني اعليٰ تعليم حاصل ڪري ورتائون ۽ پنهنجو نالو به روشن ڪيائون ته پاڻ جهڙن غريب ۽ مسڪين ٻارن جي به مدد ڪيائون. اهڙن شاگردن کي، پنهنجي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ شاگردن جون کٽون به واڻڻيون پيون ۽ ٻاهر گهٽين ۾ ٻرندڙ بتين جي هيٺان ويهي، ڪتاب پڙهي، امتحان ڏيڻان پيا ۽ هو اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪشالا ڪڍي به پنهنجي مقصد کي ماڻي سگهيا. اهڙو اسان جي سنڌ ۾ هڪ مثال ته ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو آهي، جيڪو بيشڪ اهڙن مثالي شاگردن مان هڪ هو، جن جو بيان اسين هتي ڪري رهيا آهيون.

سو، هڪ مثالي شاگرد لاءِ ضوروي آهي ته هو  پنهنجي اڳيان هڪ مقصد رکي ۽ سندس مقصد اهڙو ته صاف ۽ روشن هجي ۽ اهڙو ته وڏو، سٺو ۽ پرڪشش هجي، جو ان تائين پهچڻ ۾، هو سخت کان سخت محنت ڪرڻ کان به نه ڪيٻائي ۽ واٽ تي جيڪي به مشڪلاتون ۽ رنڊڪون درپيش اچنس، تن کي مڙس ٿي منهن ڏئي ۽ اڳتي نڪري وڃي. اهڙي بامقصد ۽ پڪي ارادي واري مثالي شاگرد اڳيان، والدين جون مالي حالتون ۽ پنهنجا ڪي جسماني عيب ۽ ڪمزوريون به ڪا معنيٰ ڪونه ٿيون رکن ۽ هو انهن کي پنهنجي همت ۽ عقلمنديءَ سان منهن ڏيئي سگهي ٿو.

مثالي شاگردن جون اميدون اعليٰ ۽ اوچيون هجن. هن جو مقصد، واٽ تي، ڪنهن نشان تي بيهڻ نه هجي، پر اعليٰ تعليم تائين پهچڻ جو هجي. کيس هميشہ اهو سوچڻ گهرجي ۽ پڻ اميد هئڻ گهرجي ته آءُ ڪنهن خاص علم ۾، وڏي کان وڏي ڊگري حاصل ڪندس، جيڪا ڪنهن خاص درجي واري هوندي. جڏهين هن جي اميد وڏي، مقصد سٺو، ارادو مضبوط ۽ همت بلند هوندي، تڏهين هو ڪنهن به قسم جي رنڊڪن جو خيال نه ڪندي، پنهنجيءَ منزل تائين پهچي ويندو ۽ پنهنجو نالو به روشن ڪندو ۽ پنهنجو مقصد به حاصل ڪري وٺندو.

سٺو شهري:

جڏهين مثالي شاگرد پنهنجو ڪو مقصد مقرر ڪري، ان وقت کيس هيءُ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سندس مقصد رڳو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ نه هجي، پر ان ۾ پنهنجي ديس ۽ ديسي ڀائرن جو مفاد به هجي. هن کي، اڳتي هلي، نه رڳو پنهنجو ۽ پنهجي ٻچن جو پيٽ پالڻو آهي، پر اُن سان گڏ، قوم جي خدمت به ڪرڻي آهي. کيس هڪ سٺو شهري ٿيڻو آهي، جنهن مان کيس به فائدو رسي ته ٻين کي به؛ پنهنجي عزت ۽ ناموس به پيدا ڪري سگهي، ته ٻين جي عزت ۽ مان کي به ڇهيو نه رسائي. اسين هيٺ هڪ ’سٺي شهري جون ڪجهه صفتون‘ بيان ڪريون ٿا، جيڪي هڪ  مثالي شاگرد کي، شاگرديءَ واري عرصي ۾ ئي، ذهن ۾ رکڻ گهرجن ۽ انهن صفتن کي پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪن اصولن کي پنهنجي سامهون رکي، ڪچي۽ ۾ ئي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

(1) هن کي، پنهنجي گهر جي ڀاتين، پاڙيسرين ۽ قوم سان سچو رهڻو آهي ۽ ڪنهن به ڳالهه ۾، انهن سان بي ايماني يا ٺڳي ۽ دولاب نه ڪرڻو آهي.

(2) هن کي پنهنجي پياري وطن سان وفادار رهڻو آهي ۽ جيڪي به قوم ۽ وطن کي مسئلا درپيش ٿيندا رهن، تن کي سمجهڻو آهي ۽ انهن جي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجيون سڀ صلاحيتون ڪتب آڻڻيون آهن ۽ اُن ڪوشش ۾ هڪ قدم به پوئتي هٽڻو نه آهي.

(3) هن کي قرآن ۽ سنت جي حڪمن تي هلڻو آهي ۽ پنهنجن ملڪي قانونن جي پابندي ڪرڻي آهي. ۽ ٻين کي پڻ اهڙي قسم جي هدايت ڪرڻي آهي.

(4) هن کي جيڪي به سرڪار جي طرفان محصول ۽ ڍلون مقرر ٿيل آهن ۽ کيس ادا ڪرڻيون آهن، سي باقاعدگيءَ سان، ايمانداريءَ سان ۽ پوريءَ طرح ادا ڪرڻيون آهن، ۽ ائين ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪرڻي نه آهي.

(5) هن کي پنهنجي پاڙيسرين جي، هر موقعي تي ۽ هر تڪليف ۾، وت ۽ وس آهر، مدد ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن به طرح جي اهنج ايذاءُ، انهن لاءِ پيدا ڪرڻو نه آهي.

(6) سماج جي هر فرد سان، کيس سهڻي نموني هلت ڪرڻي آهي ۽ انهن سان سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ورتاءُ ڪرڻو آهي.

(7) جيڪڏهين پاڻ ڪنهن ڌنڌي جو مالڪ آهي ته اُن ۾ کيس پوري تور ۾ ماپ ڏيڻي آهي ۽ پوري تور ۽ ماپ وٺڻي آهي.ملاوٽ، چور بازاري، ذخيره اندوزي وغيره، تمام ذليل حرڪتون آهن، جن کان کيس هر حالت  ۾ پاسو ڪرڻو آهي.

(8)جيڪڏهين سرڪاري ملازم آهي ته کيس ماڻهن جي خدمت واري جذبي سان ڪم ڪرڻو آهي.رشوت کان ۽ بي انصافي ڳالهين کان هر طرح دور ڀڄڻو آهي ۽ عوام يا عرضدارن کي هر صورت ۾ تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو آهي. وقت جي پابندي پوريءَ ذميداريءَ سان فرض ادائي ۽ ماڻهن سان همدرديءَ وارو رويو- اهي هڪ چڱي ۽ خدا ترس ملازم جون لازمي وصفون آهن .

(9) هن کي پنهنجي مذهبي اصولن تي قائم رهڻو آهي ۽ ڪنهن جي به مذهب ۾ دخل يا دست اندازي ڪرڻي نه آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي مذهب ۽ نسل ۽ رنگ روپ يا ذات پات جي ڀيد جي خيال رکڻ کان سواءِ انساني فرض طور ڏکئي وقت ۾، هن جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ مدد  ڪرڻي آهي.

 

 


 

پڄاڻي

آخر ۾، ايترو چوڻ لازمي ٿيندو ته مثالي شاگرد کي ٻين لاءِ مثال ٿي پيش ٿيڻو آهي، جو ٻيا شاگرد، هن جي هلت چلت ۽ عادتن کي ڏسي، پاڻ به اهڙا ٿيڻ چاهين ۽ پاڻ ۾ اهڙين عادتن جي عادت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙي قسم جو شاگرد، پاڻ به سکي رهندو، عزت ۽ مان واري حياتي گذري سگهندو ۽ والدين ، سماج، قوم ۽ ملڪ لاءِ به قيمتي سرمايو ثابت ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com