سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مثالي شاگرد

 

صفحو :1

مثالي شاگرد

محبوب علي جوکيو

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

تمهيد

شاگرد ڇا آهي؟

جيڪڏهن ويهي سوچجي ته اسين سڀ شاگرد آهيون. هن دنيا ۾ اسين سڀ سکڻ آيا آهيون ۽ سکندا رهون ٿا. رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته ”علم حاصل ڪريو پينگهي کان وٺي قبر تائين.“ انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته اسان کي سڄي عمر علم حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪرڻ گهرجي، حقيقت به اها آهي ته اسين سڄي عمر علم حاصل ڪندا رهون ٿا. اسين ڄمڻ شرط سکڻ جو عمل شروع ڪري ڏيون ٿا. پهريائين ماءُ ٿڃ پيارڻ سيکاري ٿي،پوءِ ابا ۽ اما ڪرڻ سيکاري ٿي، ۽ ٻين شين جا نالا سيکاري ٿي ۽ اُنهن جا فائدا ۽ نقصان پڻ ٻڌائي ٿي. اٿي ويهڻ، ريڙهيون پائڻ، پنڌ ڪرڻ، ڊوڙون پائڻ ۽ ٻيا ڪيترائي عمل اسان کي گهر ۾ ئي سکڻا پون ٿا.  

جڏهين اسين گهر مان ٻاهر نڪرڻ جهڙا ٿيون ٿا ۽ اسان جي سمجهه ڪجهه وڌي ٿي، ته اسان کي اسڪول ۾ موڪليو وڃي ٿو، جتي اسان جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو خاص انتظام ڪيل آهي. لکڻ پڙهڻ جي سکي وڃڻ کانپوءِ، اسان کي ڪيترن ئي ڪتابن  جي وسيلي، وڏن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽن ۾، وڌيڪ تعليم ڏني وڃي ٿي، جن ۾ ڊاڪٽري، انجنيئري، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سکيائون آهن.

انهن تعليمي ادارن مان سکي نڪرڻ کانپوءِ به، هن وڏيءَ ڪائنات ۾، اسان جي سکڻ جو عمل جاري رهي ٿو. اسين ٻيا ڪيترائي ڪتاب پڙهون ٿا، ۽ تنهن سان گڏ، هيءُ ڪائنات جو وڏو ڪتاب ـــ جيڪو اسان جي اڳيان هميشہ کليل رهي ٿو ۽ جنهن جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ مشاهدي ڪرڻ لاءِ ، قرآن حڪيم ۾ هدايتون فرمايل آهن. سو پڙهون ٿا ۽ پنهنجي حياتيءَ جي مقصد دنيا پيدا ٿيڻ جي مراد ۽ خالق جي معرفت بابت ڪيتريون ئي حقيقتون سکندا رهيون ٿا. نه رڳو ايترو، پر هن ڪائنات کي ڏسي به ٻين ماڻهن جي حالتن ۽ تجربن کي ذهن م رکي، اسين پاڻ به ڪيترائي تجربا حاصل ڪريون ٿا ۽ ڪيترا نظريا قائم ڪريون ٿا. اهو عمل مرڻ گهڙيءَ يعنيءَ  قبر ۾ داخل ٿيڻ تائين جاري رهي ٿو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته اسين پينگهي کان وٺي قبر تائين، شاگرد يعني سکندڙ آهيون. پوءِ کڻي ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ باقاعدي نه به پڙهندا هجون. انهيءَ ڪري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته پينگهي کان وٺي قبر تائين عام حاصل ڪريو.

هي، جي مڪتب ۽ مدرسا. اسڪول ۽ ڪاليج ۽ اعليٰ تعليم لاءِ يونيورسٽيون کوليون ويو آهن. تن جو مقصد اهو آهي ته انهن ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي مدد سان، اسين تيزيءَ سان پوريءَ رٿا سان، ۽ لاڳيتيءَ ڪوشش سان ضروري علم حاصل ڪريون، ۽ اهي شيون، جيڪي هوند اسين پنهنجي منهن سکي نه سگهون ها، اُهي اتي سکي وٺون.

عام طرح، اسين شاگرد اُن کي چوندا آهيون جيڪو باقاعدي ڪنهن تعليمي اداري ۾ تعليم وٺندو هجي ۽ اتي جنهن تعليم طريقي جو انتظام ڪيل هجي. اها تعليم، انهيءَ طريقيءَ سان حاصل ڪندڙ هجي. اهڙي شاگرد لاءِ ۽ سندس اهڙيءَ تعليم لاءِ وقت جي مدت مقرر ٿئي ٿي. اسان وٽ اُها اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تعليم جي مدت پرائمريءَ جا پنج سال. ثانويءَ جا پنج سال، اعليٰ تعليم جا، ٻه يا چار سال ۽ يونيورسٽيءَ جا چار، پنج يا ڇهه سال ٿئي ٿي، ۽ ائين ماڻهوءَ جي اها دستوري شاگردي وڌ ۾ وڌ هن جي 24يا 25 سالن جي عمر تائين پوري ٿيو وڃي . پر علم يا ڄاڻ پرائيندڙ يا سکندڙ جي صورت ۾ ماڻهوءَ جي شاگرديءَ لاءِ ڪنهن مدت جي يا ڪنهن عمر جي حد ئي مقرر ڪانهي. علم ايترو ته گهڻو آهي ۽ ايترو ته وڌي رهيو آهي. جو ڪنهن ماڻهوءَ جي هيءَ عمر کڻي سؤ ورهين جي يا اُن کان به وڌيڪ ڇو نه هجي، تنهن هوندي به اُها پوري نه آهي.  

دستوري شاگردن ۾ به ڪي اهڙا شاگرد ٿين ٿا، جيڪي تعليم پرائڻ جي مقصد سان انهن تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺن ٿا ۽ پاڻ کي شاگرد چوائين ٿا يا سمجهن ٿا،پر هو صحيح معنيٰ ۾ شاگرد نه آهن. بلڪ ائين چئجي ته اهي مثالي شاگرد نه آهن.مطلب اهو آهي ته اهي شاگرد، تعليمي ادارن ۾ داخلائن هوندي به اتي باقاعدگيءَ ۽ وقت جي پابنديءَ سان ڪونه ٿا وڃن، دير سان وڃن ٿا يا سوير موٽي اچن ٿا. ڏينهن جا ڏينهن، بنان ڪنهن معقول سبب جي، اسڪولن کان غير حاضر رهن ٿا ، يا جيڪڏهين اسڪولن ۾ وڃن به ٿا، ته اتي جي ضابطن ۽ قانونن جو احترام ڪونه ٿا ڪن، پڙهڻ ۾ پوريءَ طرح ڌيان ڪونه ٿا ڏين، استادن کي چڱيءَ طرح ڪونه ٿا ٻڌن، انهن جي طرفان ٻڌايل ڳالهيون يا ڏنل سبق ياد ڪونه ٿا ڪن، پنهنجو وقت، اسڪول ۾ هوندي به، اجايو ڪچهرين ۽ لٻاڙن ۾ وڃائين ٿا، ادارن ۾ بدانتظامي پيدا ڪن ٿا، وقتي ته جڏا ڪم ڪن ٿا، جيئن ته هڙتالن ڪرڻ ۾ حصو وٺن ٿا ۽ پنهنجن ئي ادارن جي ملڪيت کي نقصان رسائين ٿا. اهڙا رڳو نالي جا شاگرد، گهرن ۾ اچي، مائٽن کي به تنگ ڪن ٿا، ۽ انهن جي عزت ۽ آبرو جو ڪوبه خيال ڪونه ٿا ڪن. جيڪڏهين هو، شام جو اسڪولن جي راندين واري ميدان تي وڃن ٿا، ته اتي به راندين ۾ حصي وٺڻ بدران، رلن ٿا، شرارتون پکيڙين ٿا ۽ پاڻ ۾ وڙهن ٿا.

اهڙيءَ طرح، هو جنهن مقصد سان اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏانهن وڃن ٿا، سو پورو ڪونه ٿو ٿئي. اهڙي قسم جا شاگرد، والدين، استادن، بلڪ سماج ۽ قوم لاءِ آزاد آهن ۽ اڳتي هلي، ڏوهاري يعني رهزن، چور، راشي، ٺڳ، ۽ ڦورو واپاري وغيره بنجن ٿا. ان مان سنئون سڌو قوم ۽ ملڪ جو نقصان ٿئي ٿو.

اهي مثالي شاگرد ته ڇا، پر شاگرد چوائڻ جا به لائق نه آهن. مثالي شاگرد ته اهڙن شاگردن جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي. مثالي شاگرد اهو آهي ، جيڪو پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي مقصد ، قوم جي مراد ۽ ملڪ جي اميدن موجب ڪم ڪري ۽ ٻڌايل اصولن ۽ مقرر ٿيل قانونن پٽاندر محنت ڪري ۽ پاڻ ۾ اهڙا گڻ ۽ اهڙو اخلاق پيدا ڪري، جو ٻيا شاگرد ، هن جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿين، بلڪ مجبور ٿين، ۽ هر وک تي، هن  جو مثال وٺڻ ۽ هن جي نموني تي پاڻ به هلن ۽ محنت ڪن ۽ ٻين کي به ائين ڪرڻ جو ڏس ڏين. اسان کي هت، اهڙي مثالي شاگرد جو بيان ڪرڻو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com