سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: وڏن جو ادب

 

صفحو : 3

پيءُ جي فرمانبرداري

ماءُ- پيءُ جي عزت، خدمت ۽ فرمانبرداريءَ جو وڏو درجو آهي. جيڪو شخص ماءُ- پيءُ جي فرمانبرداري ڪري ٿو، الله تعالى ان تي مهربان ٿئي ٿو ۽ کيس گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا.

اسلام ۾ ماءُ- پيءُ جي خدمت جو تمام وڏو درجو آهي. چون ٿا ته هڪ شخص نبي سڳوري کي اچي عرض ڪيو ته ”اي الله جا رسول (صلي الله عليه وآلهٖ وسلم)، مون کي اجازت ڏيو ته جهاد ڪرڻ وڃان“. مِٺي مُرسل کائنس پڇيو ته ”ڇا تنهنجا ماءُ- پيءُ جيئرا آهن؟“ تنهن تي هن شخص چيو ته ”هائو سچا سردار، منهنجا ماءُ- پيءُ جيئرا آهن.“ حضور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن کيس هدايت ڪئي ته ”وڃ، وڃي پنهنجي ماءُ- پيءُ جي خدمت ڪر، اهو تنهنجو جهاد آهي.“

هڪ ڀيري نبي سونهاري سڀني صحابين کي ماءُ- پيءُ جو ادب ڪرڻ جو تاڪيد ڪندي کين ٻڌايو ته، ”جيڪو فرمانبردار پُٽ پنهنجي ماءُ – پيءُ ڏي مِهر ۽ ٻاجهه وارين نظرن سان ڏسي ٿو ته الله پاڪ ان جي هڪ هڪ نظر جي بدلي کيس هڪ حج جو ثواب ڏئي ٿو.“ تنهن تي هڪ صحابي عرض ڪيو ته ”حضور (صلي الله عليه وآلهٖ وسلم)، جيڪڏهن اسان مان ڪو شخص ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڀيرا اهڙين نظرن سان نهاري ته ڇا ان کي هڪ سؤ حجن جيترو ثواب ملندو؟“ حضور جن فرمايو ته ”توڙي کڻي ڪو هڪ هزار ڀيرا نهاري، تڏهن به ان کي هڪ هزار حجن جو ثواب ملندو. ڇاڪاڻ ته الله پاڪ وڏو مهربان آهي، سندس سخا جو ڪو ڪاٿو لڳائي نٿو سگهجي، اوهان ثواب حاصل ڪندي ڪندي کُٽي پوندؤ، پر الله پاڪ ثواب ڏيڻ ۾ ڪونه کٽندو.“

هڪ ڀيري حضور جن صحابين جي سَٿ ۾ ويٺا هئا ۽ فرمايائون ته ”جنهن پنهنجي ماءُ- پيءُ سان سهڻو سلوڪ ڪيو، تنهن جي دعا قبول ٿئي ٿي.“ اسان کي گهرجي ته ماءُ- پيءُ سان سهڻو سلوڪ ڪريون، ته جيئن الله پاڪ اسان تي مهربان ٿئي ۽ اسان جا عرض اگهائي.

 

ماءُ جي خدمت

بايزيد بسطامي رحه هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. کيس حضرت امام جعفر صادق عليه السلام سان تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت هئي. هو مديني جي مير حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جو سچو عاشق هو ۽ حج به ڪيو هئائين. هڪ ڀيري پاڻ ڪريمن جي زيارت لاءِ خراسان کان مديني روانو ٿيو. جڏهن رسول ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي روضي تي پهتو، ته اکين ۾ ڳوڙها هئس، زبان تي درود ۽ سلام. ڪافي دير تائين رُئندو رهيو ۽ درود پڙهندو رهيو. ايتري ۾ ننڊ اچي ويس. ننڊ ۾ نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي زيارت نصيب ٿيس. پاڻ سڳورن کيس فرمايو ته ”اي بايزيد، وڃ وڃي پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪر.“

حضرت بايزيد جڏهن واپس موٽيو، ته پنڌ ڪندي اڌ رات جو پنهنجي گهر پهتو. سندس ماءُ وضو ڪري دعا گُهري رهي هئي. دَرَ وٽ ڪَن ڏئي ٻڌائين، ته هوريان آواز اچي رهيو هو ته ”اي منهنجا رب، منهنجي پرڏيهه ويل پُٽ کي نيڪ ڪر ۽ کيس سلامت رک! اي پالڻهار، بزرگن جون دليون کانئس خوش ڪر ۽ پنهنجي مهربانيءَ  سان سندس حالتون تمام سٺيون بڻاءِ!“

حضرت بايزيد رحه جڏهن ماءُ جون اهي دعائون ٻڌيون ته رُئڻ لڳو. اٽڪل ٽيهن سالن بعد کيس گهر واپس اچڻ ۽ ماءُ سان ملڻ جو موقعو مليو هو. ڏڪندڙ هٿن سان در کڙڪايائين. سندس ماءُ پڇيو ته ”ڪير آهين؟“ جواب ڏنائين ته ”تنهنجو پرديسي پُٽ.“ سندس ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ رئندي، اچي در کوليائين. پٽ جي وڇوڙي ۾ ماءُ جون اکيون خراب ٿي چڪيون هيون. ورهين جي وڇڙيل پٽ کي سيني سان لاتائين ۽ رئندڙ آواز ۾ چيائين ته ”ٻچڙا! خبر اٿئي ته منهنجون اکيون ڇو خراب ٿي ويون آهن؟ صرف ان لاءِ جو مان تنهنجي وڇوڙي جي غم ۾ رئندي رهي آهيان ۽ ان ڏک ۾ منهنجي چيلهه به ڪُٻي ٿي ويئي آهي!“

حضرت بايزيد رحه چيس ته ”امان، مان هاڻي ڪيڏانهن به نه ويندس، سدائين تو وٽ رهندس.“ ان کان پوءِ حضرت بايزيد رحه گهر ۾ ئي رهيو ۽ سدائين ماءُ جي خدمت ڪندو رهيو.

بيشڪ ماءُ جي خدمت وڏي عبادت آهي. بايزيد رحه جو چوڻ آهي ته جو ڪجهه مان ڏکن ۽ تڪليفن سان پرديس ۾ ڳوليندو رهيس، سو سڀڪجهه مون کي ماءُ جي خدمت ۾ ملي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com